March 11, 2013

ڪوڙو سچ يا سڌو سهون حساب



هي مضمون مان هڪ بنگالي گروپ ۾ پڙهي. هي ليک ڀلي بنگالاديش جي  هندن بابت هجي پر مونکي لڳو ته اسين سنڌ ۾ رهندڙ  سنڌي هندن  جي حالت ان کان گھڻي فريل ناهي . مان اميد ٿو ڪين ته بنگلاديش جي حالتون بابت هي ليک تمام اهميت وارو ثابت ٿيندو



ڪوڙو سچ يا سڌو سهون حساب


اهو ته پاڻيءَ جي ريت چٽو صاف آهي ۽ ڪنهن کي ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي بي اين پي (خاليداه ضيا جي پارٽي)  توڙي جمات اسانجا اڳوڻا ويري آهن سو انهن بابت ڇنڊو ڇاڻ ڪري اڳوڻيون ڳالهئون ورجائڻ جي ضرورت ناهي . پر عوامي ليگ بابت ڇا چئجي ! جيڪر اسين اهو چئون ته عوامي ليڳ اسان جو ئي سوکتو پليل زهريلو نانگ آهي ته غلط نه ٿيندو. چڱو ته پوءِ هيڪر ان بيان تي اوک ڏوک ر ڪيون؟ .اتهاس ڏسو چڱي ريت . ملڪ آزادي ٿيندي نه ٿيندي ئي “بنگ بنڌو”  شيخ مزيبور رهمان ڪٽرپنٿي آئي او سي جي ميمبرشپ هٿ ڪرڻ نسبت ڊڪ پاتي هئي ۽ قابياب پڻ ٿيو هو. جيڪي بنگالي هندو هندستان لڏي ويا سندن ملڪتيون “ويري ملڪتيون” ڪرار ڏني ويون . بنگالي قوميپريستي جي نالي تي ملڪ آزادي ٿيئڻ تي ئي تنهن مهل هلندڙ طالمي پالسي ۾ وڏو فيرو  آڻيندي مدراسا بورڊ جو وجود وڌو ويو جيئن اسلامي وچارڌار توڙي سوچ جي مارفت  هڪ اسلامي قيادت لاءِ سپاهي تيار ڪري سگھجن. “رومنا ڪالي باڙي” ۽ “آنندوموئي آشرم” کي بولڊوجرن سان ڊاهي اها سڄي ملڪيت رياست پنهنجي نالي ڪئي ۽ رهيل قسر بانگالي قوميپرستي جي دهائي  ڏئي بنگلاديش جي اقليت کي ڏنل ريجرويشن نبيري وئي. کير جيئن به هجي هو (بنگبنڌو شيخ موجب ار رهمان ) اسان جا رهبر هو  راشٽرپتا هو . سندس کنيل  قدمن کي اسين غلط نٿا ڪرار ڏئي سگھئون. شايد اسين هندن کي اهو سڀ لهڻو هو. ان بعد آيا 1995 جا ڌل ڏهلائيندڙ ڏک جنهن جي هڪ ڏهاڪي بعد آگمن ٿيو شيخ حسينا جو. اها ئي ڄاتل سڃاتل شڪل ۽ هن جي ساڻ اسان هندن جي آواز اقليت جو آواز ٿيئڻ . اها ئي ڳاڙهي فال واري ٺنگائل ساڙي ۽ جيجل جيڙهو نماڻو مهانڊرو. هسينا عوامي ليڳ ۾ توفاني تريعڪي سان آئي. پيار سان هندن کيس اپنايو ، ساڻس بيٺا پنهنجو سمجھي. 90 جو ڏهاڪو ايندي ايندي ئي شهيد جنني جهانارا امام جي شهرت اڀ تي هئي. هڪ عوامي رهبر جي ريت عام انسانن ۾پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي هئي. اسانجي پياري شيخ هسينا لاءِ سايد اهو مُساوات (سمِڪرڻ) جي غلطي هئي ۽ هن جي هڪ لوڪپريه عوامي اڳوان بڻجڻ جي واٽ ۾ سڀن کان وڏي رنڊڪ. ان وقط سيخ حسينا پنهنجي نجي مُساوت (سمِڪرڻ) جي تهت ان وقط جي مشهور نالاري  ليکڪ  “موتيئور رهمان  رينٽو” جي لکيل ڪتاب “آمرا ڦاشي چائي” (اسين فاهي ٿا گھرون ) ۾ ڌرج ڪيل سچائي کي دٻائڻ ۾ ڪوئي قصر ڪو ڇڏي. ان ڪتاب جي ذرئي اسين ڄاڻئون ٿا ته ڪيئن اسان جي پياري شيخ هسينا هندستان ۾ بابري مسجد جي ڊهڻ کان پوءِ پنهنجي نجي فائدي لاءِ پنهنجي پيسي جي ذور تي راجٿاني ڊاڪا ۽ بنگلاديش جي ڪنڊ ڪرچ ۾ هندن جي گھر ۽ مندرن کي ٻاه لگائڻ لاءِ ماڻهون کي همٿايو  ۽ ٿيو به ڪجه ايئن ئي هو. پوري بنگلاديش ۾ هندن جا گھر توڙي مندرن کي ٻاهيون ڏنيون ويون هئون . هڪ ٿرٿلي فيلائي وئي هئي. هسينا تنهن مهل هندن سان گڏ بيٺي هئي ۽ اهو سمجھايو هو ته جيڪر عوامي ليڳ جي حڪومت آئي ته اهو سڀ بند ٿيندو. ان راند ۾ هو قامياب پڻ ٿي هئي. ( ڪتاب آمرا فاشي چائي تي 1996 ۾ پرتيبنڌ  لگايو ويو جڏهن عوامي ليڳ حڪومت ۾ هئي ) شهيد جھاهانارا امام اسان جي اڳوان ڪين ٿي ، هو ڪون ٺهي سگھي، تا  کان هوءَ سان جو فڪرُ ۽ اسان جي اڳوان رهي آهي. 1996 کان 2001 تائين هوءِ حڪومت ۾ رهي . ڇا هندن کي مليو ۽ اسان ڇا وڃايو ان سان اسين سڀئي واقيف آهيون . 2008 ۾ جڏهن وري هوءَ حڪومت ۾ آئي تڏهن به هوءِ اسان جي رهبر رهي. خاليدا ضيا ۽ ايرشاد اسلام کي بنگلاديش جو قومي ڌرم ڪرار ڏنو ۽ اسان جي هسينا ان جي بيدرو ڀرو. مطلب ڪو به هاني ان کي مٽائي نٿو سگھي. ان جي وروڌ ۾ آواز نٿا اٿاري سگھن. ديش ڊوهي ڪوٺباسين . بنگلاديس لاءِ اسلام جو دفتري دين ڌرم ٿيئڻ سيڪولريزم لاءِ اڳوپوءِ موت ثابت ٿي. هندو ڀلي ڪيترو نه بنگالي قوميپرستي يا آزادي جي جاکڙي وير گھاٿا جي نسبت  فڪر ڪندا هجن پر سندن قسمت ۾ بس رڳو ٻوڙي (شونه، 0) ئي آهي . مونکي ته مُوڪتي جي سوچ توڙي  وچارڌارا مان وڌيڪ ڏک ٿيندو آهي. 1971 جي آزادي جا ٻڄ هندون پوکيا هئا. هندو سو سيڪڙو آزادي ڪا همايتي هئا. هن ملڪ جي سنويڌان اسان کي ٻئي ڌرجي جا شهري ڪرار ڏنو !!! اسين مڃئون يا نه اها سڀن جي نڄي رايه آهي. مدراسا بورڊ ۾ بي اين پي توڙي جمات کان پوڌيڪ مالي مدد هسينا جي هيٺ عوامي ليڳ حڪومت  ڏني. ان مدسرن مان پڙهي  نڪتيل شاگردءَ ڇا هڪ سيڪولر  سماج  جي نمائيندگي ڪندا ؟؟ ع2012 ۾ ڀاٿگھاٺا، هاٺجابي، باگيرهاٺ، ديناج پور ، چِچِر بندر ۾ بنا ڪنهن جي هسائڻ جي هندن جا گھر، مندر ڊاها ويا پر هسينا ڪوڙي دلجاءِ تائين ڪون ڏني.!!! رامو معملي ۾ هوءَ جبلن پهاڙن تائين ڊڪندي وئي ڇا ڪاڻ ته اتي عوامي ليڳ لاءِ پيسن جو معملوهو. هندن سان ڀلا هوءَ ڇو بيٺي هجي. هندن ۾ آخر آهي ڇا ؟ وشوجيت داس جو وڏي بيرهمي سان ڪتل شاگردن ڪيو. اسانجي هسينا جاچ پڙتال ته ڪئي ڪونه ، ڪڏهن مري ويل بِشوجيت جي مائيٽن واٽ به ڪون وئي همدردي جا به لفظ ڳالهايا . ڇا اهو سڀ ان لاءِ جي بِشوجيت هندو هو ؟ هندو مرن سان به ڇا ۽ جيئڻ سان به ڇا. بلاگر راجبير جي مائيٽن وٽ وڃڻ جو وقط ٿئي ٿو ڇا ڪاڻ ته هو اڳواٽ هڪ مسلمان آهي ۽ پوءِ هڪ ديش پرمي بلاگر ۽ وشوجيت ته اڳواٽ هڪ هندو ۽ پوءِ هڪ مهنت ڪري جيئڻ وارو بدقسمت. هڪ ڳاله جيڪا اسان جي پياري اڳوان هميشاه ئي دهرائندي رهندي آهي ته “پنهنجن جي وڇوڙي جو ڏک آئون مهسوس ڪري سگھندي آٿم ” ٿي ٿو سگھي هوءَ سمجھندي هوندي پر پنهنجا گھر بار، مندرن جي سڙڻ جو ڏک نه سمجھندي هوندر، پنهنجي ماءُ، ڀيڻ يا ڌيءَ سان ٿيئل جنسي بيئزتي يا بلاتڪار جو ڏک هون ڪون سٺيو آهي . ع2001 کان 2006  تائين ٿيل اقلتين تي ظلمن سان انساف ڪرڻ جي ڳاله هون ڪئي هئي پر ڇا ڪڏهن به اهو ممڪن ٿيو. جيڪر انساف ٿئي ها ته اڄ جيڪي هندن جا گھر توڙي مندر ڊاهن ٿا تن کي ان ڳاله جو اهساس ِرور هجي ها ته اسان جي به ڪمن جو هساب ورتو ويندو!! . ڪڏهن نه ڪڏهن قانون به اسان جي ڪڏ پوندو . هي هڪ سڌو سهون سمِڪرڻ آهي نه سمجھڻ جي ڪا به ڳاله ناهي. هڪ وڏي سياسي راند وئي کيڏي وڃي.
هندو جيڪر مارا به کائن ته ساڻس به واٽيو آهن
هڪ ته پنهنجو مٿو هيٺ ڪري سڀ ڪجه سهندا رهن اهو مڃن ته هو ڪنهن پرائي ملڪ ۾ ٿا رهن ۽ ٻيو  ته پاڻي جي اگھن تي پنهنجيون ملڪتيو وڪڻي هندستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ لڏي وڃن .
جيڪر پهرون وڪلپ (آپشن) هندو هٿ ڪرن ته فائيدو عوامي ليک جو ئي آهي. پنهنجي حڪومت هوندي به هندن تي ايترو ظلم؟؟؟ !!!!! جيڪر بي اين پي جمات حڪومت ۾ اچڻ ته اسان جا ته ڳترا ڳترا ڪيا وينداسين  .!! ان لاءِ سائين ووٽ اوامي ليگ کي ئي ڏيئڻو آهي ، ڪنهن به حالت ۾ اوامي ليگ کي حڪومت ۾ آنڻو آهي
جيڪر هندو ٻيو ولڪپ ٿا هٿ ڪن ته به فائدو عوامي ليگ جو ئي ٿيئڻو آهي. پاڻي جي قيمت تي ملڪتيو وڪامبيو يا وري جيڪي اوامي ليگ جا اڳوان  هندن کي رات جي اونڌاري ۾ بارڊر پار ڪرائيندا ، ان ملڪتيون تي هڪ ان ئي اومي ليگ جي اڳوان جو حق ٿيندو. اتهاس به ڪجه ايئن ئي ٿو چوي. نه ته جيڪر هڪ ڀيڙي ڏسجي ته لگ ڀگ هر وارڊ ۾ اوامي ليڳ جو ايڪائيون آهن . حڪومتي ارادن سان گڏ هو ڇون ٿا بيهي سگھن.!!  چو نه رات جي اونڌاري ۾ هندن جي مندرن ٿوڙي گھرن کي باه ٿيندڙن کي سري عام ڪُٽيو ٿو وڃي !!. ڪنهن آڌار تي ملڪ جو گھر منتري اهو ٿو چوي ته حالتون عام آهن . !!!! اڄ اسان کي سنجدگي سان پنهنجي بابت سوچڻو پوندو . اسين هر پاسي پنهنجي ويرن کان وڪوڙيل آهيون . کٻي پاسي ، سڄي پاسي ، سامهون پُٺيان . رڳو اشور تي ئي ڀروسو آهي. بنگلاديش ۾ اڄ جي تاريخ ۾ ٻه  ڪڙوڙ هندو رهن ٿا . اها به پنهنجي پاڻ ۾ ڪا ننڊي آبادي ناهي. جيڪر اسين هڪ ڀيڙو هڪ ٿي وڃئون . پنهنجا فرڪ توري وڇوٽيون  وساري پنهنجي وجود جي لڙائي ۾ هڪ ٿي سگھئون ۽ اها ڳاله سري عام ڪري سگھئون ته هر ڪا سياسي تنظيم ڀلي اها جمات هجو، بي اين پي هجي يا وري عوامي ليگ توڙي ايرشاد جي جاتيه پارٽي هجي سڀئي اسان جا پادر چومينديون . اسان جي اڇا شڪتي، اسان جو وشواس کي ڪم تي لگائڻو پوندو. اسان ۾ جيڪو سچو ديشپريم آهي، اسان ۾ جيڪا سچاءِ آهي تنهن کي ڪم ۾ آنڻو پوندو. جيڪر ايئن ٿيو ته اشور جي ديا اسان تي هوندي. پر ان کان اڳ اسان کي اهي انتهائي مشڪل ڏنهن پار ڪرڻا پوندا . جمات هجي، اوامي ليگ هجي يا وري بي اين پي جيڪو اسان جا گھر ساڙندو، اسان جي مندرن کي ڊاهندو اهو اسان جي وجود جو ويري ڪوٺبو. اسان کي انهن جي وروڌ جو ڪو تريعڪو ڳولهي ڪڏڻو پوندو. انهن کي پڌرو ڪرڻو پوندو. جيڪر سوءُ ماڻهو اسان جي گھرن کي ٻاه ٿا ڏيئڻ ڪاهي اچن ته انهي ٻاه ۾ انهن جي هڪ کي ساڙي وجھڻو پوندو. به ته اسان لاءِ پوليس جي ڪجه ڳوليون کان سواءِ ڪجه به هٿ به نه هوندو. بانس جو لٺيون ۽ اسان جي گھر کي ڏنل ٻاه ئي اسان جا هٿيار آهن. اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ سکڻو پوندو . اٿو ڀائر اٿو . جيڪر مرڻو ئي آهي ته لڙي مرئون ۽ جيئون ته عزت سان جيئون ...........هري اوم
(نوٽ؛ انڌي عوامي ليڳ همايتن کان معفي ٿو گھران. ڀِت سان پُٽي سٽجي وئي آهي. پيٽ ۽ پُٽي هڪ ٿي وئي آهي ، اڳتي ٻيو بنداست ڪين پيو ٿئي سو سڀ ڪجه اوڳوڙي ڇڏيوم )  

March 8, 2013

رنڪل جون منٿان


سُڌير موريه “سُڌير” هندي ڀاشا جو ڪوي ٿوڙي ليکڪ رهيو آهي. سندس اٺ ڏه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جا کان اسين رنڪل ٿوڙي اغوا ٿيئل هندو نياڻيون جي نسبت جاکڙو شروع ڪيو هو اسان سان برابر جو سنڳتي رهيو آهي.


پيش آهي سندس تازي ڪويتا جيڪا ضائيفائو جي عالمي ڏنهن جي معڪي تي رنڪل ڪماري تي سمرپت آهي



رنڪل جون منٿان

اڄ جي رات پڻ
ڪاري ئي نڪتي
ڀنڀ ڪاري اُنڌهي
ڇو لکي ڏِنئي
منهنجا سائين
نصيب ۾ منهنجي
آئون ته ٻُڌو هو
اُڀ جي ڀونءِ تي
سرهديون نه هونديون آهن
اتي ڪو
هندو مومن ناهي
سِنڌُ يا هِندُ ناهي

تون مٿي آهين
ان رواج کان
آخير تون
اڀ وارو آهين

وري ڇا ٿيو
جي منهنجو سڏُ
تونهنجي ڪنن تائين
دستڪ نه ڏئي سگھيو
اڙي منهنجا سائين

اڙي منهنجا اِشور
آئون اڃا به
توکي
اڀ واري ئي ليکندي آهيان
پر تون ڇو
ننڌڪڻي ڪون سمجھوئيِ
اڙي اڀ وارا
نانءُ  ياد اٿي نه منهنجو
آئون رنڪل ڪماري آهيان
يا وري
 تون پڻ
منهنجو ڪوئي
ٻيو نانءُ رکي ڇڏيو آٿئي. 


ڪوي سُڌير موريه “سُڌير”

March 2, 2013

هو هندو هئا


سُڌير مورته ايئن ته پيشي سان انجنيئر آهي. هندستان جي صوبي اتتر پرديش  جو ڄائو  سڌير ڪمار ناليرو هندي ڀاشا جو  ليکڪ ۽ ڪوي رهيو آهي. هيل تائين هاٺئون ڏسيل ڪتاب شايع ٿييل آهي .
ڪويتائون : آهه !، لمس ۽ هو نه هو
ڪهاڻيون : اڌُري پنک
ناول:     ايڪ گلي ڪانپور ڪي ، ڪصسي شنڪر پرساد ڪي ، املتاشا ڪي ڦول.
امضمون:  بُڌ ڪي سنواد

پيش آهي سندن ڪويتا جيڪا مون هندي ۾ لکي وئي ئي هت سنڌي ۾ الٿو ڪري پيش ڪجي ٿي.


هو هندو هئا 





هنن پنهنجي سُررن کي
جوڙو سمجھي
اپنايو
سندن گھرن ۾ گھُري آيل
ماڻهون
کين قافر ڪرار ڏنو
ڇو ته
هو هندو هئا

هنن
يونان مان آيل گھوڙن جو
فڪر
چُر چُر
ڪري ڇڏيو
سڀيتا تائين
جن جي سبب
هن ڪاينات ۾ جنم ورتو
هو هندو هئا

جنهن
 ترائين جي ميدان ۾
کلي کلي
شڪست کادل
ويرِن کي
حياتي ڏني
هو هندو هئا

جن جا مندر
ڪاهي آيل ان ڏوهاڙن
ناس ڪري ڇڏيا
جنهن جون گلن جيڙهيون
ڪماريون  کي
جبرن اغوا ڪري
کنڀي ويا
جن تي
انهن جي گھرن ۾
انهن جي ئي اشور
جي پوجا تي
جيجئا مڙيو ويو
هو هندو هئا

ها هو
هندو هئا
جن هلدي گھاٽي ۾
ملڪ جي شان
جي لاءِ
پنهنجو رت
وهائيندا رهيا
جنهن جا سڪلندا اولاد
گھاهءُ جو فلڪو
کائي
خوش رهيا
ڇو ته
هو هندو هئا

ها هو هندو آهن
انلاءِ
سندن نياڻيون جي
اسميتا جو
ڪو مول ناهي
اڄ به
پنهنجي زمين تي
رهندا آهن
ان زمين جو نانءُ
پاڪستان آهي

هاڻي سندن
ماتر ڀومي جو نانءُ
پاڪستان آهي
انلاءِ
هاڻي کين اتي
انساف
گھرڻ جو حق ناهي
هاڻي سندن
آواز
ٻُڌڻ ۾ نه ايندي آهي
“دٻائي ويندي آهي ”
اڄ سندن نياڻيون
ان ڊپ ۾ جيئنديون آهن
اغوا ٿيئڻ جي
ايندڙ وارو هنن جي آهي

ڇاڪاڻ ته مظلومن
مان
روڄ
ڪو نه ڪو
رنڪل کان فريال
جبرن
بڻايو ويندو آهي
انلاءِ

جن جون نيانيون آهن
سي هندو آهن
۽ سندن
وڏا
هندو هئا

ڪوي سڌين موريه “سڌير” .  (Twitter Handle : @SudheerMaurya)
الٿو ڪندڙ   راڪيش لکاڻي
ٽويٽر   @rakesh_lakhani




February 28, 2013

ڳاله سنڌي هندو قيادت جي



سنڌ توڙي هند ۾ هندو سنڌين جي لاءِ حالتون هڪ ٻئي جي اڀتر هئڻ جي باوجود سياسي قيادت توڙي سياسي سوچ ۾ وائيڙو ڪندڙ هڪجيڙهائي نظن ايندي آهي. ان جو وڏي ۾ وڏو ثبوت ٻنهن ملڪن ۾  ٻن وڏيون پارٽيون ڏانهن  انڌي وفاداري ئي رهي آهي. هڪ پاسي جتي سنڌ جا هندو ڀٽي  جي پ پ پ ۾ شرڪت ڪري گد گد ٿين اتي هندستان جا سنڌي بي جي پي ۾ پاڻ جي ارپن ۾ به پورا رهيا اهن.

سنڌين جي هڪ ڌرين جو ٿي وڃڻ جي فترت ڪا اڄ جي ناهي. ورهاڱي کان اڳ هندو سنڌي تيستائين ڪانگريس سان وفادار رهيا جيستائين ورهاڱي توڙي لڏپڻ جو ڌڪ کين هڪ وڏو ڪاپارو ڌڪ ڪين هئون . اهو ڌڪ ايترو ته زبردست هو جي ورهاڱي جي  65 سالن بعد به اسين اهي منظر ڪين وساري سگھيا آهيون ته ڪيئن سنڌ جا ڪانگريسي اڳوان ستا رهجي ويا. ته ڪيئن هو سنڌ جي مٽندڙ سياسي حالتون کي سمجھڻ ۾ قاسر رهيا ۽ ته ڪيئن  راتون رات پنهنجي ئي ملڪ ۾ پرڏيه ڪرار ڏنا ويا.

ايڙهي ڳاله ناهي جي مسلمانن جو هڪ اسلامي رياست ڏانهن لاڙو ڪنهن کان ڳجھو هو. انگريجن جي ڏنهن ۾ سنڌ ۾ سنڌي نثر جو هڪ اهم ٿنڀو جٿيمل پرشرام گلراجاڻي سنڌ ۾ سنڌي مسلم قيادت جي ان فريل منوورتي ڏانهن سنڌوواسين کي آگھاه ڪندي لکو هو “کلافت آهي آفت” ۽ اها کلافت سچ پچ سنڌ لاءِ آفت کڻي آئي. کلافت تهريخ مان پاڪ ٿيل لڳ ڀڳ هر اڳوان ڀلي اهو جي ايم سيد هجي يا وري عبدل ماجد سنڌي ، پير الاهي بخش، ايوب کرو يا وري هدائيتولاه ، سڀن پنهنجي سياسي زمين سنڌي هندن کي هسائي ئي ڪئي جيڪو سلسلو اڄ به سندن وارثن توڙي پوئيلڳن پارا اڄ به ڪنهن نه ڪنهن ريت وڏي سنجدگي سان پيو هلندو اچي. سنڌ ۾ پير مير ۽ جاگردار جي جمايت اڄ به انهن ڪم ۾ لڳل آهي جنهن ريت هو مسجد منظل گاه جي وقط ڏسڻ ۾ آيو هو. پڇاڙيءَ جي مني سديءَ ۾ ان ۾ ذري جو به فرڪ نه آيو آهي.


سنڌ ۾ هندو قيادت جي ٺڪيدارن جو اڳيون تڏهن کلڻيون کپينديون هئون جڏهن مسجد منظل گاه جا فساد ٿيا. سنڌ جي هندو اڳوانن جون اکيون نه تنهن مهل کليون ۽ نه ئي جڏهن هندو اڳوان پنماڻي کي شهيد ڀڳت رام جي ڪاتلن جا نالا سنڌ اسلمبلي ۾ پڌرا ڪرڻ سبب اسلمبلي مان ٻاهر نڪرندي ئي ڪتل ڪيو ويو. انگريجن جي ڏنهن ۾ ڪيل سياسي ناداني جي قيمت اڄ تائين سنڌ ٿوڙي هند جو عام سنڌ ٿو پيو چڪائي.

جيڪا غلطي سنڌي هندو قيادت سنڌ ۾ ڪئي تن جو نڪسان رواجي هندو سنڌي پنهنجي ماتر ڀومي جي قرباني ڏئي چڪائي. ملڪ ويو، لڏپڻ ٿي، هڪ صوبي ۾ رهندڙ پوري هندستان ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي پيا، وري سياسي زور هميشاه لاءِ نبري ويو سو ڌار ڏچو !! جڏهن ته هندي، اردو ، بنگالي مسلمانن جي لڏپڻ 1954 ۾ نبري وئي پر سنڌين ۾ اڄ تائين اها لڏپڻ پنهنجي پوري روطبي سان پئي هلي.

مول سوال ته اهو آهي ته آخر ڇو هندستان جي سنڌي قيادت هندن تي ٿيندڙ ظلمن ٿوڙي نه نبرندڙ لڏپڻ تي خاموش آهي.!!  هندو سنڌ مان ڇو پيا لڏن ؟ ، ڪيڙهي سبب پيا لڏن ؟ ڪير ٿو لڏائي ؟ اهي سوال هينئر ڳجھا ناهن رهيا. اڄ سنڌ ۾ اقلتيون جي حالت سان پوري دنيا جي آڏو آهي پر هندستان جي سنڌين پنهنجي سياسي قيادت ئي ڪجه ان ريت پيش ڪئي آهي جي اسان کان پنهنجن تي ٿيندڙ ظلمن تي به آواج  بلند ڪرڻ نٿو پُڄي.!! هند ۾ سنڌي قيادت جو اهو هڪ نهايت ڏکائيندڙ بابُ رهيو آهي.

هندستان جي سنڌين جا ٻه وڏا اڳوانن ايئن ته پاڻ کي سنڌ جا ڄاول ڪرار ڏيئڻ ۾ ڪڏهن به هجاب ڪين ڪيو آهي پر سنڌ ۾ يا سنڌ مان لڏي آيل هندن جي سُرن تي وائيڙو ڪندڙ خاموشي اختيار ڪئي. سنڌ ۾ هندو نياڻيون تي لنڱ ڪڏائيندڙ ظلمن سماجوادي پارٽي يا بي جوُ جنتا دل جيڙهن پارٽيون جي اڳوانن واڪا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو پر جيڪر ڪي ماٺ رهيا ته اهي هئا سرس تي ويٺل هندستان جا سنڌي اڳوان . نه آڏواڻي ءَ جي واتئون ڪجه نڪتو نه جيٺمالاڻي جي  . جيٺملاڻي ته راجسٿان مان هندستان جي اسلمبلي راجيه سڀا لاءِ ڇونڊجي ٿو جٿي سنڌ مان لڏي آيل چار لک هندو سنڌي رهن ٿا . !!!

پڇاڙيءَ جي 65 سالن ۾ سنڌ مان ٿيندڙ لڏپڻ جي جيڪر ڳاله ڪجي ته اهو سمجھڻ ۾ دير ڪين ٿي لڳي ته هندن جي هر تبعڪي لڏپڻ جي سُر سٺا آهن. عام سنڌي مسلمانن ايئن ته ع1947 کان اڳ واري سنڌ لاءِ ته ذجباتي ٿئي ٿو پر سنڌ جي فريل حالتون مان فائيدو وٺڻ مان هجاب نٿو ڪري. وري جيڪر ظلم نه به ٿا  ڪن سي پنهنجي بچاءُ ۾ مِهوُن تيار رکن ٿا  ته “سائين اهو سڀ مسلمانن سان به پيو ٿئي” . اندروني سنڌ هندن تي ٿينرڙ ظلم ڀلي ڪي ٿوڙا ڏوهاڙي ٿا ڪن پر  ان جو پورو ساٿ  رياستي ادارن ورتو آهي. جٿي ڪٿي به هندو نياڻيون اغوا ٿيو آهن، هندن جو ملڪتيون فٻائون ويو آهن، هندو مندر ڊاها ويا آهن ، هندو نياڻيون کي اسلام جو منهن ڪري نيٺ وڪيو ويو آهي ان ۾ ڏوهاڙي سنڌي مسلمانن کي پورو ساٿ حڪومتي ادارن ڏنو آهي. لڳ ڀڳ هر وارداتن ۾ جيتري حصيداري  پير مير ڀوتار جي رهي آهي اوتري سنڌ توڙي رياستي ادارن جي.

سنڌ ۾ هندن لاءِ ڪي گھڻيون واٽيون رهيون ناهن . سنڌ جي هندو اڳوانن جن کان پنهنجي ماڻهون جا ڏک ناهي سٺيا ويا سي لڏي ويا. دلچسپ آهي ته لکشمڻ سنگھ دوڍا يا وري رام سنگھ سوڍا ويٺل ميمبر هئا جڏهن هو لڏي ويا !!! وڏي ڳاله ته اها آهي جي هو ٿر مان هئا جنهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته هندو گھڻائي ۾ آهن. جڏهن چونڊيل نمائيندن جا ايڙها حال آهن ته عام انسانن جا ڪيڙها حال آهن اهو سمجھڻ ۾ ڪا گھڻي دير ڪين ٿي لڳي.

سنڌ ۾ هندو هڪ ايڙهي رياست ۾ فاتل آهن جٿي کين هڪ انسان ڪري به نه ليکيو پيو وڃي . حڪومت ڀلي پ پ پ  جي هجي يا ٻئي ڪنهن پارٽي جي. هر سگھيري پير مير ڀوتارءَ کي خبر آهي ته هندن لاءِ مڙد ماڻهو ٿي ٻهڻ جي سجھ سايد ئي ڪو هندو ميڙي سگھندو. وري هڪ خاموش هندستان ٿوڙي هندستان جو سنڌي سماج ان رياستي ادارن جي همٿ وڌايو آهي. سنڌ جو مظلوم هندو جيڪر ووٽ ڏي ته ڪنهنکي !!! ٻيو ته ٺهيو هاڻي ته قوميپرستن لاءِ به ٿو چيو وڃي ته هو به هندن کان ڀٿو ٿا اڳارين . مطلب هندن تي ٿيندڙ ظلمن ۾ ڪا به ڍرائي اچڻ جي اميد تائين نٿي ڏسڻ ۾ اچي.

پاڪستان جا 95 سيڪرڙو هندو سنڌ ۾ رهن ٿا . جيڪر گجراتي ڳالهائندڙ  ڪراچي جي  ڪاٺياواڙين کي ڌار ڪجي (جنهن جي تعداد ايئن به هڪ لک مس ٿيندي)  ته اهي سڀ هندوسنڌي ئي آهن. لازمي طور اها اميد ڪئي وئي هئي ته پ پ پ هڪ سنڌي پارٽي هئڻ سبب هندو سنڌين ڏانهن ٻئن پارٽيون جي ڀيٽ ۾ سندس  وهنوار ڌار رهندو .ٻيو نه ته  پڇاڙيءَ جي 5 سالن ۾ جنهن ريت هندن تي ظلم ٿيا آهن ۽ جنهن ريت پ پ پ  جي اڳوانن جا نالا ميڊيا ۾ آيا ان سان  هندن ۾ سندن مستقبل لاءِ ڪيڙها انديشا ٿي ٿا سگھن اهو سمجھڻ ۾ دير ڪين ٿي  لڳي. ان جي باوجود هندن پنهنجا ووٽ هميشان پ پ پ  کي ڏنا آهن. بدقسمتي سان هندستان جي هندو سنڌين ريت سنڌ جي هندو قيادت به پنهنجي حقن سانڱي سياسي تنظميون جي اڳيان ڳوڏا ٽيڪڻ ۾ ئي پنهنجي سياڻپ سمجھي آهي جڏهن ته هندستان ۾ مسلمانن لڳ ڀڳ هر پارٽي کي پنهنجي اڳيان ڳوڏا ٽيڪڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي.

هندستان جي سنڌي قيادت ڀلي پنهنجي پهرين نظر ۾ سنڌ جي هندن جي ڀيٽ ۾ ايتري ننڌڪڻي يا بيوس نه به نظر اچي پر هو سنڌ جي هندن واڱر هڪ پارٽي جي هٿن ۾ مخمل طور فاسجي چڪا آهن. جيتوڻيڪ سنڌين جي ڪانگريس سان پنهنجايپ ۾ کٽاس  سنڌ مان شروع ٿي ئي پر مول فرڪ هندستان ۾ پڌرا ٿئا هئا جڏهن هندن جي وسائڻ ۾ ڪانگريس جي قردار ڏکائيندڙ جڏهن ته هندو تنظميون ڀلي اها هندو مهاسڀا هجي يا آر ايس ايس هجي هندن جي مدد لاءِ هميشاه ئي تيار هوندي هئي !!!. وري سنڌ ۾ رهندي هندو ڪانگريسي اڳوانن جي حالتون کي نه سمجھڻ جي غلطي ڪانگريس جو سنڌين مان اڳي پوءِ سفايو ڪري ڇڏو.

سنڌي ڪانگريس مان پاسيرا ٿي هندو پاٽيون ڏانهن ته جھڪيا پر پنهنجي غلط قيادت سبب اسان اڄ به اتي ئي آهن جتي سنڌ ۾ رهدي هئا . اڄ به ننڊي کان وڏو سنڌي اڳوان ڀلي پاڻ کي سنڌي ٿو ڪوٺائي پر سنڌين جي حقن لاءِ پنهنجي سياسي ڪيريئر اصل ئي داءُ تي لڳائڻ لاءِ تيار ناهي اهو ان جي باوجود جي اڻ سنڌين جو سهڪار رهيون آهي.

پڇاڙي جي 65 سالن جي سنڌي هندو قيادت ان ڳاله جي ساهد آهي ته اسان جا اڳوانن اڄ به اها ئي غلطي ٿوڙي ناداني ئي پيا ورجائين جيڪا غلطي هنن 1930 کان 1947 تائين سنڌ ۾ ڪئي . نه اسين ورهانڱي کان اڳ ان حالتون کي سمجھي سگھياسين ۽ نه ئي اڄ سمجھڻ لاءِ تيار آهيون. ايڙهي ڳاله ناهي ته اسان وٽ ڪا سنسٿا يا پليٽفارم ناهي پر اسان جي قيادت توڙي سوچ ئي ڪجه ايئن آهي جي اسان جا اڳوانن پيٽ پرست ٿوڙي معڪا پرست ٿي ئي  رهجي ويا.

رواجي هندو سنڌي ڀلي سنڌ کي کسجڻ جو ماتم اڄ به پنهنجي دل سانڊي ڇون نه رکي پر جيستائن سنڌي قيادت جو ڪيال غلطيون جي ڳاله آهي ته هو اڄ منهنجي ماضي ۾ ڪيل غلطيون کان سبڪ سکڻ لاءِ اصل ئي تيار ناهي. اهو هڪ وڏو سبب هو ته جڏهن 1971 ۾ هندوستان جي سينا ٿر تي به ڪبجو ڪري وٺڻ جي باوجود اسين مان ڪنهن ان ڳاله تي هل ڪون ڪيو ته سنڌ جو اهو ڀانڱو هندو سنڌين کي ڏنو وڃي.!!!!  

پڇاڙيءَ جي سوا سوءُ سالن جي ڪيادت ان ڳاله به شاهد آهي ته اسين اڄ به اتي ئي فاٿل آهيون جٿي انگريزن جي ڏنهن ۾ هئاسين. نه مکتيف پارٽيون جو وهنوار مٽيو آهي ۽ نه ئي سنڌين پنهنجو ڪردار مٽڻ جي ڪا اميد ئي ڏيکاري آهي. پنهنجي قوم کان اڳ پنهنجي نجي فائيدا اڄ به اسان اسان تي اوترا ئي هاوي رهدا آهن جيترا سنڌ ۾ هوندو هئا. اسان جا اڳوان رڳو تڪيون هٿ ڪرڻ ۾ ئي پورا هوندا آهن، ٺيڪ ان ريت جيئن سنڌ جا هندو اڳوان ڪن. وري اسان جو وهنوار به ايرو رواجي ٿي پيو آهي جي سڀن کي خبر هوندي آهي ته سنڌي هندستان ۾ ڪنهن کي ووٽ ڏيندا . فرڪ رڳو ايترو ئي رهيو آهي ته اڳ اسين ڪانگريس جا پوئيلڳ هوندا هئا سين هاڻي بي جي پي جا.

رام جنم ڀومي واري مسئلي ۾ اسين پنهنجي ڪديوار اڳوان جي پُٺڀرائي ۾ ڪا به ڪسر ڪين ڇڏي پر ان جو موٽ ۾ سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن کان بيخبر رهياسين. سنڌ ۾ سون هندو مندرن کي ڊاهيو ويو. نياڻيون اڳوا ڪيو ويون، بلوچسٿان ۾ هندو جنداه ساڙيا ويا پر هندوسٿان جا سنڌي ماٺ رهيا. ايڙها ڳاله ناهي ته هت هندستان ۾ ڪنهنکي ان ڳاله جي خبر ڪين هئي. اڳوڻو پرڌار منتري شري اٽل بهاري واجپئي ته رڙيو ڪندي ان ڳاله کي رکيو سنڌ ۾ هندن سان ظلم پيو ٿئي  پر هڪ گليشئر ريت سُتل سنڌي قيادت اتي به اسان کي ڌوڪو ڏنو. ڪيتري عجيب ڳاله آهي ته جڏهن بنگالي ۽ تمل پنهنج پرڏيه ۾ رهندڙ ڀائرن لاءِ هائي گھوڙا ڪرڻ جي ڪا به ڪسر ڪون ڇڏن اسان پنهنجي ئي خون ئي ڌوڪو ڏيئڻ ۾ منٽ جي دير نه ڪيون !!!

سنڌين کي جيڪر هندستان ۾ پنهنجو وجود سوگھو ڪرڻو آهي، هڪ سنڌي ٿي رهڻو آهي ته پنهنجي قيادت کي مٽڻو پوندو. ساڻ ساڻ پنهنجي قيادت جي ذريئي پنهنجا اجينڊا به رکڻا پوندا. پنهنجي ڳاله هر سياسي تنظيم جي اڳيا رکڻو پوندي ۽ ووٽ بينڪ جي سياست سکڻي پوندي.

پر اهو سڀ تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن اسين“ لوهاڻا (واڻيا) ئي رڳو سنڌي”  واري ڪوايت مان پنهنجي جند چُڏائينداسين ۽  ڏاٺي، ڪچڇي کي سنڌي ڪري ليکنداسين . هر ڀيل، ميگھوار ، ڪولي کي سنڌي ڪري ليکنداسين .  اسانجي وڌيل تعداد ئي اسان جي ووٽن جي آواز بڻبي .

سنڌ مان لڏندڙ هندو جيڪر ڪنهن ڏانهن آليون اکيون سان اميد ۾ آهن ته اهو هندستان آهي پر هندستان تڏهن جاڳيندو جڏهن هندستان جي سنڌي قيادت جاڳيندي نه ته اسان کي هڪ معڪا پرست، پيٽ پرست قوم ٿيئڻ جو لڪاب پائيڻ لاءِ تيار ٿيئڻو پوندو  جيڪا ڪنهن به قوم لان ڪنهن گار کان گھٽ ناهي ٿيندي آهي ....




February 2, 2013

هينئر سنڌي ڀاشا ۾ به ڪري سگھبا ڊگري توڙي ڊپلوما


هندستان ۾ سنڌي ٻولي لاءِ هڪ وڏي قاميابي


راشٽريه سنڌي ٻولي وڪاش پريشد جي ڊگھي جاکڙي بعد مرڪجي حڪومتءَ سنڌي ٻولي ۾ ڊگھري ٿوڙي ڊملوما جي پڙهائڻ نسبت  موڪل ڏني آهي. اندرا گانڌي اوپن يونورسٽي ۾  بيئڊ، ايم عيڊ، ڊگري، ڊپلوما جي نسبت ڪورش شروع ڪرڻ جي موڪل ڏئي چڏي آهي. ان بعد سنڌي ٻولي جي نسبت ست ميمبرن جي هڪ ڪميٽي به وجود ۾ آئي آهي جيڪو ان سنبت ڪورس تيار ڪندي. لپت ٿيندي سنڌي ٻولي کي سگھ وٺائڻ لاءِ ان نسبت ڪورس تيار ڪرڻ جي جور شور سان  ڪوشش ڪئي پئي وڃي  جيڪا هڪ وڏي قاميابي آهي. حڪومت ٻين ڀارتيه ٻوليون جي تهت سنڌي ٻولي ۾ پڻ ڪورش شروع ڪرڻ نسبت حڪومتي پڌرائي ڪئي آهي. راشٽريه سنڌي وڪاس پريشد جي سدر موجب اهو فيسئلو حڪومت سال 2011 ۾ ئي ورتو هو پر ان لاءِ ڪا به سنسٿا اڳتي ڪون آئي هئي پر هينئر اندرا گانڌي ايپين يونورسٽي ان لاءِ اڳتي اڄڻ سبب هي سورس شروع ڪيو پيو وڃي.
اهو ياد رکڻو کپي ته سنڌي ٻولي کي هندستان جي قومي جي شڪل 10 اپيريل 1967۾ ڏني وئي هئي
ان فيئلي سبب ڪي اهم فائدا ڪجه هن ريت آهن
·       سنڌي ٻولي جو واڌارو ٿيندو
·       ڊگري سنڌي ۾ ملڻ سان نجي فائدو ٿيندو
·       ڪيرئر سوگھو ٿيندو
·       مائيٽن کي سنڌي ٻولي ۾ چاه وڌندو ۽ هو پنهنجي ٻارن کي سنڌي پڙاهندا
·       سنڌي ٻولي ٿوڙي ثقافت سوگھي ٿيندي


January 1, 2013

Memorandum in Vejanti Case by Sindhi Social Media





سنڌي سوشل ميڊيا فورم
ميمورنڊم 5 ڊسمبر 2020


1-   سنڌ جي هندن سان ٿيندڙ ظلم جي هر شڪل، ڪا اتفاقي يا سماج ۾ جاري  ٻين خرابين جو حصو هئڻ کان وڌيڪ، مخصوص مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل جو اهڙي سازش جو حصو آهي، جنهن ۾ رياست جا  پاليسي ساز ۽ قانون جي رکوالي ڪرڻ جا دعويدار طاقتور ادارا، سندن اشارن تي هلندڙ سياسي ۽ مذهبي جماعتون، درگاهون، سندن پير ۽ مريد، جاگيردار، اسيمبلي ميمبر ۽ قوم پرست پارٽين ۾ ويٺل ڏوهاري ٽولا، هڪ جهڙو ئي گندو ڪردار ادا ڪندڙ آهن.
2-   سنڌُ جي هندن خلاف هر سازش، شروع ٿيڻ کان  انجامتي پهچڻ تائين، سنڌي قوم جي وجود خلاف هڪ وارُ ئي آهي، پر ”سنڌُ دوست“ سڏائيندڙ ڌريون پاڻ کي ”سنڌ دشمنن“ واري واٽَ تي هلندڙ ثابت ڪري، يا ته ان سازش کي سمجهڻ لاءِ  تيار نه ٿيندي، بلڪل خاموش آهن يا ان سطح جي مزاحمت ڪرڻ کان عاري آهن، جيڪا اهڙي سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ، گهربل آهي.
3-   سنڌين جي ”عوامي نمائندگي“ ڪرڻ جي دعويدار پاڪستان پيپلز پارٽي، جيڪا  نه رڳو هر دور ۾ سنڌي هندن جي ووٽ جو وڏو حصو حاصل ڪندي رهي آهي،  پر ان سان گڏ پاڻ کي ”سيڪيولر جمهوري“ سوچ جي چئمپين به قرار ڏئي ٿي، تَنهن جا اڪثر اسيمبلي ميمبر سنڌ ۾، سنڌي هندن خلاف ٿيندڙ ظلم جي هر شڪل  جو اهم ڪردار ادا ڪندڙ يا اڻ سڌيءَ طور ملوث آهن.
4-   پاڪستان پيپلز پارٽي، جَي پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ڏنل موقف کي پنهنجو سمجهي ٿي، جنهن ۾ هُن چيو هو ته”پاڪستان ۾  اقليتن سان ظلم بند نه ٿيو ته، ملڪ جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو“، ته فوري طور سنڌُ ۾ هندن سان ظلم ۽ سندن نياڻين جي اغوا ۾ ملوث پنهنجي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ميان عبدالحق عرف ميان مٺوءَ کي گرفتار ڪري، مظلوم رنڪل ڪماريءَ سميت سندس قيد ۾ موجود هڪ سئو جي لڳ ڀڳ هندو نياڻين کي آزاد ڪرائي.-  ۽ هندو نياڻين جي اغوا ۽ سندن زوري مذهب تبديل ڪرائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ درگاه ڀرچونڊي ۽ ساماري جي پيرَن خلاف ڪاروائي ڪري، جيڪي مذهب جي نالي کي به لڄائي رهيا آهن.
5-    سنڌ جي هندن کي ”ڪمزور اقليت“ سمجهي ساڻن بدترين سلوڪ ٿيڻ جو تازو ئي سڀ کان وڏو واقعو، عمر ڪوٽ ضلعي جي تعلقي پٿوري جي شهر غلام نبي شاه ۾ ٿيل، ڇَهن سالن جي معصوم ٻارڙي وجنتي سان ٿيل وحشت(ريپ) جي شڪل ۾ سامهون آيو آهي پر پ پ حڪومت هميشه جيان سنڌي هندن جي دشمن وارو ڪردار ادا ڪندي، واقعي ۾ ملوث فنڪشنل ليگ سان لاڳاپيل جوابدار هاشم مڱريَي کي بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ پهرين، پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ جي قانون واري وزير اياز سومري جي ڀاءُ ايس ايس پي عمر ڪوٽ رياض سومري ذريعي، معصوم وجنتيءَ سان وحشت ڪندڙ جوابدار طور هڪ مينگهواڙ نوجوان ، نالي نوَل کي گرفتار ڪيو، پر ان سازش کي سنڌي اخبارن ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ناڪام بڻائڻ بعد،ويري هڪ موالي، نَالي راڻَي ملاح کي جوابدار طور سامهون آندو ويو آهي ۽ وجنتيءَ جي مائٽن کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته، راڻي ملاح کي ئي جوابدار طور قبول ڪري، خاموش ٿي ويهي رهن.
6-   سنڌي سوشل ميڊيا فورم، معصوم وجنتي ۽ سندس خاندان سان پ پ سرڪار جي مدد سان ٿيندڙ اهڙي سلوڪ جي مذمت ڪندي، مطالبو ڪري ٿو ته، سنڌ جي معصوم نياڻي وجنتيءَ سان ٿيل ظالماڻي سلوڪ لاءِ ذميوار فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ ۽ علائقي ۾ جوا ۽ منشيات جو اڏو هلائيندڙ هاشم مڱريي کي فوري طور گرفتار ڪري، ان شرمناڪ واقعي جي اصل جوابدارن کي پنهنجي انجام تي پهچائي، ٻي حالت ۾ اُها پاڻ کي اهڙن شرمناڪ واقعن جي ذميوري مڙهي وڃڻ کان، پاڻ بچائي نه سگهندي.




November 12, 2012

سنڌ مان لڏي آيل 219 هندن کي ڏيئاري جو سوڳات ، کين ايل ٽي وي ملندي



·       راجستان صوبيئي حڪومت مرڪز کي موڪليو خط

رپورٽ راجستان پرتيڪا جوڌپور پريم پاٺڪ
ڌارمڪ ويزا ۾ آيل 219 هندون جو ويزا وڌائڻ ۽ کين ڊگھي ارصي وارا ويزا ڏيئڻ ۾ ڪو به ايتراج ناهي. صوبائي حڪومت (راجسٿان رياست) پارا ان نسبت اين او سي مرڪز کي حوالي ڪيو ويو آهي.



پاڪستان جي سنڌ صوبي ۾ انتها پسندي جا ظلم سهيندڙ 219 هندو جيڪي جوڌپور لڏي آيا هئا تن موٽي نه وڃڻ جي خوائيش زاهر ڪئي هئي. ان لاءِ هو اڳي ئي ايف آر او کي پنهنجون درخاستيون جما ڪرائي چڪا هئا. راجسٿان حڪومت پارا گهر وزارات (گروپ 4) جا اسپشل افسر ۽ جيل خاتي جا افسر شري جي ڪي شرما پارا 30 آڪٽوبر ۾ ئي هڪ خط مرڪزي حڪومت ڀارت سنڪار جي گھر وزارات کي هڪ خط لکو ويو هو جنهن ۾ 219 هندن جي آيل ٽي وي ڏيئڻ جي شفارش ڪئي وئي هئي ۽ ساڻ ساڻ اهو مطالعو ڪيو ويو هو ته لڏي ايندڙ هندن يقينن ظلم سٺل عام ماڻهو آهن ۽ سندن سان ملڪ کي ڪو به خترو ناهي.

اها خبر ملندي ئي جودپور جي ڊالي ٻائي مندر جي ڀرسان رهندڙ سنڌ لڏي آيل هندن جنهن ۾ گھڻا ڀيل ۽ ڪي ميگھواڙ آهن  ڏئي ٻاري خوشيون مڃائون. سندن لاءِ بنا روڪ ٺوڪ جي جوڌپور شهر ۾ هو رهي سگھندا . سندن لاءِ  هنيءُ ڏئاري ٻڻي خوشي کڻي آئي.

جوڌپور جي ڪليڪٽر شري گورو گويل  جو چوڻ هو ته جيڪو به سرڪاري ڪانون تهت ڪيو ويندو آهي سا ڪارواهي ڪئي پئي وڃِي. 

http://epaper.patrika.com/c/503668