November 24, 2011

سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي واڌاري ۾ سنڌي پنچاتيون ۽ نوزوانن جي ڀوميڪا


اهو گھڻو تڻو ٻڌٻو آهي ته جيڪر ڪنهن قوم کي کتم تڪڻو هجي ته ان قوم جي ٻوليءَ کي دٻيئو وڃي يا کڄايو وڃي. ايڙهي تجربا ماضيءَ ۾ گھڻا گھمرا ٿيا آهن. اميريڪا ۾ خاص ڪري ڏهي ماڻهو يعني ريڊ انڊين بابت هڪ چوڻي مشهور آهي ته kill the Indian  and save the man مطلب ته جڪر ريڊ انڊين جي انڊين پڻي کي  جيڪر ناسُ ڪرڻو هجي ته سندس ٻوليءَ کي کتم ڪيو وڃي. جيڪر اميريڪا ۾ ٻوليون جا آڪڙا ڏسئون ته اها هقيقت ڪيتري اهميت ٿي رکي سا سمجھ ۾ اندي. انگريجن جي اچڻ کان اڳ اميريڪا ۾ 350 کان 400 ٻوليون هونديون هئون جيڪي هينئر مس جيڙهيون 139 وڃي بچون آهي. يونسڪو موجيب ان بچيل ٻوليون مان 70 جو فنا ٿيئڻ جو پورا امڪان آهن. ساڳيو ئي حال اسٽريلئا جو آهي جتي انگريزن کان اڳ جتي 700 ٻوليون اتي اڄ جي تاريخ ۾ تمام ٿوڙيون وڃي بچيون آهن.

                ٻوليون رڳو وسيل يا ترڪي ڪندڙ ملڪن ۾ نٿيو مرن. ٻوليون ٽهين دنيا يا کڻي چئجي ٿرڊ ورلڊ ۾ به جام ٿيون مرن. يونيسڪو جو هندستان جي ٻوليون  بابت چوڻ آهي ته هنڌ ۾ 198 ٻوليون جو فنا ٿيئڻ جو کترو آهي. پاڪستان لاءِ اها ڳڻپ ٿوڙي گھٽ فقط15 آهي. مطلب ته جيترو وڏو ملڪ اوتري وڌيڪ ٻوليون پيون فنا ٿين. اڙهو حال لڳ ڀڳ هر ملڪ سان پيو ٿي. اهو انديشو لڳيون ٿيو وڃي ته 2050 تائين 6000 کان 7000 ٻوليون جيڪي سڄي دنيا ۾ پيون ڳالهائجن ، تن مان  90 سيڪڙو تائين فنا ٿي وينديون. اهو سڀ رڳو ان لاءَ جي دنيا 97 سيڪڙو ادمشماري رڳو 4 سيڪڙو ٻوليون جو استمعال پئي ڪري. جيتوڻيڪ پڇاڙيءَ جي ڪن سالن ۾ چڱن جو ديان ان مسئلي ڏانهن ويو آهي پر اه جي باوجود ٻوليون جي مرڻ جو سلسلو آهي جو نِبرڻ جو نانءُ جي نٿو کڻي.

ايڙهي ڳاله ناهي ته ٻوليون رڳو ڪلمبس جي نئين ۾ ٿيون مرن. انگليڊ جو مهاراجا هينري ستو جو ڪي ويلس ٻولي جيڪا انگليڊ جي اتر۽ اتر اوله ۾ ڳالائي ويندي آهي، تنهن تي روڪ لڳايو. اهو ان جي باوجود جي هو پاڻ به ويلس جو رهاڪو هو. 300 سالن بعد اها روڪ هٽائي وئي پر تيستائين ويلس جي ٻوليءَ  جو جھجھو نڪسان چڪو  هو. اڄ ويلس ۾ ان ٻوليءَ کي انگريزي جيڙها هڪ مليل آهي ۽ يوروپين يونيئن به ان ٻوليءَ کي جوڳي جاءِ ڏني وئي آهي پر ان جي باوجود رڳو 20 سيڪڙي ويلس جي رهاڪن کي ئي اها ٻولي اچي ٿي. فرانس ۾ به ساڳي ريت فرانسي ٻوليءَ جي مول ٻولي جي جاءِ ڏيئارڻ لاءِ ڪانون جو غلط استمعال ڪيو ويو. ڇا فرانسي ٻوليءَ جا لهجا ، ڇا فرانسي ٻوليءَ جو ڀيڻس ڪوٺائيندڙ ٻوليون سڀن کي نڪسان پڄائي ناسُ ڪيو ويو.

هندستان ۾ جيتوڻيڪ اسين پنهنجي انيڪتا تي فڪرُ ويٺا ڪيون پر هت به ٻوليءَ ڏانهن خاص ڪري ٿوڙائي واري ٻوليون ڏانهن اسانجو وهنوار ڪو فڪر ڪرڻ جيڙهو ناهي. جيتوڻيڪ يونيسڪو جي موجب فنا ٿيندڙ ٻوليون ۾ سنڌي ناهي پر ان سان سنڌيي تي ڪو خترو ڪو گھٽ نٿو ٿئي. انگريزي ويبسائين ايٿينلوڳ هندستان ۾ سنڌي بوليءَ بابت ويچار ڪجه هن ريت آهن
 “Many Sindhis do not learn their traditional ethnic language. Mainly women and older adult speakers. Also use Hindi or other state language“.
هي بيانو ان ڳاله جي ساهد آهي ته گھٽ ۾ گھٽ هند ۾ سنڌي ٻولي سمٽجي پئي. دنيا ڀر ۾ هيئر ٻوليون جي سوگھو ڪرڻ جي ڪوايت پئي هلي. ڀلي اهو اميريڪا هجي، افريڪا هجي، يا يوروپ هجي پر اها به هڪ سچائي آهي ته اڙهن سرڪارن جي به ڪمي ناهي جيڪي ننڊن بوليون جا وروڌي آهي جنهن ۾ ڪي سرڪاريون به اچن ٿيون.

پر ان کان به وڏو سوال آهي ته ٻوليون جي فنا ٿيئڻ تي  ايڙو هل ڇو؟ ڇو اسين ٻوليون جي فنا ٿيئڻ تي ايترو هل پيا ڪيون؟ ڇون نه اسين ٻوليون کي ڪنهن ڪدر ثقافت ريت پنهنجي راهه تي ٿا ڇڏئون ؟ ايئن به بنيادي طور  ٻوليون ته رڳو ڳالهائڻ جو ئي هڪ ذريئو ئي آهن. پر ايئن ٿيندو نه پيو ڏسجي. ٻوليون کي سوگھو ڪرڻ جو تمام گھڻيون ڪوششيون پيو ڪيون وڃن. ٻوليون بچائڻ جو هڪ وڏو مقصد ان لاءِ اسانجو ڌيان پئي ڇڪايو آهي ڇا ڪاڻ ته ٻويون جي سڌي واٽِ انساني سوچ، انساني ثقافت توڙي انساني سڃاپ سان ٿيندي آهي. مثال جي ڳاله سنڌيءَ ۾ اٺ لاءِ 20 کن لفظ آهي. ساڳي ريت اتر ڪينيڊا جي ڏهي ٻوليون ۾ به برف لاءِ گھٽ ۾ گھٽ درجن کن لفظ آهي. پر هندي توڙي انگريزي ۾ ايڙها لفظ نه هجڻ سبب جڏهن ان ٻوليون جا ڳالهائندڙ هندي توڙي انگريزي ڏانهن جھوڪن ٿا ته لازمي طور پنهنجي ثقافت کان به پري تا ٿيندا وڃن. اهو ئي نه وري ڌاري ٻولي جو اصر به ان بولي ڳالهائندڙ تي پوي ٿو، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. سنڌين ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته جن گھرن ۾ انگريزي پئي ڳالهائجي تن تي انگريزي ثقافت جو به اسر پيو آهي جيئن سنڌي عاملن ۾ جام ڏٺو ويندو آهي.

جيڪر دين ڌرم جي ڳاله ڪجي ته ساڳيو ئي منظر پيو نظر ايندو. هندو سنسڪرت سان، اسلام عربي توڙي فارسي سان، پنجابي (گرمکي لپي ۾ ) سک ڌرم سان يا ڪرسچن ڌرم انگريزيءَ سان ڳنڏيل لڀندو. اهو چيو ويندو آهي اميريڪا ۾ گرجاگرن ۾ اڻ انگريزي ڳالهائندڙن کي ياتنائون تائين ڏنيون ويندو هئون انگريزي نه ڳالهائن تي. ان سڀن جو سبب آهي جي انساني سوچ ئي ڪجه ايئن آهي جي اسين ٻوليون ڏانهن ڇڪندا ويندا آهيون. 

هندستان ۾ توڙي هندستان جي ٻاهر رهندڙ سنڌين ۾ اها سوچ ويٺل آهي ته ٻوليءَ کي به پر ثقافت کي سوگھو ڪجي. اسان مان هڪ وڏي تبعڪي جي  ليکي جيڪر اسين ثقافت کي مانُ ڏئون ته ان ڳاله ۾ به ڪا به غلطي ناهي ڇاڪاڻ ته ان سان اسانجو مول مقصد ٿو پوري ٿي. جن کي اڙهي سوچ آهي سي سايد ان ڳاله کي وساري ويهندا آهن ته آخر اها ٻولي ئي آهي جيڪا اسان کي اسان کي مول سڃاڻپ تي ڏي. مثال جي ڳاله اسان اڄ به هندو پنجابي کان يڪنهن ڪدر وڌيڪ پنجابي سک پنجابي لڳندا آهن جيئن سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي هند جي سنڌيين کان ڪنهن ڪدر گھڻو سنڌي لڳندو آهي.

هندستان ۾ اسين سنڌي جيڪا گٿي پڇاڙيءَ جي ستر سالن ۾ پيا سلجھائڻ جي ڪوشش پيا ڪيون سان آهي ته ڪيئن سنڌيءَ جي پڙهندڙن جي ڳڻپ وڌائينجي. پڇاڙيءَ جي 30 سالن کان هي مسئلو انتهائي اهم ٿي پيو آهي. چوڻ لاءِ ته ڪي ڪي جواب اسان وٽ هماشاه ئي تيار هوندا آهن مثلن صوبو ناهي، ڪنهن به خاص صوبي جي ٻولي سنڌي ناهي، سنڌي پڙهي ڪنهن به صوبي جون نوڪريون نٿيو ڪري سگھجن.

هڪ لڱي ڏسجي ته هندستان توڙي دنيا ڀر ۾ جتي جتي ٻولين مئون آهي، تن بوليون کي پنهنجا کسوسي الاڪا آهن. پر ان جي باوجود اهي ٻوليون فنا ٿيئن پيون. هندستان ۾ جنهن مهل سنڌي ٻولي تسليم ٿي تنهن مهل ڪنهنکي نه ڪونڪڻي ۽ نه ئي ميٿلي جي ياد آئي، اهو سڀ ان جي باوجود ته ان ٻويون جا پنهنجا پنهنجا کسوسي الاڪا ئي به پر هند جي سنڌين جي ڀيٽ ۾ ڳڻپ ۾ به وڌيڪ آهن. وري هندستان ۾ به اڙها صوبا آهن جتي ڌاري ٻولي ءَ جو راج آهي. مثلن ڪشمير جٿي اردو دفتري ٻولي آهي جڏهن ته ان ٻوليءَ جي به واٽ ڪشميري ٻولي ٿوڙي ثقافت سان نه جي برابر آهي. اسان سنڌين ۾ وري ايڙها به جام لڀندا جيڪي ورهانڱي جو روئڻ روئيندا جڏهن ته سنڌيءَ کي هندستان ۾ سنڌ کان به ڪنهن ڪدر وڌيڪ هڪ مليل آهن.
ٻوليون جو وڪاس ٿيئڻ ، اڳتي وڌڻ جو هڪ وڌو سبب آهي ان ٻوليءَ جو واهيپو. جيڪر سنڌ ۾ سنڌي جي ڳاله ڪجي ته هڪ وقط هوندو هو جڏهن پي ٽي وي ۾ هڪ اڌ ڪلاڪ جو پروگرام مس جيڙو نثر ٿيندو هو، پر اڄ سنڌ ۾ پنج پنج نجي چينيل آهن جن ۾ سنڌي نوجوان توڙي نوجوانيون سنڌي ٻوليءَ جي دم تي روزي پيا ڪمائن. اهو سڀ ان لاءِ ممڪن ٿيو جي سنڌين ۾ سنڌي لاءِ هب هو، چاه هئي.

هندستان ۾ هميشاه ئي  ٻولي ٿوپڻ جو رواج لڳندو رهيو آهي. سنسڪرت جو پراڪرت تي، هندي تي هميشاه ئي اهو الزام پئي لڳو آهي ته اها ٻولي پئي ٿوپي وڃي. گھڻيون ٻوليون يقينن ڪي مسئلا ٿيون پيش ڪن پر ان جو سبب آهي ناهي ته ٿوڙائي وارن ٻوليون کي فنا ٿيئڻ ڏنجي. 25 ملڪل جو يوروپين يونيئن کي ڏسجي ته اتي به ساڳيا مثئلا آهن. سندن ۾ هڪ ٻولي نه هجڻ سبب ڪي مسئلا پيش ٿين ٿا پر هو انگريزيءَ کي هيڪلي ٻولي جي روپ ۾ قبول نٿا ڪن پر ٽرانسليشن ٽيڪناجي جي وڌ کان وڌ ايتبار ٿا ڪن جنهن سبب سندن ٻوليءَ توڙي ثقافت به مهفوج ٿي رهي.

هند ۾ جيڪڏهن ڏسجي تهسنڌي ٻوليءَ جي واڌاري جي نسبت ٻه اهم مسئلا آهن......
مادري ٻوليءَ جو غلط استمعال...اسين هند ۾ پنهنجي اولاد کي ڄائي سنڌي ڪون ٿا سيکارون پر ڪنهن ڪدر وڏي ٿيئڻ تي تي سيکارجي يا کڻي چئجي ته ٻار پنهنجي پاڻ ئي سکي ٿا وڃن. ان جو مطلب آهي ئي ٿيو ته سنڌي ٻار لاءَ هندي توڙي انگريزي سندس پهرين ٻولي آهي ۽ سنڌي ٻيئن يا ٽيهن ٻولي ٿي. ٻوليءَ جي ڄاڻون جو چوڻ آهي ته پهرين ٻوليءَ جو اسر  ٻار تي تمام گھڻو ٿو ٿي. ڪچڇن ۽ سنڌين ۾ ايتي ئي وڏو فرڪ تو ٿئي. هو اڳواٽ ڪچڇي ٿا سکن ۽ پوءِ گجراتي توڙي ٻئي ڪا ڌاري ٻولي. پر اهو ڏسجي ٿو ته هو سڀ گجراتي اسڪولن ۾ پڙهڻ جي باوجود هو سٺي سنڌي (ڪچڇي) ٿا ڳالهائن جڏهن ته اسان جا ٻار ايئن ٿا سنڌي ڳالهائن جيئن ڪو اڻ سنڌي ٻار پئي ڳالهائندو. جيستائن اسين ان ڳاله کي نه سمجھنداسين تيستائين اسان جي ٻوليءِ جو حال ڪون سڌرڻ وارو آهي.
ٻوليءَ جي نسبت اسين ٻئي وڏي غلطي لپي جي نالي تي ڪئي. بدقسمتيءَ سان لپي بابت اسين ڪڏهن به پنهنجو ڏيان ٻوليءَ جو وجود تي ڪون رهيو آهي. هندو ته انگريزن جي ڏنهن به بيوس هئا. گھڻائي مسلمانن جي هئي جيڪي اڳي پوءِ پنهنجي ڳاله ته مڃائي ئي وٺي ها. وري انگريزن جي مهل جيڪر سنڌي هندو ديوناگري تي جِدِ ڪن ها ته سايد سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اهو حال ٿئي ها جيڪو ڪشمير ۾ ڪشميري ٻوليءَ جو ٿيو. صوبو هوندي به ٻولي ننڌڪڻي. يا اهو به ممڪن هو ته هندو هندي ڏانهن ۽ مسلمان اردو ڏانهن چڪيا وڃن ها. اها هڪ لپي ئي هئي جنهن سنڌي ٻوليءَ کي سگھ ڏني.

سنڌي هندن لاءِ سچ پچ مسئلا ورهانڱي کان پوءِ سامهو آيا  آهن. لپي جي نسبت جيڪا غلطي سنڌي ۾ ڪئي وئي تنهن جي سڌارڻ جي بجاءَ هاٿيون ان غلطي تي فڪر ڪيو ويو. هڪ لڱي ڏسجي ته لپي جا مسئلا ته اچڻا ئي هئا. هندن ڪڏهن به عربي لپي کي ڪون قبول ڪيو هو پر انگريزن ان کي قبول ڪرائي. هند ۾ اچي جيڪر سنڌي بوليءَ جي لپي جي چونڊ ٻوليءِ جي جڙ  کي ڌيان ۾ رکي ڪن ها ته ڪڏهن به عربي توڙي هيئر رومن سنڌي ٻولي جي لپي ٿيئن جي ويجھو به اچي ها.  لپيون ته گجراتين توڙي مراٺين به مٽيون پر کين ڪا به تڪليف ڪون ٿي چاڪاڻ ته سندن ڪڏهن به پنهنجي ٻوليءَ جي نڄ لفظن تي سمجھوتو ڪون ڪيو. لپيءَ جي نسبت عربي لپيءَ جي همايتن جو چوڻ هو ته ان لپيءَ جي مدد سان اسين هندو سنڌي سنڌ توڙي سنڌي ٻوليءَ سان ڳنڊيل رهنداسين پر ان ڪوشش ۾ اسين پنهنجي ۾ ئي بيگانا ٿي پياسين. دراصل هندستان ۾ گھڻو تڻو ٻوليون ڦونيٽڪ يانعي ڌوني سور آهن جنهن سبب ٻولي لکڻ تمام گھڻي سهولي ٿيندي آهي ڇاڪان ته ٻولي جنهن ريت ڳالهائنجي ٿي ساڳي ريل لکجي به ٿي. ان ڳالهيون کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. هند ۾ نوجوانن اها ڳاله به منجھائيندي آهي ته ائين ڇو ته ٻولي سنسڪرت جي ساک جي پر لکڻ عربي فارسي جيڙهو.......

ورهانڱي بعد اسين ان مسئلي کي ڪون نبري سگھاسين ڇاڪاڻ ته ديوناگري جا همايتن ديوناگري لپي کي هڪ نڄ هندو روپ پهرائڻ جي ڪوشش ۾ ان لپي جو جام نڪسان ڪيو. هو وساري ويٺا ته بوليو توڙي لپي کي ڪڏهن به هڪ خاص ڪوم جون نه ٿينديون آهن، ٻوليون ته رڳو عوام جون ٿينديون آهن ۽  جيڪر ڪنهن ٻولي کي دين ڌرم جو روپ ڏنو ويندو آهي ته ان جو به حال اهو ئي ٿيندو آهي جيڪو هندستان ۾ اردو جو ٿيو نه ته ورهاڱي کان اڳ ان تي هندو به فڪر ڪندا هئا ان جي ڀيٽ هندي سان ٿيندي هئي.

ٻوليءَ جي نسبت جيڪر سنڌي پنچايوتن جي ڪردار کي ڏسجي ته ان ۾ ڪون به شڪ ناهي ته پنچاتيون جو ڪردار تمام مهدود رجيو آهي. اهي تمظميون هميشاه ئي ساماجڪ سنسٿائون ئي ٿي رهيون آهن. سنڌ ۾ رهندي ڏيتي ليتي جا اگھ به پنچاتيون ئي پڪ ڪنديون هيون. ان کان سواءِ جھجھا سماجڪ مسئلا ان پنچاتيون جي دائيري ۾ به نبري ويندا هئا.  ٻوليءَ جا مسئلا ڪڏهن پنچاتيو جي اجينڊي ۾ شامل ڪون هئا. هند ۾ لڏڻ اچڻ بعد به سنڌي پنچاتيون جي ڪردار ۾ ڪو به فيرو ڪون آيو. ان جو هڪ وڏو سبب اهو آهي جي ٻوليءَ جي لڙائي جي جميواري ليکڪن پنهنجي هٿن ۾ کئين، وري ان جي ڪا کوٽ به ڪون هئي. لڏي اچڻ جي يڪدم بعد اسان وٽ ليکن جي هڪ وڏي فهرست هئي. پر هينئر حالتيون بلڪل اُڀترا آهن. سنڌي ٻوليءِ توڙي سنڌي ساهتيه جو دائيرو تمام تڪڙو سُسي پيو. ايئن ته اڙهي منظرن جو انديشو لڳ ڀڳ ويه سالن اڳ کان ئي هو. ليکڪ جو به چوڻ هوندو هو ته جيترا ليکڪ اوترا پاٺڪ. ان جو هڪ وڏو سبب آهي سنڌي ٻولي توڙي ساهته نئين ٽهي جي واٽ چنجڻ. نه ته هند ۾ لڏي آيل سنڌي ٻوليءِ جي نسبت جاکڙو ڪو گھٽ ڪون ڪيو. بمبئي ۾ جتي جتي سنڌين نوڪري ڪئي اتي سنڌين پنهنجيون سنسٿائون بربا ڪئي ۽ سال ۾ هڪ هڪ ڀيڙي هڪ رسالو شايع ڪندا هئا جنهن سنڌي ليکڪ پارا لکيل ادب شايع ڪيو ويندو هو ، پر وقط سان اها روايت به بند ٿي وئي ۽ ٻولي سان عوام جو کتم ٿيندو ويو.

ٻوليءَ جي نسبت سنڌي  سنستائون (سنڌي پنچاتيون کان سواءِ) ۾  هوريا هوريان پنهنجي پاڻ ۾ ٿي رهنجي ويو آهن. ان ۾ هيئر نئين ٽيهي جو بدلائو لڳ ڀڳ نه جي برابر ٿيو آهي.. پر اڙهي ڳاله سنڌي پنچاتيون سان ڪون ٿي. سنڌي پنچاتيون ۾ هيئر ۾ نئين ٽيهي ڳنڊيل آهي پر مشڪل اها آهي ته ان ۾ ٻولي عايب  ناهي. هو گھڻو تڻو پنهنجو ڪم هندي توڙي انگريزي ۾ هلاين. وري ڪٿي ڪٿي سنڌي رسالا (ديوناگري ۾ ) شايع ڪن به ته سندن ٻولي هندي وڌيڪ ۽ سنڌي گھٽ پئي لڳندي آهي.

ٻوليون ڪڏهن به ليکڪن جي دم تي پنهنجو وجود ڪون ٿيون ڪايم ڌايم رکي سگھن . ٻوليءَ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته ان ۾ عوام جي هڪ اهم هصيداري هجي، نه ته سنڌي جو حال به سنسڪرت واڱر هڪ مئل ٻولي وارو ئي ٿيندو جيڪا رڳو ڪاليجن ۽  ڪتابن ۾ ئي پڙهي ويندي. ٻوليون جي سگھ، ٻوليون جو نئي توڙي پراني زماني جو ٿيئڻ رڳو رڳو ان ٻولي جي واهيپي تي دارومدار رکي ٿو. واهپو آهي ته ٻولي جنداه آهي واهيپو ناهي ته موئل آهي.

هند ۾ سنڌي ٻوليءَ کي جيڪر پنهنجي پيرن تي بيهائڻو آهي ته ٻوليءَ جي نسبت اڪادميون ۽  سنڌي پنچاتيون کي  هڪ پليٽفارم تي اچڻو پوندو. ان جو هيڪلو وڏو سبب اهو آهي جي سنڌي اڪادميون کي سنڌي ٻوليءَ جو واهپو وڌائڻو آهي نه ته ٻولي جيڪا هند ۾ سُسي پئي سو هاٿيون سُسندي رهندي ۽ پنچاتيون جيڪي گھڻو تڻو ثقافت سان ڳنڏيل آهن سي سنڌي ٻولي کان سواءَ ڌاري ٻوليءَ جي استمعال سبب پنهنجي ڌار سُڃاڻپ کي ڪايم دايم ڪون رکي سگھندي.

پڇاڙي ءَ ۾ مان ڪي سجھاو رکڻ چاهندس جيڪي جيڪر عمل ۾ آندا ويا ته ممڪن آهي ته ٻولي جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
·       سنڌي اڪادميون توڙي پنچاتيون ۾ ديوناگري سنڌي جو استمعال گھڻي ۾ گھڻو ٿئي جيئن لپي سبب اسين به حصن نه ونڊيل هجوئون.
·       صوبي جي سنڌي اڪادميون ۾ پنچاتيون جي نوجوانن ڪاروڪن کي جاءِ ڏني وڃي جيئن سنڌي ٻولي جي واڌاري جي سسبت هو به پنهنجا وچار رکي سگھن
·       سنڌي اڪادميون پارا مالي مدد سان شايع ٿيندڙ ڪتابن جو هڪ وڏو حصو  ديوناگري ۾ شايع ڪيو وڃي،
·       سنڌي ساهتيه جي ڊجٽلاجيشن ٿئي، جيئن سنڌي ٻولي توڙي ساهتيه جي پهچ مولڪ توڙي دنيا جي ڪنڊ ڪُرچ تائين ٿئي.
·       سنڌي اڪادميون عربي سنڌي توڙي ديوناگري سنڌي ۾ مٽ سٽ ڪرڻ جو سافٽويئر تيار ڪرڻ لاءِ ذور ڀرن جيئن هندي اردو ۾ آهي جيئن اسين هند سنڌ جا سنڌي هڪ ٻئي جي ساهتيه جي واجھو اچي سگھون.
·       سنڌي ۾ آنلائين ڊڪٽشنري جي ايجاد ڪئي وڃي جيئن جدا جدا ڀارتيه ٻوليون ۾ آهي جنهن جي مدد سان نوجونن کي سنڌي لڳڻ ۾ مدد ملي
·       هڪ سنڌي پورٽل تيار ڪئي وڃي  جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ توڙي سنڌين بابت ڄاڻ ملي. هڪ قومي ٻوليءَ هئڻ جي ناتي سنڌي کي جھجھا حڪ مليل آهي پر چو ته اسان کي ان جي ڄاڻ ناهي سو اسين ان جو پوري فائدو ڪو ٿا ماڻي سگھوئون.

November 8, 2011

سنڌي نانڪپنٿي ـــ هڪ فنا ٿيندڙ برادري



ننڊي کنڊ ۾ سنڌي ان ٿوڙن قومن مان آهن جڪي جدا جدا ثقافتن ۽ دين ڌرم کي  مڃندڙ آهن. آهو ئي نه پر ورهانڱي بعد سايد ئي ڪو ڪوم هوندو جيڪو هڪ ٻولي ڳالهائندي به  هندستان توڙي دنيا ڀر جي ڪنڊ ڪُرچ ۾ انهن مُلڪل جي مڪاني ماڻهن جي کاڌي پتي جي تريقن کي اپنايو هجي. اڙهو قوم ننڊي کنڊ ۾ ورلي ئي لڀندو جنهن ورهاڱي بعد هالتيون کي تمام ٿوڙي وقت ۾ پاڻ کي ٿائينڪو ڪيو. اها ڳاله سنڌين جي هر ڪوم  هندو توڙي مسلمانن بابت چئي ٿي سگھجي








ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ورهاڱي جو وڏي ۾ وڏي ڪسُ  سنڌين سٺي. سنڌين هندن ۾ ان جو اسر تمام گھڻو ٿيو چاڪاڻ ته کين پنهنجي ڌرتي ئي به قربان ڪرڻي پئي. ورهاڱي سبب جنهن ڪوم کي ان بدليل هالتيون جو اسر پيو سو آهن سنڌي سک يا کڻي چئجي نانڪ پنٿي. سنڌين ۾ اڄ تائين ان ڳاله تي هڪ رايه ڪون بيٺي آهي ته سنڌي  ڪيئن ۽ ڪيڙهي سببن سک ڌرم اختيار ڪيو . ڪن جو مڃڻ آهي ته پنجاب ۾ مهاراجا رنجيت سنگھ پنهنجون حڪومتيون جون سرهديون سنڌ تائين پئي وڌائڻ چاهيون ۽ ڪي سنڌي ان لاءَ سک ڌرم اختيار ڪيو ڇاڪاڻ تي هو ان بدلندڙ هالتيون ۾ پاڻ کي ٿائينڪو پئي ڪرڻ چاهيو. اڄ ڀلي ئي اها ڳاله ڪيتري به عجيبُ لڳي پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيڪر مهاراجا رنجيت سنگ کي انگريزن جو ڊپ نه هجيس ها ته هو پڪ سنڌ تي ڪاهي اچي ها . وري ڪن انگھريز ليڪن خاص ڪري رچرڊ برٽن تي جيڪر ويساءُ ڪجي ته هندو سنڌي اهن ئي پنجاب جا سو اهو لاجمي آهي ته سک درم ۽ گرمکي جو واهپو هندن جي پنجابين رستين جي سبب آهي. سندس  ان رايه جي همايتن موجب سنڌي هندن جي ڪي نک مثلن ماکيجا، ڪڪريجا، آهوجا وغيراه به پنجاب جي رستن سبب ئي آهي. وري جيڪر پنجابين جي خاص ڪري سکن جي ڳاله جيڪر مڃجي ته گرو تيگ بهادر جي جي ڏنهن  ۾ جڏهن سکن ۽ پنجابي مسلمانن ۾ رستا سٺا نه رهيا ته ڪي پنجابي سنڌ لڏي آيا جنهن سبب سنڌ ۾ سک ڌرم جو فئلاءُ ٿيو. وري ان ڳاله کي به نظرانداز نه ڪرڻو کپي ته گرو ارجن ديو جيِ جي زماني ۾ سک ڌرم جي پرچار لاءَ چڱا گروءَ جا پوئيلڳ به سنڌ، افگانستان  روڙي ڪشمير موڪليا ويا جيئن سک ڌرم جو هرچار ٿي.  


ڀلي سنڌ ۾ سک ڌرم ڪيئن به وجود ۾ آيو هجي پر ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌين ۾ گروُ نانڪ ۽ ٻين گرون لاءِ تمام گھڻو ماڻ ۽ ازت رهي آهي. جيتوڻيڪ سک ڌرم جو پرچار پنجاب کان ٻاهر گرو ارجن ديو جي ڏنهن تائين سنڌ، پکتونواه ۽ افگانيسٿان تائين ٿيو پر سنڌ هيڪلو صُبو آهي جتي سک ڌرم تمام گھڻو مڃيو ويو. پر بدقسمتيءَ سان ڳرو ارجن کان پوءِ ۽ خاص ڪري گرو تيگ بهادر جي سهادت بعد سکن لاءِ حالتيون يقينن ڏکائيندڙ ٿي ويون. ان ڪوم خو  ذور گھٺائڻ جون کوڙ ڪوششيون ٿيئڻ لڳيون جنهن سبب پنجاب توڙي ان جي اڻ سنڌي پاڙيسي صوبن ۾ سک ڪنهن ڪدر سمٽجڻ لڳا جنهن جو پورو فائدو ڪٽر سک جو تبعڪو ورتو. سک پاڻ ۾ هلڻ لڳا جيڪا گھيرابنڌي اڄ تائين هلين پئي. جيستائن ڳاله آهي آپريشن بلواسٽارجي ڪجي ته اهو آپريشن جي جڙ به ڪنهن ڪدر پنجاب  اڪالي سياست سبب ئي هئي.



ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته گرو تيڳ بهادر جي جي ڏنهن کان سکن کي چڱا ڏکن جا ڏنهن ڏسڻا پيا ۽ جيڪر گرو ڳوبند سنگ جي ڏسيل راه تي سک هڪ لشڪري روپ تي نه هلن ته سايد سکن جو هڪ وڏو تبعڪو مسلمان ٿي وڃي ها. اهو لشڪري روپ ئي هو جنهن سکن کي هڪ ٿي پنهنجي وجود لاءِ جاکڙي ڪرڻ جي سگھ ڏڃي. اها ڳاله ان لاءِ اهميت تي رکي ڇا ڪاڻ ته جيڪر تنهن مل جي منجاب کي ڏسنبو ته سک پنجاب ۾ مس جيڙها 13 سيڪڙو ئي هئا.
هڪ لڱي سک ڌرم جي فهلاءُ کي باريڪيءَ جي ڏسنجي ته پنجاب کان ٻاهر جيڪر ڪنهن قوم ان کي پوري دل او جان سان اختيار ڪيو ته اهو آهي سنڌي هندو قوم.  اڄ به جڏهن سنڌين ۾ هي ڌرم ٿوڙو ڪمذور ٿي پيو آهي تڏهن به ورلي ئي ڪو سنڌي گھر لڀندو جيڪو شاديون مراديون يا وري غمين تي گرو گرنٿ ساهب جو پاٺ نه ڪرايو هجي يا ڪنهن گرودواري تي مٿو ٽڪرڻ نه ويو هجي. اڄ به سنڌي هندو سک گرون کي اوترو ئي مان ۽ ازت ڏيندو آهي جيترو سنڌين  جي اسٽ ديو ڀگوان جھوليلعل يا ڪنهن هندو ديوي ديوتائون کي. اها ڳاله هندستان ۾ جتري پڪ سان چئي تي سگھجي اوتري پڪ سان ننڊي کنڊ کان ٻاهر علاڪن ۾ رهنددڙ سنڌين بابت جتي جتي سنڌي هندو وسيا آهن. اهو ئي نه پر جتي جتي سنڌي ٽڪاڻا اڏايا  ويا آهن اتي هندو ديوي ديوتائون سان گڏ گرو گرنٿ ساهب جو اکنڊ پاٽ به ضرور ٿئي. سنڌ ۾ سک ڌرم جي فئلاءُ جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته جئن سنڌي مُرتي پوڄا نه ڪن ساڳي ريت سکن ۾ به ان جو رواج ڪونهي. اها ڳاله سنڌ جي مسلمانن ۾ به ڏٺي وئي آهي ته هو به پيرين کي به تمام گھڻو مانُ ڏين. اهو به هڪ سبب آهي ته سنڌ ۾ سوفي مت ايترو پکتو ٿيو.


ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هڪ به جا پاريسي ٿيندي به سنڌ  توڙي پنجاب ۾ تمام گھڻا فرڪ به رهيا  آهن. اهي وڇوٽيون نه رڳو هندن ۾ پر مسلمانن ۾ به ڏسڻ ۾ اچن. سنڌ ۾ هندو گرو گرنٿ ساهب کي اوترو ئي مانُ ڏين جيترو ٻئين ديوي ديوتائون پر ايئن پنجابي سک اصولي نه ڪن. وري  پنجابي سکن وارو ڪٽيپڻو سنڌين ۾ ڪڏهن به ڪون آيو. سنڌي ۽ پنجابي  مسلمانن ۾ به ساڳي ريت تمام گھڻا فرڪ آهن، جيڪي پڇاڙيءَ جي ستر سالن ۾ اوڀري آيا آهن. هي فرڪ ايترا ته گھڻا ٿي ويا آهن جي  جيڪر ڪو  ڏهن سنڌين کان  پنجابين بابت ڪجه ڳالهائندا ته انهن  نو انپنجابين جي ڳلا ئي ڪندا ۽ بڇيل هڪڙو به سندن  لاءِ ڪا سٺي رايه ڪون رکندي لڀندو. وري هندن ۾ جيڪر ڪي سک به ٿيا ته انهن ۾ به هندن مان ڌار ٿي رهڻ جا ڪو به مثال ڪو ملندو آهي جڏهن ته پنجاب ۾ خاص ڪري انگريزن جي ڏنهن ۾ اڙها چڱا مثال لڀندا جتي اڙهيون چڱيون تنظميون اڀري آيون هئيو جنهن جو مقصد ئي هوندو هو سک ڌرم کي زور وٺائجي ۽ هندو ريتو رواجن کي سک ڌرم کان ڌار ڪجي.


جيتوڻيڪ سکن ۾ گرو گوبند سنگ جي ڏنهن ۾ هڪ وڏو فيرو آهي جڏهن سک امرت ڌاري ٿيا يعني پنج “ڪ” کي مڃڻ شروع ڪيو پر وقت سان ڪي سهيجڌاري به ٿيا. انهن مان ڪي هئا جيڪي ان ڌرم ۾ پوءَ سامل ٿيا يا وري ڪنهن سبب سندن اولاد وار ۽ ڏارهيون لاواهڻ لڳا. انهن اسلوڪي روپ وارا جن کي سهيجڌاري چون. ايئن چوڻ لاءِ ته سهيجڌارين کي سک ڌرم ۾ امرتڌارين ٿيڻ جي هڪ راهه ئي مڃي وئي آهي، پر ساڻ ساڻ  اها به ڳاله وسارن جيڙهي ناهي ته گرو گوبند سنگ کان اڳ سڀ سک هڪ نموني سهيجڌاري ئي هئا. اهو ممڪن آهي ته سڀ سک اڪال تکت جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ امريتڌاري نه ٿيا هجن. وري سکن ۾ ڪٽرپڻو اچڻ سبب، ٿي ٿو سگھي ته  سهيجڌارين کي سکن ۾  هڪ تبعڪو سچو سک نه پيو مڃي. اهو سڀ ان جي باوجود جي کاليستان جي جاکڙي مهل چڱن سهيجڌارين هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اهي فرڪ ان سبب به آهي جي سکن ۾ اڪال تکت کي ضرورت کان وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي يا کڻي چئجي سک ڏرم ۾ سنسٿاپڻو اچي ويو هجي.


1959 ۾ هندستان سرڪار جيڪو گرودوارن بابت ڪانون وجود ۾ آندو هو، تنهن ۾ شرومڻي گرودوارا پرڀنڌڪ ڪميٽي جي چونڊن ۾ امريتڌاري ۽ سهيواڌاري کي هڪ جيڙها هڪ ڏنا ويا هئا. پر ان جي باوجود جيئن هندو جي پوئيتي پيل جاتين سان ٿيو ۽ سهيجهداري سکن کي به مول سک  ريتي روجن کان پري رکيو ويو. ايڙهن مسئلن آزاديءَ بعد ذور ورتو آهي جنهن سبب سکن ۾ به چڱو بهس پيو هلي. اڙهو ئي هڪ مسئلو 2003 ۾ چنڊِڳڙ ۾ آيو جڏهن ڪن سهيجيڌارين ساگردن کي سرومڻي گرودورا پرڀنڌڪ ڪميٽي پارا هلندڙ ڪاليجن ۾ سک ڪوٽي ۾ داکلو ڪون ڏنو ويو. ڳاله ڪورٽن تائين وڃي پهتي. ان جي وچ ۾ اڪالي دل پنهنجي سگه جو فائيدو وٺي تنهن مهل بي جي پي  جي حڪومت مان جنهن ۾ اها ڀائيوار هئي، هڪ آرڊينينس ذاري ڪرايو جنهن موجب سهيجڌارين کي سک ڪوٺي مان مهروم ڪيو ويو.جيتوڻيڪ ڪورٽن ان تي سيواڌارين جي حڪ ۾ فيئسلو ڏنو ان مسئلي وري سابت ڪيو ته هي مسئلو اڄ به سکن ۾ هڪ اهم مسئلو آهي.


پڇاڙيءَ جي ڪن ڏهاڪن ۾ هندستان ۾ سک قوم جي ڳڻپ ڪنهن ڪدُرُ گھٽي آهي . جيتوڻيڪ ورهاڱي کان اڳ سک پنجاب ۾ 13 سيڪڙو هئا جيڪي ورهاڱي کان پوءِ 30 سيڪڙو ٿيا، وري هاڻوڪي پنجاب صوبي جي وجود کان پوءِ 65 سيڪڙو ٿيا. مطلب جيئن جيئن پنجاب جي سرديون مٽيون آهن پنجاب جي آدمشماري ۾ واد آئي آهي پر هقيقت ايئن ناهي.  وائيڙو ڪندڙ ڳاله اها آهي جي 2001 جي آدمشماريءِ ۾ سکن جي ڳڻپ 3 سيڪڙو گھٽي آهي يعني 62.95 کان 59.9 سيڪڙو ٿي آهي. مطلب 3 سيڪڙو گھٽي آهي جڏهن ته هندستان جي صوبي ڪريلا ۾ ڪرسچنن جي ڳڻپ رڳو 0.32 سيڪڙو ئي گھٽي آهي. ان جو سبب امريتڌاري توڙي سهيجڌاري جي پاڻ ۾ جاکڙي کان سواءِ سک ڌرم جو پنجابي ٻوليءَ تي ضرورت کان وڌيڪ ذور به ذميوار آهي . اهو ڏٺو ويو آهي۾ هر ڪوم جو پرچار مڪاني ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي. ڀلي اهو هندو هجي، مسلمان هجي يا وري ڪرسچن هجن. جيستائين ايڙهو حال رهيو ته سک ۽ پنجابي ڳالهائندڙ ۾ فرڪ نه رهندو. جيتوڻيڪ گرو گرنٿ ساهب جو ترجمو سنڌي ۾ به ٿيو آهي پر  اهو سنڌين جي سبب ئي ٿيو آهي نه جي اڪال تکت جي چاه موجب. وري سنڌ ۾ ڏسجي ته امرتڌاري سکن جي ڳڻپ وڌي آهي. ان جو سبب اهو بلڪل ناهي ته سنڌي سک ڌرم ڏاهن چڪيا آهن پر اهو ان  لاءَ جي سنڌ ۾ هندن جي ليکي کالسا ٿي رهڻ وڌيڪ مهفوج آهي. ( اڄ عيد جي ڏنهن جڏهن مان هي ڪالم ويٺو لکا ته سکارپور ۾ ٽن هندو ڊاڪٽرن کي قتل ڪيو آهي. يقينن چڱن هندن کي لڳي ٿو ته جيڪر هندو کالسا ٿيندو ته ڪاه ڪندڙن جي هانءُ ۾ ڪنهن ڪدر سکن جو ڊب رهندو.)



هندستان نانڪ پنٿين جي ڳڻپ تمام تيزي سان گھٽي آهي. جيستائين هندو يا نانڪپنٿي سنڌ ۾ هئا ته هو پنهنجو سک ڌرم پنهنجي ريت پئي هلايو.  سنڌ ۾ ڪڏهن به ايڙها امرتڌاري ـ سيواڌاري وارا مسئلا ڪون  آيا ۽ اڄ به ڳاله ساڳي ئي آهي، سنڌ ۾ توڙي هند ۾ سنڌ ۾ ته هڪ رواج ئي هوندو هو ته پنهنجو پهرون ڄڻيل پٽ کي کالسو ٺاڪيو ويندو هو. هندستان ۾ خاص ڪري اڪالين جي سياست سبب جيئن سهيجڌارين تي ويل ٿيا آهن ٿئي نانڪپنٿين سان به. اڙها چڱا واڪيا ٿيا آهن جڏهن سنڌي ٺڪاڻن مان گري گرنٿ ساهن هٺايو ويو آهي جنهن سبب هندو سنڌي سک ڌرم کان پري تا ٿين. ان جو سبب اهو ٿو چيو وڃي ته  سک ڌرم ان جي موڪل نٿو ڏي ۽ سو هندو گيتا ۽ گرو گرنٿ ساهب جو اکنڊ پاٺ نٿو ڪري سگھجي هڪ ئي هند تي. اڙهو هڪ واڪعو هندستان جي راجڌاني دهلي ۾ ٿيو جٿي رام نومي جي ڏڻ تي دادا چيلارام جي ٺڪاڻي مان گھرو گرنٿ ساهب هٽايو ويو اهو چئي ته هي سک ڌرم جي اسولن جي کلاف آهي. ان ڪم کي ايس جي پي سي جي دهلي جي ايڪائي انجام ڏنو جنهن تي اڪالين جو ذور ڪنهن کان ڳجھو ناهي.  اها ڳاله به وسارڻ جيڙهي ناهي ته ان ٺڪاڻي جو پايو دادا چيلارام وڌو هو جنهن گھڻا ڀيڙا نانڪ ساهب ۽ امرتسر جي گرودوارن ۾ گرون بابت سبت ڪيرتن ڪيو هو ۽ هو پاڻ به سک ڌرم بابت تمام گھڻي ڄاڻ رکندڙ هو. جيتوڻيڪ ايس جي پي سي سان دادا چيلارام آشرم جون ڪي ڳڏجاڻيون ٿيو پر ايس جي پي سي جا اڪالي  همايتي  نيٺ ڪون مُڙيا ۽ ان سنڌي ٺڪاڻي کي گرو گرنٿ ساهب ڪون موٺائي وئي.
هندستان ٻاهر به ايڙهيون ساڳيو ڪوششيون ٿيون آهي پر ان اڪالي همايتن جي دال ڪون ڳري آهي. پاڪستان جي ڪورٽن اڪالي همايتن سکن جي ايڙهي ڪنهن به ڳاله کي ڪون مڃيو آهي ته جيجڌاري ۽ امرتڌاري ۾ ڪو به فرڪ آهي. وري پرڏيه ۾ به سنڌين جا جھجھا ٽڪاڻا اڏايل آهن ، جيتوڻيڪ اڪالين پارا ڪوششيون ٿيون آهن پر ڇو ته اتي  حڪومتيو اڙهي ڪنهن به ساجشيون کي ڪامياب ڪون ٿيئڻ ڏنو آهي سو اهي ٽڪاڻا برڪرار آهن. اهو ئي نه پر فرانس ۾ پڳڙيون تي روک لڳي ته روچيسٽر ، انگلينڊ جي هڪ گرودواري  ۾ ڪرپان تي پرتيبنڌ لڳو جنهن کي هر کالسو سک به پئي مڃي ٿو. ان کان سواءَ اڙها چڱا ڀيڙا ڏٺو ويو آهي ته پرڏيه ۾ کاسلن به پنهنجون ڏاڙهيون ۽ وار ڪٽايا آهن پنهنجي ضرورتن موجب پر ان تي ڪنهن به اڪالي هل  ڪون ڪيو  آهن، ڪا به هائي گھوڙا ڪون مچي آهي.



مشهور سک ليکڪ خوشونت سنگ جو رايو آهي ته سنڌيين ۾ خاص ڪري هندستان ۾ رهندڙن سنڌين ۾ هينئر سک پڻو ڏاڍو گھٽجي ويو آهي ۽ جيڪر هيڙي حالتيون رهيو ته سنڌين ۾ ڪو به سک بچيل نه رهندو. ڳاله بلڪل صحيح آهي پر  سايد خوشونت سنگ کان وسري ويو هوندو ته جيڪر سنڌي ٺڪاڻن ۾ گري گرنٿ ساهب جو اخنڊ پاٺ ڪرڻ ڏوه مڃيو ويندو ۽ جيڪر اڪال تکت منهن تي انڱر وڌون ماٺ ڪري تماشا ڏنسدو ته ان ۾ سک ڪوم جو به جھجھو نڪسان ئي ٿيندو. اڙهي ڳاله ناهي ته پنجابي سکن کان انڌين سکن تي ٿيندڙ ويلن جي ڄاڻ ناهي پر سندن ماٺ يقينن ڏکائيندڙ آهي.


اڄ ان جي سکت ضرورت آهي ته سنڌي سنسٿائون اڳتي وڌي  اچن جيئن سنڌي سک ۽ سنڌي ٺڪاڻن جي فنا ٿيئڻ کان بچائي سگھجي. سنڌي ٺڪاڻي اسين سنڌين جي ثقافت جي اهم ڀاڱا آهن. اڄ ان جي تمام گھڻي ضرورت آهي ته سنڌي پنچايتون ننڊن مان سُڄاڳ ٿين ۽ سنڌي سکن لاءَ جاکڙو ڪن جيئن سنڌي سک ٿيڻ ۾ فڪر ڪن چاڪاڻ ته گرو ڪنهن خاص ڪوم جا نه ٿيندا آهن، گرو ته هر ڪنهن جا ٿيندا آهن.....
    





October 29, 2011

سياسي آڪهين ۾ فاٿل ننڊي کنڊ جي سياست


سياسي آڪهين ۾ فاٿل ننڊي کنڊ جي سياست


پوئين هفتي سنڌ مان شايع ٿيندڙ هر هڪ اخبارءَ ۾ هڪ ناڻءُ چاهيل هو سو هو بيگم نصرت ڀٽو جو. جيڪا دبئي ۾ هڪ ڊگھري بيماري سبب لاڏاڻو ڪري وئي. جيتوڻيڪ سندس بيماريءَ جو سلسلو ع1882 کان سروع ٿيو جڏهن ڪينسر سبب جڏهن نصرت ڀٽي کي لنڊن لڏڻو پيو. پر جيتائين  سندس موت جو سبب آهي ته اخبارن موجب سندس موت پاڪنگسنس جي بيماري جي هليندي ٿي جنهن  سبب اڳين ئي بيگم نصرت ڀٽي جي ياداست ڪمذور ٿي وئي هئي. ان بيماريءَ جو هڪ سبب سندس سڪلندي پٽ مرتاضا ڀٽو جو ڪراچيءَ ۾ ڪتل به ٻڌايو پيو وڃي جنهن لاءَ بيگم پنهنجي پءِ جي سياست سياسي وراست جو وارس پئي ڏسڻ چاهيون. پر کير اهو ٿي ڪون سگھون ڇاڪاڻ ته بيناظير ۽ پ پ پ جي ڪارڪون ايئن ٿيئڻ ڪون ڏنو وري ذلفقار  ۽ نصرت کان پوءِ جيڪر ڪو ڀٽي خاندان جو ڀاتي پ پ پ جي ڪاروڪن جي ويجھو هو ته اها هئا بيناظير.  پر ان سڀن جي باوجود ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته بيگم نصرت ڀٽو بيناظير ۽ پ پ پ جي هر مصيبت جو ساٿ ڏنو جيستائين سندس وس پڳو.


جيستائين ڳاله ڪجي بيگم نصرت سياسي ڪردار جي ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ايم آر ڊي جي وجود ۽ سنڌ توڙي پاڪستان ۾ جموريت جي جاکڙي جي نسبت سندس ڪم جسُ لهڻو. ان جاڪڙي ۾ پ پ پ  کان سواءِ ٻيو به ڪي سياسي تنظميون هئون جيئن مسلم ليڳ (جيڪا ان تهريخ سبب ٻن ڀاڱي ۾ ورهائيجي پڻ وئي هئي)، خان عبدل والي خان جي عوامي نيشنل پارٽي، رسول بخش پليجي جي عوامي تهريخ ۽ ڪي ٻيو ننڊيون پارٽيون جن مان ڪي اسلامي پارٽيون پڻ هئيو. جيتوڻيڪ ايم آر ڊي جي تهريخ جو مقصد هو مارشل جو کاتمو ۽ آزاد چونڊيون ڪرائڻ پر اها ڳاله به وسارڻ جي ناهي ته اهو ان تهريخ جو ذور ئي هو جنهن سبب ضيا ال حق ڪنهن ڪدر چونڊيون ڪرائون ڀلي ئي اهي سياسي پارتين جي تهت ڪون ٿي هيون. جيتوڻيڪ ان هلچل کي پوري پاڪستان ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اها به هڪ سچائي آهي ته ان جو هيڪلو مرڪج سنڌ ئي رهيو. اهو ئي نه پر قومن جي نسبت به ڏسجي ته ان تهريخ ۾ سنڌين جي ڀيٺ ۾ پنجابين ۽ مهاجرن جو ڪردار به جي برابر هو. پر ان سڀبن جي باوجود بيگم نصرت ڀٽو جي همت ۽ سگھ جسُ لهڻي ڇا ڪاڻ ته بيگم جيڪا سياسي سوچ ڏيکاري سان تمام گھٽ سياستدانن ۾ هئي. ڪنهن به ضائيفان لاءَ اها ڳاله ڪنهن به ريت ننڊي نه مڃڻ کپي.


جيڪر سنڌ ۾ ڏسجي ته ڀٽن کان سواءِ ٻيو به چڱيو  سياسي آڪهيون ٿي گذريون آهن جن ۾ اهم آهن سومرو آڪهين، جتوئي آڪهين يا وري تالپورن جي آڪهين پر ان جي باوجود سنڌ ۾ جيڪو مان آهي ڀٽن جو سو ان سڀنن آڪهين کان مٿي آهي. اها ڳاله وسارڻ جي ناهي ته ڪا به ضائيفا ۾ ڀلي ڪيترو به حرسُ ڇون نه هجي پر ان لاءَ پنهنجي مردن جو قرنابيون ڏيئڻ ڪا به ننڊي ڳاله نه ٿيندي آهي. اهي سندن جاکڙو ئي هو جنهن سبب ڀٽي خاندان کي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين به مان ۽ ازت ڏني آهي. اڄ جڏهن نه بيناظير آهي نه نصرت ڀٽي سو پ پ پ جي به اها حالت ناهي. اها ڳاله پ پ پ  جي جڙ جي ڪاروڪن کي ضرور پريسان ڪندي ايندڙ ڏينهن ۾.


جيستائين ڳاله ڪجي سياسي آڪهين جي ته پوري ننڊي کنڊ ۾ سياسي آڪهين جو بول بالو رهيو آهي. بنگليديش ۾ ٻنهن سياسي جمايت ۾ آڪهينواد حاوي آهي مثلن عوامي ليڳ (شيخ حسينا) يا بنگلاديش نيشلن پارٽي (بيگم کاليداه ضيا.. جنهن جو مڙس جو به ڪتل پڻ ٿيو هو) سيياسي آڪهيون ئي ليکبيون آهن. هندستان ۾ کوڙ ايڙهيون پارٽيون آهن جيڪي پنهنجي هيئنر ڪنهن ڪدر سندس اڳواڻن جي آڪهيون جون تنظميون ٿي رهنجي ويو آهن مثلن پنجاب ۾ اڪالي دل، تملناڊ ۾ درموڪ، مهاراشٽر ۾ سيو سينا يا اين سي پي يا وري ڪشمير ۾ نيشنل ڪارفرينس يا پي ڊي پي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪير ٿو وساري سگھي ڪانگريس پيرٽي کي.




جيڪر ڀٽي يا وري ايڪڙ ٻيڪڙ پارٽيون کي ڇڏي به ڏئون (جيڪي شروعات کان ئي آڪهيون جون پارٽيون رهيون آهن ) ته اهو چٽي ريت نظر ايندو ته آڪهينواد انهن پارتين ۾ پکتو ٿيون آهن جنهن مارٽين جي ڪنهن هڪ اڳواڻ جو ڪد پارتين جي ٻين اڳواڻن کان ڪنهن ڪدر مٿي ٿي پيو آهي جنهن سبب هو پنهنجي هر ڳاله پارٽين ٿي مارڻ ۾ قامياب تا ٿي وڃن. جيڪر هندستان ۾ ڪانگريس پارٽي کي ڏسجي ته آزاديءَ کان ڏهاڪن ٻن بعد به اها ڪا آڪهين واري پارٽي ڪڏهن ڪون هئي. سري ڦرينڪ مارائي (1904 کان 1974) جنهن جوهارلعل نيهرو جي آتم ڪٿا لکي آهي ۽ نهرو توڙي ڪانگريس کي ويجھڙائيءَ سان جاچيو هو، تنهن به هڪ هند لکو آهي ته “جيڪڏهن ڪانگريس ۾ آڪهينواد مڙيو ويو ته اهو نه ڪانگريس ۽ نه ئي نهروءَ جي شخضيت موجب هوندو” ساڻ ساڻ اها به ڳاله ڏاڍي اهم مڃڻ کپي ته ع1960 کان پوءَ سري فرينڪ موري نهرو ۽ ڪانگريس جي سکت کلاف ٿي ويو ۽ ڪانگريس ۾ هوريان هوريان آڪهينواد هاوي ٿي ويو. جيتوڻيڪ اندرا گانڌي 1960 ۾ ڌاري هڪ ڀيڙو ڪانگريس جي سدر پڻ ٿي پر ان جي باوجود پنهنجي سدر وارو وقت پوري ڪري پارٽي ۾  ڪا گھڻي دلچسپي ڪون ڏيکاري ۽ پنهنجي گھر ڏانهن وڌيڪ پئي ڌيان ڏنو. نهرو جي گزاري وڃڻ جي يڪدم بعد به اندرا تڏهن وزيرات ۾ آئي جڏهن نهرو بعد پرڌان منتري لعل بهادر شاستري ٺهيو جنهن اندا گانڌي تي ذار ڀريو. اڳتي هلي ڪانگريس ۾ آڪهينواد تڏهن وجود ۾ آيو جڏهن اندرا گانڌيءَ جو رطبعو ڪانگريس ۾ ڪنهن ڪدر وڌي ويو خاص ڪري 1971 جي پاڪستان سان لڙائي بعد جڏهن جن سنگھ وارا به اندرا گانڌي جي همت جي نيڪي ڪرڻ لڳا. اهو ان سڀ جو ساهد آهي ته ڪانگريس ۾ آڪهينواد اندرا گانڌي جي سبب ئي آيو، نه ڪي نهرو جي سبب.


آڪهينواد تي اندرا گانڌي جو چوڻ هوندو هو ته کيس ايڙهي سخص جي ضرورت هئي جنهن تي هوءَ ويساءُ ڪري سگھي. ان جو هڪ سبب اهو ٿي ٿو سگھي ته جنهن وقت اندرا گانڌي هندستان جي وڏي ۾ وڏي سياسي اهدي تي ويٺي تنهن وقت ڪانگيس ۾ تنهن مهل جي دِگجن مثلن وائي به چوهاڻ يا مرارجي ديسائي يا چرن سنگھ جو راجيه هلندو هو جنهن سبب سندن اندرا گانڌي کي اهو آزادي ڪون ڏني جيڪا کين کپندي هئي. هن کي گھٽ تجربي جي باوجود اهي اهدو مليو ڇاڪاڻ ته هو پاڻ مان ڪنهن کي مٿي تي نه ڏسڻ چاهيو، پر اها به هڪ سچائي آهي ته کيس ڪن اڳواڻن جو به ساٿ مليو خاص ڪري 1977 کان پوءَ مثلن پرڻو مُکرجي ۽ ٻين جو . اهو  کيس ان وقت مليو جڏهن هوءَ ڪانگريس ۾ بلڪل هيڪلي ٿي پئي هئي چڱن ساٿُ ڇڏي ڏنو هوس پر ان جي باوجود ڇو ته اندرا پنهنجي آڪهين تي ٻئي ڪنهن کان وڌيڪ ويساءُ ڪرڻ جو فيئسلو ڪري ورتو هو سو ڪانگريس ۾ آڪهيواد جو زور به وڌي ويو. اهو به ڪن جو مڃڻ آهي ته ايمجنسي به اندرا گانڌي پنهنجي پٽ جي چئي ئي لڳائي جنهن سبب اخرڪار سندس سڪست ٿي هئي چنڊن ۾.  


جيڪا ڪار اندرا گانڌي ڪئي سي هندستان جي چڱن سياست دانن ڪئي.هندستان ۾ ڪشمير کان تملباڊو تائين ساڳيو منظر وجود ۾ اچي ويو. ڪشمير ۾ عبدلاه آڪهين ته پنجاب ۾ بادل، ته مهاراشتر ۾ سيو سينا سڀنن پنهنجي پنهنجي پارٽين کي پنهنجي آڪهين جي ملڪيت ٺاهي چڏي. اهو انهن سان وڌيڪ ٿيو جٿي ڪا پارٽي پنهنجي اڳواڻڻ جي مان ڪنهن ڪدر گھڻو ڏنو.



اهي منظر به نظر آيا آهن ته اهي سياستدان پنهنجي آڪهين جي ڪڏ ايترا ته انڌا توڙي ٻوڙا ٿا ٿي پون جي پنهنجي رت کان سواءَ ڪنهنجو ڪدر نٿا ڪن. سنڌ ۾ جيڪو اڄ فاطما يا شهيد ڀٽي جي ننهن غنوا ڀٽو سان ٿي رهيو آهي سو اهي منظر جي جھلڪ آهي. ساڳي ريت هندستان ۾ به اندرا گانڌي مينڪا گانڌي کي سياسي جاءَ نه ڏني پر پنهنجي پٽ کي گِهلي آهي جنهن کي سياست جو ٽڪي جو به تجربو ڪون هو. وري سيو سينا ۾ تمام گھڻي سياسي سوچ رکندڙ راج ٺاڪري کي نيٺ پنهنجي ڌار پارٽي ٺاهڻي پئي.ڪيتري نه عجيب ڳاله آهي جي هو ان سان پنهنجي پارٽي کي به هيٺ ڪرندي ڏسي ٿا سگھن پر پنهنجي رت تي وساءُ ڪمي نٿا آڻين.



هندستان ۾ ان آڪهينواد تي چڱن سالن کان بهس پئي هلي. اهو ئي نه پر هر  وڏي چونڊن بعد ان مسئلي تي بهس ضرور ٿي ڇا ڪاڻ ته هر چوڊن کان پوءَ ان جي ڳڻپ گھٽبي ناهي پر هاٿيون وڌندي آهي. جيتوڻيڪ ڪي سياسي سنظميو ان مسئلي کي سياسي مسئلو ٺاهن جي ڪوشش ڪئي پر ان جي باوجود هي مسئلو ڪڏهن به رواجي ووٽرن لاءِ مُددو ڪو ٿيو آهي. وري جن پارٽيون ان تي هل ڪيو مثلن بي جي پي يا ڪموُنيسٽ پر  انهن  ته جا به سڄڻ پارٽيون ڇو ته ان آڪهينواد جون جھامي رهيون آهن سو مثئلو ڪنهن عام سياسي مسئلو ڪو ٿي سگھو. 2009 جي چونڊن ۾ به ڪانگريس چڱو هل ڪيو هو ان نئين ٽيهي بابت پر ان ۾ به اهو ڏٺو ويو ته ان نوجوان سياستدانن ۾ به گھڻائي انهن جي آهي جنهن جا مٽ مائيٽءَ اڳين ئي سياسي سگھ وارا آهن. اهي سياستدان هميساه ئي پنهنجي بڇاءُ ۾ اها ڳاله ضرور دهرائين ته جيڪر سندن ڪو مٽ مائيٽ سياست ۾ آهي ته ان ۾ سندن جو ڪيڙهو ڏوه ؟ . ڇو سندن جي مائيٽن جي ڪري سندن واٽ پئي روڪي وڃي ؟ ڳاله بلڪل واجب آهي پر هو اهو نه مڃڻ چاهيند آهن ته چوڊن ۾ ٽڪيٽ سهولائين سان ملڻ ۽ ان کان پوءِ جنهن سهولاءَ سان هو پارٽي ۾ اڳتي ٿا وڌن سان به ڪا ننڊي ڳاله ناهي ؟  اهي سهولتيو به ڪڏهن رواجي پارٽي جي ڪاروڪنن کي نٿي ملي. پارتين لاءَ مسئلا تنهن مهل ٿا اچن جڏهن سندن نئين ٽيهي جا ڪنهن سبب هيڪلا تا ٿي پون جيئن  اندرا گانڌي کان پوءَ راجيو گانڌي جي ارصي ۾ ڪانگرياس پارٽي يا هينئر پ پ پ ۾ پيو ڏسڻ ۾ اچي.



ايڙهي ڳاله ناهي ته ننڊي کنڊ جي پارٽيون آڪهينواد کان سواءَ وجود ۾ نٿيو رهي سگھن. هندستان ۾ بي جي پي يا ڪمونيشٽ پارتيون ان جا مثال آهن. بي جي پي ۾ جيڪر ڏسجي ته رام مندر جي جاکڙي مهل لعل ڪرشن آڏواڻيءَ جو راج هوندو هو پارٽي ۾ پر ان جي واوجود بي جي پي يا آڏواڻي پاڻ به آڪهينواد کي ڪڏهن به پنهنجي پارتي تي هاوي ڪون ٿيئڻ ڏنو. گجرات جي گانڌينگر جي تڪ تي به سندس جوڻس ۽ پٽ چڱو ڪم ڪندي  ڏٺو ويوهو. سندن نياڻي پرتيڀا به پنهنجي پڻس جي رٿ ياترا ۾ ڏٺي ويندو هئي  پر ڪڏهن به آڏواڻي توڙي ٻئي ڪنهن به اڳواڻ آڪهانواڌ جي همايت ڪون ڪئي . آڏواڻي پنهنجي جوڻش بابت پڇڻ تي چيو هو ته جيڪر ڪنهن ڏنهن ڪملا سياست ۾ آئي ته اهو سندس پنهنجي جاکڙي سبب ئي ايندي ۽ ان ۾ منهنجو ڪو به ڪردار نه هوندو. اهو ٿي ٿو سگهي ته ان لاءَ ڪنهن ڪدر آر اسي اسي به جميوار هجي پر ان ڪو به شڪ ناهي ته بي جي پي آڪهينواد کي سياست مان ڌار رکڻ جي مثال رکي آهي. ڪانگريس کي هڪ معڪو ملو هو راجيو گانڌي جي گزاري وڃڻ کان يڪدم پوءِ جڏهن سونيا گانڌي پاڻ کي سياست کان پري رکڻ جو فيئسلو ڪيو هو. پر ان جي باوجود مارٽي ٽڪر ٽڪر ٿيئڻ لڳي ۽ اهو سلسلو تڏهن بند ٿيو جڏهن سونيا گانڌي پنهنجو رايو مٽيو. ان جو هڪ سبب اهو ٿي ٿو سگهي ته 1960 کان 1990 تائين گانڌين جي هيٺ رهڻ سبب اڙهو ڪو اڳواڻ رهيو ئي ڪون هو جنهن به ايڏي وڏي پارٽي کي سنڀاري سگھجي. وري گانڌين سياست ئي اڙهي ڪئي جي ڪو به سياستدانن  تڏهن ئي رهي ٿو سگھي جيڪو پنهنجي وفاداري پارٽي لاءَ به پر گانڌين لاءَ رکي. ساڳيا منظر ڪانگريس ۾ ئي نه پر ننڊي کنڊ جي لڳ ڀڳ سڀن سياسي پارٽين جو آهي.



اڄ ننڊي کنڊ جي سياست لاءِ سوال اهو آهي ته ڪيئن ان آڪهينواد مان نجاد پائينجي جيڪا جموريت جي مول اصولن جي اڀتر آهي. سوال اهو نه آهي ته ڇو عوام ايڙهين پارٽين کي چونڊي ٿو جيڪي غلط اسولن تي هلين ٿيون. ان کان به وڌو سوال اهو به آهي جي ڇو پڙهل گھڙهيل ان جو وروڌ نٿو ڪن . ان جو هڪ سبب اهو ٿي ٿو سگھي ته پارٽي ۾ اڳواڻ لاءِ اڙهي پارٽي ۾  ترڪي ڪرڻ سهولائي ٿيندي آهي جنهن ۾ هڪ آڪهين جو راج هجي جيئي پارٽي جي هرتا ڪرتا جي سڃاڻڻ ۾ ۽ سندس سان ڪم ڪرڻ ۾ سهولاءَ ٿي. پر جيڪر هر پنجي سالن يا ڏهين سالن ۾ سدر پٽبو ته اه کي سڃاڻڻ ۾ به وقت لڳي ويندو. اهو ممڪن آهي ته اسين ننڊي کنڊ جا ماڻهو لياڪت کان وڌيڪ چاپلوسي ۾ ويساءُ رکندا آهيون. وري اهو به ممڪن آهي ته اسين مان گھڻا اڃا به اڳگريزن يا ان کان اڳ واري راج جا ڏنهن کان نڪتا ناهيون.


ان مسئلي ۾ چاهي عام رواجي انسانن جو ڪيڙهو به رايو هجي پي هڪ ڳاله ته پڪ آهي ته جيستائين آڪهينواد رهندو سياست ۾ اڳواڻيپ يا ليڊرشپ ڪڏهن به پکتي به ٿيندي.
مسئيلو يقينن سوچڻ لائيڪ آهي..........................   

October 27, 2011

اچو ته سنڌي ڏئاري مڃائون


راڪيش لکاڻيءَ پاران سڀن سنڌين توڙي اڻ سنڌين کي ڏئاريءِ جي ڏڻ جون لک لک واڌايون.

اڄ ڏئاري آهي. يعني روشنيءَ جو ڏڻ. هندو خاص ڪري هندستان ۽ دنيا ڀر  ۾ رهندڙن سنڌين لاءِ هي هڪ ڏاڍو وڏو ڏڻ آهي. جيتوڻيڪ اسين پاڻ کي درياهپنٿي ڪوٺائون پر ان جي باوجود ڏئاريءَ جو ڏڻ سنڌين لاءَ خاص احميت رکندڙ آهي. سنڌي خاص ڪري مرد اڄ به جڏهن به گڏجن ته مان ۾ رام رام چئي ضرور  کيڪارن. اها ان ڳاله جي ساهد آهي ته اسين سري رام کي ڪيترو مانُ ڏيندا آهيون پنهنجي نجي ذندگيءَ ۾. هند ۾ ڏئاري هڪ ڪومي ڏڻ آهي پر ان باوجود جدا جدا قومن ۾ اهو مکتليف نمومن مڃايو ويندو آهي.


 سنڌي ۾ ڏئاريءَ جون ڪي کسوسيتون آهن جيڪي هيٺ بيان ڪجن ٿيون

ست ڀاڄيون رڌڻ جو رواج 

سنڌين ۾  ڏئاريءَ جي ڏنهن پنهنجي گھرن ۾ ست ڀاڄيون جي رڌڻ جو آهي جيڪو اڄ به ڪن گھرن ۾ نيت نيئم سان هلي پيو.


ميلوُڙا ٻارڻ

 هي رواج هوليءَ جي اڳين رات هولي ٻارڻ جيڙهو آهي. ان ۾ آڪهين يا گھر جا مرد ماڻ ۾ ڳڏجي سرڪوڊو تي لٺو بنڌي ، ان تيل وجھي ٻارڻ جو رواج آهي. ان جي ٻئين ڏنهن تي آڪهين جا مرد سنان مهل ان کي پير هيٺيون رکن ۽ سنان بعد ان کي نندي يا کوه جي ڪپ تي رکي اچن. ان رواج موجب هڪ لڪڙ کي ٻئي لڪڙ سان ٻارڻ جو رواج آهي آهي جنهن جو مطلب آهي جوت سان جوت ٻري.


ڏئاري ماتا کي پوُڄڻ جو رواج

سنڌين ۾ ان رسم کي تمام اهم مڃي ويندي آهي. ان رواج موجب ڏئاريءَ جي رات ان تي جنداه مردن جي تسوير ٺاهي ۽ ان تي “ڏئاري ماتا ڀلي ڪري آئي” لکڻ جو رواج آهي خاص ڪري واڻڪي لپيءَ ۾. ان تسوير کي اسين سنڌي ۾ “پتر” ڪري ڪوٺهن. ان رواج موجب ڪٽوريءَ ۾ ڪچي کيرءَ منجھ هِنگوُل (سندور) ڳڏائڻ بعد سونءَ يا چانديءَ جا سِڪا ٻوڙي ڳڻيش لکمي ماتا کي پوڄيندا آهن. ان کان سواءِ گھر جا ڀاتي پوڄا بعد ان سڪن کي پنهنجي دندن ۽ سرير جي ٻين حصن کي ڇوئائڻ جو رواج آهي. پڇاڙيءَ ۾ گھر جا سڀ باتي ڏئاري ماتا کي کير مٺائي کارائن. پوڄا جي نبرڻ کان پوءَ گھر جا ننڊا وڏن کي پيري پون (سواءِ نياڻين جي جن کان سنڌي پيري نه پوائين). وري ڏئاريءَ جي ٻئي ڏنهن سبوه جي چئين لڳي در کوليا ويندا آهن ۽ ورهانڊي ۾ ڏئو ٻاري من ئي من ۾ “لکمي آئي، ڏک ويا” جپندي سڄي گھر جا چڪر لڳايا ويندا آهن ۽ پوڄا جي هند رکيل هٽرن جي هند ڏئو رکيو پويندو آهي جيڪو سانده ٽي ڏنهن ٻاريو ويندو آهي. ان ٽن ڏنهن جي پڇاڙي ۾ ان هنڱل پيل کير ۽ ٻين شئين کي ڪنهن نندي يا کوه ۾ موڪلائيبو آهي.


سنڌي واڻين جي ڏئاري

ڏئاري سنڌي واڻيون لاءِ تمام وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي ڀلي اهو سنڌي هجي، گجراتي هجي يا مارواڙي. سنڌي واڻين جي گھرن ۾ هٽرا ٺاهيا ويندا آهن. ٻار ان هٽرن منجھ مٺايون رکن ۽ ڏئاريءَ جي رات پنهنجي وڏن کي کارئن جنهن تي کين وڏن وٺان کرچي به ملي (مان ان ڏنهن جو انتظار سڄو سڄو سال ڪندو هوس) ان کان سواءَ واڻيا ان ڏنهن پنهجا کاتن جي به پوڄا ڪن ڇاڪاڻ ته ڏئاري بعد سنڌن نئون واڻيون سال سروع ٿيندو آهي.


بدقسمتيءَ سان ورهاڱي هندو سنڌين کي ئي نه پر سندن رسمن کي به ڪاپارو ڌڪ لڳو جنهن سبب مٿي ڏسيل رواجن جو مڃڻ جيڪر اڳپو بند ڪون  ٿيو آهي ته گھٽجي ضرور ويو آهي. اسين نئين ٽيهي جي سنڌين لاءِ ان رواجن کي جنداه رکڻ يقينن ڪنهن چيلينج کان گھٽ ناهي.  جيتوڻيڪ ورهاڱي کان يڪدم پوءِ جي ڏهاڪا يڪينن ڏکن ڀريا هئا جڏهن سنڌي رواجن تي مهڻا ڏنا ويندا هئا. پر هيئر اهي ڏنهن ناهن. اڄ جا سنڌي توڙي اڻ سنڌي هندستان ۾ پاڻ کي هاٿيون چڱي ريت سڃاڻن پر ان جي باوجود اسين نئين ٽيهي جي سنڌين کي ان رواجن جي جنداه رکڻ لاءِ جاکڙو ڪرڻو کپي. اسين جيڪر ايئن نه ڪيوسين ته اسانجي ايندڙ ٽڪي ان نڄ سنڌي رواجن کان مهروم رهنجي ويندي. سوال سنڌين جو پنهنجي وجود جو آهي. سوال سنڌي ثقافت جو آهي.

اچو ته اسين سنڌي ڏئاري مڃائون.

نوٽ
1.   هي ليک لکڻ جي نسبت اجين مڌيه پرديش ۾ رهندڙ سري گوورڌن ڪرشناڻي ۽ احمدآباد مان شايع ٿيندڙ روزاني اخبار “هندو” جا ٿوڙا ٿا مڃيا وڃن.
2.   ان ليک ۾ سنڌي دليت بابت ڄاڻ ڪون ڏني وئي آهي جنهن جي وڏي تعداد سنڌ ۾ رهي ٿي. جيئن ئي ان بابت وچوڙ مليندا ته يڪدم بلاگ ۾ شايع ڪيا ويندا. جيڪر ڪنهن پڙهندڙ وٽ  ان بابت وچوڙ هجن ته مهيباني ڪري ليکڪ سان رابطو ڪري. ليکڪ اڙهن صخس جا شڪرگزار رهندو.  



October 25, 2011

مسئلو سنڌي ثقافت جو


 سڀني سنڌين کي راڪيش لکاڻيءَ جي بلاگ ۾ تهدل ڀليڪار



سنڌ مان سايع ٿيندڙ روزاني اخبار عوامي آواج ۾ هندستان ۾ هلندڙ سنڌيت بابت ڪجه احوال پئي پڙهو. اهوال دلچسپ پئي لڳو سو سوچيوم پيوته ان مسئلي تي پنهنجا ڪامينٽس لکان.


احوال موجب سهيوگ فائونڊيشن پاران ڪوٺايل ايواڊ فنگشن بابت هو. ايئن ته .سنڌين ٻولي ۽ ثقافت ۾ ميدان ۾ ان سنسٿا جو اهم ڪريدار رهيو آهي. جيتوڻيڪ سندس ڪم ڪرڻ جو دائيرو گھڻو تڻو ممبئي ئي رهيو آهي پر ايڙها به چڱا ڀيڙا ٿيوآهي جڏهن سهيوگ فائونديشن بمبئي توڙي مهاراشٽر کان ٻاهر چڱا ثقاتي جلسا ڪيا آهن، پر جنهن جلسي جو پيو مان ذڪر ڪيا تنهن بابت پڙهي مونکي يقينن ڏک رسيو آهي. اهو ڏک ان لاءِ پيو پيئدا ٿئي ڇاڪاڻ ته ان جلسي ۾ جيڪي مهمان ٿي سِڙجي آيا هئا سي ڪنهن کي به تپرس ۾ وجھڻ لاءِ ڪافي هئا. ان مجلس ۾ سري رام جھرواڻيءَ کان سواءِ موجود هئا هندي فلمي توڙي هينئر هندستان جي صوبي بهار جي راجڌاني پٽنا مان چونڊيل لوڪسڀا جا ميمبر سري ستروگھن سِنها، سندس سنڌياڻي جوڻس پونم سِنها ۽ سندن ڌيئڻس سوناڪشي سِنها گرايا ويا هئا. ان کان سواءِ منچ تي هاجوري پئي ڏني هندستان جا به واندا سنڌي نصل جا اڳواڻءَ مسلن سائين لعل ڪرشن آڏواڻي ۽ سائين رام جيٺملاڻي.


احوال موجب سڀنن جي نظر هئي سوناڪشي سِنها تي هئي جنهنجي جي پهرين فلم “دبنگ” باڪس آفيس ۾ هٽ ٿي آهي. اها ٻئي ڳاله آهي ته ان فلم جي هٽ ٿئڻ جي ڪريڊٽ پوري ساري سلمان خان ۽ سندس ڀاجائي ملائيڪا اروڙا هٿ ڪئي. ايئن ته عام جام ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ڪا فلم جنهن ۾ ڪو مشهور سومرو اداڪار طور ڪم ڪيو هجي ۽ اها فلم هٽ ٿي هجي ته ان جي ڪريڊٽ به نئين اداڪار يا اداڪريا کي ڪون ملي آهي. پر سلمان سان مسئلو اهو آهي جي هن سان جڏهن به ڪا نئين اداڪريا ڪم ڪيو آهي ته ان نئين اداڪاريه جي ته ٻيڙي ٻوڏي وئي آهي. ان هقيقت جا به وڏا مسال آهي ڀاڳيه شري (ميئني پيار ڪيئا) يا ۽ ڀوميڪا ڇاولا (تيري نام) اڄ سايد ئي ڪو هندي فلمن جو چاهڪ کين ياد ڪندو هوندو. وري شورت حاصل ڪيل سورميون جي ڳاله ڌار آهي. اها حقيقت ان ڳاله جي شاهد آهي ته نئين سورميون لاءِ سلمان سان اداڪري سان ڪسُ ئي ٿي پوي. اها ڳاله ڀلي ئي ڪو منهن سامهون مڃي يا نه پر ان جو احسان چڱن کي آهي. پر ان جي باوجود ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سوناڪشي سنها جي اداڪاري عام فلمي چاهڪن کي وندرايو آهي ۽ اسين اميد ٿا ڪيون ته مستقبل ۾ به پنهنجي سدي سهولي ننڌڪڙي اداڪاريءَ سان وندرائيندي، وري پڻس جي ساٿ سبب اسين اميد ٿا ڪيو ته کيس ڀاگيه شري يا ڀوميڪا چاولا واڱر وسارڻو نه پوندو. اميد ته موناڪشي ڪاميابي جون چڱيون ڏاڪڻيون اورانگھدي.


اهو عام جام ڏٺو ويو آهي ته هي سنستا يا تنظيم پنهنجي جلسن ۾ ڄاتل سوڃاتل شخستيون کي پنهنجي جسلن ۾ گھرائيندي آهي جيئن رواجي ماڻهن توڙي ميڊيا ۾ ڪنهن ڪدر ڪوريز  ملي. اها هرو ڀرو ڪا غلط ڳاله به ناهي پر  مسئلو تڌهن ٿو پيئدا ٿئي جڏهن اهي سخستيون پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ حجاب ڪن  عوامي اواز موجيب شتروگھن سنها جي جوڻس پونم سِنها سنڌينت سان ڳاٽو لڳائو آهي پر نه ڄاڻ ڇو مان هندستان ۾ رهندي به اها ڳاله نه ڄاڻي سگھيون آهيان ؟ مان ڪٿي به اڄ تائين ڪون ٻڌو جتي سنڌيت جي ڪمن سانڱي پونم منها جو ذڪر آيو هجي. ٻيو ته ٺهيو سندس وڳو به بهارن ضائيفان واڱر نظر ايندو . جيڪر باليووڊ ۾ ڏسجي ته ايڙها چڱا مسال ملندا جڏهن چڱن “اڌ سنڌين” قاميابي ماڻي آهي مثلن ڪريشما ۽ ڪرينا ڪپور (رنڌير ڪپور جون نياڻيون) ، سونل ڪپور (انل ڪپور جي ڌيءَ) يا وري جيتيندر جي جا ٻار ( توشار ۽ ايڪتا ڪپور) پر ساڻ ساڻ اهو به نه وسارڻ نه گھرجي ته اهي اڌ سنڌي ڪڏهن به پاڻ کي سنڌي ڪري ليکڻ ۾ فڪر نه ڪندا آهن هند ۾ ڪنهنکي به ان ڳاله تي فڪر نه ڪرڻو کپي  چاڪاڻ ته جڌهن اسانجا سنڌي ئي پنهنجيد ڪوم کي هيٺ ڪرڻ ۾ دير نه ڪن ته ڌاريون جي ڇا ڳاله ڪجي.
جيڪڏهن باليوڊ ۾ جدا جدا قومن جي ڳاله ڪجي ته سنڌين واڱر بنگالين، پنجابين (خاص ڪري هندو)، گجراتي يا مراٺين جو جھجھو يوگدان رهيو آهي. پر جڏهن ته اهي اڻ سنڌي  قوميون هندي فلمن ۾ پنهنجي ثقافت کي پيش ڪرڻ ۾ فڪر مهسوس ڪن، گد گد ٿين اتي اسين سنڌي هندي فلمن ۾ پيسو به سيڙاهي پنهنجي ثقافت کي عام هندستانين جي اڳيون پيش ڪرڻ کان پاسيرو ڪيون. اها ڳاله  سمجھ کان پري آهي ته جڏهن هندي فلمن جا چاهڪ گجراتي، بنگالي يا پنجابي توڙي مراٺي ثقافت تي ٺهيل فلميون ڏسي ٿا سگھن ته پوءِ سنڌين تي ڇون نه. اها ڳاله سنڌين قوم لاءِ انتهائي ڏکائيندڙ آهي ته اسين پنهنجي ثقافت تي فڪر ڪرڻ ته پري نڄ سنڌي نالي توڙي سنڌين جي ڳالهائڻ تي تريڪي تي نه تنج برداست ڪندا آهيون. اهو ورلي ئي ڏٺو ويو آهي جي سنڌين ان بيهودي هرڪتن تي اواج اٿاتي آهي.


ان جلسي ۾ هند جو نه اهم سياسي سخستيون کي به گرايو ويو هو.... لعل ڪرشن آڏواڻي ۽ رام جھيٺملااڻي . هي ٻئي نالا سنڌين لاءِ نيان ناهن. پر جيڪر ڳاله ڪجي سندن سنڌي ۽ سنڌيت جي نسبت ڪيل لمن جي ته انهن ٻنهن مايوس ئي  ڪيو آهي هڪ لڱي ڏسجي ته انهن ٻنهن مان آڏواڻيءَ وٽ سگھ هئي سنڌين جي نمائيندگي ڪرڻ توڙي هند جي سياست ۾ سنڌين جي اواز ٿي بيهڻ جي . پر بدقسمتيءِ سان ايئن ٿي ڪون سگھو.هو تمام ڏگھي ارصي ڪان سياست ۾ آهي پر ان جي باوجود سندس يوگدان سنڌ توڙي سنڌيت جي نسبت نه جي برابر آهي. ڀاجپا هڪومت ۾ رهي يا حڪومت کان ٻاهر سندس رتبعو هميشاه .ئي بي جي پي جي ڪنهن به اڳواڻ کان وڌيڪ رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جي جناح واري بيان بعد هون رڳو بسي جي پي جي سدر کان ئي رڳو  استيفعو ڏيئڻو پيو جڏهن ته ٻين کي پارٽيءَ مان ئي ڪڍي ٻاهر ڪيو ويو. اڄ به جڏهن ڀاپپا ۾ ٽيهيءَ جو بدلاو پيو ٿي سندس ڪنهن به ڳاله کي پتٿر جي لڪير سمجھيو ويندو آهي. پر ايترو ڪجه هجڻ جي باپجود سنڌين جي نمائيندگي پي جي پي ۾ ڪون وڌي آهي. اڄ به سنڌين کي رڳو اهي ئي تڪيو چونڊن ۾ ڏنيو وينديون آهي جنهن ۾ سوڀر ٿيئن جي اميد نه نه جي برابر ئي هوندي آهي. ان سان ٿئي اهو ٿو ته چونڊين لڙڻ واري پنهنجا پيئا به سيڙاهي ڪجه به هٿ نٿا  ڪري سگھن ۽ پارٽي جي ٽڪيٽ گھرڻ وارا به مايوس.ئي ٿا رهن


جيٺملاڻي به آڏواڻيءَ لاءَ پنهنجي پاڻ لاءِ ئي سياست پئي ڪئي آهي. جڏهن جڏهن ڀاجپا حڪومت ۾ آئي آهي جيٺملاڻيءَ کي ڪو نه ڪو اهدو ضرور مليو آهي پر ان جي باوجود وزير جي هيسيت ۾ سندس ڪم سنڌين جي لاءَ نه جي برابر ئي ڪيل آهي. هو ڌار به ٿيو ته سولي سرابجي سان وڙهندي ٿيو، ڪنهن سنڌين جي مسئلي تي هون اها بهادري ڪون ڏيکاري.


سنڌي ٻوليءِ جي نسبت به سندن ساڳيا ئي منظر ڏيکارا آهن. ورهاڱي بعد جٿي سنڌي ليکڪ، سنڌي ماستر يا سماجڪ ڪارڪونن ٻوليءِ لاءِ هڏ پئي ههان اتي ان ٻهن اڳوانن جو ڪو به ذڪر نٿو ملي. وري بي جي پي جي سوبن توڙي مرڪج ۾ حڪومت ٺهڻ جي باوجود سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪا به رٿا تيار ڪون ٿي جنهن سبب اسين انهن جا ٿوڙا مڃئون. اانهن جي ڀيٽ ۾ باجپيئي جو ڪردار کيڻ لهڻي. باجپيئي اڻ سنڌي هوندي به سنڌي ٻوليءَ جي جيڪا همايت ڪئي اها ٻين اڳواڻن لاءَ اڄ به هڪ مسال آهي.


اڄ سنڌي قوم جي اڳيان سوال اهو آهي ته ڪنهن کي اهميت ڏجي ؟ اسان کي اها پڪ ڪرڻي پوندي ته ڪنهن کي اسين پنهنجي ڪوم جو مهانڊرو ڪري پيش ٿا ڪرڻ چاهيون.ڇا اسين انهن کي اڳيان ڪيون جيڪي لپ سروس ڏيئڻ لاءِ سنڌي جلسن ۾ اچن يا انهن کي جيڪر گمنامي ۾ هوندي به سنڌيت جي سيوا پئي ڪئي. اسان  اڄ ڀلي ئي اسين انهن ڏنهن کي ياد نه به ڪيون پر ٻوليءِ جي لڙائي به ڪا ننڊي لڙائي ڪون هئي. سنڌي هندستان ۾ اٺي ۾ لوڻ هئڻ جي باوجود پنهنجي ٻولي ءَ کي هندستان جي وڏيون ٻولين جي ڪتار ۾ شامل ڪيو آهي اها به هڪ وڏي قاميابي ليکڻ کپي. سنڌين جدوجهد تنهن مهل ڪئي هئي جڏهن سنڌي ٻن ويلن ماني لاءِ به ڳڻتيون ڪندا هئا.


سنڌي سنسٿائون کي اها ڳااله اصول ئي نه وسارڻ کپي ته اهي گمنامي ۾ ڪم ڪندڙ سنڌين جي وڏي احميت آهي. ڀلي ان گمنامي ۾ رهندڙ سنڌين ۾ گلامير نه هجي، ڀلي ميڊيا ۾ سندن ڪوريج نه به هجي پر جيڪر رواجي سنڌي هڏ نه هڻن ها ته سايد سنڌي ٻولي ڪڏوڪو لپت ٻوليون ۾ شمار ٿي وڃي ها.
اڄ فيئسلو سهيوڳ فائوڊيشن کي پڪ ڪرڻي  آهي ته هو ڪنهن کي سنڌي برادري جو موهانڊرو ڪري پيش ٿي ڪرڻ چاهي ڇاڪاڻ ته کين اهو ياد رکڻ کپي ته جيڪر رواجي سنڌيت جي ڪاروڪنن  کان پري ٿياسين ته قوم کان  به پري ٿيندا ويندا سين.......