July 8, 2012

آر ايس ايس سهسنچالڪ شري موهن ڀڳوت جا ماهاراجا ڏاهرسين بابت ويچار



سنڌوپتي مهاراجا ڏاهرسين جي 1300  شهادت ڏوهاڙي جي معڪي تي اجمير ، راجسٿان ۾ ، مهاراجا ڏاهرسين جي اسمارڪ جو وموچن ڪيو ويو. 16 جون 2012 جو ڪوٺايل وڪ وشال شرڌانجلي ميڙ ۾ مکيه ڳالهائندڙ جي روپ ۾ راشٽريه شويم سنگھه جي سهسنچالڪ شري موهن ڀاڳوت آيل هئا . سندس تڪرير رڳو سنڌوپتي مهاراجا ڏاهرسين بابت ئي نه هئي ، اها سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌين بابت پڻ هئي جيڪي هر سنڌي تائين پُڄڻي کپي. پيش ٿي ڪجي ان تڪرير جو سنڌي ۾ ترجمعو انهن سنڌين لاءِ جن کي ديوناگري اکر سمجھ ۾ نه ايندا آهن.




آر ايس ايس سهسنچالڪ شري موهن ڀڳوت جا ماهاراجا ڏاهرسين بابت ويچار


پرم شرديه، پرم وندنيه، سنت سائين، منچه تي ويٺل ڀاتريه سنڌو سڀا جا اينجوي، ناگريڪ سججن ۽ ماتائون. مهاراجا ڏاهرسين جو زمانو 1300 سال اڳوڻو زمانو هو. اڄ ڪله دنيا ۾ ايئن چڻ وارا جام ماڻهو آهن جيڪي ڇون ته ماضي کي وساري وڃو، اڳوڻيون ڳالهئون وساري ڇڏو. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته کين پُڇان اوهان جو نالا ڪيترا سال اڳوڻو آهي ؟ ته ڪو چوندو 40 سال اڳوڻي ته وري ڪو چوندو 60 سال اڳوڻو ته آئون چوندوس ته اوهان کان پنهنجا نالا وسرندا ناهين ؟ ڳاله ڳاله تي اوهان پنهنجي نالي واري صحيه ڪندا آهيون. 50 سالن بعد جو اوهان کي اوهان جي نالي سان  ڪو سڏ  ڪري ته اوهان کينس سڏ تي ڌيان ڏيندا آهيون، نه ته اڻٻوُڌو ڪيو. اها ته ڳاله واجب آهي ته زماني سان گڏ هلندي ڪي ڳالهيون وسايڻيون پونديون آهن. پر ڪي ڳالهئون ايڙهيون ٿينديون آهن، جيڪي پنهنجي حياتيءَ جي هر هڪ پل ۽ گزاري وڃڻ جي پل ۾ به ياد رکڻيون پونديون آهن. ماڻهو پنهنجي موت جو پل پنهنجي سچائي جي روپ  ۾ ياد ڪندي  تري ويندو آهي .کائينس وسري ويندو آهي ۽ جڏهن مونکي پتو پيو ته ڀارتيه سنڌو سڀا جي ڪاروڪنن ان جسلي بابت چيو ته مان پنهنجي منجھيل ڪريڪرم کي پاسرو رکي هليو آيوس. سنگھ،  تاليم ورگ جي ڪنهن به ڪاريهڪرم کي مٽڻ جو حامي ناهي پر ان جي باوجود آئون منهنجي وقط مان هڪ ڏنهن گھٽائي هت هلي آيوس. ان جو سبب ڇا آهي، سبب اهو آهي ته ان پرسنگ ياد ڪرڻ جو آهي ۽ ايڙهيون ڳالهئون  کي ڪڏهن به وسايڻ نه کپي.


مهاراجا ڏاهرسين جي  شهادت ڇو ٿي ؟ ايئن ته ان وقط هندستان ۾ جدا جدا رياستون هئون. جدا جدا راجا هئا. ماهاراجا ڏاهرسين لرڻ  بجاءِ سمجھوتو ڪري پيو سگھي. ته سندس حياتي به سوگھي ٿي وڃي ها، سمر جي مڀار سان اسانجا سڀ بچاءُ ٿي ويندا آهن. پر هن ايئن ڪون ڪيو، هو لڙيو. ايئن به اتهاس ۾ مثال آهن ته ايڙهيو ساڳيا سمجھوتا ماڻهون ڪيا آهن. سڪندر سان پورس وڙهيو پر  آنڀي راجا  سمجھوتو ڪيو. اسين پورس کي ياد ڪندا آهيون پر آنڀي کي وساري ڇڏندا آهيون. ڪو آنڀي کي ياد ڪندو آهي ته اسان کي سٺو ڪين لڳي پر پورس کي ياد ڪندي اسان جو ڇاتي فڪر سان وڏي ٿي وڃي! ايئن ڇو آهي ؟ ڇاڪاڻ ته هينئر ئي سنتن ، جنهن  انسانيت جو ، جنهن ڌرم جو ذڪر ڪيو پنهنجي حياتي ۾ هلڻ چلڻ جي نيمن جي نظر سان، ان جي لاءِ ئي ڀارتورش بيٺو آهي ۽ لڙائي هندو توڙي مسلمانن جي وچ جي ڪين هئي، يا ٻن راجائون جي وچ جي به ڪون هئي. اها لڙائي زمين جي به ڪون هئي. اها لڙائي اصولن جي هئي. ڀارتورش جو مڃڻ آهي ته پوري دنيا اسانجي آهي، سڄي دنيا اسانجي آڪهن آهي “وسونڌيه ڪوٽنبڪم ” . هندستان کان ٻاهن ماڻهون اين ڪون مڃن. اڄ به دنيا کي هڪ ڪرڻ جون ڳالهيون ٿين پيون. هينئر هو ڇون ته سڄي دنيا هڪ بازار آهي. سڀني جو وهنوار بازارو هجي. ازت کي به وڻجي سگھجي. ايڙهي دنيا ٺهي پوي.!!!


 هندستان کي اهو قبول ناهي. اسين چئون سڄي دنيا هڪ آڪهن آهي . وسونڌيه ڪوٽنبڪم ان کي ئي چئيجي ٿو. جٿي آڪهين آهي اٿي ڌار ٿي ڪري به ايڪو رهي ٿو. هڪ آڪهين ۾ ست ڀائر آهن ، سڀن جو هلڻ چلڻ ڌار آهي ، سڀن جي پنهنجو پنهنجي پريوار آهي. سڀن کي پنهنجا پنهنجا ٻار ٻچا آهن. سڀن کي نهنجو پنهنجو ڌنڌو آهي پر سڀني کي خبر آهي ته هي سڀ سڀني جو آهي.  هي سڀ منهنجو آهي ۽ جيڪو پنهنجو آهي سو سڀني جو آهي. ان ۾ ڌار ۾ به ايڪو آهي . دنيا کان اهو سڀ سري  ڪونهه ڇاڪاڻ ته اهي سُتر رڳو هندستان وٽ آهن. هندستان جي سنتن اڄ تائين ان سُترن کي هٿيڪو سانڀي رکو آهي. هندستان ۾ اهو بندوبست آهي ته سچءَ کي منهن ڏئي سماج جي عام ماڻهون ۾ رهي عام ماڻهو جي حياتيءَ ۾ ان سچ جي پرمپرا سنتن جي مارفت هلي پئي اچي. هندستان جي اهو ئي ڪم آهي ، جڏهن سڄي دنيا ڀٽڪي وڃي، وسري وڃي، ته اهو ياد ڏيئارجي ته ڪيئن حياتي مان سکئون، هي هندستانين  کي ڪرڻو پوندو. ان ڀارت جي ڀارتيتا کي، هندوتوَ کي ، سناتنتا کي ختم ڪرڻ جي ڪاه هئي. نئين ڳاله کڻي ماڻهو آيا ته اسين ئي صحيح آهيون ، ٻيا سڀ غلط. سڀني کي صحيح ٿيئڻو آهي ته اسان ساڻُ اچن.اسين چئون ته ايئن نه....هر ڀاءُ پنهنجي پنهنجي واٽ تي هلي. گڏجي هلو پر ڪنهنکي ڏک نه رسايو. اهنسڪ ٺاهي رهو. ڪنهن کي تبڌيل نه ڪيو. جيڪر ايئن سٺو لڳي ته سڄي دنيا پنهنجو پاڻ ئي پاڻ جي تبڌيل ٿي وٺندي. “اسان واڱر هلو” وارو اپديش (هدايت) ڏيئڻ وارا ۽ پنهنجي ئي رڱ ۾ رڱڻ ۽ “اسان واڱي ئي هلڻو پوندو” جي ئي لڙائي هئي. ان سبب ئي مهاراجا ڏاهرسين وچار نه ڪيو ته هي منهنجي ملڪ ٿي ڪاه آهي. هن اهو وچار ڪيو هو ته هي منهنجي هلڻ چلڻ تي ڪاه آهي. هي انسانيت تي ڪاه آهي. هي سناتن ڌرم تي ڪاه آهي. اها هندوتوَ تي ڪاه آهي. هنن اهو وچار ڪيو سو  سڀ مونکي ڪو خواب ۾ ڪين اچي چئو. اهي وچار ڪو ڪتابن ۾ ڪين لکيا ويا آهن. هي وچار ڀاشڻن ۾ رڳو ناهن .ايڙها وچار مهاراجا ڏاهرسين جيڙهن مهاراجائون جي جيون توڙي حياتيون  ۾ هوندا آهن . سندن  راجه ڪرڻ جي تريڪعي ۾ ملندا آهن.


 اڄ ته سندس شهادت جو ڏوهاڙو آهي ان لاءِ سندس شهادت جو ذڪر خاص ريت پيو ٿئي ۽ ٿيئڻ به کپي پر جيڪا حياتي سندس پنهنجي ملڪ، ڌرم ۽ ثقافت  جي بچاءُ لاءِ داءُ تي لڳائي ، اها حياتي ان ديش، ڌرم ۽ سنسڪرتي (ثقافت) لاءِ مثال سابت ٿي. سندن ڪيئن راجه هلايو ؟ سندن ڌيم ڏانهن ڪيڙهو وهنوار هو ؟ پنهنجو ۽ پنهنجي عوام جو ڌيم ڪيئن بچايو ؟ عوام ۾ ۽ پنهنجي پاڻ ۾ ڌرم کي ڪيئن پکتو ڪيو ؟ ۽ ان لاءِ ان ڌرم ۾ مول ۾ جيڪي تٿَوَ آهن جن کي ڪو اشور ڪري مڃي، ڪو جڙ مڃي ، ڪو چيتن مڃي، ڪو چوي آتما، ڪو ڪجه به ڪين چوي. ڪو سُنيه ( ٻُڙي)  چوي . ان تَتَوَ کي شاڇات (سچُ سابت ڪرڻ) ڪرڻ جي مارگدرشن (سِکيا)  ۾ هي راجا هلندا هئا. ان لاءِ سندن ساڻ رشين جو ذڪر اپرهڻيه (لاظمي) روپ سان ٿو اچي. ان کي ئي اسين ڌرم راجه ڪوٺيندا آهيون. ڌرمراجه جو مطلب ڪنهن به پٿر جي لڪير تي هلڻ ناهي. ڌرم راجه مطلب اهو جيڪو ڌرم کي پنهنجي حياتي ۾ سچو سابت ڪيو ۽ جن پنهنجي حياتي سان ٻين کي سيکارو. سندن رايه کي مڃي هلڻ. ان انسانيت کي مڃي هلڻ. سڀن کي اڳتي وڌايڻ، هڪ ساڻ سڀني جي ، سڀني ساڻ هڪ جي. ان طره وڪاس ڪرڻو آهي. هي مڃي هلڻو آهي. ان ريت مهاراجا ڏاهرسين جو راجه به ڌرم راجه هو ۽ مهاراجا ڏاهر جو پنهنجي حياتي به هندو گرهست جي ريماچرن جو مثال هو. ۽ جڏهن اهو وارو آيو ته ان حياتي کي فٽو ڪرڻو آهي رڻ جي ميدان ۾ ، ان ويڀَوَ جي ان پريوار (آڪهين) جي سِک کي مـٽي ۾ گڏائي رکڻو پوندو ، تڏهن ديش سابتو ٿيندو، ته منهنجي مرڻ سان ئي عوام جيئڻ جي مثال مڃيندا . جڏهن هنن ڄاتو ان نشور سنسار ۾ ان مايا جي راند اوترو ئي نشور مڃي پنهنجي تلوار جي نوڪ تي لٽڪائي ڦٽو ڪيو. هندو ايئن جيئندو آهي، جڏهن جيئندو آهي. تڏهن جيئن جي رس وٺي ايئن جيندو آهي جي ماڻهو چون ته جئو ته ايئن جئوُ. ۽ جڏهن مايا جي ان راند جي سچ جي لاءِ داءُ فيڪڻ جو معڪو آهو ته ايئن فيڪجي جيئن جُئاري به پنهنجو داءُ فيڪر کان منجھي. هندو پنهنجي حياتي کي فيڪڻ ۾ منجھي نه . انهي هندو جيون کي اصولن کي سوگھو ڪرڻ لاءِ راجا ڏاهن شهادت ڏني. ۽ ان لاءِ ، سندس ديش توڙي ڀومي ، سنڌي پرجا ...اهي  سڀ ڪير آهن؟؟ سي سڀ هندوستان جا ئي ته آهن.




 اڄ اسين سنڌ جي ڀومي تي ناهيون. هندستان اکنڊ ناهي پر هندستان آهي. سنڌ جي ڀومي تي اڄ به هندو رهندا آهن. گھڻائي انهن جي ئي جن کي لڏي اچڻو پيو.   پر جيئن تيئن پاڻ کي بچائي جيئن سنڌي چوندا آهن ۽ جيئن هندو به چوندا آهن جيستائين هڪ به هندو اتي آهي تيستائين سنڌ ۾ پڻ هندستان زنداه آهي. ڀارت اکنڊ ناهي پر اکنڊ ڀارت آهي. اسين ڀارت کي اکنڊ بڻائينداسين. ته اکنڊ ڀارت دنيا جي ويڀوَ کي گيان جي بلندي تي چڙهي سڄي دنيا کي سک ۽ سانتي جي واٽ ڏيکارڻ ۾ قامياب ٿيندو. مان ڇاڪاڻ ته سنگ جي ڪاروڪنن مان آهيان، پوري هندو سماج کي هڪ ڪندو آهيان. ته ننڊي سنميلن ۾ آئون ڪين شريق ٿيڻ جي چاه ڪين رکان. ڪنهن جاتي يا ڪنهن خاص ٻولي ءَ جي جسلن ۾ شريق ٿيئن جي چاه ڪين رکان پر ان جي باوجود آئون هت آيو  آهيان ، اهو خاص چٽي ريت چوڻ آيو آهيان ته جيئن بنگلاديش جي هندن جي مسئلا پوري هندو سماج جا مسئلا آهن. جيئن ڪشمير جي مسئلو ، ڪشميري پنڊتن جا مسئلا پوري هندستان جا مسئلا پوري هندستان جا مسئلا آهن ، ساڳي ريت سنڌين جا مسئلا ڀلي اهي هند ۾ هجن يا سنڌ ۾ پوري هندو سماج جا مسئلا آهن. اهي هندو سماج جا مسئلا ڀارت جي ورهانڱي سبب وجود ۾ آيا. هي مسئلا هندو سماج ۽ ڀارت جا ڳنڊيل مسئلا آهن ۽ هڪ ويڀَوَ سمپرنتا کي حاصل ڪرڻ ۾ اچڻ واري مشڪليون ۾ هڪڙا مسئلا آهن. اسانجا سنڌي ڀائر جيڪر ماهاراجا ڏاهر کي ياد ڪندا آهن، پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي سوگھو توڙي بچائڻ جو جاکڙو ڪندا آهن، سنڌي ڀومي ۾ ٻهر وسي وڃڻ لاءِ ڪوششيون ڪندا آهن، انهن طره وسي وڃڻ جي آس رکندا آهن ته اها رڳو سنڌي ڀائورن جي ڀلاءِ جي ڳاله ناهي پر پوري هندستان جي ڀلاءِ جي ڳاله آهي. اها ڳاله سنڌين سوڌا اسين اڻ سنڌين ڀارتواسين کي به سمجھڻ کپي. ڀارت جي هر ٻولي ، ڀارتي ٻولي آهي. ڀارت جي هر ٻولي ئي منهنجي مادري ٻولي آهي، جيڪر مان ڀارت ۾ رها ٿو. سنگھ ۾ پاڻ منجھ ڳڏڄاڻيون ٿينديون آهن، سڃاتل ٿي ڪري به سويم سيوڪ ڪڏهن ڪڏهن چوندا آهن جيئن ڪي رواز آهي ته آئون فلاڻي هند جو رهاڪو آهيان ، اوهان ڪٿئون جا سائين .....وعيراه ڀارت جو ڪو به ماڻهو ڪٿي به وڃي وسي ٿو سگھي. سنڌ مان جي اجڙي ويو ته ڪٿي ويو ؟ اسين اميريڪا ته ڪين وياسين ؟ اسين ڀارت ڏانهن آياسين ڪي ٻاهر به ويا پر ان اتي لڏي وڃڻ جي باوجود سندن چاه ڀارت اچڻ جي ئي رهندي آهي ۽ گھٻو تڻو ماڻهو ته ڀارت ڏانهن ئي لڏي آيا جيڪو لازمي به هو. سڄو ڀارت اسانجو آهي !! ته ڀارت آهي ڇا ؟


 ڀارت هڪ ٻولي ناهي، ڀارت هڪ صوبو ناهي، ڀارت هڪ قوم ناهي . سڀ قوم توڙي پنٿءَ ، علاڪا ملي ڀارت ٿئي ٿو. ڀارت اهو اڀنن ريت پاڻي آهي جنهن جا ٽيپا ڌار نٿا ٿي سگھن. جيڪر ٽيپا ڌار ٿيا ته پاڻي پاڻي نه رهندو. ماڻهو ٽيپن جو پاڻي نه چوندا پر پاڻي جا ٽيپا ڪوٺيندا. ڏسڻ ۾ ته ڌار ڪين ٿين پر ڌار ٿيئن بعد پاڻي جو به وجود ئي نه رهندو آهي. ڳڏجي رهڻ سبب ئي پاڻي جو وجود آهي. دِلي کي جيڪر ڀرڻو آهي ته ان ٽيپي ٽيپي سان ئي ڀربو. ٽيپا ڳڏجي رهن تڏهن ئي پاڻي ٺهندو آهي. اوهان ٽيپي کان سواءِ پاڻي حاصل نٿا ڪري سگھو. سو پاڻي کي ناڪاري ٽيپين جو وجود سوگھو نٿو رهي سگھي. ان لاءِ ڀارت جو ڪو ٽيپو بکري وڃي، رُلي وڃي، ڌار ٿي وڃي ته ڀارت اڻپورو آهي. هڪ ٽيپو ڀارت مان گھٽجي ويندو. ڀارت ڪڏهن به پورو نه ٿي سگھندو. هڪ ٽيپو گھٽ ئي سڏائينبو ۽ ان لاءِ ڀارت جو اکنڊ ٿيئڻ ضروري آهي ۽ اهو اپرينههار ۽ انيواريه (ضروري) به آهي. جيڪر اهو نه ٿيو ته دنيا ڪين بچندي. دنيا هلي پئي آهي غلط رايه تي، سک جي ڪڏ. ۽ سک جا ايترا تجربا 2000 سالن ۾ ڪرڻ جي باوجود دنيا ۾ سک ناهي. سو دنيا ڀر جا ماڻهو ڀارتورش ڏاهن ڏسن پيا ته ڀارتورش ڪيئن پنهنجي جاءِ تي بيٺو آهي. پر ڪاڻو ٻوڙو ماڻهو ته بيهي ڪين سگھندو، ڪمزور ماڻهو ته بيهي نه سگھندو. بيمار ماڻهو ته بيهي ڪين سگھندو. ايئن به بيمار ديش، ڪمزور ديش يا ٻوڙو ڪاڻو توڙي لونڱو لنگڙو ديش ته بيهي ڪين سگھندو. ان لاءَ پنهنجي پوري انگن سان گڏ ئي ڀارت کي اٿي بيهڻو پوندو. ان نسبت اوهان جيڪي ڪوششيون ڪري رهيا آهيون سي تمام اهم آهن. آکر ڀارت جي هر ٻولي ئي ڀارت کي سگھو ۽ چاڪ سابت ڪندي. مول ايڪتا تائين پُڄائيندي. ڀارت جو هر پنٿ، ڪر پنٿ مڃيندڙ قوم، ڀارت جي هر جاتي پنهنجي پاڻي ئي اسان کي ان مقصد تائين پُڄائيندي. هر هڪ جو سوگھو ٿيئڻ ۽ سوگھو ٿيئڻ وقط پاڻ هڪ سُتر ۾ ڳنڍجي رهڻ ۽ ان جو ڌيان رکي ڀارت کي سبل ڪرڻو آهي  . اهو سڀ ئي اڳتي هلي ڀارت کي سوگھو ڪندو. هاڻي پنهنجي پنهنجي سگھ کي سڃاڻي پنهنجي تريڪعي سان ملڪ کي سوگھو ڪجي. اوهان پنهنجي مادري ٻوليءَ کي سوگھو پيا ڪيو، ائي ته ڪرڻو ئي کپي ڇاڪاڻ ته بنا ماتر ڀاشا جي ڪو به ماءُ جي پُٽ نٿو سڏائي سگھي. ڀاشا سان گڏ ئي ڀاوَ ايندو آهي.




اسين ڀلي ڪيتري به سٺي انگريزي ڇون نه ڄاڻئون پر اسان جي امنگن ۽ ڀاوَ کي پڌرو ڪرڻ لاءِ پنهنجي ئي ٻولي کپي تي. جيئن انگريزي ۾ اسان جي ڀاوَ پڌرو ڪرڻ لاءِ لفظ جي کوٽ آهي ئي. اسان جي موليه (اصولن ) ۽ جيون جي موليه لاءِ انگريزي ٻولي آئي آهي سي بلڪل ڌار آهن سي ڪي ڳالهيون ته اتي ئي ختم ٿي ٿيو وڃن. جيڪا ڳاله اسان وٽ نٿيون ٿين سو اتي ٿين پيون. ڪا ضائيفا جي اتي ويندي ته سندس سهڻايپ تي چڱيو ڳالهيون ڳالهائو وينديو مثلن اکيون ڪيترون سهڻيون اٿي، لنڱ ڪيترو ڪُئرو اٿي، وڳا ڪيترا سُهڻي اٿي. اهو سڀ کلي عام سڀن جي سامهون بيان ڪيو ويندو. ان ضائيفا جي منهن سامهون به . ان تي نه اها ضائيفا ڪاوڙبي نه ٿي ڳالهائندڙ کي ڪو حجاب ٿيندو. هاٿيون ضائيفا ڀليڪار ڏيندس ۽ ٿينڪيو به چوندي دير نه ڪندي. پر هت ڪنهن ضائيفا جي غير موجودگي ۾ به جيڪر اڙها لفظ چار مردن جي وچ ۾ به ڳالهابا ته منهن تي پادر پوندي دير ڪين لڳيندي. چار ماڻهو ۾ هت به ڪو مرد پنهنجي جوڻس کي پنهنجي اولاد جي ماءُ ڪري سڏ ڪري. رامءَ جي ماءُ ڪري سڏ ايئن ڪري ڪوٺيندو. اسين ايئن ان لاءِ چئو ڇاڪاڻ ته اسين سموري زال جات کي ماءُ جي روپ ۾ ڏسندا آهيون. اسين ضائيفائون ۾ ماءُ جو رڳپ ڏسندا آهيون. هو ضائيفائون کي ڀوگ جي هڪ شيءِ مڃيندا آهن ، جنهن سواءِ جيون جو اپيوڳ ممڪن ناهي، ايڙهو هڪ ضروري ساٿي آهي ، ٻيو ڪجه به نه .ايئن هڪ ضرور ساٿي آهي ٻيو ڪجه به نه .اسان اهو مڃيندا آهيون ضائيفا جڳت جنني ، جڳدمبا جو روپ آهي. انهن سبب ڪماري (اڻ پرڻيل ڇوڪري) پوڄا جو رواج آهي. ڪُئاري ڇوڪرين کان پيري به ڪين پوڻ ڏئون. ماڻهو هنن کي پيري پون. ايڙها رواج اسان وٽ آهن . اهي اسان جي مُليون جو وڇوٽيون آهن. جيڪر ان کي ٻولي جي نسبت رکئون ته انهن سڀن ڳالهيون جو ڪو وجود ئي انگريزي ۾ ناهي. انهي لاءِ اسان جيڙو ڀاشا کپي. اسان جي ڀاو توڙي وهنوار جو جيڪر وڪاس ڪرڻو آهي ته اهو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي ممڪن آهي. اسان ڀاون کي جيڪر وڪاس ڪرڻو آهي ته اسانجي پنهنجي ٻوليءِ کي زنداه رکڻو پوندي. اوهان هت جيڪي وڏا ويٺا آهون اوهان کي ڪجه به ڇوڻ جي ضرورت ڪين ٿو سمجھان. اوهان سنڌي ٻولي سٺي ريت ڄاڻو. پر اوهان پنهنجي گھر ۾ ڌيان ڌئو. نئين ٽهي ان کي وساري پئي. وسارڻو ناهي. ايئندڙ ٽهي پنهنجي اڳوڻي جنم ڀومي کي نه وساري. پنهنجي اڳوڻي وارسن کي نه وساري. پنهنجي ٻولي ڪين وساري. ملڪ  انهن ۾ زنداه رندو آهي. ۽ سنڌي ٻولي جي ياد. سنڌي ڀاشا جو ڳيان . سنڌ جي ياد ۽ سنڌ جي تاريخ ۽  ماهاپُرُشن جو گيان ، اهو سڀ ڀارتيتا جو ئي گيان ته آهي . ڀاتيه پُروجن (وڏن) جو اتهاس ، ڀارت جي حصي جو ڳيان آهي. جيڪر ان کي وساربو ته اهو پنهنجي ڪنڌن جي وسارڻ جيڙهو ٿيندو. مان پنهنجي پيرن جي ڳڻتي ڪين ڪئي . باڪي سڀ ٺيڪ آهيان ۽ پنڌ هلي رهيو آهيان . پير سان اڀٿو سڀتو هلڻ سبب موچ اچي وئي ته هينئر هلي ڪين ٿو سگھان. ۽ منهنجو شرير کي به ويهي رهڻو پوندو. هند تي ليٽڻوپوندو. ٻه ٽي ڏنهن هلڻ جي لايڪ ڪين رهندس. جيستائين پير ٺيڪ نه پيو ٿئي. تيستائين ڇرڻ پرڻ بند رهندو. ته سڀني کي ياد رکڻو پوندو ۽ اوهان کي ته خاص ڪري اسانکي سڌي وراست ملي آهي. ان وراست کي ياد رکڻو آهي ڇا ڪاڻ ته اڄ دنيا ۾ وري ساڳي لڙائي پئي ٿئي . سڄي دنيا اهائي لڙائي لڙي پئي جنهن لاءِ سيناپتي ٻيو ڪين ملون سواءِ ڀارت جي. ڀارت کي سيناپتي بڻي بيهڻو پوندو. سڄي دنيا ۾ ڪٽرپڻ ۽ ادارتا جي لڙائي پئي هلي. ڪپٽ (تال)  ۽ سِڌي جي جنگھ پئي هلي. سڄي دنيا ۾ سڀ ملڪن جا ماڻهو لڙائي پيا ڪن پر کين رايه ڏيکارڻ وارو ، سوڀ ڏانهن گني وڃڻ وارو ڪو به ناهي . اهو ڪم ڀارت کي ڪرڻو آهي. ته ڀارتورش کي اٿي بيهڻو پوندو. ۽ ڀارتورش بنا پنهنجي ٻوليون جي ، پنهنجي صوبن جي عوام جي بنا، پنهنجي صوبن جي ڀومي کان سواءِ اٿي نٿو بيهي سگھي، ۽ ان جي لاءِ ڀارتورش اڳنڊ (يونائيٽيڊ) ناهي پر اکنڊ ڀارت آهي. اُتئون جي هندن ۾،  اسان ۾،  اهو مهفوظ آهي. ان کي ايترو بلوان بڻايڻو آهي ڀوتڪ طره سان ، ويڀو سنپرن ، شڪتي سمپرن، سمرس ٿي بيهي. اسان کي سچ جو اظهار ڪرڻو آهي. اسانکي ٻيو ڪجه به نه ڪرڻو آهي. سچ جي پُٺيان اسان کي پوري طاڪت بيهائڻي پوندي تڏهن ئي سچ جي جيت ٿيندي. سچ ڪڏهن به مريندو ناهي. سچ کي زنداه رهڻ جي سگھ رهندي آهي. سچ امر آهي ڇاڪاڻ ته سچ ايشور جو انگ آهي. سچ ئي ايشور آهي ۽ ايشور ئي سچ آهي. پر ان کي ساڪار روپ ڏيئڻ لاءِ شڪتي کپي. ۽ اها شڪتي عوام جي وهنوار ۾ هوندي آهي اهي اسين عام ماڻهو آهيون. پورو هندو سماج آهي. پنهنجي سڀ ڀاشا ڀاشي سان گڏ هندو سماج آهي . پنهنجي وراسيت کي ڌيان ۾ رکو . پنهنجي وراست کي وري زنداه ڪيو. پنهنجي ڀومي تي اٿي بيهو. اهو ٿي پوي ته سڄي دنيا کي هڪ سيناپتي ملي وڃي. سڄي دنيا جي حياتي سهڻي ٿي پوي. سڄي دنيا جو حياتي اکنڊ ٿي پوي. انسانيت هڪ ڪٽنب جي روپ ۾ آچرن ڪري پرمرماتما جي ڏانهن قدم وڌايون. اها ئي ڳاله اسان جا سنت ڪندا آهن.




اسانجي سنتن جي چاه مهدود نه رهندي آهي، ڪنهن به هڪ خاص علائيڪي جي نه هوندي آهي. ڪنهن ملڪ جي لاءِ نه هوندي آهي، هو چوندا آهن ته پوري دنيا سکي  ٿئي. “سروَ تو سکي نه سنتُ سروي سنتُ نِرامَيا سروَي ڀدراڻي پَشَچنتُ ما ڪاشچتِ دُک ڀاگ ڀويد” _ ڪنهن کي به ڏک نه ٿئي سڀني کي سٺو ئي ڏسڻ ۾ ملي. ددو؛ شانتي، انتريش سانتي، پريٿوي سانتي، سانتي به سانتي ٿي وڃي. سڄي دنيا جي سانتي جي دئايو گھُرڻ واري رشي مُني جا وارث آهيون اسين. سندن وراست کي پنهنجي حياتي ۾ ڪم آنڻو آهي ، ان وهنوار لاءِ جاکڙو ضروري  آهي. اِشور سڀنن جو امتهان وٺندو آهي. اسان جو به پيو وٺي ۽ وٺندو رهندو. امتهان ۾ سوڀرو ٿيئڻ لاءِ پيپر ۾ جواب ڪيئن لکڻا کپن، ڪيئن اسان کي امتهان ڏيئڻو کپي اهي سڀ ڳالهيون مهاراجا ڏاهرسين پنهنجي حياتي جي ضريئي ٻُڌايو. انهن کي نه وسارو. هن حياتي اسان کي سيکارو آهي ته ڀومي ۾ ڪيئن رهجي. اوهان سوچو ته ان حياتي ۾ اسان کي جيئڻو آهي ۽ جيڪر ڀومي ملي آهي عربيستان واڱر جيڪا ڪجه به نٿي ڏي ته اسان جي اڳيان ڪيڙهي  واٽ رهي ٿي ؟ اسين به ان رڻ ۾ ايندڙ ويندڙ واڻيونڪي . ڪافيلن کي شيوا ڪيون ٿا ، ننڊا ننڊا ڪم ايمانداري سان ڪيو ٿا وڌيڪ وقط سيڙائي ڪيو ٿا ڇا ڪاڻ ته اها ڪا سٿائي نوڪري ناهي. اڄ وارو ڪم وري ملڻو کپي. ۽ جيڪر اهو نٿو ٿي سگھي ته هٿ ۾ تلوار کڻي ماڻهون کي فُرڻ . اسان ڦُرئون ته وري اسان کي به ڦُرڻ وارا پيدا ٿين. ته اسان کي هميشاه تيار ٿي رهڻو پوندو. ايئن اسانجو سڀاءُ ٿيندو. اسان جو سڀاءُ ڪين ٿيو . ڇو ڪين ٿيو ؟ هماليه کان وٺي ننهن پاسي سمُنڊ تائين فيليل اسان جو ڀارت ڀومي وِوِڌا سان ڀريل آهي. سڀ ڪجه ڏيندي آهي ، سڀنن کي ڏيندي آهي ، سڀنن لاءِ اهو پورو ٿو پوي. پاڻ ۾ وڙهڻ جي ضرورت ناهي پنهنجي ميهنت ڪيو ، پنهنجي ڀومي ۾ . جام ڪمايو، جام کائو، سڀني کي ڏيندا وڃو. ٻاهرون آيل به چا ماڻهو اسان کان پڇندا ناهن ته اسانجو دين ڌرم ڪيڙهو آهي. ؟ ڇا ڪاڻ ته اسانجي جدا جدا پنٿن ۾ جيئڻ جي عادت آهي. جدا جدا ٻوليون جي ڳالهائندڙ اسين هڪ جي ڀاتي ريت        گڏ رهي سگھندا آهيون، اها اسانجي عادت آهي. اسين سڀن کي چئون “ اچو اوهان به وسو، اوهان به کائو” اسان کي سوچڻ يا منٿن ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي. سڄي دنيا ڪيئن هلي سگھي اها ان جي مثال اساجي حياتي ۾ آهي، اسانجي وراست ۾ آهي. ڇو ؟ ڇاڪاڻ ته اساجي ڀومي ئي ڪجه ايئن آهي. ان ماتر ڀومي کي اصل ئي نه وسارجو، ان کان سواءِ اساجو ڌرم اسانجي ثقافت به ناهي ڇاڪاڻ ته ان ڀومو اسان کي اها رايه ٿوڙي ڏس ڏنو آهي. انهي اسانکي چيو آهي ته جيڪر حياتي بنا لڙائي جي جيڪر حياتي هلي ٿي سگي ته پوءِ کتري ۾ پوڻ جي ضرورت ئي ڪيڙهي آهي ؟ ڇو پنهنجي هانءُ کي خراب پيا ڪيو غلط ويچارن سان. سچ تي هلو، پيار سان هلي، ڳڏجي هلو، اهينسا سان هلو،ايئن ڪندي ڪندي اِشور جو روپ ٺهيو. اهو ان ڀومي جو ڌين آهي جيڪا اسانجو رڳو شرير جو ڌيان ئي نٿي رکي پر اسانجو سڀاءُ، اسنجي سوچ سڀ ان ڀومي سبب ئي ته آهي. ان لاءِ اسين ان ڀومي کي ڀارت ماتا چوندا آهيون. ان ڀومي کي نه وسارجو. ان جو هڪ انگ اڄ ٻاهر آهي. پنهنجي سگھ جي ذور تي ان کي موٽائي وٺي اينداسين. جيئن موٽائي سگئون ، موٽائي گني اينداسين. پيار سان جيڪر ٿي سگھي ته پيار سان نه ته جيڪر جاکڙو ڪرڻو پيو ته جاکڙو ڪنداسين پر ان لاءِ اسين اڳواٽ تيار ته ٿِئون ؟؟؟ اسين ياد ته رکون ته ڪيڙهو اساجو هو . اسين ياد ته رکئون ته اسانجو جيڪو هو اهو اسانجو رهڻ لاءِ اساجي مهاپرُشن ڪيڙهو ڪيڙهو اتهاس رچو .ڪيڙهي ڪيڙهي شهادت ڏنيون ؟ نئين ٽهي کي اها ڄاڻ ساڊهي  رکڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اهو جاکڙو ڪو هڪ ٻن سالن جو ناهي. هي حزارن سالن کان پيو هلندو اچي ۽ مونهنجي ليکي، مان غلط به ٿو ٿي سگھان ته اڃا 50 ٿوڙي 60 سالن تائين هلندو. جيڪر ان جاکڙي سان سوڀ حاصل ڪرڻو آهي ته ايندڙ ٻه ٽي ٽهيون کي جاکڙو ڪرڻو پوندو. پنهنجي حياتي سڙي ته ڀلي سڙي. ڀارت ورش کي ٻيو ڪو به خترو ناهي. باڪي خترا اسان جي اڳيان حزارن سالن کان نچِن پيا. اسين پنهنجي تاريخ ۾ ۽ پنهنجي حال ۾ ڏه ڏه ڀيڙا کين  پِڇاڙو آهي . هو اسانکي ختم ڪين ڪري سگھيا آهيون پر جنهن سبب هو حزارن سالن بعد به اسانجي اڳيان نچن پيا ته يقينن اها اسانجي ڪمزوري آهي. ان ڪمزوري کي پري ڪرڻي آهي. اسان جي پنهنجي کوٽ کي پري ڪرڻو آهي. ۽ اسين ان کوٽ کي تڏهن پري ڪري سگھنداسين جڏهن اسان کي پنهن ماضي ۾ وڏن جي جاکڙي جي ڄاڻ هوندي. پنهنجي وڏن بابت ڄاڻ هندي. راجا جنمجيه جي سرپ (نانگ) يڳه ۾ هنسا پئي ٿئي. ان هنسا کي روڪڻ جي نسبت رشي آيا . سندن ان کي بند ڪرايو ۽ راجا جنمديه وٽ ڪٿا ڪرائي. ان ڪٿا ۾ ڇا چيو ويو ؟ راجا جنمديه جا وڏا ڪورَو توڙي پانڊوَ جي ڪٿا ٻُڌائي وئي . ڌرم جي هلڻ کي ڪيئن صحيح رکجي ، ۽ ان جي باوجود اهنسا پريم کي ڪيئن مڃينجي ، ان ۾ رڪاُٽيون ڪيئن نه اچڻ ڏينجي. راجا رامچندر جي بنواس جي ڏنهن جون رشين جو ڪهاڻيون ٻڌايو رگھووَنش جي اهميت ٻڌائي. هنومان جي جي سگھ جاگريت ڪرڻ لاءِ ، هنومان جي کي جامونت جي  جي ڪٿا ٻُڌائي . ان جو ئي اڳوڻو گيان ڏنو. اسان کي به پنهنجي تاريخ ياد رکڻي پوندي.




 اسانکي کي به پنهنجي مهاپُرُشن جو گيان حاصل ڪرڻو پوندو. سندن حياتي کي ياد ڪري پنهنجي حياتي ۾ ساڳي ڪار ڪرڻي آهي.نئين ٽهي ۾ اهو ساڳيو گيان ونڊايڻو آهي. ان سوچ کي ۽ ان جاکڙي کي اڳتي وڌائيندي وڌائيندي دنيا جي سانتي جي لاءِ. اڄ اسان جا ويري تي جيڪي شڪتيو بيٽيو آهن انهن جي به ڀلاءِ جي لاءِ انهن شڪتيون کي ياد رکڻو آهي. انهي جي نسبت اوهان جو هي پرياس (ڪوشش) ان وڏي پرياس جو حصو آهي . ۽ ان لاءِ آئون ڀارتيه سنڌو سڀا جي هڪ ٻه ڀيڙا ڇوڻ تي پنهنجو ڪاريڪرم گھٽ ڪري هت آيو آهيان . هت اچڻ بعد جڏهن آئون ڏٺو ته سڀ سنت آشرواد ڏيئڻ لاءِ موجود آهن ته مونکي لڳو ته جيڪر آئون به به اچا ها ته هلي ها. ڇاڪاڻ ته جيڪو مونکي ڇوڻو هو سو هنن هت اچي سان پنهنجي پاڻ ئي  چئي ڏنو آهي سندن سنديش (هدايتون) جو جپ ڪيو. پنهنجي ماضي کي اڄاڳر ڪيو. پنهنجي وهنوار کي ان سوچ سان اڳتي وڌايو ۽ پنهنجي نئين ٽهي ڪي ان سنسڪارن ۾ پالي وڏو ڪيو. پنهنجي ديس، دنيا ۽ پنهنجي پاڻ کي ان اصلن تي اڳتي وڌايو. اسان کي اهو سڀ وسارڻو ناهي ان لاءِ اسين اڄ مهاراجا ڏاهرسين سمارڪ تي اڄ اسان مڙيا آهيو. اسان کي ياد رکڻو آهي، ياد ڪرائڻ جو ڪم اسمارڪ جو آهي  جيڪو تمام بيهترين نموني ٺهل آهي . سڄو اتهاس هت آهي. هڪ ڀيڙي ڪو ڏسي ته تروتاجا ٿي پوي. پر ان تاريخ کي پنهنجي هانءُ ۾ سانڊي رکڻ ۽ ان تاريخي مهاپُرُشن واڱر پنهنجي حياتي کي اڳتي وڌائڻ اسان جي هٿن ۾ اهي. اڙهيون روايون اسين پنهنجي نئين ٽهي کي وراست ۾ ڏئون ان سوچ سان اسين هٿئون موٽئون.                

  

April 13, 2012

هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڏوهاڙو





اسين هندستان جا سنڌي ڏهين اپريل سنڌي ٻولي توڙي سنڌيت جو ڏوهاڙو ڪري مڃائون. سنڌي ٻولي ڏوهاڙو ان لاءِ جي اڄ جي ڏنهن 1967 ۾ نيٺ هندستان ڪي مرڪجي حڪومت سنڌي ٻوليءَ کي هندستان جي سنويڌان جي اٺين سيڊول ۾ جاءِ ڏني، ۽ سنڌيت ڏنهن ان لاءِ جي هندستان ۾ رهندڙ اها ٻولي ئي آهي جنهن جي ذور تي اسين کي هڪ ريت ٻهر جنم ڏنو. ٻوليءَ جي نسبت ٻهر ڄڻن جي ڳاله ان لاءِ ٿي اچي ڇا  ڪاڻ ته ورهانڱي بعد هند توڙي سنڌ جا سنڌي پنهنجي پنهنجي ڌار  راه ڏنهن وڌياسين. سنڌ جا هندو ڌارين ۾ اچي وسيا ته سنڌ جا سنڌين ۾ ڌاريا اچي وسيا. اسان تي وڏي ۾ وڏو وار ٻوليءَ جي نسبت ٿيو ۽ اٿئون ئي شروع ٿيو ٻوليءَ جو پنرجنم . هند ۾ سنڌي وهن سالن جي جاکڙي بعد نيٺ ڪاميابي ماڻي ته سنڌ ۾ جوتوڻيڪ دفتري ٻوليءَ جي ڏس ۾ ڪاميابي ته ملي ته سنڌي اهو فيسئلو ڪڏهن عمل ۾ ڪون آڻي سگھيا.

هندستان ۾ جيتوڻيڪ سنڌي کي طمليم ڪيو ويو پر اهو سفر به ايترو سهُلو ڪون هو. وارهاڱي بعد نهرو سنڌي ٻوليءَ کي طسليم ڪرڻ جي گھُر کي سري کان  ناڪاري ڇڏيو هو . سندس ليکي سنڌي ٻولي ڳالهائندڙن جي تعداد تمام ٿوڙي آهي سو جيڪر سنڌي کي طسليم ڪيو ويو ته سنڌي واڱر (ڳالهائندڙ  جي  تعداد جي مدينظر) هر ٻوليءَ کي طسليم ڪرڻو پوندو. دراصل نهرو ان ڳاله کي نظرانداز ڪيو ته ٻوليون جو ميار رڳو ڳالهائندڙ جي ڳڻپ تي ئي رڳو دارومدار نٿو رکي . سنڌي ڀلي ڳڻپ ۾ ٿوڙا هئا پر ٻولي جي ميار جي  نظر سان سنڌي جو هندستان جي ڪنهن به وڏي ٻوليءَ کان گھٽ نه آهي

نهرو جي غلط هو ان جو وڏي ۾ وڏو مثال ڪاشميري ٻولي ءَ ڏنو جيڪا چوڻ لاءِ ته جمعو ڪاشمير جي مول ٻولي آهي پر صوبي جي  دفتري ٻولي اردو آهي. وائيڙو ڪندڙ ته اها ڳاله آهي جي اها ٻولي جمعو ڪاشمير جي صوبي ۾ ڪنهن جي به مادري ٻولي ناهي. ڪاشميري ٻولي لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته اها ٻولي تعليم جي لايڪ ناهي مطلب ان جو ميار اردو جيڙهو ناهي. اجيب جيڙهي ڳاله اها آهي جي ڪشميري ٻوليءَ کي 1947 ۾ ئي طسليم  ڪيو ويو جڏهن ته سنڌي کي 20 سالن تائين جاکڙو ڪرڻو پيو.


جڏهن سنڌي ٻوليءِ جي نسبت جاکڙو ڪرڻ شروع ڪيو تنهن مهل سنڌ جو ڪانگريسي اڳواڻ سري جيرامداس دولترام جو چوڻ هو ته ٻوليءَ جي سڌي سهين واٽ انسانن سان ٿيندي آهي  نه نڪي ڪنهن الائيڪي سان ، اسين سنڌي چو ته هندستان جي ڪنڊڪُرچ ۾ ٽريل پکريل آهيون سو سنڌي ٻوليءَ کي طسليم ڪيو وڃي ڇا ڪاڻ ته سنڌي ٻولي لڏي آيل سنڌين جي ٻولي آهي. اڄ سنڌ کان ٻاهر رهندڙن سنڌين لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته اسين جيرام داس دولترام جي چول ڳاله کي سمجھئون. هڪ لڱي ڏسجي ته اڄ دنيا ۾ ايڙهيون جام ٻُليون آهن جيڪي پنهنجي الاڪي کان ٻاهر پنپن ٿيون مثال جي طور  ڏکڻ اميريڪا ۾ اسپينيش، ايلجيريئا ۾ فرانسسي يا وري هندستان ۾ انگريزي. وڏي ڳاله ته اها آهي جي اهي ٻوليون اڄ به پنهنجي پوري زور تي آهي جڏهن ته ان ٻوليون کي فهلائڻ وارا ڏڪاڪن اڳ لڏي پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن هليا ويا.

ورهاڱي بعد چيو ويندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي طسليم جو جاکڙو “سنسار سماچار” نالي جي اخبار پارا شروع ٿيو جنهنجو جو سمپادڪ شري ٺاڪرداس اڳناڻي هئا. جيڪو سلسلو شري ٺاڪرداس جي سنسار سماچار پارا شروع ٿيو سو نيٺ ٻوليءَ جي طسليم سان وڄي نبرو جڏهن سنڌي ٻولي 10 اپريس 1967 ۾ هندستان جي سنوڌان ۾ پنهنجي هاڻوڪي جاءِ والاري. اهي لڙائي ڀلي هيئر عام لڙائي لڳي پر ان لڙائي ، ان جاکڙي جي اهميت ان لاءَ جام وڌيڪ آهي ڇا ڪاڻ ته ان وقط نه رڳو سنڌين کي هندستان ۾ ڪو خصوسي الاڪو نه هو پر اسانجي وڏي تعداد ڪيپن مان هڪ هڪ ويلي لاءِ ڳڻتيون ڪندي هئي.

سنڌي ٻوليءَ جي طسلم  ٿيئڻ جي خوشي لپيءَ جي ڳوڙءَ ناس ڪئي. اهو لپيءَ جو مسئلو ئي آهي جيڪو اڄ به هندستان ۾ ٻوليءَ جي واڌاري جي نسبت روڙو بڻيو پيو آهي. ورهاڱي بعد جڏهن لپيءَ جو مسئلو اٿيو ته اهو چئي ان مسئلي کان منهن موڙيو ويو ته جيئن سنڌ ۾ حالتيون عمن واريون ٿينديون سنڌ موٽي وڃبو. ڪجه سالن ۾ ان ناري کي ڪجه  فيرائي چيو ويو ته سائين اسين ڀلي هند ۾ ٿا رهئون پر سنڌ وارن سان اسان کي واٽ رکڻي آهي جنهن ۾ ان لپيءَ جو وڏو ڪردار رهندو. اهو ترڪُ يا سوچ به غلط سابت ٿي ڇو ته سنڌي سرهد جي ٻنهن پاسي سنڌي  اها ڪون رهي آهي جيڪا  ورهاڱي کان اڳ هئي. اڄ جي سنڌي ۾ جام فيرو آهي جيڪو ڪنهن ڪدر هندي اردو جي ڀيٽ کان به گھٽ ناهي. اڄ سنڌ ۾ سنڌي جي اها حالت آهي جي هندستان جي سنڌين کي سنڌ واري سنڌي سمجھڻ لاءِ هڪ اردو لغت جي سکت ضرورت پئي ٿي.اڄ جي سنڌي اردو جي رڱ سان رڱيل آهي.

ٻئي پاسي ديوناگري وارن به ڪي گھٽ ويل ڪون ڪيا. ديوناگري لپيءَ کي هندوتَوَ ساڻ ڳنڍي ايڙهو ته منهن ڪارو ڪيو وري اها ٻولي ورهاڱي کان اڳ واري موز ڪون ماڻي سگھي. ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيڪر لپيءَ جي نسبت ڪنهن ڪدر سنجيدگي سنڌي ڏيکارن ها ته سايد هالت ايتري خراب ڪون ٿئي ها. 1967 ۾ جڏهن  سنڌي هندستان جي  سنويڌان ۾ پنهنجي جاءِ والاري تنهن مهل حڪومت پنهنجي بيهترين سمجھ ڏيکاريندي ان لپيءَ بابت فيسلو سنڌين تي ڇڏو. حڪومت جو نظريئو بلڪل صاف هو ته ٻولي سنڌين جي آهي سو سنڌين کي ئي ان ۾ آخري فيسلو وٺڻ جو حق آهي. حڪومت اهي غلتيون نه پئي ڪئي جيڪا انگريزن سنڌ ۾ ڪئي هئي. ورهاڱو هڪ بيهترين موڪعو ڏنو هو لپي جي مسئلي جي نبري جي نسبت. اسين جيڪر تنهن مهل واڻيڪي کي به مول سنڌي لپي طسمليم ڪيون ها ته به سايد هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حالت ڪنهن ڪدر سٺي هجي ها. گھٽ ۾ گھٽ رومن رومن وارا رڳڙا ڪون اچن هان جيڪي اسين هينئر ڏسئون پيا.

جيڪر پڇاڙيءَ جي 40 سالن ڏانهن ڌيان ڏجي (جان کان هندستان ۾ سنڌي ٻولي طسليم ٿي آهي) ته لپيءَ جو مسئلو هاٿئون وڌيو آهي ڇاڪاڻ ته هينئر ان فهرست ۾ ٽهن لپي رومن اچي سيڙجي بيٺي آهي. رومن لاءَ اهو ٿو چوڻ ۾ اچي ٿو  ته سنڌي سٺ ملڪن ۾ ٿا رهن، جن کي نه ته ديوناگري ۽ نه ئي وري عربي پئي اچي سو رومن اپڃائڻي کپي هاڻي سوال اهو آهي ته جڏهن گجراتي يا پنجابي (سک) جيڪي سنڌين واڱر دنيا جي ڪنڊ ڪُڙچ ۾ رهن ٿا سي جيڪر پنهنجي ٻولي پرڏيه ۾ لکي پڙهي سگھن ٿا ته اسين ڇو نه ؟؟ اهو ڇو آهي ته سنڌين جي پيٽ ۾ سور ٿو پوي؟؟. وري وائيڙو ڪندڙ اها ڳاله آهي جي ان جو پرچار به هندستان ۾ جام پيو ڪيو وڃي جٿي هر ڪنهن سنڌي کي ديوناگري اچي ٿي!!!!

لپيءَ جي نسبت مسئلو آهي جي اسين هندو سنڌين سڀ ڪجه ڄاڻيندي به ڪڏهن ٻوليءَ جي جڙن کي احميت ڪون ڏني. ورهاڱي بعد به واڻيڪي اسين سنڌين کي اوتري نڄ يا سيڪولر ڪو لڳي جيتري عربي لپي جڏهن ته اها لپي مسلمانن کي به ايندي هئي. جيڪر صحيح وقط تي صحيح فيسئلا ورتا وڃن ها ته سايد سنڌي به هڪ پکتي ٻولي ٿي پوي ها جيئن گجراتي يا پنجابي آهي هندستان ۾. لپي ته هندستان  گجراتي ۽ مراٺي به پئي مٺيون آهن پر جڏهن ته هو ان سان اهي ٻوليون اڳتي وڌنديون ويو، پر  سنڌي پوئيتي ٿيندي وئي. اها ڳاله ته هندستان جا عربي لپيءَ جا حمايتي به مڃندا آهن ته سنڌي جو هڪ اٽوٽ رستو رهيو آهي سنسڪرت سان پر جڏهن لپي جي ڳاله ايندي آهي هو پڇاڙيءَ جي ستر سالن کان اها طوطي واڱر سٽ دهرائيندا آهن ته سائين اسان کي سنڌ سان واٽ رکڻي آهي جڏهن ته سنڌ مان هندون جي لڏپڻ 1947 کان ڪڏهن بند ئي ڪون ٿي آهي. چيو ويندو آهي ته 1950 ۾ 13 سيڪڙو هندو سنڌ ۾ رهندا هئا پر هينئر مس جيڙها 1 يا 2 سيڪڙو. جيتوڻيڪ سنڌين ۾ (هند توڙي سنڌ) ۾ ٻوليءَ جي نسبت ڏي وٽ کان انڪار نٿو ڪري سگھجي پر جيڪر هندن کي ئي لپي جي نسبت سمجوتا ڪرڻ لاءِ  مجبور ڪيو ويندو ته ان سان هند ۾ سنڌي ٻولي کي نڪصان پُجيندو جيئن پڇاڙي ءَ جي 40 سالن ۾ پيو آهي.  ٻوليو ليکڪن جي زور تي نه پر عوام جي زور تي پکتيون ٿينديون آهن. جيڪر ايئن ٿئي ها ته سنسڪرت به سندس ليکڪن سبب هڪ وڏي ٻولي سابت ٿئي ها. اها مرل ٻولي ڪون ليکي وڃي ها.

هڪ لڱي ڏسجي ته انگريزي هر ڀارتيه ٻوليءَ جي چيله ڀڃي آهي. هندستان ۾ ايڙهي ڪا به ٻولي ناهي جنهن کي انگريزي نڪسان ڪون رسايو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر  هندي جيڪا هن ملڪ جي اڌ آبادي ۽ دنيا جي ٻئي نمبر جي ٻولي ڳڻي ويندي آهي سان به ان انگريزي جي دٻائو کي پل پل مهسوس ڪندي آهي. مطلب صاف آهي ته سنڌي کي به ٻئي هندستني ٻولي واڱر ئي جاکڙو ڪرڻو آهي. جيڪي سنڌي هندستان ۾ صوبي جو نه هجڻ سبب ٻوليءَ کان پاسيرو ٿيئڻ جا سبب ٻڌائيندا آهن تن کي اها ڳاله بلڪل نه وسارڻ کپي ته هندستان ۾ صوبا مس جيڙها 25 آهن جڏهن ته ٻوليون سَوَن ۾آهن سو جيڪر صوبن کان سواءِ اڻ سنڌي ٻوليون پنهنجو وجود سوگھو ڪري ٿيو سگھن ته پوءِ سنڌي ڇو نه ؟؟

ٻوليءَ جو طسليم هڪ  پڙاءُ هو سنڌي ٻوليءَ جي جاکڙي جي نسبت. پر ان سان اهو بلڪل نه سمگھڻو کپي ته سنڌي هينئر پنهنجي مڪام تي پڳي آهي. سنڌين کي ياد هوندو ته جڏهن ميٿَلي (يو پي ۽ بهار جي ٻولي) جڏهن پنهنجي لڙائي شروع ڪئي ته انهن جي ڪن حمايتن سنڌي ٻوليءَ  تي وار ڪيا بلڪل انهن ريت جنهن ريت هندستان جي قومي تراڻي مان سنڌ لفظ ٻاهر ڪڏهن مهل وار ٿيا هئا. هي اهي ساڳيا هئا جن چيو ته سائين سنڌي ته پاڻ ۾ به سنڌي ڪون ڳالهيائن ته ٻولي ٻولي جي قومي ٻوليءَ جو درجو ڇو. اهي سڀ وار تيستائين ٿيندا رهدا جيستائين اسين سنڌي ٻوليءَ جو مانُ نه ڪنداسين.

ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هندستان ۾ سنڌين کي پنهنجي ملڪ جيڙهو مانُ مليو آهي ، اهو ئي سبب آهي ته اسين نئين ٽهي کي ڪڏهن به سنڌ جو وڇوڙو ياد نه ايندو آهي، ها صوبي هجي ها ته يقينن خوشي ٿئي ها. هندستان جي مهانتا رڳو ان ۾ ناهي جي سنڌ جي هندو برادري کي ڏکي وقط ۾ آسيرو ڏنو پر لاءِ جي  سنڌي جيڪا هندستان جي مول آبادي جا مس جيڙها 0.25 سيڪڙون آهن مطلب هڪ سيڪڙي جو چوٿو حصو تن جي ٻوليءَ کي به قومي ٻولي ڪرار ڏني. سايد ئي ڪو ملڪ هوندو جنهن پنهنجي ٿوڙائي واري قوم جي ٻولي کي ارترو مانُ ڏنو هوندو. اسان جا ڪي ليکڪ برادري ڀلي هائي سنڌ  گھوڙا هائي سنڌ  گھوڙا سنڌ ڪن پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هت سنڌين کي مسئلن هجڻ جي باوجود سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي هندو برادي کان جام گھڻو سک آهي.

هندستان جي سنڌين کي ڪو به صوبو ناهي پر ملڪ آهي. اها ڳاله ته نهرو به ڇوندو هو ته “سنڌين کي سڄو هندستان آهي، جتي وڻن اتي وسن” جيڪر اسين ڪچڇ ۽ جيسلمير ۾ وسيون ها ته سايد اتي سنڌي ٻولي به دفتري ٻولي هجي ها. پر اسين سنڌي ايئن ڪون ڪيوسين. سايد هندستان ۾ تڪڙ ۾ وسڻ جي چاه اسان کي ايئن ڪرڻ ڪون ڏنو. پر ان سڀني جي باوجود سنڌي کي اها ڳاله بلڪل نه وسارڻ کپي ته اسان جو وجود ٻولي سبب آهي ۽ جيڪر اسانجي ٻولي محفوظ رهي تڏهن ئي اسين محفوظ رهنداسين.

اڄ اهو تمام ضروري آهي ته اسين سنڌي اڄ جي ڏنهن  ان سنڌين توڙي اڻ سنڌين جا ٿوڙا مڃئون جن جي جاکڙي سبب اڄ هندستان ۾ سنڌي ٻولي هڪ قومي ٻوليءَ جي جاءِ ٿي والاري. اسان کي ان هندي ليکڪ جا به ٿوڙا مڃڻ کپن جن جي همايت سبب اڄ هندستان ۾ سنڌي ٻولي کي اهو درجو حاصل آهي جيڪو سنڌ ۾ به سنڌي ٻولي کي ناهي.
اچو ته سنڌي ٻوليءَ جي ان عاشڪن کي ياد ڪئون جن جي سبب 10 اپريل 1967 جو ڏنهن ياد ڪيو ويندو آهي.
 

   

March 26, 2012

ڇا تڏهن به سنڌ صوفي ڪوٺبو ؟؟؟؟؟..........



جان کان سنڌ (توڙي سنڌ کان ٻاهر ) ۾ رنڪل ڪماريءَ جو مسئلو ميڊيا جي صُرکيون بڻيو آهي سنڌ جا هندو توڙي سيول سوسائيٽي ايتجاجن ۾ آهن.  هڪ لڱي ڏسجي ته سنڌ ۾ ايڙهيون وارداتيون  مثلن نياڻيون جو اغوا ڪرڻ بعد جبرن دين ڌرم مٽائي راتون رات پنهنجي چاه جو پرڻو جو نالو ڏئي پرڻائڻ،  مردن کي اغوا ڪرڻ بعد ڪتل ڪتل ڪرڻ يا ڪو به ڪو منهن ڪري هندن جي الاڪي ۾ ڪاهي اچڻ.ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي انگريزن کان اڳ ايڙهيون وارداتيون جام ٿيون. تنهن مهل اڄ جيڙهي ميڊيا ته هئي ڪونه جي اهي وارداتيون ريڪارڊ ڪيو وڃي . انگريجن جي ڏنهن ۾ به اهي وارداتيون اڳو پوءِ جي ختم ٿي پيون ايڙهي به ڳاله ناهي. ڪورٽن ادالتيون  ۾ ايڙها ڪيس ايندا رهندا هئا.  پر وڏو سوال ته اهو آهي ته هاڻ امالڪ اترو هل ڇو ؟  ايئن ڇو آهي جي امالڪ ته پوري سنڌ ۾ هندو رستن تي لهي اچڻو پيو آهي. ان مسئلي نه رڳو عام هندو پر  پ پ پ  جا هندو اڳواڻن کي به جاڳڻو پيو. ( اها ٻئي ڳاله آهي ته سندن جي وفاداري پ پ پ سان اڄ به اوتري آهي جيتري رنڪل جي واڪعي کان اڳ هئي)


جيئن جيئن اندروني سنڌ ( معاف  ڪجو مان هي لفظ استمعال ٿو ڪيا) ۾ سنڌي هندون تي ظلمن بابت وچوڙ پڌرا ٿيندا ويا وايڙو ڪندڙ حقيقتيون سامهون اچڻ لڳيون . جيڪر پاڪستان جي انساني حقن جي تنظيم جي ڳاله تي ڌيان ڏئون ته سندس چوڻ آهي هر مهني 20 هندو نياڻيون اغوا پيو ڪيو وڃن، لوٽ مار ڪتل ۽ ٻيو وارداتيون سو ڌار. رنڪل جي 12 مارچ جي پيشي مهل ماروي ميمڻ به مڃيو ته هندون سان ويل پيا ٿين. ڳاله رڳو سنڌ ۾ هندون جي ئي ناهي. بلوچستان ۾ به هندن تي ويلن جي ڳاله جام ٻڌبي آهي. بلوچستان جي هندن لاءِ چيو ويندو آهي ته هنن سنڌ ڏانهن لڏپڻ ڪري ويا آهن. وري جن کي پُڳو سي هماشاه لاءِ پاڪستان مان لڏي هندستان لڏي ويا. ڪجه  مهنن اڳ ايڙهي هڪ ٽولي دهلي اچي مڙي ٻيٺي. اها ٽولي ايتري ته هراس پئي نظر آيئي جي هو جيلن ۾ وڃڻ لاءِ تيار هئا پر موٽي پاڪستان وڃڻ لاءِ يڪدم تيان  ڪون هئا.
ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڻ مسلمانن تي ظلمن ۾ 1947 کان پوءِ زبردست واڌ ٿي آهي. ڪانگريس هندستان جي ورهاڱو قبول ڪرڻ سرت ئي جڏهن الاڪن جي وراست بابت مسلم ليڳ ساڻ ڳاله ٻولي شروع ڪئي تنهن مهل ڌيان رڳو ايترو ئي ڏنو ويو ته سرهدن ۾ ڪيڙا الائيڪا مسلم گھڻائي وارا آهن. ان ڳاله بابت ڪڏهن به ڪانگريس ڌيان ڪون ڏنو ته جيڪر اهي الائيڪا  توڙي صوبا پاڪستان جو حصو بڻبا ته  تن ۾ ٿوڙائي واري قومن جو ڇا ٿيندو؟ جيڪر پاڪستان ۾ هندن توڙي اڻمسلمانن بابت ڪنهن سنجدگيءَ سان سوچيو وڃي ها ته سايد اهي منظر اسان نه ڏسئون ها جيڪي بنگلاديس ۾ هندن ۽ ڪنهن هد تائين اڄ به هندو سنڌي ، سنڌ ۾ ڏسي رهيا آهن. ممڪن آهي ته ڪانگريس جي ليکي پاڪستان ۾ به هندن کي اوڙهي ازت ۽ مانُ ملندو جيڙهي ريت اسين هندنستان ۾ مسلمانن کي تحفوظ ڏينداسين. اڄ تائين جي حالتن کي ڏسي اهو ئي ٿو لڳي ته يقينن اها ڪانگريس جي غلطي ئي نه پر چرياپ هئي جنهن جو نُڪسان اڄ سنڌين ۽ ڪشميري پنڊتن کي پنهنجي پنهنجي مادري وطن کان دربدر ٿي چڪائڻو پوي ٿو.


پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ شرت ئي جناح پنهنجي تڪريرن ۾ پاڪستان جو سيڪولر هئڻ جي ڳاله جام ڪئي. پر ان جي باوجود پاڪستان  ۾ ڪٿي به انساني حقن جي تهظوج ڪون ٿي سگھي. سندس حيات رهندي ئي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هندو سنڌين کي هيڪالي ڪڏهن جي منصوبي سان وڏا فساد ڪرايا ويا پر اڄ تئين ڪنهن  ڪو بيان ڪون لکيو ويو آهي ته جناح ڇا ڪيو ان فسادن کي روڪڻ لاءِ. اڄ تائين اها خبر ڪون پوي آهي ته ان فسادن ۾ ملوس مسلم ليڳي مهاجرن ڪاروڪن تي ڪيڙهي ڪاروائي ڪئي وئي.
جيڪر 1945 جي چونڊن جي نتيجي ڏانهنن ڌيان ڏجي ته ان چونڊن ۾ مسلم ليڳ جي 85 سيڪڙو مسلمانن ووٽ ڏنا. ڪانگريس کي تنهن مهل ئي سمجھڻو کپندو هو جڏهن مسلمانن ۾ هندن لاءِ ايتري ڪاوڙ آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هندن تي ڪهر نه ٿيندا. ڪانگريس کي پنهنجي غلطي جي احساس لاءِ ڪو گھڻُ وقط به ترسڻو ڪون پيو. ورهاڱي کان ٻن اڍائي سالن جي اندر ئي اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) ۾ جام فساد ڪرايا ويا جنهن سبب لکن جي تعداد ۾ هندو بنگالي پاڪستان واري بنگال مان لڏپڻ ڪئي. تنهن مهل جي آڪڙن موجب لڏ پڻ ڪندڙ جي تعداد 20 لک ٿي ٻڌائي وڃي. نهرو جڏهن هندستان ۽ اوڀر پاڪستان جي سرهد بنگاءُ ۾ سندس ڌيءَ  اندرا گانڌي جي ساڻ ويو ته  سندس هوش ئي اڏامي ويا. ان وچ ۾ حالت ايتري ته خراب ٿي چڪي هئي جي نهرو تي فوج کي طلب ڪري اوڀر بنگال موڪڻ لاءِ ذور وڌڻ لڳو. اهو ئي سبب هو جي نهرو ڪنهن ايڙهي تريعڪي جي حمايت ۾ هو جنهن سان ٻئي ملڪ وارهاڱي جون رنجشيون کان اڳتي وڌي پنهنجي  پنهنجي ٿوڙائي واري ڪومن جي حفاذت ڪن. سندس ليکي جيڪر هندستان ايڙهي ڪا رٿا جي همايت ڪري  ته سايد پاڪستان ۾ اڳتي وڌي اچي . اهو سڀ ان جي پس انظر جو ئي سبب هو جي نهرو ۽ لياقت علي خان چهن ڏنهن جي ڍگھي ڳاله بوله بعد پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ لڏ پڻ روڪڻ ۽ ٿوڙائي واري قومن کي تهفوظ ٿيئڻ سبب هڪ سمجھوتو ڪيو جنهن کي دهلي سمجھوتو يا  نهرو لياقت سمجوتي جي نالي سان مشهور ٿيو.

ان سمجھوتي موجب ڪي ڳالهيون تي پڪ بيٺي جيڪي ڪجه هن ريت آهن
1                    ٻئي ملڪ پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ ٿوڙائي واري قومن ۾ اها دلجاءِ ڏيئاريندا ته هو مهفوظ آهن.
2                    فسادن سبب لڏي ويل ماڻهون کي ٻهر ساڳي الاڪي ۾ وسائڻ
3                    گھڻائي ۽ ٿوڙائي پاري ڪومن ۾ ميل ميلاپ وڌائڻ جي نسبت ڪم ڪرڻ .
4                    هڪ ايڙهو ماهون پيدا ڪرڻ جيئن ٻنهن ملڪن ۾ رستا سڌري سگھن

هي سمجھوتو ڪڏهن ٻه هندستان ۾ هڪ رايه وارو سمجھوتو ڪون ٿي سابت ٿيو. سمجھوتي جي وجود ۾ ايندي ئي ان تي تمام گھڻي تنقيد ڪئي وئي خاص ڪري هندستان ۾. تنهن نهڪ جو قوميپرست ۽ هندو (بنگالي) اڳويڻ شري شياما پرساد مُکرجي ان جي وجود ۾ ايندي ئي نهرو جي حڪومت مان استيفعو ڏنو. سردار پٽيل پڻ ان سمجھوتي تي خوش ڪين هو پي نيٺ هون نهرو جو ساٿ ڏنو. ڪن جو مڃڻ آهي گانڌي جي ڪتل بعد هو آر ايس ايس کان ڪنهن ڪدر پري رهڻ ئي شروع ڪيو هو. ان سمجھوتي جي وڏي مجاق تنهن مهل لياقت علي ڪري ڏيکاري جڏهن هن پنهنجي سياست کي سنڌ ۾ ذور وٺائڻ لاءِ مهاجرن کي وڏي تعداد ۾ هندستان مان ڪراچي ۽ هيدآباد (سنڌ) لڏائي وسايو. کين هندن کان هٿ ڪيل ملڪتيون ۽ نڪريون ڏنيون. غلط ڪليم ڀرايا وغيراه. ان سمجھوتي جي رهيل ڪسر 1970 جي ڌاري نڪتي جڏهن بنگالين کي دٻائڻ جي نسبت هندو بنگالين جو ڪتل، بنگالي ضائيفائون جو اڙهو وهشي  لڄلُٽ جو شڪر بڻايون ويو جنهن جو مثال سايد ئي هندستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ملندي. اهي وارداتيون ايڙهو ته گهرو اصر ڪيو بنگالين هندن تي جي وري هو پنهنجي اباڻي الائيڪي ڏانهن ڪون موٽي ويا. اهو ئي نه رهندجي ويل بنگالي به سانڌيه هندستان واري بنگالي ڏانهن لڏڻ جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي ۽ اڄ جي تاريخ ۾ جتي هڪ وقط لکن جا هندو رهندا هئا اڄ اتي آنڱريون تي ڳڻيندڙ جيترا هندو وڃي بچيا آهن.
نهرو لياقت جي سمجھوتي جو فائيدو جيڪر ڪنهن ورتو ته هندستان مان لڏي ويل اسام جي صوبي جا مسلمان جيڪي اوڀر پاڪستان مان ان سمجھوتي جي تهت واپس موٺي آيا جنهن آسام جي صوبي لاءِ اڄ به هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي.. شيخ مجيب به کولي عام چوندي ٻڌبو هو ته آسام بنگال (پاڪستان وارو) جو هڪ وستار (Extension) آهي. ڪل ملائي جيڪر ڏنجي ته نهرو لياقت ڪو ڪرار مڙئي نهرو جي چرياپ کان سواءِ ٻيو ڪجه به نه هو. ڪن جو ايستائين مڃڻ آهي ته نمهرو اهو سڀ مسلمانن ۾ پنهنجي ازت ۽ سڄي دنيا ۾ پاڻ کي هڪ سيڪولر ڪرار ڏيئڻ لاءِ ڪيو.

سنڌ ۾ جيتوڻيڪ حالتيون هندستان جي ٻئي ڪنهن صوبي جي ڀيٽ ۾ ڪنهن ڪدر اُڀتر رهيون آهن  ، گھٽ ۾ گھٽ انگريزن مهل ته يقينن هئون. جڪر مسجد منجلگاه کي ڇڏي ڏجي ته سنڌ ۾ ڪو به وڏو فساد ڪون ٿيو.  سنڌي هندو ننڊي کنڊ جي ان ٿوڙن قومن مان آهي جيڪي مسلمانن جي تمام گھڻي ويجھو رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جي سنڌ مان لڏي آيل هندن جي ان نئين ماهول ۾ وسڻ ۾ شروئات جي ڏنهن ۾ جام لڪليف ٿي. هڪ ته اڻ ڄاڻ ملڪ وري ورهاڱي سبب مسلماڻڪا ويش ڀوشا.. ساڳي ريت سنڌي  مسلمانن کي پڻ هندنستان مان لڏي آيل مسلمانن ڪڏهن به سچو مسلمان ڪري ڪون ليکو آهي. ڇوندا آهن مهاجر ڇوندا هئا (ڪجه سالن اڳ تا.ئين يا سايد هاڻي به ) ته سنڌي مسلمانن هندن جي مُٽرءَ مان ڄاوا آهن.
 هند ۽ سنڌ جي سنڌين ۾  واٽ رکڻ جي هڪ جو هڪ ماڌيم يا ضرعو سنڌي ادب رهيو آهي جنهن سبب هندن توڙي سنڌ جا سنڌي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهن ٿا. اڃا مهيني کن اڳ جي ئي ڳاله آهي جي هندنستان مان ٽي ساهتيهڪار مثلن هيرو ٺاڪر، دادي اندرا پوناوالا ۽ ادي ومي سادانگاڻي سنڌ ٿي آيا آهن. پر اجيب  جيڙهي ڳاله ته اها آهي جي نه ته هاڻوڪي ساهتيڪارن جي ٽولي ۽ نه ان کان اڳ هندستان مان سنڌ ايندڙ اهي ٽولين ڪڏهن به ان ڳاله جي سُس ئي لڌي ته آخر رهجي ويل هندو برادري ڪنهن ريت رهي ٿي ؟؟ هند جا سنڌي ليکڪ جيڪي  به سنڌ ۾ ويا سي پنهنجي پنهنجي اٻاڻي گھر يا الاڪي يا سندن ميجباني ڪندڙ تائين ئي پاڻ کي  محدود رکيو . اهو ئي نه جان کان اهي ليکڪ سنڌ مان ٿي آيا آهن تان کان رڳو  دادي اندرا پونيوالا کان سواءِ ڪنهن به ان معملي ۾ لفظ ڪون ڳالهائو آهي. دادي اندرا نه رڳو ان جبرن ڌرم مٽائڻ جي تنقيد ڪئي آهي پر ان سنڌي ليکڪ جي به تنقيد ڪئي آهي جيڪي ايئن ته سنڌ ۾ پاڻ کي  صوفي ڪوٺائيندا آهن پر اڙها مسئلا اچڻ تي پنهنجا چپ کي ٺاڪو ڏئي ماٺ ٿي تماشو پئي ڏسن . رنڪل ڪماري ۽ ٻين سنڌي نياڻيون بابت ايتجاج مهل هي ته ضيفائون جي آلمي ڏنهن اچي ويو جي ڪي سنڌي اديٻائون نڪتيون نه ته اهي سڀ ڪڏهن به نظر  نه اچن ها.


سنڌ ۾ هندن تي ظلم 1947 جي لڏپڻکان شروع ٿي.  جيڪي بناظير جي وقط مان ٿيندي اڄ ّزرداري جي حڪومت ۾ گھٽڻ جي بجاءِ هاٿئون  وڌيا آهن. عام طور سان جڏهن به ان ڳاله تي سنڌي هندو هل ڪن ته هميشاه ئي ان کي سنڌ جي گھڻن سورن مان هڪ ڪري ليکيو وڃي يا نه ته پنجاب جو الام ڪري. پڇاڙيءِ جي ڪن سالن ۾ ان ظلمن ۾ پ پ پ  جو به اوترو ئي هٿ پئي ڏسڻ ۾ آيو آهي جيترو ٻئي ٻئي ڪنهن به پارٽي جو مثلن مسلم ليڳ وغيراه جو. پڇاڙيءَ جي پنج ڏهاڪن کي جيڪر سنڌي هندن جي لڏپڻ کي باريڪيءَ سان ڄاچيجي ته اها ڳاله چٽي پئي ٿئي ته اڙهو ورلي ئي ڪو الائيڪو بچيل هوندو جٿون هندو برادري لڏپڻ نه ڪئي هوندي. اهي سڀ ڳالهيون ان حڪيقت جي شاهد آهي ته پوري سنڌ ۾ هندن لاءِ سنڌ جي مٽي سُسي پئي. هو سنڌ جي ڪنهن به الاڪي ۾ مهفوظ ناهن.
هند سنڌ جي سنڌين ۾ ڀلي اهي هندو هندو هجن يا هندو مسلمان هجي هڪ رابطي جي ڪمي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي ته سوائي ليکڪن جي اسين عام سنڌي ٻن ملڪن جي سياست واڱر هميشاه ئي هڪ ٻئي کان ونڊيل رهيا آهيون. هندوستان ۾ رهندڙ سنڌي به سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين بابت ڄاڻ تمام مهدود رهي آهي. اها ڳاله انٽرڀيٽ جي ايجاد کان اڳ به جيڪري سچي آهي اوتري اڄ.  وري سنڌين ۾ هڪ ٻئي جي لپي سبب اهي مسئلا هاٿيون وڌا آهن. چوڻ لاءِ ته پنجابين ۾  به پاڻ ۾ رابتا مهدود رهيا آهن پر جڏهن جڏهن ته پنجابين ۾ هڪ ٻئي سان ويجھو اڄڻ جون ڳاليون هميشاه ٿيو آهن (جڏهن به هندوستان پاڪستان جي رستن ۾ سڌارو آيو آهي ) پر سنڌين سان ايئن ڪين ٿيو آهي.

ع1947 جي لڏپڻ يقينن لڏي آيل سنڌين لاءِ ڏکن جو هڪ وڏو داستان کڻي آيو هو. ڇا غريب ڇا شاهوڪار سڀ رستن تي هئا. اهي ڏه پندراه سال سايد ئي هندوستان جو سنڌي قوم ڪڏهن وساري سگھندو پر ان جي باوجود هڪ پيائي ملڪ ۾ سنڌين کي ساٿ به ملو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي طسليم مهل هندي ٻولي جي ليکڪن به ساٿ ڏنو.  اڄ سنڌي هندستان جي هڪ اڳتي وڌيل قومن مان هڪ ڳڻي ويندي آهي گھٽ ۾ گھٽ مالهي طور ته سوءُ سيڪڙو. نڪسان رسيو آهي سياسي طور ۽ ڪنهن حد تائين سنڌي ٻولي يا ثقافت جي دائيري ۾. پنهنجي زمين وئي ته ساڻُ ساڻُ سياسي زمين به هٿن مان کسڪي وئي. ان جي باوجود لڏي آيل سنڌين کي ڪڏهن به اهي نظارا ڪيون ڏسڻا پيا جيڪي هينئر سنڌ جي هندو برادري پئي ڏسي. دين ڌرم جي نالي تي نياڻيون جو  اغوا ٿيئڻ، جبرن ڌرم مٺائي پرجائڻ ۽ ان بعد ان سڀ ظلم جو وڪالتون پاران پُٺڀرائي ۽ پنهنجي چاه جو پرڻو ڪرار ڏيئڻ ، جوان پُٽن جو اغوا ٿيئڻ يا ڪتل ٿيئڻ ڪڏهن به هندستان جي سنڌين ڪون ڏٺو.  
هندستان ۾ سنڌين سان ڪن خاص قومن مثلن گجراتي جين يا راجستان جا مارواڙي سان رنجشيون رهيون آهن پر اهي به هڪ هد تائين ئي محدود رهيون آهين. اسين  ڪڏهن به کولي عام هڪ ٻئي جا ويري ڪون ٿيا آهيون . اڄ هندستان جي سنڌين ۽ اتر هندستان جون قوميون اڳتي وڌي ويو آهن. اسين هندستان جي سنڌين کي هند  ۾ هڪ پنهنجي سڃاڻپ آهي. اهي سڃاڻپ ڪنهن هد تائين فڪي ضرور ٿي آهي پر اڳوپوءِ کتم ڪون ٿي آهي. اها ڳاله هميشاه ذهن ۾ رکڻي کپي ته سنڌي ڪو هيڪلوقوم ناهي جيڪو صوبي کان سواءَ آهي. سنڌين واڱر ڪشميري پنڊت به آهن جيڪي ڪشمير مان هيڪالڻ کان پوءِ سڄي اتر هندستان ۾ ٽري پکرجي ويا آهن. هنن کي به هندستان ان ريت ئي  قبولو آهي جيئن سنڌين کي.

سنڌ ۾ هندن جي اها امتهانن جي وقط آهي. رنڪل ڪماري ۽ ٻين سنڌي نياڻيون جو اغوا ٿيئن کان وڌيڪ صوفي مت جي مالا جپيندڙ سنڌي مسلمانن جي ماٺ هندن کي مايوس ڪيو آهي . هندن کي اڄ به نه ته سنڌي ميڊيا (سواءِ اوامي آواز) ، نه ته سنڌي ليکڪ ۽ نه ئي سنڌي سياستدانن جو ساٿ ملي ٿو. اجيب جيڙي ڳاله آهي ته سنڌي قوميپرست جيڪي سنڌ جي مٽي يا سنڌوپتي مهاراجا ڏاهن ساه جي وارث ٿيئڻ جي ڳاله ڪندا آهن سي به ماٺ آهن. چيو ٿو وڃي ته قوميپرست اڳوان بشير خان قريشي رڳو ان لاءِ ماٺ رهيو چا ڪاڻ ته سندس اڪهين برچنڊي پير جا مريد آهن. اهو سڀ ان جي باوجود جي سنڌي نياڻيون جو مسئلو جبرب اغوا جو آهي. انساني حقن جو آهي، عورتون جي مانُ ۽ ازت جو آهي.

سنڌ جي هندو برادري ايتري ته مايوس ٿي پئي آهي جي ورلي ئي ڪو هندو هوندو سنڌ ۾ جيڪو لڏپڻ بابت ڪون سوچندو هوندو. ايڙها جام سنڌي هندو جي واتان  مون ٻُڌو آهي ته  47 وارن ۽ اڄ حالتون ۾ ڪو به فرڪ ناهي، سوائي ان جي ته 47 ۾ جيڪو ڪم ڌارين ڪيو ڪيو سو هاڻي پنهنجا پئا ڪن.

سنڌ ۾ هميشاه ئي هندن جي لڏپڻ سنڌ ڏانهن ڌوکي جي نضريئي سان ڏٺو ويو آهي. اها ڳاله جيتري سيخ اياز جي ڪلمءَ مان لکي وئي ويئي آهي اوتري اڄ به لکي ويندي آهي. سنڌ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو صدر قادر مگسي ته سنڌي هندو جي  همٿ نه هجڻ ۽ ڏڪڻا ٿين جو الزام پئي هئون پر سايد سايد کيس اهو ڪڏهن به ڪون ٻڌايو ته جڏهن هندو نياڻيون جي ازت سريعام ٿئي ته ڪير مائي جو لعل آهي جنهن جي دل نه ڌڙڪندي.؟؟؟ جيڪر ڪياچي شهر کي ئي ڏسنجي ته 1947 کان اڳ نه رڳو سنڌي هندو رهندا هئا پر پارسي، گجراتي (هندو) ۽ سک به هئا پر سڀ ڪياچي واندائي ويا، ان جو سبب اڻ مسلمانن جو ڏڪڻ نه پر سنڌي مسلمانن سياستدانن جو سرينڊر هو.

سنڌ ۾ هندن جي حالت امر جليل تمام سٺي ريت پيش ڪئي جڏهن هون چيو ته “جيڪر رنڪل ڪماري جي مائيٽ جي گھر ذلفيقار ڀٽي جي جاءِ تي الطاف حُسين جي تسوير هجي ها ته مزال آهي جي ڪنهن مائي جو لعل جيِ جي ڪنهن هندو جي گھر مان سندس نياڻي کي اغوا ڪري.؟” اهي بيان ان ڳاله جي ساهد آهن ته سنڌي هينئر ستر سالن جي غلامي جي باوجود هڪ ٻئي کي تهفوظ ٿيئڻ ۾ ناڪام ٿي پيا آهن. اها ان ڳاله جي به ساهد آهي سنڌ ۾ يقينن ايڙهيون حالتون هونديون جنهن سبب نائومل پيدا ٿيو.
هندن جي تهفوظ جو مسئلو هينئر سنڌين جو مسئلو آهي. هي مسئلو مهاجر يا پنجابين جو ناهي. اها ڳاله  گھڻائي ۾ رهندڙ سنڌي مسلمانن کي  پڪ ڪرڻي آهي ته هو ڪيڙو سنڌ ٿا گھرن. سندن ماٺ يقينن هڪ طاليباني سنڌ پيدا ڪندو. اسين هندستان جا سنڌي جيڪي هندستان ۾ ڄاوا آهيون جن ورهاڱي کي رڳو ڪتابن ۾ پڙهو آهي ، اڄ پنهنجي اڳين اڳيون ساڳيو منظر پيا ڏسوئون. ع1947 ۾ يقينن ساڳيا منظر هوندا جڏهن سنڌي پنهنجي لڄ جي خاتر سنڌ کان موڪلائي ويا هوندا. تنهن مهل به سنڌي اهو چيو هوندو ته ادا هي مهاجرن لاءِ هندو لڏي ويا جيئن اڄ ٿو چئون وڃي ته ان سڀ جو زميوار ميان مٺو آهي.

هندستان ۾ دليتن لاءِ جيڪر ڪو غلط لفظ به استمعال ڪندو آهي ته قانون جي تهت کيس جيل جي سڄا ملندي آهي پر سنڌ ۾ ميرپور ماٿلي توڙي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ بدچنڊي پير جا پوئيلڳءَ ريليو ٿا ڪڏن ۽ ڌمڪيون ٿا ٿين ته جيڪر هڪ رنڪل جي آزاد ڪيو ويو ته هڪ جي بدران ايڙهيون چار رنڪل کي اغوا ڪنداسين پر سندن تي ڪا به ڪاروائي نٿي ٿئي. هندستان ۾ اسين ڪٿي به ڪون ٻڌو هوندو جي اغوا ڪندڙ به سري عام ريلي توڙي جلسا ڪندا آهن. اڙهي حالت ۾ جيڪر ڪو هندو پنهنجي حفاظت جو انتجام نه ڪندو ته نيٺ ڪري ڇا.

ڪو به انسان ڀلي ڪيترو به قوميپرست يا ديشڀڳت  ڇو نه هجي هو ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي نياڻي جي ازت جو سودو ڪڏهن ڪون ڪندو. سنڌ ۾ هندن جي لڏپڻ جيڪر بند ٿيئڻي آهي ته اها رڳو دلاسن سان نه پر کين تهفوظ جي پکتن سبوت سبب ٿيندي پر سوال اهو ئي ته ڇا سنڌ ان لاءِ تيار آهي ؟ پر ان کان به وڏو سوال اهو آهي ته ڇا هندن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ هجارن سالن جي سنڌي صوفيمت جو ڇا ٿيمدو ؟؟؟؟

ڇا تڏهن به سنڌ صوفي رهندو..........  

    

February 19, 2012

آرڪشڻ ۽ هند ۾ سنڌين جي نمائيندگي





هن سال جون اُتر پرديش جو صوبائي چونڊيون ٻئي ڪنهن سبب ياد رهن يا  نه پر هندي  ڳالجهاندڙ مسلمانن لاءِ يقينن ياد ڪيون وينديون خاص ڪري آرڪشڻ يا ريجرويشن جي نسبت. ان جي شروعات چونڊن جي تاريخ جي پڌرائي کان ڪن ڏنهن اڳ ٿي جڏهن مرڪجي حڪومت جي يو پي اي سرڪار مسلمانن مسلمانن لاءِ چار سيڪڙو آرڪشڻ جي نسبت نوٽيفيڪيشن پڌري ڪئي. ايڙهي ڳالهن ناهي ته مسلمانن لاءِ آرڪشڻ جي ڳاله ڪا امالڪ اڀري آهي. ڪن سالن کان مسلمانن جي اها گھري رهي آهي ته کين به آرڪشڻ ڏنو وڃي. جيتوڻيڪ هندستان ۾ ڪي صوبن مسلمانن توڙي ڪريسچنن کي رجرواشن ڏني آهي پر مرڪجي ستهيه تي هي پهرون ڀيڙو آهي جڏهن ايڙهي رجويشن جي ڳاله ڪئي وئي آهي.

ڪانگريس جي هن قدم تي اڃا هل ماٺ مس جيڙهو ٿئو هو جي  ڪي سيڪولر ڪوٺائيندڙ پارٽيون مسلمانن سان پنهنجا پنهنجا آڪڙا پيش ڪيا. سواءِ ڀارتيه جنتا پارٽي ۽ ڪمونيسٽن جي سڀنن هڪ ٻئي جي ريس ۾ آڪڙن جي ڄڻ ڪا جنگھ ڇڙي حجي. ان سڀني جي وچ ۾ جيڪو سوال هندستان جي ميڊيا توڙي عام انسانن جي چپن تي رهيو سو ڳو اهو  ته “اها حمدردي ڇونڊن جي وقط ئي ڇو؟”  هندستان جي حڪومت پاران جيڪا مسلمانن جي مالي هالت سُڌارڻ جي نسبت جيڪا ڪميٽي جوڙائي وئي هئي يعني سچل ڪميشن جون به شفارشيون هئون ته مسلمانن ئي به نوڪرويون ۾ آرڪشڻ ملي. پر تنهن ڪميشن پاران رپورٽ کي ته ڀريا ڇه مهنا، پر ان ڇهن مهنن ۾ نه ته ڪانگريس کي نه ئي ڪنهن ٻئي سيڪولر پارٽين کي ان جي سار ستايو. ايڙهي به ڳاله ناهي ته جي اننا واڱر ڪو مسلمانن جا اڳواڻ ٻُک هڙتال تي بيٺا جي حڪومت وٽ ڪا مزبوري هئي.  

آرڪشڻ بابت سوچ نئين ناهي. آزاديءَ کان اڳ انگريجءَ پڻ  دليتن لاءَ آرڪشڻ جي چاه رکندا هئا پر ڪڏهن قامياب ڪين ٿي سگھا ڇاڪاڻ ته گانڌيجي ۽ ڪانگريس ايئن ٿيئڻ نه ڏنو. ڪڏهن پنهنجي انشن جي ذور تي ته ڪڏهن مسلمانن کي ڳول ميج ڪانفرينس ۾ رياتون ڏئي پاڻ ساڻ ڪري . ان مسئلي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گانڌيجي نه پئي چاهيو ته دليتن کي تنهن مهل ايڙهي ڪا ريئايت ملي  جنهن سبب هو هندن کان ڪنهن ڪدر ڌار پئي نظر اچن. سندس موجب ان سان هو مسلمانن واڱر ڌار ملڪ ڏانهن وڌي ٿا سگھن.

آزاديءَ بعد نيٺ دليتن کي  آرڪشڻ مليو. جيتوڻيڪ نه ڪو نهرو ۽ نه ئي بابا ڀيمراءُ امبيدڪر ان آرڪشڻ جا ڪنهن ڪدر حمايتي رهيا هئا پر عام دليتن ۾ آرڪشڻ بابت چاه ڏسي هنن به ڪو خاص وروڌ ڪين ڪيو گھٽ ۾ گھٽ منهن سامهون ته ڪڏهن به نه . سندن مڃڻ هو ته ايئن ڪرڻ سان ڪمزور جو واهيپو ٿيندو جيڪو اڳتي حلي ملڪ لاءِ نڪسان  وارو فيسلو سابت ٿيندو. پر ان جي باوجود ان آرڪشڻ جي سروع ۾ ڏهن سالن لاءِ عمل ۾ آندو ويو سوچ سان ته جيئن جيئن دليتن جا مکتليف جاتيون اڳتي وڌنديون وينديون ، آرڪشڻ جو دائيرو گھٽندو رهندو ۽ نيٺ اهو پورو سلسلو بند ڪيو ويندو. پر ايئن ٿيو ڪون. هندستان جي سپريم ڪورٽ به ايڙهو رايو جاري ڪيو هو ته ڪريمي ليئر يعني اڳتي وڌي ويل  جاتيون کي ان دائيري کان ٻاهر ڪيو وڃي پر سياسي پارٽيون جي ووٽ بينڪ جي سياست ايئن ٿيئڻ ڪين ڏنو.

رجرويشن توڙي آرڪشڻ تي هندستان جي سياست ۾ وڏو توفان وي پي سنگھ جي وقت ۾ آهيو جڏهن اندرا گانڌي پارا جوڙايل دليتن بابت ڪميشن “منڊل ڪميشن” جي شفارشيون کي لاڳو ڪرڻ جو فيسلو ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ان ڪدم جو  ڪنهن منهن سامون وروڌ ڪين ڪيو پر ان ڪو به شڪ ناهي ته اهو هڪ سياسي داءُ هو. وي پي سنگھ جي ليکي اڙهي قدم سان هو پنهنجي پارٽي جنتا دل کي اها جاءِ ڏيئارڻ ۾ ڪاميان ٿينو جيڪا 1970 ۾ اندرا گانڌي جي چونڊن ۾ شڪست جي مهل هئي ۽ ان کان وڏي ڳاله ته هو بي جي پي جي وڌندر سگھ جي ڪنهن ڪدر گھٺائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. ٿئون به ڪجه ايئن ئي بي جي پي ساٿ ڇڏيس، حڪومت ڪري پئي  پر ان جو فائيدو کيس ڪون مليو ڇا ڪاڻ ته بي جي پي ڪنهن ڪدر منجھي ضرور پئي پر نيٺ ان مسئلي کان اڀري پڻ آئي.  جيتوڻيڪ سندس تنهن مهل جا ڪي پوئيلڳ ڪن سالن تائين يو پي ۽ بهار ۾ دليت توڙي او بي سي ڪارڊ تي دم تي پنهنجي پنهنجي سياست چمڪائي جيڪا ڪنهن هد تائين هينئر بهوجن سماج پارٽي يو پي ۾ پئي چمڪائي.

پر ان سڀني ڳالهئون ۾ هڪ ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هندستان ۾ شهرن ۾ خاص ڪري دليتن جي حالت ڪنهن ڪدر سُڌري آهي. هو پنهنجي حڪن جي نسبت سُجاڳ ٿيا آهن. آرڪشڻ ۾ دليتن کي ڪجه رئاتيون ڏنيو ويو آهن مثلن سرڪاري نوڪريون (صوبائي توڙي مرڪجي حڪومتي) ۾ تڪيو مهفوظ رهڻ، سرڪار پارا پڪ ڪيل اُمر ۾ رياتيون، سرڪاري امتهانن جي فيس ۾ رياتئون، ڪاليج توڙي يونيورسٽي، ميڊيڪل۽ انجنِئرنگ ڪالج ۾ تڪيون محفوظ ڪرڻ، صوبائي اسلمبلي توڙي لوڪ سڀا ۾ تڪيو مهفوظ ڪرڻ تائين شامل آهن. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته مسلمانن کي اهي سڀ رئاتيون لُڀائين ٿون ۽ سياستدانن کي مسلم ووٽ جيڪو اڄ به هندستان ۾ تمام گھڻو احميت ٿا رکن. ساڳي ريت ڪرسچن ۾ به  مسلمانن واڱر دلتن جي وجود جو  مِنهون ڪري ساڳي رئايتون  جي گھر ڪندا رهيا آهن خاص ڪري انهن صوبن ۾ جتي هو گھڻائي ۾ آهن.

هندستان جي سنويڌان ۾ رڳو هندن ۾ ئي دليتن جي وجود کي قبول ڪيو ويو آهي. هندستان جي سنوڌان کي جوڙائيندڙن جو مڃڻ هو ته اڳوڻي زماني کان دليتن تي ويل ٿيندا آيا آهن. جيڪر هندو گرنٿن جي ڳاله ڪجي ته رامايڻ توڙي مهاڀارت ۾ ان جو ذڪر صاف ۽ چٽي ريت بيان ڪيل آهي. جيتوڻيڪ ڌرم مٺائڻ جو سلسلو دليتن ۾ گھڻو ٿيو آهي پر جيڪي مثال دليت هندن ۾ ملن ٿا  سي ڪرسچنن ٿوڙي مسلمانن ۾ نٿا ملن. وري جڏهن لڳ ڀڳ  هڪ سدي اڳ هندستان ۾ بابا ڀيم راءُ  امبيدڪر دليتن لاءِ جاکڙو ڪيو ، تنهن مهل ڪو به مسلم يا ڪرسچن دليد سندس اڳيان ڪين بيٺو. اهو ئي نه پر مسلم ليڳ به گانڌيجي سان ڳڏ هڪ ٿي بيٺا پنهنجي فائيدي کي ڌيان ۾ رکندي،  اهو ڄاڻندي به گانڌيجي دليتن جي حڪن سان پورو ايمانداري نه پيو ڏيکاري.

ايڙهي ڳاله ناهي  جي هندستان ۾ هندن ۾ رڳو دليت پيا آرڪشڻ جي گھُر ڪن. پڇاڙيءَ جي ڪن سالن ۾ جاٽ، گرجر به ساڳيون رياتون جي ساڱي ايتجاج پئي ڪيا آهن. پر سال راجسٿان جي گرجر جاتي واري پنهنجي آڪهين سُڌا اچي ريل جو پٽريون پئي والاريون ته جيستائن کين دليتن جي ريت آرڪشڻ نه ڏنو ويندو تيستائين هو ريلن جي اچ وڃ بند ڪندا. ان سبب هندستان جي ريل وڀاڳ کي جام نڪسان سٺڻو پيو. وري رواجي ماڻهون کي جيڪا تڪليف تي سو ڌار. اهي ايتجاج تڏهن ڍرا ٿيا جڏهن ڪورٽن حڪومت توڙي ايتجاج ڪندڙڻ کي هندستان جي ڪورٽن فٽڪار لڳائي.

سياسي پارٽيون لاءِ دراصل مسئلو اهو آهي جي سنويڌان موجب آرڪشظ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ نٿو ٿي سگھي سو هينئر جيڪر ارڪشڻ ڏنو به ويو ته هاڻوڪي ڪوٽي مان ئي ڏيئڻو پوندو. هينئر جيتوڻيڪ اهو آرڪشڻ او بي سي جي 27 سيڪڙو ڪوٺي مان ڏيئڻ جي ڳاله پئي ڪئي وڃي پر اهو ممڪن ناهي ته او بي سي (ادر بيڪورڊ ڪلاس) وارا جو گھڻا ڏنهن ماٺ رهندا. پنهنجي حڪن جي لڙائي سندن اڳي به لڙي آهي ۽ ان جو ڪو به سبب ناهي جي هو هينئر ڪين وڙهندا.

جيستائين سنڌين پارا رجرويشن جي آهي ته پڇاڙيءَ جي ڪن سالن ۾ ان جي گھر ڪنهن ڪدر وڌي آهي. پر سنڌين پارا آرڪشڻ جي گھُرن ۾ جاٽن يا گرجر جي پاران گھُر ۾ فرڪ آهي. سنڌي ڪڏهن به سرڪاري نوڪريون يا تعليم سنسٿائون ۾ تڪيون مهفوظ ڪرڻ لاءَ ڪا آرڪشڻ جي گھر ڪين ڪئي آهي. مُمبئيءَ ۾ جتي سنڌي تمام گھڻا تعلمي سنسٿائو ڪايم ڪيون آهي جيتوڻيڪ ڪنهن حد تائين  سنڌين لاءِ ڪي تڪيون مهفوظ رکيون ويو آهن پر سرڪار کان ڪڏهن به ايڙهيون گھريون سنڌين ڪين ڪيون آهن. ان جو هڪ سبب اهو آهي ته هندستان ۾ سنڌي هٿ ڪين فهلايا آهن . مول طرح ان کي غلط سمجھيون ويندو آهي سواءِ ان مسئلن جي جتي مسئلو سنڌين جي وس کان ٻاهر آهي. جيستائين ڳاله اجويڪا جو سوال آهي ته اهو جام ڀيڙا لکيو ويو آهي ته ٻين قومين جي ڀيٺ ۾ سنڌين حمومت کان ساٿ نه جي برابر ورتو آهي. وري ورهاڱي بعد ڌنڌن ۾ وڌيڪ چاه وٺڻ سبب اسين نوڪريون تمام گھٽ ڪيون  جنهن سبب آرڪشڻ سبب ڪو خاص نڪسان پيو ٿئي ايڙهو به ڪڏهن مهسوس ڪين ڪيو ويو  آهي.

پر جيستائين ڳاله آهي سنڌين جي نمائيندگ جي ته يقينن پڇاڙيءَ جي ڪن سالن ۾ ان جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي ته سنڌين جي نمائيندگي جي نسبت ڪنهن ريت جو ارڪشڻ ٿيئڻو کپي. ان جا سبب ڳولهي ڪڏهڻ به ڪو گھڻا ڏکيا به ناهن. هندستان ۾ سنڌين گھڻائي وارن مختليف الائيڪا ڪجه هن ريت آهن بمبئي جي ڀرسان الهاسنگر (سنڌو نگر)، ڪُبيرنگر (احمد آباد)، بيراگھرڙ (ڀوپال)، گانڌيڌام (ڪچڇ). ان ايلاڪن ۾ جيتوڻِڪ صوبائي اسلمبلي چونڊن ۾ سنڌي ووٽ اهميت ٿا رکن پر جيستائين لوڪ سڀا جي ڇونڊن جي ڳاله آهي اڄ به اسين هڪ به تڪ کٺڻ جي حالت ۾ ناهيون. ان جو مطلب اهو ئي ٿيو جي جيڪي به مرڪجن ستح تي سنڌي اڳواڻ رهيا آهن تن جو سياسي وجود سنڌين کان وڌيڪ اڻ سنڌين تي دارومدار ٿو رکي. اهو سبب آهي ته هو سنڌين جي حڪن جي لڙائي ئي اڄائي ڪري ليکندا آهن جڏهن ته اڻ سنڌين جي ننڊي ۾ ننڊي ڳاله کين پريشان ڪندي آهي. ان جي هڪ مثال رام جنم ڀومي جي تحريق مهل ڏسڻ ۾ آئي هئي جڏهن لعل ڪرشن آڏواڻي سومناٿ کان ايوڌيا تائين پنهنجي رٿياتراجي  داحميد آباد  مان گھزرندي مهل  ڪن سنڌين جي جسلي يا ميراڙڪي لاءِ ٻه لفظ ڳالهائڻ واجب ڪين سمجھيو جڏهن ته گجراتين لاءِ جدا جدا الاڪي ۾ پنهنجو ڀاشڻ ڏنو. وري صوبائي اسلمبلي ۾ به سنڌي اميدوار الهاننگر يا ڪبيرنگر کان الاوا سايد ئي ڪو الائيڪو آهي جتي اميدوار سنڌين جي مسئلن کي  سنجدگي سان ٿا ڌيان ڏين.

ايڙهي ڳاله ناهي ته سنڌين سياسي پارٽيون ۾ پنهنجي نمائيدگي واڌائڻ لاءِ سياسي تنظميون تي ڪو ذور ڪين ڏنو آهي. پر ان جي باوجود چونڊن ۾  ٽڪيٽان ايڪڙ ٻيڪڙ تڪيون تي ئي ڏنو ويو آهن اهو به تڏهن جڏهن جيت جو آسيرو تمام گھٽ هجي. ايڙهي هڪ مسال ڇتيسگڙ ۾ رايپور جي ڀرسا راجنند گاءُ ۾ ڏٺو ويو ته جڏهن ڀارتيه جنتا پارٽي جي خٽڻ جي اميد نه جي برابر هئي ته سنڌيءَ کي ٽڪيٽ ڏني وئي ،جڏهن ڀاجپا جي حالتن ناڻي جي موٽ ۾ سنسد ۾ سوال پڇڻ تي جي ڳوڙ ۾ سندس  ويٺل سانسد کي استعفو ڏيئڻو پيو. جيڪو سنڌي اميدپوار ٿي بيٺو سو به اندازي موجب کٽي ڪين سگھيون. وري جتي سنڌي چونڊجي ٿا به اچن اتي سنڌي اڳواڻ به ڪو سنڌين جي مسئلي تي ڌيان نٿا ڏين. سڀاوڪ آهي ته ان سان ان سنڌي اڳواڻ کي ڪو به سياسي نڪسان نه پيو ٿئي ڇاڪاڻ ته هو سنڌي ووٽن تي نٿا چونڊجن. اهو ئي سبب آهي جي سنڌين کي اهو مهسوس ٿيئڻ لڳو آهي ته جيڪر سنڌي قوم کي هڪ يا ٻه نمائيندا محفوظ ڪيا وڃن ته گھٽ ۾ گھت اهي ته قوم لاءِ ئي ڪم ڪندا ڇا ڪاڻ ته کين ان نڳاله جو ڊپ رهندو ته جيڪر سنڌين جي مسئلن تي نه ڌيان ڏنو ويو ته يقينن ٻهر سنڌي ڪوٽي ۾ ٽڪيٽ به ڪين ملندي.

ايڙهي ڳاله ناهي جي هندستان ۾ ايڙها مثال ناهي. اينگلو انڊين قوم کي اڳي ئي ايڙهيون رياتيون ڏنو ويو آهن جنهن جي حالت هينئر ڪنهن ڪدر سنڌين جيڙهي آهي. سنڌي اها گھر گھڻ سالين کان ڪن پيا. سنڌين سان مسيبت آها رهي آهي ته جن کي ان ڳاله تي هل ڪرڻو کپندو هو سي خاموش آهن. اڄ تائين ورلي ئي ڪو سنڌي سياستدان ان مسئلي تي ڪجه ڳاليائو هوندو. اهو ممڪن آهي ته ان سياستدانن کي به ڪٿي نه ڪٿي اهو ڊپ رهيو ئي آهي ته جيڪر سنڌين لاءِ تڪيون لوڪ سڀا ۾ مهفوظ ڪيو ويون ته سندن سياست جو ڇا ٿيندو؟. ايئن ته نه ٿيندو جي اينگلو اينڊين واڱر هو رڳو سنڌي ڪوٽي ۾ لوڪ سڀا ۾ گھُري سگھندا.

ايڙهي ڳاله ناهي جي هندستان ۾ رڳو لوڪ سڀا جي تڪيون مهفوظ رکڻ جي رواج ناهي. اينگلو انڊين قوم کي آزاديءَ بعد کان ئي اها سهوليت ڏني پئي پڃي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌين کي وقط بي وقط اها ڳاله ذهن ۾ پئي اندي رهي آهي ته جيڪر اينگلو اينڊين ته پوءِ اسين ڇو نه ؟ سنڌين پاران جتي پُڳو آهي اتي ان مسئلي ڏانهن پنهنجي قوم توڙي ميڊيا جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. ايڙهي گھر رام جنم ڀومي جي جاکڙي وقط سري ڪي آر ملڪاڻي کي اڳيان رکي وئي هئي وري مشهون سنڌي واڻيڪو گھراڻو هندوجا جي سربراه شريچند هندوجا ان ڳاله کي لڳ ڀڳ هر سنڌي جسلي ۾ اٿاريندا رهيا آهن ته سنڌين کي به مرڪجي ستهيه تي ڪنهن ڪدر لوڪ سڀا ۾ تڪيون مهفوظ ڪيون وڃن جنهن کي هندستان جي ميڊيا خاص ڪري انگريزي ميڊيا به جام ڪوريج ڏنو.
هندستان ۾ سنڌي حقن جي نسبت هڪ ٻئي ڳاله جيڪا هميشاه ئي اڳيان ايندي رهي آهي سو آهي ايتجاجن جي. اهو جملا جام ٻڌبا آهي ته سائين حقن جي نسبت ايتجاج ڪرڻ جو وقط ڪٿي آهي سنڌين کي ؟ اسين مان گھڻا آهن جيڪي پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي بند ڪري ايتجاج ڪندا رستن تي ؟ اسين ته ناڻي ڪمائڻ ۾ ئي پورا آهيون وغيراه وغيراه. دراسل اهي سڀ ڳالهيون ان لاءِ ٿيو اچن جي اسين سنڌي هندستان ۾ ساڳيا منظر پيا ڌسئون جدا جدا قومن ۾، جتي جتي سنڌي وسيل آهن. ۾ثلن هڙتالين ڪرڻ، ريل يا رستا روڪڻ وغيراه وغيراه وري هندستان ۾ جنم ورتل ٽهي کي سنڌي ٻوليءَ جي جاکڙي نسبت ڄاڻ تمام ٿوڙي رهي آهي. ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڇو ته اسين ٻوليءَ کان ڪنهن ڪدر پري ٿيندا ويا آهيون سو ٻوليءَ جي طسليم جي نسبت ڪيل جاکڙي سان به اڻ واقيف آهيون. جڏهن سنڌين هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جو جاکڙو شروع ڪيو هو نعني 1948 ۾ تڏهن سنڌين جو هڪ وڏو تبعڪو پنهگري ڪيمپن ۾ رهندوهو. اهو ئي  نه  پر نئين ملڪ ۾ اسين تن ڏنهن ۾ ٻن ويلن جي سُکي ماني لاءِ به ڳڻتيون ڪندا هئاسين. پر ان جي ٻاوجود اسين استجاج ڪياسين. سنڌين ڪو ان لاءَ ريل ڳاڍيو ڪين روڪيون يا هٽ بازاريون بند ڪيايون يا حڙتاليون ڪيو. سنڌي رڳو جلسا ڪيا. ميڊيا ۾ پنهنجي ڳاله رکي، هندستان ۾ ٻوليءَ توڙي حڪومت جي ڳليارن ۾ سگھ رکندڙ کي پنهنجي جلسن ۾ گھرائي مکيه مهمان ڪري پيس ڪندا ڪئاسين جيئن کين سنڌي قوم توڙي سنڌي ٻولي بابت ڄاڻ هجي. هندستان جي سنسد ۾ جيڪي به سنڌي هئا سي ٻوليءَ جو مسئلو زور شور سان سنسد ۾ اٿاريندا هئا. سنڌين رڳو سنڌين جي نه پر اڻ سنڌين سياستدانن ۽ هندي ٻوليءَ جي لکڪن جي به مدد ورتي، اهو ئي سبب آهي جي نهرو جي سکت وروڌ جي باوجود سنڌي ٻوليءَ جو جاکڙو ڍرو ڪين ٿيو ۽ نيٺ هندستان ۾ سنڌي ٻولي تسليم تي اهو به تنهن مهل جڏهن هندستان ۾ قومي ٻوليون ۾ رڳو 12 ٻوليوون هئون جيڪي هينئر 22 ٿيو آهن.

سنڌين جي نمائيندگي جو مسئلو تمام اهم مسئلو آهي جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. پر ان منجھ هڪ ٻئي به ڳاله آهي جن کي اسين نظرانداز ڪيو آهي سيستائين مثلن ووٽ بينڪ جي سياست. عام طور سان ووٽ بينڪ جي سياست جي جموريت جي اصولن جي کلاف  مڃيو ويو آهي ڇا ڪاڻ ته ووٽ ڏيئڻ هڪ نڄي مسئلو آهي پر سايد ئي ڪو ان ڳاله کي نظرانداز ڪندو ته جيڪر اهي دليت ووٽ نه هجن ها ته نه ئي اندرا گاندي اها منڊل ڪميشن برپا ڪري ها ۽ نه اهي وي پي سنگھ منڊل ڪميشن لاءِ پنهنجي حڪومت کي داءُ تي لڳائي ها ۽ نه ئي وري هندستان ۾ مسلمانن لاءِڪي سياسي پارٽيون اهو رجرويشن جو ڊرامي ڪري ها. سندن اهو ڊرامو ان جي باوجود کيڏي ڏيکارو جي هندستان ۾ سنويڌان ۾ ڌيم جي نالي تي آرڪشڻ يا رجرويشن طسليم ڪين ٿي ڪري سگھجي. جيڪر ايڙهو ڪو فيسلو ڪيو به ويو ته به عمل ۾ ڪين ايندو ڇا ڪاڻ ته ڪورٽ ان فيسلي کي رد ڪري ڇڏندو.
سنڌين جي هندستان جي ڪن الاڪن ۾ سٺا ووٽ آهن. مثلن مڌي پرديس جي ڀرسان وارو صوبو چتيسڳڙ ۾ 90 تڪيون مان 10 ايڙهيون تڪيو آهن جتي سنڌي ووٽ هار جيت جو فيسلو ڪري ٿا سگھن پر ڇو ته اسين سنڌي انڌن واڱر بي جي پي ڏانهن مائل آهيون سو انجو فائيدو ڪين وٺي سگھندا آهيون. جيڪر سنڌي هڪ ٿي ووٽ ڏين ته اهي ڏنهن به پري ناهن ته لڳ ڀڳ هر سياسي پرٽي سنڌين کي به اها احميت ڏيندا جيڪا ٻين قومن کي ڏين پيو.

هي فيسلو اسان کي ڪرڻ آهي ته ڇا اسين پي جي پي جا پوئيڳ تي رهڻ ٿا چاهيون يا پنهنجي حقن جي جاکڙي لاءِ ڪنهن ڪدر سُجاڳ ٿا ٿيئن چاهيون.
هي مسئلو انتهائي وڏو آهي.
  





     

February 12, 2012

ڳالهئون هند ۾ سنڌي صوبي جون



ڳالهئون هند ۾ سنڌي صوبي جون

وطن کان جان به گھري، پوءِ به ثوڙي
سنڌين جان نه گھوري، وطن گھوري آئا.

سنڌي ڪوي ڪرشن راهي جون هي سٽيون سنڌي قوم ۽ خاص ڪري هندو برادريءَ جي هڪ اهم تاريخي حقيقت جي نسبت  لکي وئي هئي. سنڌين ۾   جيڪي هند ۾ ڄاوا آهن تن منجھ هڪ سوچ هميشاه ئي رهي آهي ته سنڌين (هندن) ورهاڱي جي نسبت ڪو به انتظام ڪين ڪيو هو، سو جڏهن هندستان مان مسلمان ڪاهي آيا ته ته سنڌين رڳو پنهنجي جان بچائڻ ۾ اهي پنهنجي وڏي ۾ وڏي قاميابي پئي سمجھي. اها سوچ تڏهن وڌيڪ پکتي ٿيندي آهي جڏهن سنڌين کي هند ۾ پنهنجي لاءِ کصوسي الاڪي جي سار پئي ساريندي آهي. اهو ئي سبب آهي جي اسين گھمي فري ڪنهن نه ڪنهن  ريت ان ساڳي مسئلي تي اچي ٽڪندا آهيون ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي ٿو سگھي ته سنڌ جا هندو اڳواڻ حالتيون کي ڀاپي ڪين سگھيا ؟ اهو ڪيئن ممڪن آهي جي سنڌ ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ 1943 ۾ پارت ٿيو  پر هندن ان تي بلڪل ڪو هل ڪين ڪيو ؟ وري ايڙهي به ڳاله ناهي جي مهاجرن جو سنڌ توڙي پنجاب ڏاهن لڏي اچڻ جو به انديشو ڪين هو. مولانا ابوڪلام آزاد تڪرير مٿون تڪرير ڪيون هئون جنهن مان صاف هو ته مهاجرن جو لڏپڻ مسلمانن جي گھڻائي واري صوبن ڏانهن ٿيندي جنهن سبب سنڌ تي ان جو اصر پوڻ لاظمي هو.

ايڙهي به ڳاله ناهي ته سنڌين هندن بابت ڌار صوبي جي ڳاله ڪين ٿي هئي. هندو مهاسڀا (جيڪا تنهن مهل هندن جي ٻئي نمبر جي پارٽي هئي ، ڪانگريس کان پوءَ) سي هميشاه ئي ان مسئلي کي ذور شور سان ماڻهن اڳيان رکڻ پئ چاهيون پر ڇو ته رواجي  سنڌيين (هندو توڙي مسلمان) ۾ اهي وڇوٽيون ڪين هئون  جيڪي بنجابين توڙي بنگالين ۾ جام ڏسڻ ۾ اينديون هئيون ، سو سنڌ جي ورهاڱي جي ڳاله سنڌين جي ذهن ۾ ڪڏهن به ڪين آيون. وري ورهاڱي جي وقط هندستان ۾ ٽي ايڙها الائيڪا هئا جنهن تي فيسلو ٿيئڻ ۾ جام دير ٿي مثلن بهار ۾  ڪشانگنج، آسام ۾  شيلاٽ ۽ سنڌ ۾ ٿر پرڪار. جناح  ڪشانگنج ۽ شيليٽ (جن ۾ مسلمانن جي گھڻائي هئي )بابت ماٺ رهيو. هو ان لاءِ ماٺ رهيو ڇاڪاڻ ته جيڪر هو ان الاڪن تي هائي گھوڙا ڪري ها ته ڪانگريس سنڌ جي ورهاڱي کان ڪين مُڙي ها. وري ٻئي پاسي ڪانگريس ڪشانگنج توڙي شيلاٽ کي هندستان ۾ رکي گد گد ٿي ڇاڪاڻ ته  ان مسلمان گھڻائي وارا الائيڪا هندوستان ۾ رکي اهو پئي ڏيکارڻ چاهيو ته سڀ مسلمان مسليم ليڳ جي ساڻ ناهن. جناح جي شيلاٽ ۽ ڪشانگنج تي جد نه ڪرڻ جي سبب بلڪل ڌار هئا. جيڪر هو ان الائيڪي تي هل ڪري ها ته کيس سنڌ جو ورهاڱو به قبول ڪرڻو پري ها. ان ورهاڱي سان جناح کي کترو اهو هو ته جيڪر ٿرپرڪار ۽ حيدرآباد جي الاڪو هندستان ۾ هٿن ۾ هجي ها ته جناح جي انديشي موجب سنڌو نندي پار ڪري ڪنهن به مهل هندستان ڪراچيءَ کي پاڪستان کان ڌار ڪرڻ جو کترو هو جيڪو جناح ڪڏهن به پئي چاهيو. سو جناح جو فئسلو پنهنجي رياست جي سوگھو ڪريڻ جي نسبت هو. پڇاڙيءَ ۾ ان ۾ به ڪو به شڪ ناهي ته ڪانگريس ۾ جيڪي سنڌي اڳواڻ هئا مثلن آچاريه ڪريپلاڻي، چوئٿرام گڏواڻي ۽ جيرامداس دولترام ڪڏهن به ان مسئلي تي هائي گھوڙا ڪين ڪئي، جنهن جو پوري فائدو يو پي ، سي پي جي ڪانگريسي اڳواڻن ۽ خاص ڪري نهرو  ورتو. جيستائي هندو مهاسڀا جي ڳاله آهي ته هندون ۾ اها ٻئي درجي جي پارٽي هئڻ جي باوجود سنڌي هندن  ان پارٽي کي مول ڪين ڏنو  ڇا ڪاڻ ته تنهن مهل ڪانگريس جو به اهو پريپاگينڊا هو جيڪو هنئر بي جي پي لاءِ آهي.

سنڌين کان سواءِ جيڪي ٻيون قوميون ان ورهاڱي جا ڪهر سٺا مثلن پنجابي (هندو توڙي سک) هنئر ان ورهاڱي کان جام اڳتي وڌي چڪيون آهن. مونکي ياد ناهي ته ڪڏهن  بنگالين توڙي پنجابين سنڌين وارو ورهاڱي وارو روئڻ روڃو هوندي پڇاڙيءَ جي چئن ڏهاڪن ۾. پڇاڙيءَ جي مُڃي سديءَ جي جيڪر ڳاله ڪجي ته ان ارصي ۾ انهن قومئون ۾ خاص ڪري سکن پنهنجي حالتيون ۾ جام فرڪ آندو آهي. ورهاڱي کان اڳُ  ڳڏيل پنجاب ۾ مسلمان 55 سيڪڙو ، هندو 30 سيڪڙو ۽ سک مس جيڙها 18 سيڪڙو هئا پر ان جي باوجود ورهاڱي جي ٻن اڍائي ڏهاڪن جي اندر  سندن نه رڳو پنهنجي ٻوليءَ پنجاب جي دفتر ي ٻولي تصليم ڪيائي پر پنهنجي لاءِ صوبي جو وجود وڌو. اها ڳاله بلڪل نه وسارڻ گھرجي ته پنجاب ۾ ورهاڱي کان اڳ پنجابي ٻولي نه پر اردو ٻولي دفتري ٻولي هئي جيڪي پنجاب جي هندو برادري  به  تمان گھڻي چاه ۽ فڪر سان پڙهندي لکندي هئي، پر جڏهن آزادي بعد جڏهن پنجاب صوبي جي دفتري ٻوليءَ جي مسئلو آيو ته هندن هندي جي حمايت ڪئي . آدمشماري ۾ به هو پنهنجي ٻولي پنجابي نه پر هندي لکائڻ لڳا. سندن ليکي پنجابي ٻولي نه پر هندي جو هڪ لهجو آهي سو هڪ ڌار ٻوليءَ جي حسيست نٿي لهڻي. سو هندستان ۾ پنجايت ٻوليءَ جي باني هندو نه پر سک ئي هئا . اڄ بنگالين واڱر هو به هندستان ۾ هڪ خاص جاءِ ٿا والارن.

سنڌين سان وري ايئن ناهي ٿيو . سنڌ جي حالت ڪنهن ڪدر مختليف هئي. جڏهن ته پنجاب  ۽ بنگال جا ٻئ حصا پنجاب ۽ بنگالن پاڻ ۾ وراهايا پر سنڌ سان ايئن ڪين ٿيو. سنڌ جي هندو برادي هندستان ۾ در در جا ڌڪا کائڻ لاءِ مذبور ٿيا جڏهن ته سنڌ ۾ يو پي سي پي جي مسلمانن جي ساهبي ڪائم ٿي.سنڌ جي مسلمان جي جيجر ڳاله ڪجي ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي سندن هندن جي ڀيٽ م جيتوڻيڪ ڪينپن ۾  ڪون رهڻو پرو آهي ان جي باوجود ڪراچي ۽ حيدرآباد مان سنڌي ٻوليءَ سان ڳڏ  سندس ۾ نيڪالي ٿي آحي.   جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي نانءُ تي هندستان ۾ سنڌين حاصل ڪئي پر ايڙهي به ڳاله ناهي جي اسين ٻوليءَ کي ڪدر اڳتي وڌائي سگھياسين. ٻوليءَ جي طسليم ٿيئڻ جي خوشي توڙي فڪر ، فڪي لپيءَ جي ڳوڙ ڪيو جان اڳتي وک وڌائڻ کان هاٿيون سسندي وئي جيڪو سلسلو اڄ به سانده هلندو پيو اچي. پر لک روپئي جو سوال اهو آهي جي اسين ڇو  ورهاڱي جي مني سديءَ کان پو ءِ به اسين ڇو  ورهاڱي جي اڳ جا ڏنهن ياد ڪري پنهنجون اکيون اليون ڪندا آهيون. اهو ڇون نه آهي جي اسين ڇو  وقط سان ننڊي کنڊ جي ٻين قومن جي ريت اڳتي وڌي سگھياسين. ايئن ڇو آهي جي اسين اڄ ان مسئلي پي پاڻ ۾ بهس پئي ڪندا آهيون ته اسان سنڌ تڪڙ ۾ آلودا ڪئي. سوال اهو به آهي ڇو اسين سنڌ جي هندو توڙي مسلم برادري وقط سان حالتيون جو انديشو ڪين لڳياسين ته پاڪستان جي وجود بعد حالتيون ڪيئن فري ٿيون سگھن؟

هندستان ۾ لڏي آيل سنڌين جي ذهن ۾ اهو سوال  هميشاه ئي رهيو آهي ته هندن لاءَ سنڌ اها ڪين رهي جيڪا اڳين هئي. سنڌين لاءِ حالتيون تمام ڪتڙيون فرڻ لڳيون هئون. ان جو هڪ وڏو سبب جن يو پي سي پي جي مسلمانن.  جن کي  پنجابين تائين ساٿ ڪين ڏنو (ان جي باوجود جي پنجابي ۽ هندستان مان لڏي آيل مهاجر ساڳي ٻولي جو استعمال  ڪندا هئا) تن کي سنڌ جا مسليم ليڳي سياستدان مٿي تي چاڙهي ويهارو. مهاجرن کي وسائڻ لاءِ هر شهر کولي ڏنا ويا. ايڙهي ڳاله ناهي جي سنڌ ۾ سنڌي قوميپرستي ڪا گھڻي ڪمذور هئي پر الاهه بخش جي شهادت بعد سنڌ جي سياست جي جي ايم سيد جيڙا اڳواڻ سنڌ کي ڌارين جي هٿ ۾ ڏئڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪين ڇڏي.  ان سبب سنڌ وري ان حالتيون کان اڀري ڪين سگھيون.(هينئر يو پي سي جا اهي ڀئيا ايترا ته سگھرا ٿي پيا آهن جي سنڌ جي وهاڱي جا خواب پيا ڏسن ).


مهاجرن به ان مهمان ناوازيءَ جو پورو فائيدو ورتو. تن ڏنهن ۾ هو بنا ڪنهن ڊپ مان ئي جوندي ئي ٻڌٻا هئا ته “ اسين سڀ ڪجه ڇڏي آيا آهيون سو اسين هت هندن کي فرڻ جي حق ٿا رکون”  ۽ سندن ڪيو به ايئن ئي. دل کولي جيترو پڳن ان ريت فساد ڪيا جڏهن ته پليس ۽ ٻيون سرڪار ي تنظميون مڙئي تماشو ڏنسديون رهيون جڏهن ته هندن جي لڏپڻ ڏنهنهون ڏنهن ويئي تيز ٿيندي. ڇوندا آهن جان آهي ته سڀ آهي ۽ هندن ايئن ئي ڪيو. ورهاڱي بعد  حڪومت پاران خاص ڪري مرڪجي حڪومت پارا سکت هدايتون پڌريون ڪيو ويو جيئن فسادئين تي ڪا به ڪارواهي نه ڪ.ي وڃي. هندن جي اڳوپوءِ سنڌ واندائي اڙهي به ڳاله ناهي. هندن جي اها لڏپڻ سانده 5 سالن تائين هلي. هندن جي ان لڏپڻ کي ذور  وٺائڻ لاءَ حڪومت ڪا به ڪسر ڪين ڇڏي. قانون ٺاهيا ويا هندن جي ملڪيت کريد ڪرڻ غيرڪانوني آهي .مطلب هندن کي هٿن  واندن ئي لڏڻو هو. ان جا ٻه وڏا فائدا هئا. هت ته هندو  پنهنجون ملڪتيون ڇڏي ڀجڻ لاءِ مجبور ٿيا ۽ ٻيو ته ان ملڪتيون تي ڪبجعو مهاجرن ڪيو  ڇا ڪاڻ ته هندس ڪانون ئي ايڙهي ڊنگ سان ٺاهيو هو جيئن اهي ملڪتيون سنڌين جي هت ۾ نه پر مرڪجي حڪومت جي هت اچن. ان حالترون جو فائدو هٿ ڪرڻ ۾ به سنڌ جا نئان سردارن دير ڪين ڪئي. سنڌي هندن جي هٿن ۾ جيڪا مسليت 70 سالن ۾ مهنت سان هئي سا مهاجرن جي هٿن ۾ لوٽي ماري توڙي فٻائي ڇه منهن جي اندر هٿ ڪئي. هڪڙي پاسي مهاجرن ته ٻئي پاسي پنجابي ٻنهن قوميون ان لوٽمار جا هڪ جيڙها ڀائيوار ٿيا.
جيتوڻيڪ سنڌ جي مسليم ليڳ سياستدانن  يو پي سي پي يا پنجاب جي مسلمانن جي ڪڏ اکيون ٻُٽي هان ۾ هان ملائيندي سنڌ جي قرباني ڏني. پر ان جي واوجود اڙها جام سنڌي مسلم سياتداد هئا جن تنهن مهل جي سنڌ اسلمبلي کي پاڪستان سان ڳڏجي رهڻ کان آڳاه ڪيو هو . ايڙها جام سنڌي سياستدان هئا جيڪي مسلمان هوندي به تن ڏنهن ۾ سنڌ جي هڪ آزاد رياست پئي ڏسڻ چاهي. مارچ 1943ع تي تڏهوڪي سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي صدر جناب جي ايم سيد سنڌ ليجسليٽِو اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ هڪ ”غير سرڪاري“ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي پيش ڪرڻ وقت پاڻ ”پاڪستان جو ٺهراءُ“ سڏيائون. اِن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته جي ايم سيد پاران پيش ڪيل ٺهراءَ جي متن ۾ ڳالهه جي فرقيوارانه رنگ هو . ان بحث جي جي شروعات ڪندي سنڌ جو تنهن مهل وڏو وزير  سري غلام حسين هدايت الاه  بحث ۾ حصو وٺندي چيو: “ ايم سيد جي پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ فقط هڪ ڳالهه کي بحث هيٺ آندو ويو آهي، جيڪا اِها آهي ته هندستان ۾ مسلمان ڪنهن به هڪ مرڪزي حڪومت جي ماتحت رهڻ نٿا چاهين، پر اُهي پنهنجي لاءِ آزاد رياستون يا وحدتون (States or Units) گهرن ٿا.“

بحث ۾ حصو وٺندي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ چيو: ”سنڌي مسلمان بلڪل ڀرپور انداز ۾ صاف ڪن ٿا ته کين ڪوبه اهڙو حڪومت، جنهن ۾ کين ڪنهن به اهڙيءَ هڪ مرڪزي حڪومت جي هيٺ رهڻو پوي، جنهن ۾ ڪا ٻي قوم غالب هجي، قبول نه هوندو. بيشڪ اسين ڪنهن به اهڙي مرڪزي حڪومت هيٺ رهڻ نٿا چاهيون. هتي اسان وٽ سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڪي تڪرار هلندڙ آهن، مثال طور سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي تڪرار وغيره...اُن تڪرار جي نبيري لاءِ هڪ امين (Arbitrator) مقرر ڪيو ويو هو، ۽ مسئلي جي نبيري کان پوءِ ٻنهي صوبائي حڪومتن بادشاهه سلامت کي اپيل ڪئي آهي....قدرت سنڌ صوبي کي سامونڊي ڪنارو عطا ڪيو آهي، انهن سامونڊي سرحدن جي حفاظت لاءِ اسان کي بحري فوج گهرجي، هوائي ۽ پيادل فوج پڻ اسان جي ضرورت آهي. هندستان ۾ انگريزن جي راجيه کي کاتمي بعد صوبن جي   مثئلن جي نيبري جي سسبت  ڪميشن (Inter State)  جي ضرورت پيدا ٿيڻ کي آئون ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه نٿو سمجهان. هر صوبي کي پنهنجا قدرتي وسيلا حاصل آهن، ۽ سنڌ کي ڪراچيءَ ۾ سمنڊ جهڙي قدرتي نعمت مليل آهي. رڳو ڪسٽمس جي مد ۾ اسان جي حاصل ٿيندڙ آمدني ساليانو 8 کان 9 ڪروڙ رپيا آهي.(تن ڏنهن ۾ اها به هڪ وڏي قيمت هئا)  انهيءَ کان علاوه اسان جي ٻِي آمدني پڻ آهي، جيڪا انڪم ٽئڪس، ريلوي ۽ ٽپال کاتن مان حاصل ٿئي ٿي. اِها آمدني (هندستان جي) مرڪزي حڪومت کنيو وڃي ٿي. اسان کي پنهنجي اُن آمدنيءَ مان ڪو به حصو پتي نٿو ڏنو وڃي. هن وقت اسان جي مالي صورتحال اِها آهي جو اسان جي صوبائي حڪومت صوبي اندر ٻارن لاءِ لازمي تعليم ڏيئارڻ کان قاصر آهي، بيمار ماڻهن جي علاج ۽ دوا درمل لاءِ ضروري انتظام ڪرڻ لاءِ اسان وٽ پيسا ناهن، ڇو ته اسان جي مالهي  حالت ڪمزور آهي. اسان جي آمدنيءَ جو وڏو حصو مرڪزي حڪومت کنيو ٿي وڃي. اسان کي پنهنجي آمدنيءَ جي وسيلن مان مرڪزي حڪومت جهڙو ’سفيد هاٿي‘ پالڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي....“

ان بهث ۾ جناب محمد عثمان سومري (سنڌيءَ ۾ تقرير ڪندي) چيو: ”اسان وٽ سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمان جو ڪو به جهڳڙو ناهي. هر ماڻهو سنڌ جي آزادي ڏسڻ لاءِ ماندو آهي. پر آزاديءَ مان اِها معنيٰ به هرگز ناهي ته ڪو اسان جو سنڌ صوبو بلوچستان، پنجاب يا ٻين صوبن سان شامل ٿيندو. ائين ڪرڻ جو مطلب سنڌ کي ڪنهن اونداهي کڏ ۾ ڌڪڻ جي برابر ٿيندو، ڇو ته اهڙيءَ صورت ۾ اسان تي سنڌ کي آمدنيءَ جا پنهنجا وسيلا ڪافي آهن ۽ تنهن ڪري جيڪڏهن اسين ٻين کان ڌار رهنداسين ته اُهو اسان لاءِ وڌيڪ فائديمند ٿيندو.“

خانبهادر محمد ايوب کُهڙي بحث ۾ حصو وٺندي چيو: ”مسٽر جناح 1940ع ۾ لاهور ۾ پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو هو ته مسلم ليگ قومن لاءِ حق خود اراديت جي گهُر ڪئي آهي. اسين به اُها ئي ڳالهه ڪريون ٿا ته برطانوي حڪومت مسلمان قومن....سنڌ ۽ ٻين صوبن جو اِهو مڪمل حق، خود اراديت وارو حق، تسليم ڪري، ۽ نه اُهو درجو جيڪو هينئر آهي، جنهن کي صوبائي خودمختياري، آزاد صوبا ته چيو وڃي ٿو، پر ڪيترين ڳالهين ۾ اسين مرڪزي حڪومت جا تابعدار آهيون.

اسين مرڪزي حڪومت کان مڪمل آزاديءَ جي گهُر ڪريون ٿا. نين حالتن تحت مڪمل آزادي! اُن کان علاوه باقي جيڪو مسئلو رهي ٿو، سو آهي پيادل فوج، هوائي فوج ۽ بحري فوج جو. اُهي معاملا مرڪزي نوعيت جا آهن، جن کي ڪنهن گول ميز ڪانفرنس ۾ بحث هيٺ آڻي سگهجي ٿو، جتي ڪانگريس، مهاسڀا جا نمائندا ۽ سڀئي صوبائي ڌريون موجود هونديون ۽ اُهي سڀئي گڏجي ڪنهن نه ڪنهن قبول جوڳي حل تي پهچي ويندا.“

راءِ گوڪلداس جيڪو تمام ٿوڙن هندو ميمبرن مان ان اسلمبلي ۾ موجود هو ته جو چوڻ هو “  جي ايم سيد چٽي ريت صاف ڪري ٿو ته مسلمان مجموعي طور جدا قوم آهن، ۽ اُنهن لاءِ ڌار رياستون (States) هجڻ گهرجن. آئون سمجهان ٿو ته اِهو اُن وقت تائين ناممڪن آهي، جيستائين هندستان ۾ آزاد وحدتون قائم نه ٿيون ٿي وڃن. جيڪڏهن آئون انگريزيءَ ۾ چوان اِڪاين يا وحدتن جي فيڊريشن (Federation of Units) ته اُن فيڊريشن لاءِ هونئن ئي آزاد اِڪاين جو هجڻ لازم ملزوم آهي...آئون اِهو چوڻ ۾ سرهائي محسوس ڪريان ٿو ته جي ايم سيد هندن جي نمائندن کي پڪ ڏياريندي ۽ اِهو چوندي ته کيس (يعني جي ايم سيد کي) هندو ڌرم تي ڪنهن به قسم جي اَجوڳ ٽيڪا ٽپڻي يا تنقيد ڪرڻ جي ڪا نيت يا ارادو ڪونهي، ان کان پوءِ اِن مسئلي  کي ختم ئي سمجهڻ کپي. جيستائين پاڪستان جي نظام جو تعلق آهي، يا جيئن جي ايم سيد پاڻ چيو آهي، آئون اُن بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ چاهيندس. هُو چوي ٿو ته گڏيل هندستان ۾ هڪ مذهبي فرقي وارن جي اڪثريت هئڻ سبب اُتي استحصالي راڄ قائم ٿيڻ جو انديشو آهي.اُن ۾، جيستائين آئون سمجهان ٿو، سندس اشارو هندن جي اڪثريت ڏانهن آهي. پر آئون پڇان ٿو ته سنڌ ۾ صورتحال ڇا آهي؟ هِتي هندو نه، پر مسلمان اڪثريت ۾ آهن. ساڳيءَ ريت ڪجهه ٻين صوبن ۾ پڻ مسلمان گهڻائيءَ ۾ آهن. اُهي پنهنجي لاءِ ڌار صوبن جي گهُر ڪن ٿا (جيئن سنڌ ۾)، جنهن ۾ سندن حاڪميت هوندي...تنهن ڪري اِنهن ڳالهين مان فقط اِهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته هِن اسيمبليءَ ۾ هيءُ ٺهراءُ محض اِن ڳالهه جي آڌار تي پيش ڪيو ويو آهي ته جيئن ته هِن ايوان ۾ مسلمانن کي واضح اڪثريت حاصل آهي، تنهن ڪري کين پڪ آهي ته اِن قسم جو ٺهراءُ پاس به ٿي ويندو. اُهي جيڪڏهن اڪثريت ۾ آهن ۽ ٺهراءُ پاس ڪن ٿا ته اسان کي اُن تي ڪوبه اعتراض ڪونهي. پر آئون پنهنجي معزز دوست کي اِهو ضرور ياد ڏياريندس ته هڪ طرف ته پاڻ هندن تي اِهو بهتان رکي، چوي ٿو ته جيئن ته اُهي اڪثريت ۾ آهن، تنهن ڪري گڏيل هندستان ۾ ٻين تي به حاڪميت ڪندا. ٻئي طرف مسلمانن جي فائيدي  خاطر هُو اِها ئي ساڳي ڳالهه اسان جي صوبي سنڌ ۾ دهرائڻ گهري ٿو. کين انهيءَ تي ڪجهه ويچار ڪرڻ گهرجي. يعني اِهو ته جنهن ڳالهه کان پاڻ هندن کي جهلي ٿو، يا اُن تي اعتراض ڪري ٿو، اُها ساڳي ڳالهه هتي مسلمانن جي مفاد خاطر سنڌ ۾ ورجائڻ جو خواهشمند آهي، جيڪو هندن توڻي مسلمانن جو گڏيل وطن آهي.“

ان بثس جي پُڄاڻيءَ ۾ جي ايم سيد انديشي موجب ان سڀني الزامن کي خارج ڪندي سنڌي مسلمانن لاءَ هڪ جنت جي اميديون ڏيکاريون. جيستائئين سنڌ جي خوداري جو سوال آهي ته سيد جو جوڻ اهو فيسلو ايندڙ نثلن يا ٽيهي تي آهي . دراسل جي ايم سيد پنهنجي پوري سياست گھٽ ۾ گھٽ 1945 کان اڳ هندن تي ذهر اڳلندي ئي ٺاتي. تنهن مهل سندس دل او دماغ ۾ مسلم ليڳ جا پروپاگينڊا هن تي ان اسلمبلي جي اجلاس ۾ ڏنل هندو توڙي مسلمان ميمبرن جون ڏنل تڪريرئون جو ڪو به اصر ڪين پيو ڇا ڪاڻ ته تنهن مهل تائين مسلم ليڳ جو سنڌ جي سياست تي پورو اختيار  تي چڪو هو. هڪ ٻئي ڳاله جيڪا تمام گھڻو دلچسپ ته جيتوڻيڪ سنڌ اسلمبلي جي تعداد 60 هئا پر ان اجلاس ۾ رڳو 24 ميبرن ئي پاڪستان جي ٺهراءُ جي هڪ ۾ ووٽ ڏنا، جڏهن ته ٽن ميمبرن جي وروڌ ۾ ووٽ ڏنا ۽ ٽن هندو ميمبرن ان پرستاءُ جي ووٽنگ ۾ حصو ڪين ورتو. ان ڳاله ۾ ڪي به شڪ ناهي ته ان پرستاءُ جو وقط به جي ايم سيد تمام سوچي سمجھي ان جو وقط چونڊو هو ڇو ته ان پرستاءُ جي مکاتليف ڪندڙ هندو ميمبرن جو وڏو حصو  ڀارت ڇوڙو ايتجاج سبب جدا جدا جيلن ۾ بند هئا.
پر اسڀني کان وڏي ڳاله ته اها آهي جي سنڌ نيٺ پاڪستان ۾ سامل ٿيو، هندن کي لڏڻُ پيو ۽ سنڌ قوم نه چاهندي به پاڻ کان ڌار ٿيا جيڪو سلسلو اڄ تائين هلي پيو. جيتو ڻيڪ ٻئن صوبن جي ڀيٺ ۾ سنڌ ۾ هندو مسلمانن جا فساد مسجد منجلگاد کان سواءِ نه جي برابر ٿيا ، پر ان جي ڪمي سنڌ ۾ مسلم ليڳي مسلمان پورا ڪيا. سندن سياسي اميديون عام هندو توڙي مسلمان چڪائون.

ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ورهاڱي سنڌين جي چيله ڀڃي ڇڏي. هڪ سکيون سابتو ملڪ جي ماڻهون لاءِ وڏي ۾ وڏي لڙائي پنهنجي وجود جي لرڙڻي پئي جيڪا اڄ تائين نبري ناهي. هڪ لڱي ڏسجي ته ڪنهن به قوم جي وجود ئي سوگھو ڪرڻ جي نسبت ٻوليءَ جو وڏو ڪردار هوندو آهي ۽ ان کان به وڏو ڪردار  ان ٻوليءَ جي خصوسي الاڪي جو هوندو آهي جتي اها ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. اهو ضروري ناهي ته  هر ٻولي ڳالهائندڙن کي پنهنجو صوبو هوجي ، ڇا ڪاڻ ته جيڪر هر ٻوليءَ کي هندستان ۾ پنهنجو صوبي هجي ها ته هندستان ۾ 22 نه 2200 صوبا هجن ها پر ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ٿوڙائي وارن ٻوليون جي ڳالهائندڙن سان ڪنهن ڪدر  ماٽيلو ونهوار ڪيو ويو هو. مثلن هندي ڳالهائندڙن کي اڄ جي تاريخ ۾ 7 صوبا مليل آهي جڏهن ته ٻئين ٻوليون کي اهو حق ڪين ڏنو ويو آهي.
هندستان ۾ صوبن جي وراست ورهاڱي کان پوءَ صروع ٿي. ان وراست جو کيال  انگريجن جي ڏنهن ۾ جام وڌيو جڏهن هندستان ۾ ڏيهي ٻوليون تي ڪنهن ڪدر بندش کڄي. جيتوڻيڪ هندي اردو جو مسئلي ان تي ڪنهن ڪدر  ضرور رسايو پر ٻوليون جي اڳتي وڌڻ جو رواج جيترو انگريزن جي ڏنهن ۾ ڏٺو ويو سي اڳين ڪڏهن ڪين ڏٺو ويو. وري انگريزن جي ڏنهن ۾ ئي ڪانگريس ٻوليءَ جي آڌار تي صوبن جي وراست جي ڳاله مڃي  چڪي هئي. پر ان سڀني جي باوجود جييتائين ٻوليءَ جي آڌار تي صوبن جي وراست جو مسئلو آهي ته ڪانگريس جا ڪي اهم اڳواڻ ان تي ڪا خاس دلچسپي ڪين ڏکاري. نهرو ۽ سردار پٽيل ته ان جي سکت کلاف هوندا  هئا. سندن ليکي جيڪر ٻوليءَ جي آڌار تي صوبن جي وراست ٿي ته اهو ممڪن آهي ته ملڪ ۾ ورهاڱي جيڙهيون حالتيون وري ٿئي. گانڌيجي جو جيتوڻيڪ اهڙو ڪو به رايو ڪين هو. سندس جي سنجدگي ان ڳاله ۾ لڳائي ٿي سگھجي ٿي جي گانديجي هڪ خت پڻ لکو هو  ان مسئلي جي جلد نپٽاري جي نسبت. جيتوڻيڪ نيٺ صوبن جي وراست جي نسبت ڪميشن ويهائي وئي پر  ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي  ڪانگريسي سياستدانن ۾ ان مسئلي ۾ سنجديگي نه هئڻ سبب اهو  مسئلو ڪڏهن به پوري طرح نبري ڪين سگھيون. اڙهي ڳاله ناهي جي هندستان جا ماڻهو  هڪ ٻئي جي پُٺان مڙئي ريس پئي ڪئي .دنيا ڀر ۾ جيڪر ڪو فرڪ مختليف قومن ۾ رهيو آهي ته سو آهي ٻولي جو. اها ڳاله جيتري سچي يوروپ ۾ آهي اوتري سحيح ننڊي کنڊ ۾ آهي.

هندستان ۾ رهندڙ سنڌين ۾  هميشاه ئي هڪ وهم ويٺل رهيو آهي ته ڄڻ هر ٻولي جي ڳالهائندڙ کي صوبو لازمي طور مليل آهي. پر ايڙهي ڳاله ناهي. هندستان ۾ سکن جي تعداد سنڌين کان تمام گھڻي آهي پر  ان جي باوجود سکن کي صوبو 1966 مطلب آزاديءَ جي  ٻن ڏهاڪن کان پوءِ وڃي مليو، وري ڪونڪڻي يا وڌرڀ (مڪاراشٽر) کي ته اڄ تائين صوبو ڪين مليو. جيتوڻيڪ صوبن جي ڪميشن تمام گھڻن قوم کي سندس هديون جو رڳڙو نبري ڏنو  پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڄ به سنڌ واڱر ايڙهيون تمام قوميون آهن جن سان انصاف ڪون ٿيو. اهو ئي سبب آهي جي ڄ به اهو  مسئلو زندوه آهي.

جيستائين ڳاله ڪجي سنڌي صوبي جي ته اهو چٽي ريت صاف آهي ته سنڌي صوبي جي لڙائي  سنڌين ڪڏهن شروع ڪون  ڪئي. جيتوڻيڪ ڌانڌيڌام جو وجود 1948 ۾ ٿيو پر ان جي باوجود اسين سنڌي ڪڏهن به وڏي تعداد ۾ ڪچڇ ڏانهن لڏپڻ ڪين ڪئيسين. ڀائي پرتاپ ديالداس جنهن گانڌيڌام ۾ سنڌين وسايڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي پر اڙهي ڳاله ناهي جي سنڌين ڪا گھڻي لڏپڻ ڪئي جڏهن ته يهودي اسان کان بدتر حالتيون ۾ يوروپ کان ايشئا تائين لڏپڻ ڪئي ڪچڇ جو ڇونڊڻ بلڪل واجب هو ڇاڪاڻ ته ڪچڇي سنڌي ٻولي جو لهجو هئڻ سبب ، ڪچڇي سنڌين جي تمام ويجھو آهن وري  آب هوا جي لهاج کان به ڪچڇ جو ماهول سنڌ جيڙهو آهي.
ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي  ته جڏهن هندستان ۾ صوبن جي وراست پئي ٿئي ته سنڌي ٻن ويلن جي ماني لاءَ به ڳڻتيون پئي ڪندا هئا. سو ايڙهي حالتيون ۾ صوبي جو جاکڙو اهو به هڪ پرائي ملڪ ۾ سنڌين کي اجيب لڳندو هو. وري تن ڏنهن تائين سنڌين جي سنڌ موٺي وڃڻ جي آس اڃا به برڪرار هئي. سو سنڌين  صوبن بابت ڪجه خاص ڌيان ڏنو ئي ڪون، پر جڏهن جاڳيا ته تمام گھڻو دير ٿي چڪي هئي. وري ڌانڌيڌام ۾ به جيڪا سنڌين کي وسائڻ جو جاکڙو ٿئو سو الاڪي بابت هو نه ڪي صوبي بابت. ايڙهي به ڳاله ناهي ته ڪچڇ بابت تمام ٿوڙن سنڌين کي ڄاڻ هئي پر ان جي باوجود اسين پاڻ کي وسائڻ جي ايترا ته منجھي پياسين جي ان ڳاله جي تات ئي نه رهي جي ڪڏهن ڪچڇ کي گجرات ۾ سامل ڪيو ويو . (ڪن جو مڃڻ آهي ته گجرات کي ڪچڇ ۽ سوراشٽر ڏئي پرچايو ويو هو ڇو ته گجراتي بمبئي تان هٿ کرڻ لاءِ تيار ڪين هئا)
بامبي پريسڊنسي ۾ تمام گھڻيون قوميون جو وجود هو  مثلن ڪچڇي (۽ سنڌي)، ڪونڪڻي، وڌرب، ڪاٺياواڙي، مراٺي ، گجراتي وغيراه پر جڏهن بامبي پريسڊنسي جي وراست جو فيئسلو ٿيو ته رڳو گجراتي ۽ مراٺين کي ئي ڌيان ۾ رکي ڪيو ويو. گجراتين ڇو ته بامبي ۾ جھجھو پيسو سيڙهائو هو سو هو بامبي شهر کي مراٺين جي هٿن ۾ نه پئي ڏسڻ  چاهيو وري ٻئي پاسي 1900 کان مراٺين جي سياست جو مرڪز مامبي شهر رهيو آهي  وري جنهن شهر ۾ مراٺي گھڻائي ۾ هجن تن کي هو گجراتين جي هٿ ۾ ڏين اهو  مراٺين قوميپرستي ۾ ٻاهه منجھ گھيه جو ڪم ڪيو. سوچڻ  پر ان جي باوجد گجراتي تنهن مهل جي ڪانگريس ۾ پنهنجي نمائيندگي جي ذور تي نهرو کي ڪنهن ڪدر  مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿي پيا جي بامبي شهر کي مرڪجي حڪومت جي هيٺ آڻيجي جيڪو مهاراشٽر کان ٻاهر رهي. اڃا اهو فيئسلو ڪيو ئي وڃي پيو جي ڪانگريس کي ڀاري سڪست ملي بابمي شڊر جنهن سبب نيٽ  نهرو اندرا گاندي جي چئي مامبي کي مراٺين جي هٿ ۾ ڏيئڻ لاءِ مزبور ٿيو.
جڏهن صوبن جي وراست جي ڪميشن پنهنجي ڪم ۾ منجھيل هئي ساڳي وقط گجراتي ۽ مراٺي ڳالائندڙ قوميون پنهنجي پنهنجي سگھ وڌائڻ جي نسبت پنهنجن الاڪن ۾ سنيوڪت مهاراشٽر ۽ مها گجرات جي جاکڙي جون تهرقيون پئي هلائون جنهن سبب ڪميشن جو پورو ڏيان گجراتين ۽ مراٺي قومن ڏانهن ٿي ويو. ان سبب ئي  مهاراشٽر جي پاسي ڪونڪوڻي ۽ وڌرب سان بيانصافي ٿي. وڌرب کي ته صوبي جو وائيدو تائين ڪيو ويو هو پر نيٺ اهو صوبو وجود ۾ ڪين آيو. وري گجرات جي پاسي ڪاٺياواڙي کي سوراشٽر هو جيڪو ڌار صوبو هو. پر ان کي گجرات ساڻ گڏايو ويو . صوبن جي وياست  ۾ وڏا ويلءَ ڪچڇ ساڻ ٿي جنهن کي هڪ ڌار ٻولي هئڻ سبب به ڌار صوبو ڪين مليو
ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيڪر سنڌ پاڪستان جو حصو نه ٿئي ها ته اڄ سنڌ ۾ نه ته مهاجرن وارو مسئلو ٿئي ها ۽ نه ئي هندن جي لڏپڻ ٿئي ها پر اه کان وڏي ڳاله جي سنڌ ۾ ڪچڇ ۽ جيسلمير هجن ها جيڪي تاريخي سنڌ جا الاڪا ٿي رهيا هئا . پر ٿئو ان جو اڳوپوءِ اڀتر . اهو ئي نه پر  جن صوبن ۾ سنڌين جا الاڪا هٿ ڪيا تن ۾ سنڌين سڀني کان ڏکن جا ڏنهن ڏٺا. راجستان ۽ گجرات (ڪچڇ کان سواءِ) ۾ اڄ به سنڌين سان وهنوار  ڏکائيندڙ آهي. اهو سڀ ان جي باوجود جي 1947 کان اڳ سنڌ ۾ جام گجراتي هندو رهندا هئا ۽ ڪن آڪڙن موجب هندو سنڌين کان وڌيڪ تن ڏنهن ۾ گجراتي ڪراچي ۾ وڌيڪ  وسيل هئا. جيڪر ڪچڇ جي ڳاله ڪجي ته هندستان جي آدمشُماريءَ ۾ ڪچڇين کي سنڌين ساڻ گڻيو ويندو آهي. پر ان جي باوجود اسين سنڌي توڙي ڪچڇي هڪ سياسي پليٽفارم تي ڪين اچي سگھيا آهيون. هندستان ۾ سنڌي جيڪر ڪنهن قوم جي ويجھو رهيا آهن ته سي آهن ڪچڇي برادري. ڪچڇين ۾ ۽ گجراتين ۾ فرڪ ان ڳاله سان لڳائي ٿو سگھجي جي گجرات ۾ هڪ ڊگھو اتهاس ۾ هندو مسلمانن جي فسادن جو جڏهن ته ڪچڇ ۾ اڙهو ڪو مسئلو آهي ئي ڪين . اهو سڀ ان جي باوجود جي پوري گجرات ۾ 9 سيڪڙو مسلمان آهن جڏهن ته ڪچڇ ۾ 25 سيڪڙو.

ع1948 ۾ ڌانڌيڌام  جو پايو وڌو ويو. تن ڏنهن ۾ ان شهر جي آڏائڻ جي پُٺيان سوچ اها ئي هئي ته سنڌ مان لڏي آهيل سنڌين  کي هڪ ايڙهي الاڪي جي ضرورت آهي جيڪو ڪنهن ڪدر سنڌ جيڙهو هجي. ان ڏس ۾ ڪچڇ مان سٺو الاڪو ٿي نٿو سجھي. اهو ئي سبب هو جي ڀائي پرتاپ ديالداس جي مهنت ۽ مهاتما گانڌيجي جي آشرواد سان ڪچڇ جي تنهن مهل تائي مهاراجا وجيه راج جي کينگرجي جڏيجا ڪچڇ ۾ 15000 ايڪڙ جي ذمين لڏي آيل سنڌي کي وسائڻ لاءِ ڏني. ان کان سواءِ هندستان جي سرڪار ڪنڊلا جو بندر آڏائڻ لاءِ به ڪوششيون شروع ڪيون. ڀائي پرتاپ رايه جي خوواش  هئي ته ڪراچي ٻهر وسيايو وڃي پر سنڌين جي هندستان ۾ تڪڙ ۾ وسڻ جي خووائيش ڀائي پرتاپ رايه جي ڪوششن تي اڳي پوءِ پاڻي فيري چڏو. وري ڀائي پرتاپ جي سندس ڪن دوستن ۽ ڪن سنڌين ۾ ايترو تنگ ڪيو تنگ ڪيو ڪورٽن جي ڪيسن سان جي پڇاڙي جي ڏنهن ۾ جام ڏئي ڪيو. مٿون وري سرڪاري ڳاڙهو ٽيپ سبب ڪنڊلا جو بندر جو ڪم به تمام گھڻو وقت کڻي ورتو جنهن سبب سنڌين جو خواب رڳو خواب ئي رهنجي ويو.

جيتوڻيڪ صوبن جي وياست جي وقت ڪچڇن ۾ گجرات کان ڌار ٿيئڻ جي خوائيش ڪين ڏيکاري پر ان جي باوجود ايڙها به موڪعا آيا آهن جڏهن ڪچڇ ۾ ڪچڇيون پاران پنهنجي لاءِ ڌار صوبن جي گھر ٿي آهي. اها گھر ورجھڙائيءَ  ۾ 2001 جي ڀوڪنپ جي وقط تيز ٿيو جڏهن ڪچڇ جي ماڻهون کي لڳو ته ڀونڪنپ جو وڏي ۾ وڏو نڪصان سهڻ جي باوجود ڪچڇ ساڻ ماٽيلو وهنوار پيو ٿئي. اهو ئي نه پر ڌار صوبي جي گھر  رهي رهي ڪچڇن پاران ٿيندي رهي آهي. پر ڏک جي ڳاله ته اها آهي ته جن کي ان ڌار صوبي جو وڏو فائيدو پڄڻو آهي يعني سنڌي قوم ، ان مسئلي ته ڪڏهن به ڪو هل ته پري ذڪر تائين نه ڪندا آهن. اهو ئي نه پر  ڪچڇ کي ڪڏهن به سنڌين ڪا به وڏي  اهميت ڪين ڏني آهي . اها ڳاله ان مان پڌري آهي جي سنڌي ثقافت جي نسبت  سايد ئي ڪو وڏو جسلو ڪچڇ ۾ ڪرايو  ويندو آهي جن ۾ ڪچڇي به شامل هجن.

سنڌين جي وڏي بدقسمتي اها رهي آهي جي اسين هندستان ۾ به اچي جام غلطيون ڪيوسين جيڪي 1947 کان پوءِ نه ٿيئڻو کپنديون هيون. سنڌ ۾ اسين ٽريل پکريل هئاسين پر سنڌ جي ٽريل پکريل رهڻ ۽ هند ۾ ٽريل پکريل ۾ وڏو فرڪ آهي. ٻولي توڙي ثقافت وارا مسئلا هندستان ۾ تمام وڏا ٿي بيٺا آهن. هندستان ۾ ڪچڇ اسان کي هڪ معڪو ضرور ڏنو جنهنجو جو فائيدو اسين هٿ ڪين ڪري سگھياسين. اهو سڀ ان جي باوجود جي سنڌ موٽڻ ڪنهن به هندو کي خواب ۾ به ايندو آهي. اسين سنڌ ته وڃائيسي پر ساڻ ساڻ هند ۾ جيڪا سنڌ وسيل آهي تنهن کان به پري ٿيندا وياسين.
سنڌين ۾ سنڌ لاءِ سڪ هميشاه ئي رهندي پر ان جو اهو مطلب نه ٿيئڻو کپي جي ان سنڌ جي سڪ  جو پٺيان اسين هند ۾ وسيل سنڌ جي وساري ويهئون. هي هڪ ايڙها سوال آهي جنهن جو جواب سنڌي ڳولهڻ نه چاهندا آهن سايد اسين ڪنهن جاکڙي کان ئي هار مڃڻ جي چاه رهندا آهيون.
هي سوال يقينن سوچڻ لائيڪ آهي.....