Showing posts with label Atrocities on Hindus. Show all posts
Showing posts with label Atrocities on Hindus. Show all posts

July 23, 2013

سنڌ لڏيل هندو -- “ننڊي کنڊ جو ننڌڪڻو قوم”


 
پهتاسين ڪيڙهي ماڳ وڃي ڇاپُڇي ڪندي
هان، ڏس ته هن سفر ۾
لنگھياسين ڪٿئون ڪٿئون
سنڌ کي ڪون ڇڏائي ڪو سگھي
سنڌين کان
سنڌُ سنڌين ۾ وسي
سنڌُ هتي، سنڌُ هُتي

هي سٽيون مهان سنڌي ڪوي شري نارائڻ شام پاران هڪ ايڙهي وقط لکي ويون هئون جڏهن سنڌ جا شهرءَ هندن کان کسيا ويا هئا ۽ هو پنهنجي ئي ملڪ مان جلاونتي ٿي هندستان ۾ ڌر ڌر جا ٿاٻا کائڻ لاءِ مجبور ٿي پيا هئا. هي سٽيون ان لاءِ به احمِيت ٿيون رکن ڇا ڪاڻ ته اهي سٽيون ڪوي پنهنجي آجمودي سان لکيون هئيون. ورهانڱو سنڌي هندن ۽ خاص ڪري لوهاڻيون جي هر تبڪعي کي ڄڻ جڙ کان جھنجھوري ڇڏيو. دلچسپ ڳاله ته اها آهي جي ايڙهي رايا وچار رڳو ليکڪن يا ڪوين جا ئي نه پري عام سنڌين جا پڻ هئا. ورهانڱي جو ڌڪ سنڌي هندن لاءِ  ايترو جبردست هو جي کين نه ته سنڀلڻ جو معڪو ملو ۽ نه ئي وقط. اهو هڪ وڏو سبب هو جنهن جي هلندي هندو سنڌي هر شيءِ ۾ هڪ سنڌ کي ساريندا هئا .

سنڌ مان هندن جي لڏپڻ نسبت هڪ اهم ڳاله اها به آهي ته جڏهن هندنستان جي مسلمانن 1954 ۾ ئي پنهنجي لڏپڻ نمبيري ڇڏي هندن لاءِ اهي اڄ به ڪنهن نه ڪنهن سورت  ۾ موجود رهي آهي. هندن جي لڏپڻ نسبت اهو گور ڪيو ورو آهي ته ع1947 کان ع1954 تائين واري لڏپڻ جي ڀيٽ ع1965 کان پوءِ واري لڏپڻ ۾ ايڙها ججبا ورلي ئي نظر ايندا آهن. اهي به ڌيان ۾ رکجي ته جيئن جيئن وقط گزريندو هو سنڌ جي هندون جو هُبُ سنڌ سان گھٽي نه گھٽي هندستان سان ضرور وڌيو آهي. ممڪن آهي ته پڇاڙِ جي 65 سالن کان هلندڙ سنڌي هندون سان ظلم سنڌي هندن ٿوڙي مسلمانن ۾ وڇاٽيون وڌايون آهن جيڪي وقط سان گھٽڻ بجاءِ وڌيون ئي آهن.

هندستان ۾ جيڪر سنڌي ساهته جي پسمنظر سان ڏسجي ته ع1947 کان ع1954 جي لڏپڻ جي ڀييٽ ۾ ع1965 جي لڏپڻ بابت نه جي برابر لکيو ويو آهي. ع1947 جي لڏپڻ مهل جيتوڻيڪ سنڌ جي شهرن ۾ رهندڙ هندن جي نشانو بڻيايون ويو جنهن ۾ وڏو ڪردار مهاجرن ۽ سنڌي مسلمانن سياستدانن جو هو. پر 1965 کان پوءِ هندن جي هر تبڪعي لڏپڻ ڪئي آهي.

دلچسپ ڳاله ته اها آهي ته ع1965 کان پوِ واري لڏپڻ نه ته مهاجرن سبب ٿي ۽ نا ئي ان لڏپڻ ۾ رڳو لوهاڻن پارا ٿي. ان لڏپڻ ۾ وڏو ڪردار سنڌ جي مير پير وڏيرن ڌاڙيل جي مدد سان ادا ڪيو  جنهن جي مار سنڌ جي لڳ ڀڳ هر هندو تبڪعي پئي سٺي  ڇا لوهاڻا، ڇا ڀيل، ڇا ميگھوار ته ڇا سوڍا راجپوت. ع1965 جي لڏپڻ ۾ ٻه اهم نالن ۾  اڳوڻي نائب ريل وزير لڇپڻ سنگھ سوڍا ۽ ڪوي هري دلگير شامل هئا. مطلب ته سوڍن کان لوهاڻن تائين ۽ لاڻڪاڻي کان ٿر پرڪار تائين ڪنهن کي ڪون بخشيو ويو. جڏهن ايڏيون ويو شخشتيون کي لڏڻو پوي ته عام سنڌي هندن جي ڪيڙهي ميار آهي.

۽ ٿيو به ڪجه ايئن ئي. ع1971  (جڏهن هندستان جي فوج ٿر ۾ ري آئي) ۾  ڪچڇ ٿوڙي جيسلمير ۾ لڳ ڀڳ لک کن سنڌي هندو لڏپڻ ڪري پهتا  . هنن کي تنهن مهل جي اندرا گانڌي جي حڪومت  جام دڙڪا ڏنا ته جيڪر اوهان موٽي ڪون ويا ته اوهان کي جيلن ۾ پوڙيو وينندو ۽ ايتجاج ڪيو ته اوهان تي ڳوليون تائين هلائي ٿيون سگھجين . پر ان جي باوجود ع1971 ۾ لڏي آيل هندو سنڌ ڪون موٽي ويا . سنڌ ۾ موٽي وڃڻ جو خوف کين موٽڻ نه ڏنو. سندن لاءِ موٽي وڃڻ ممڪن به ڪون هو. مهينن بعد هندستان حڪومت نيٺ ان لک کن هندن کي ناگريڪتا ڏني جيڪي نيٺ راجسٿان ۽ ڪچڇ ۾ هميشا لاءِ  وسيا.

بهرآل جيستائين ڳاله ع1971 کان پوءِ جي لڏپڻ جي اچي ٿي ته سنڌ لڏيل هندو ايترا خوش قسمت ناهن رهيا. شهريت ملڻ اوکي ٺاهي وئي. شهريت جي ڪانون ۾ اجايا فيربدل ڪيا ويا جنهن جي مار لڏندڙ هندو پيو سٺي.

ع1971 کان پوءِ واري لڏپڻ جي نسبت هڪ نالو جيڪو سڀنن کان اڳواٽ ٿو اچي سو آهي سيمانت لوڪ سنگھٽن ۽ سندس سدر هندو سنگھ سوڍا جو. سيمانت لوڪ سنگھٽن (يا پاڪ وسٿاپت سنگھ) جو وجود 1990 ڌاري سنڌ جي ٿر پرڪار مان اڳوڻي نايب ريل وزير لڇمڻ سنگھ سوڍا جي ڀائيٽي هندو سنگھ سوڍا  وڌو . ع1990 کان اڄ تائين سيمانت لوڪ سنگھٽن شري هندو سنگھ سوڍا جي سربراهي ۾ هجارن جي تعداد ۾ ڀيل، ميگھوار، سوڍن کي هندستان ۾ وسڻ ۾ مدد ڪئي آهي. اهو ئي نه پر سنڌ جي پوئيتي پول جاتيون کي ناگريڪتا ڏيئارڻ، ڊگھي ارسي جا ويزا ۾ مدد ڪرڻ وغيرا شامل آهن .

سمانت لوڪ سنگھٽن وقط بي وقت پبليگ هيئريگ جو بندوبست پڻ ڪرائيندي رهي آهي جنهن ۾ هندستان ۾ ڄاتل سڃاتل هستيون کي گھرائيو ويندو رهيو آهي جيئن کين سنڌ لڏيل پاڪستاني هندن بابت پڻ ڄاڻ هجي ته هو ڪيڙهي تڪليفيون ۾ آهن يا سنڌ ۾ کين ڪيڙهي نموني جا ظلمن کي منهن پيو ڏيئڻو پوي .

پر مهيني جي ويهين تاريخ عالمي پناگري ڏنهن هئڻ سبب جوڌپور ۾ ايڙهي هڪ عام سڀا يا پبليڪ هيئريگ جو بندوبست ڪيو ويو جنهن به شرڪت ڪندڙن ۾ راجاستان بار ايشوشيئشن جي ايديدارن کان سواءِ راجستان جي سماج سيوي سنسٿا جي ايديدار ڪويتا شري واستو پڻ موجود هئي جنهن ويجھڙائي ۾ سنڌ مان ٿي آئي هئي.


ان عام جلسي ۾ اڳواٽ سنڌ لڏيل پاڪستاني هندن پنهنجي تڪلفيون جو پيان ڪيو جيڪي ڪجه هن  ريت هئون

1.     راجسٿان جو ويزا نه ملڻ
ان جلسي ۾ گھڻن ان ڳاله جون ڏانهنيون ڪيون ته سائين اسان جٿي جي ويزا ۾ ڄاڻي واني شاجش تهت راجسٿان جو ويزا نه پيو ڏنو وڃي. اسين راجسٿان لاءِ ويزا جون منٿا ڪيو پر ملي هريدوار  جو. هاڻي اسين نيا هن ملڪ ۾ وري سنڌ مان اچڻ کان اڳ اسان وٽ ڏيئي وٺي تمام ٿوڙا روڪ هجن. اسين غريب هارين وٽ ايرترو ته پيسو ناهي جي اسين هندستان ۾ ڪنهن به هند وسي سگھئون. اسان جا مٽ مائيٽ سڀ راجسٿان ۾ ۽ اسين اتر هندستان ۾ ٿاٻا کائون !!!

2.     لڏندڙ هندن جي ٻارن جي تعليم بند ٿي وڃڻ
ان جلسي ۾ ايڙها به واڪعا ٻڌڻ ۾  آيا جتي هندستان ۾ لڏڻ سبب ڀيل، ميگھوار وغيراه جي بارن جون پڙاهيون اڌ ۾ ئي بند ٿي ويون. هڪ سنڌ لڏيل شاگردياڻي جو چوڻ هو ته هندستان سرڪار پوئيتي پول هندو جاتيون لاءِ نوڪرون ۾ تڪيون مهفوظ ٿي رکي. اسڪون ٿوڙي ڪاليجن ۾ امر ٿوڙي فيسن جي لهاز کان سهولتيون پئي ڏي پر اهو سڀ اسان کي تيستائين ڪون ملي جيستائين  اسان کي هندستان جي شهريت نٿي ملي. شهريت ملڻ ۾ ته ڏه ڏه سال ٿا لڳن تيستائين ته اسان جي پڙهائي جي امر به نبري وڃي. اسين هندو ڇوڪريون سنڌ ۾ اغوا ٿيئڻ جي ڊپ کان تعليم ڪون وٺي سگھئون  ۽ هت هندستان جي ڪانون سبب اسين تعليم کان مهروم رهجي وئون. اسان جي منٿ آهي ته حڪومت اسان جي مدد ڪري. اسان جي ڏکن کي سڏُ ڏي.

3.     لڏندڙ هندن لاءِ گھمڻ  فرڻ جي باپنڌي
ان عام جلسي ۾ ايڙها به پاڪستاني هندو هئا جن جو چوڻ هو اسين هندو اهو سمجھي هندستان لڏي آياسين جي هندستان اسان جو ملڪ آهي. اسان کي جتي وڻيندو اسين اتي وسي سگھنداسين ، پر هت اچي ڏسئون ته حالت يڪدم اڀتر آهي. اسان کي پنهنجي الاڪي جي ويه (20) ڪوه پري به وڃڻ لاءِ حڪومت کان موڪل ٿي پئي وٺڻي پوي ۽ جيڪر اسين ايئن ڪنهن مجبوري جي تهت ته  اسان کي جيلن ۾ پوڙهيو پيو وڃي. (ايڙها مسئلا هڪ نه پر جام هئا  جن ۾ ڪو هندو پنهنجي مٽ مائيٽ وٽ گمي شادي سانڱي سندن رهائيش جي شهر کان ٻاهر وڃڻ سبب هراست ۾ ورتو ويو هو. ايڙها مسئلا لوهاڻن لاءِ به مسيبت جا سبب بڻجن ٿا پر جتي لوهاڻي پيسن جي ذور تي نجات پائن ٿا اتي پيسو نه هجڻ سبب هو ڀيل ، ميگھوار هوالات جا چڪڪر ٿو کائي. !!!!)

4.     سنڌ ۾ هندن سان ٿيندڙ ڪهر
ان جلسي ۾ سنڌ مان ويجھڙائي ۾ 171 هندن جو جٿو (جن ۾ ڀيل توڙي ميگھواڙ هئا) هندستان گني ايندڙ  شري چيتن داس سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن جي ڳاله ڪئي جنهن سبب اها لڏپڻ ٿئي پئي.

چيتن داس ٻُڌايو ته ڪيئن اندروني سنڌ ۾ هندن تي ظلم پيا ڪيا وڃن. هو خاص ڪري ان ڳاله جو ذڪر ڪيو ته هيئن هندن کي پنهنجي درم موجب گزاري ويلن جو اگني سنسڪار به ڪون ٿا ڪرائي سگھن . جنهن سبب هو  لاشن کي دفنائن ٿا. لاشن جي دفنائڻ لاءِ به کين ڌر ڌر جا ٿاٻا ٿا کائڻا پون. هون ان ڳاله جو به ذڪر ڪيو ڪيئن هڪ نائين ورهيون جي نينگر جي دفنائل لاش کي مٽي اندران ڪڏي ٻاهر فٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مطلب ته هندن سان وير نه رڳو جيتي جيءُ پئي ٿئي پر هن دنيا کان گزاري وڃڻ کان پوءِ به!!!!. هنن ان ڳاله جو به ڏس ڏنو ته ڪيئن ڀيلن جي ٻارنر کان سنڌ جي اسڪولن ۾ ماستر تعليم ڏيئڻ ته پري ساڻس اسڪولن جا ڪاڪوس ساف ڪرائيندا آهن. هو ڇون ته ڀيل ٿي تون پڙهي ڇا ڪندي !!!

(اسان کان جيڪر وسري نه ويو هجو  ته چيتن داس ڪجه مهينن اڳ ٽينڊي الهار مان 171 جو جٿو سنڌ مان پنهنجي رهبري ۾ لڏائي آهو هو. لڏپڻ ڀلي ئي لوهاڻن جي ٿئي يا دليت سنڌين جي ڪڏهن به سهولي ناهي ٿيندي آهي. هڪ پاسي پير مير وڏيري جا ظلم ته ٻئي پاسي لڏو ته سنڌي مسلمانن جون اقليت ٿي وڃڻ جو کوف سبب لڏپڻ ۾ تڪلفيون.)


هندستان پاڪستان جون سرهديون 1954 ۾ نهرو لياڪت جي ٺاه سان بند ڪيون ويون. ان کان اڳ 1950 ۾ بنگلاديش واري الائيڪي ۾ ٿيئن فسادن اهو ثابت ڪري ڇڏو ته پاڪستان ۾ هندن جي عزت آبري سلامت ناهي رهندي. ۽ ٿيو به ڪجه ايئن. 1950 جي فسادن مهل لڏي آيل هندو ڪڏهن موٽي ڪون ويا. وري ع71 جا هندن تي ڪتلي عام اهو پڌرو ڪري ڇڏيو ته هندن جو پاڪستان ۾ حياتيو ڪنهن به سورت ۾ مهفوظ ناهن. ع1971 جو ڪهر ته ع1947 کان به وڏا هئا. !! ٻي پاسي پاڪستان پاسي لياقت علي خان کان جيترو پڳو هون هندنتان ۾ مسلمانن سنڌ وسايا ۽ اهو سلسلو تيستائين جيستائين لياقت کي ان ڳاله جي دلڄاءِ ڪون ٿي. هڪ پاسي هندستان مان مسلمانن ڀئيا وسايا ويا ٻئي پاسي هندن کي سنڌ مان حيڪالي ڪڏڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪون ڇڏي وئي. هندن جون مسلڪتيون تائين وڪرڻ غير ڪانوني ڪيو ويو !!!

بهرآل هن جلسي ۾ ڪنهن به نهرو لياقر ٺاه جي ڳاله ڪون ڪئي جنهن جو مقصد ئي هو هند ۽ پاڪ ۾ ٿوڙائي واري قومن جي عزت توڙي آبرو کي مهفوظ رکڻ. جيڪي به مهمان موجود هئا تن جي ناراجگي پاڪستان کان وڌي  هندستان سرڪار سان هئي جيڪا سندن ليکي سڀ ڪجه ڄاڻي به ماٺ آهي.

سچ پچ جيڪر ڏسجي ته ايڙهي به ڳاله ناهي جي هندستان حڪومت کي سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن جي ڄاڻ ناهي.جا کان هندستان پاڪستان جون سرهديون بند ٿيو آهن تان کان هندستان سنڌ مان لڏي آيل هندن جا ويزا رڳو ان شرت تي وڌايا آهن جي هندن تي پاڪستان ۾ هڪ هندو هئن سبب ظلمن جو شڪا پيو بڻايو وڃي. پر ان سڀ حقيقتن جي باوجود ناگريڪتا جي ڪانون ۾ فير بدل ڪيو ويو. ناگريڪتا ڏيئڻ جو ارصو پنج سالن کان وڌائي 7 سال ڪيو ويو. ناگريڪتا جي فيس پڻ وڌائي وئي. سنڌ جي ٿر پرڪار جا هندو جن جا مٽ مائيٽ جيسلمير، باڙميڙ، ڪچڇ ۾ ٿا رهن تن کي سرهد الاڪي ۾ وسڻ کان روڪيو ويو. جيستائين ناگريڪاتا ملي تيستائين سندن رهائيش جي شهر کان 20 ڪوه پري وڃڻ لاءِ به ڌار موڪل وٺڻ جيڙها اجايا ڪونون ٺاهيا ويا. وري جيڪر ڪنهن مجبوري ۾ به پنهنجي شهر کان ٻاهر ويو ته پوليس جو ڏچو سا ڌار آفت
هندستان حج تي ويندڙ مسلمانن لاءِ سبسڊي ڏي. لکن جا لک مسلمانن ان جو فائيدو وٺي حج تي وڃن پر پاڪستان جا هندو ويزا لاءِ سالن جا سال ترسن ايئن ڇو ؟ عام رواجي ويزا ته هندستان حڪومت مسڪين ماڻهو جي وس کان ٻاهر اڳي کي ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي هندو يا ته ظلم سهي يا وري ان کان نجات پائڻ لاءِ مجبور ٿي اسلام ڌرم  اپنائي.!!!

هندستان پاڪستان جو ورهانڱو دين ڌرم ۾ ٿيو. هندستان جي حڪومت ڀلي ان جو ڪيڙهو به نانءُ ڇون نه ڏي پر هقيقت ته اها ئي آهي ته دين درم جي نالي هن ملڪ جا ٻه ٽڪر ڪيا ويا. وري زمين جو به ورهانڱو هڪ جيڙهو ڪون ٿيو. آسام توڙي بهار  ۾ جڏهن ته مسلمانن ايلائيڪا به هندستان ۾ رکيا ويا  سنڌ جنهن به 30 سيڪڙو آبادي هندن جي هئي تنهن  کي پاڪستان جي هوالي ڪئي وئي. هاڻي هندستان ۾ مسلمان کي ته ڪا به تڪليف ڪون ٿي پر سنڌ جا هندو اڄ تائين رت جا ڳوڙها ويٺا هارن . هندستان ۾ نبا ڪنهن صوبي جي ته سنڌ ۾ هندو هئڻ جي سڄا پيا سٺن . ورهاڱي مهل هندستان جا اڳوان  مسلمان الائيڪا هندستان ۾ رهجي وڃڻ کي  پنهنجي وڏي قاميابي ڇون نه سمجھن سنڌ جي هندن جي ته نثل ئي تباه ٿي وئي.

ان جلسي ۾ موجود مهمانن پڻ پنهنجي ويچار رکيا جنهن ۾ اهم هئا شري شريواستو جو ڪي راجستان بار ايشيشن جا سدر پڻ هئا. سندس ويچار بلڪل صاف هئا ته پاڪستان ۾ هندو ڪون رهي سگھندا ڇا ڪاڻ ته حالتون اتي هندن جي رهڻ جيڙهو نان. وري پاڪستاني هندن لاءِ مسئلو اهو آهي ته هندستان جا ڪانون به سندن ساٿ ڪون ٿا ڏيئن سو ان لڏي آيل هندن لاءِ واٽ هڪڙي ئي آهي ته هو ڪانون جي دائيري کان ٻاهر جي لڙائي لڙن ، ڪانون کي فيرڻ لاءِ جدوجهد ڪن. اسين اوهان کي پوري مدد ڪنداسين. پر لڙائي ته اوهان کي لڻڙي آهي. اوهان جو ساٿ هندو سنڌ سوڍا به ڏيندو ته مان به ڏيندس. اوهان وڏي لڙائي لاءِ تيار هجو.

ان جلسي جي پڇاڙيءَ ۾ سوال جواب جو به سلسلو هليو جنهن ۾ سنڌ لڏيل هندن موجود مهمانن کا سوال جواب پڇيا . ڇو ته مان به ان جلسي ۾ ڪوٺايل هوس سو مون کان به هڪ اهم سوال ڪيو ويو جيڪو مان سمجھاٿو ته ضروري پڻ هو . سيمانت لوڪ سنگھٽن جي هڪ ڪاروڪنن پارا سوال اهو هوته “اسين ته سنڌ جا آهيون، سنڌي پڻ آهيون، سنڌ ۾ هر ڪو پيو هڪ جيڙها ظلم سهي پوءِ ايئن ڇو آهي ته اسان جي سار لهڻ هندستان جو به سنڌي اڳوان ڪون پهتو؟ جڏهن اڻ سنڌي اڳوان اسان جي سار لهي ٿا سوال سگھن ته پوءِ هندستان جي سنڌي اڳوانن جي ڪيڙهي مجبوري آهي؟”


ان سوالن جو جواب دراصل مون وٽ به صحي  ريت  ناهي ته اسان لوهاڻن سنڌين جو ايڙهو وهنوار ڇو آهي ؟ ڇو اسان ۾ پنهنجي پوئيتي ويل جاتيون بابت ايڙهي بيروکي آهي ؟ دليت ته هر هندو قوم ۾ آهن پوءِ سنڌ لڏيل ڀيل ميگھواڙ ٿوڙي ٻين جاتيون سان ايڙهو وهنوار ڇو ؟ مان ڀانيان ٿو هندستان ۾ سنڌين جي اها وڏي ۾ وڏي چنوتي آهي ۽ جيڪر اسان ان جاتيواد جي گجرات جي سلجھاءِ وياسين ته اسان سنڌين جي هندستان ۾ ايتري ته تعداد ضرور ٿي پوندي ته هتئون جا سياسي اڳوان چونڊن مهل اسان جي درن تي هوندا ۽ جيڪر اسين گڏ نه ٿي سگھياسين ته يقينن اسان لوهاڻا سنڌي سياسي پارٽيون جي اڳيان پنهنجي حقن جون منٿان ڪندي رهجي وينداسين هت ڪجه نه اچڻو آهي ڇا ڪاڻ ته جموريت ۾ ووٽن جي سگھ سڀني کان وڏي ٿيندي آهي. ووٽ آهن ته حق آهن....نه ته ڪجه به ناهي. بدقسمتي سان اسان ان لاءِ اڃا به تيار ناهيون  

May 9, 2013

ڪڏهن ٿينداسين پنهنجي ديش جا !!!




سنڌ توڙي پاڪستان جا هندن هڪ ايڙهي چڪرويو فاهي چڪا آهن جنهن مان نجات پائڻ ايترو به سهولو ناهي جيترو هندستان مان سمجھيو ويندو آهي. هندستان جي ڪنڊ ڪرچ ۾ رهندڙ اسان جي ٽهي جنهن ڪڏهن سنڌ ڪين ڏٺي، سنڌ جي عام هندن جي منجھ وقط ڪين گُزارو، سنڌ ۾ هڪ هندو ٿيئڻ جو احسان ڪين ماڻيو، پنهنجي ئي رت پاران زليل ٿيندو ڪون ڏٺو هي هڪ اڻ ڄاتل آجمودو آهي جنهن جو احساس اسان جي وس کان ٻاهر آهي.


سنڌ ۾ جيتوڻيڪ هندن جي ظلم نيان ناهن ، اهي سڀ ته سدائين ٿيندا رهيا آهن. پر جنهن صورت ۾ پڇاڙيءَ جي 65 سالن کان پنهنو ڀئوائيتو روپ ڏيکارو آهي اهو ان کان اڳ ورلي ئي ڏٺو ويو هو. سنڌ ۾ هندو ڀلي ڪنهن به تبڪعي جو ڇو نه هجي، ڪنهن به ڄمار جو چون نه هجي، سنڌ جي ڪنهن به الائيڪي سان واسطو ڇون نه رکندو هجي هڪ هندو ٿيئڻ جي احسان کان پوري ريت واڪيف رهي ٿو.


اندروني سنڌ ۾ سنڌي هندن سان ڪيڙهو سلوڪ پيو ڪيو وڃي ؟ سنڌ ۾ هندن جي ساماجڪ ٿوڙي سياسسي ڪيڙهو ڪردار رهيو آهي ؟ سنڌ ۾ رواجي هندو ڇو لڌپڻ لاءِ ماندا نظر ايندا آهن ؟ رياستي ايدارن جو ڪيڙهو سلوڪ رهيو آهي ؟ عام سنڌي مسلمانن جو ڪيڙهو سلوڪ رهيو آهي ان مسئلي نسبت ۽ وڏي ڳاله ته هندستان جي حڪومت ڪو ڪيڙهو ڪردار هجڻو کپي پاڪستاني هندن بابت ؟ هي سڀ اهي سوال آهن جنهن جو جواب سنڌ جو هندو تڏهن ٿو ڏئي سگھي جڏهن هو بي ڊپ هجي جيڪو فقط تڏهن ممڪن آهي جڏهن هو سنڌ کان ٻاهر هجي ٿو. سنڌ ۾ هندو ڪيڙهي دهشد ۾ ٿا رهن ان جو اندازو ان ڳاله مان ڪڏي  سگھجي ٿو جي  سوشل ميڊيا جتي گھڻو ڪجه ئي بيڊپ چيو ويندو آهي ، ڪو به هندو پنهنجو وات کولي ڪچڻ لاءِ تيار ناهي !!!


اهو ڏٺو ويو آهي ته عام، طور سان سنڌي لوهاڻا (جن کي سنڌي مسلمان واڻيا ڪوٺن) هندستان ۾ لڏي اچڻ جي باوجود پاڻ تي ٿيل ظلمن بابت خاموش ئي رهندا آهن، سايد کين هندستان ۾ پليس يا سرڪاري ارادن پاران پاڪستاني هئڻ سبب تنگ ٿيئڻ جو ڊپ رهندو آهي، سندن ڊپ به بي سبب ناهي. اڙها ٿوڙا واڪعا ٿيا آهن جڏهن سنڌ لڏيل هندو ان سرڪاري ارادن پاران تنگ ٿيا آهن جن مان نجات تڏهن ٿي ملي جڏهن کين روڪڙن جي زور تي خوش پئي  ڪيو وڃي !!. کير احميآباد ۾ اتفاق سان مونکي هڪ ايڙهو گھر ملو جيڪي پڇاڙي جي ٻن ڏڪاڪن کان شهريت لاءِ ڄار پيا ڪن ۽ وڏي ڳاله ته هو سنڌ ۾ ساڻس ٿيئل ظلمن بابت ڳالهائندي ڪو به حجاب ڪون ڪيو.


پنهنجي بابت شري نرملداس ڳالهائندي چيو “ آئون سنڌ جي لاڙڪاڻي شهر جو آهيان،  (ڳوٽ رتوتلِ) لاڙڪاڻي ۾ منهنجو ڪاروبار هوندو هو. اندروني سنڌ ۾ هندن لاءِ ماهول ع1960 کان فرڻ لڳو . منهنجي حياتي ۾ فيرو اڄ کان 25 سال اڳ تڏهن آيو جڏهن پنهنجي ٻن سالن کي ڏنهن تتي وڏي بيرهمي سان ڪتل ڪيو ويو. ٻئي فوه جواني ۾ هئا. ٻنهن جي امر 20 کان 25 جي اندر جي هئن. هڪ اتي ئي دم ٿوڙيو ۽ ٻئي کي ڪراچي کڻائي وياسين. 21 ڏنهن سانديه موت سان هون لڙائي ڪئي پر نيٺ پُڄي ڪين سگھيون. ڳاله اتي ئي ختم ڪين ٿي. منهن جي سهري کي اغوا ڪيو ويو جنهن لاءِ نسٺ اسان کي ڀوڱ ڏئي آزادي ڪرائڻو پيو. مون کي به اغوا ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي وئي پر آئون ڪنهن ريت ڀڄي نڪتس. اسان هيڪلا ناهيون جن سان اهي ظلم پيا ٿين. سنڌي هندو ۽ خاص ڪري واڻين کي  ان اعوائون جو نشاڻو بڻايو ويندو آهي. اسين گھرن کان ٻاهر نڪرئون ته ان ڳاله جو پورو کيال رکئون ته متان ڪو اسان جي ڪڏ ته ناهي !!! رات جي اونڌاري ۾ گھر کان ٻاهر نڪرڻ جو ته سوال ئي نٿو اچي. اسان جي به اها ڪوشش هوندي هئي ته ويش ڀوشا توڙي لٽن ڪپڙن سان جيترو ٿي سگھي ته اسين مسلمان لڳئون متان ڪنهن کي اهو ڇڊرُ نه پوي ته اسين هندو آهيون .”




جڏهن هندستان لڏي اڇڻ سانڱي پُڇيومانس ته سندس چون هو ته  “مان لڏڻ کان اڳ ٽن مهينن لاءِ هندستان آيو هوس. وري پنهنجو ويزا وڌائي ڇه مهينا رهيوس. هت احميآباد ۾ امن چين آهي ۽ مونکي بيهد وڻيو سو لڏڻ جو ويچار ڪيو. مان 1998 ۾ لڏيس ۽ ٻن سالن ۾ پوري آڪهين لڏپڻ پوري ڪئي . مان هيڪر واگھا بارڊر تي افسر کي به چيو هو اوهان مسلمانن سنڌ ۾ اسان جو رهڻ بيزار ڪري ڇڏيو آهي نه ته ڪير آهي جي پنهنجي سنڌ ماءُ کان ڌار ٿيئڻ چاهندو ؟ پر مان وري  سنڌ موٽي ڪين ويندوس . سنڌ ۾ هندن لاءِ رڻ ٻاري وئي آهي. هندن جو سنڌ ۾ رهڻ ڏکيو آهي”
اسان هندستان ۾ ڄاول سنڌي جن ننڊپڻ کان پنهنجي مائيٽن پارا سنڌ ۾ سيڪولرزم جا وڏا وڏا مثال ٻُڌا شري نرملداس جا بيان يقينن وائيڙو ڪندڙ هئا . پر ان کان به ڏک جي ڳاله اها جي اهو سڀ ان الاڪي ۾ پيو ٿئي جتي جتي سنڌين جي گھڻائي آهي !! شري نرمل داس مونکي چيو ته هڪ وقط هوندو هو جڏهن جام هندو رهندا هئا لاڙڪاڻي پر هينئر ڳڻ جيترا وڃي بچيا آهن. جڏهن هندن تي ظلم ڪندڙن کي ڪو ڊپ ئي ڪون رهندو ته پوءِ ڪنهن کي هتر ٿيئڻ ڳاله ڪٿئون تي پيدا ٿئي!! ؟. سنڌ ۾ اسان ته خُلي ريت ايتجاج به ڪون ڪري سگھئون متان مسلمانن کي ايئن نه لڳي ته اسان کين خيار ٿا ڪيون،!!  انصاف جي اميد ڪرڻ ته تمام پري جي ڳاله آهي.”


ايئن چوڻ لاءِ ته هڪ ٺاه اڳي ئي  هندوستان توڙي پاڪستان منجھ جيئن هڪ ٻئي ملڪن ۾ ان مسئلن ڏانهن ڌيان ڏئي گھجھي پر نه هندنستان حڪومت ان ڏانهن ڌيان ڏنو آهي ۽ نه ئي هندوستان جو سنڌي سماج. احميدآباد جي سرادارنگر يا نروڙا ۾ جتي ڀلي ڪو ڪيترو نه وڏو اڳوان هجي سنڌين جي ساٿ کان سواءِ ڪو به اها تڪ ڪين ٿو کٽي سگھي اتي به سياسي طور سنڌ لڏيل هندو جو مسئلو آيو ئي ڪونه !! پر سال هت عالمي سنڌي سنميلن به ٿيو جتي به هن مسئلي تي ذري به سس پس ڪين ٿي ان جي باوجود جي ان جلسي ۾ آڏواڻي ، جيٽملاني جيڙها اڳوان موجود هئا. !!


لڏپڻ ڪڏهن به سهولي ڪين ٿيندو آهي. نه ته 1947 واري لڏپڻ سهولي هئي ۽ نه ئي 1954 کان پوءِ واري لڏپڻ. جيتوڻيڪ 1971 ۾ هندستان 90000 سنڌ لڏيل هندن کي ناگريڪتا (شهريت)  ڏني پر ان بعد ناگريڪتا هڪ وڏو مسئلو آهي. لڏندڙ هندن کي 7 کان 10 سالن تائين ترسڻو ٿو پوي ناگريڪتا لاءِ. 2005 تائين تڏهن به ناگريڪتا ملنديون هئون پر ان بعد جا کان ناگريڪلتا ڏيئڻ جا حق مرڪجي هڪومت پنهنجي هٿن ۾ کيان آهن عام طور سان 12 12 سالن ٿا لڳن ناگريڪتا ۾. جيتوڻيڪ هر صوبي ۾ ساڳي ڳاله ناهي پر گجرات ۾ ته 20 25 سالن تائين ناگريڪتا ڪون ٿي ملي. مٿئون وري سرڪاري آفسرن جو ڏچو سو ڌار.



گجرات ۾ لڏندڙ هندو هٿئون جي سرڪاري ملازم لاءِ روڪڙ اڳارڻ لاءِ هڪ وڏو زرئو آهي. اها ڳاله لڳ ڀڳ هر هڪ لڏيل سنڌي چئي . ڊاڪٽر  ري موهب “مس جيڙها 20 يا 25 سنڌ لڏيل هندو ڇا گڏ ٿيا آفيسرن جون فونا اچڻ شروع ۽ پوءِ سوالن جي برسات . جيڪر ڪو ڪچچي نسن وارو هجي ته هو تيستائين مٿي تي بيٺا هجن جيستائين سندن کيسا نه ڀريا وڃن !! ”


ان ڳاله جي پُٺڀرائي احميآباد جي جام سنڌين ڪئي ته گجرات جي افسرن جو وهنوار ڏکائندڙ  رهيو آهي. شري نرملداس جي پُٽ جو به چوڻ هو ته اسان کي سڄو سڄو ڏنهن ، اسان جي ٻارن ، ضائيفائون ۽ ايستائين ته اسان جي گيرينٽر کي به سڄو سڄو ڏنهن ويهارو ويندو آهي. هر ننڊي ڳاله تي دٻ پٽڻ، بي عزت ڪرڻ ڄڻ ان افسرن جو نت نييم هجي. عزب جيڙها ڳاله ته اها آهي ته اهو سڀ هڪ ايڙهي صوبي ۾ پيو ٿيندو اچي جنهن کي هندوتو جي پريوگشالا تائين ڪوٺيو ويندو آهي !!! لڏندڙ سنڌين جا جيڪر آڪڙا ڏسجن ته اهو سمجھندي دير ڪون لڳندي ته گجرات هيڪلو صوبو آهي جتي سنڌين 20 کان 30 سالن تائين رهڻ جي باوجود ناگريڪتا ڪون ٿي ملي. اهو ئي پر گجرات هيڪلو صوبو آهي هندستان جو جٿي ڪي لڏي آيل سنڌي پنهنجا ويزا نه وڌڻ سبب سنڌ موٽي تائين ويا آهن.!!!  ايترو ناحق ٿيئڻ جي باوجود احميدآباد جي سنڌي اڳوانن مان هڪ رڙ تائين ڪون نڪتي نه ته هي اهي ئي اڳوان آهن جيي هندوتو لاءِ زمين آسمان هڪ ڪرڻ ۾ منٽ جي دير ڪون ڪن !!


سنڌ توڙي پاڪتان مان لڏندڙ هندن لاءِ اهو مسئلو اهو به آهي ته هڪ ٻئي به لڏپڻ پئي ٿئي هندستان ڏانهن ، بنگلاديش مان بنگالي مسلمانن پاران جيڪا نه رڳو سلهائي سان پئي ٿئي پر بنا روڪ ٺوڪ جي پئي هلي. ڇو ته بنگلاديش جي سرهد اڳوپوءِ سيل ناهي اهي پناهگري تمام گھڻي سهلائيءِ سان هندستان ۾ گري اچن ٿا. وري ووٽ بينڪ جي سياست ان لڏپڻ کي هاثئون همٿايو آهي. سنڌ مان لڏندڙ لاءِ مسئلو اهو آهي ته هڪ پاسي بنگلاديشيئن جي گيرقانوني لڏپڻ ۽ سک (ڇا ڪاڻ ته حڪومت کي خبر ئي ناهي ته ڪير آيو ۽ ڪير ويو)  ۽ ٻئي پاسي هندن جي قانوني لڏپڻ ۽ ناگريڪتا جا مسئلا  ۽ مٿئون وري افسرن جو ڏچو !!


ع2005 ۾ هندستان جي حڪومت صوبي آسام جي قوميپرستن جي دٻاءُ ۾ ناگريڪتا ڏيئڻ جا حق ضلعي جي ڪليڪٽر کان کسي مرڪجي گھر وزير کي ڏنا. ان سان بنگلاديشين کي ته ناگريڪتا ملڻ مشڪل ٿي وئي پر سنڌ لڏي آيلن لاءِ مسيبت بڻجي وئي. هاڻي سنڌين جو فائلون دهلي ۾ ٿيون وڃن. جيڪا ناگريڪتا 7 سالن کان پوٰ پئي ملي هاڻي اها ساڳي ناگريڪتا 20 سالن ۾ به ڪون پئي ملي.


ع2011 ۾ دهلي هائي ڪورٽ جي فيئسلي بعد هندستان جي حڪومت جيڪو پڌرنامو ذاري ڪيو تنهن ۾ صاف صاف لکيل هو ته پاڪستان ۾ رهندڙ هندن سان ظلم پيا ٿين. ان پڌرنامي ۾ ايستائين لکيو ويو هو ته حڪومت ان ڳاله جي تحقيق ڪئي آهي ۽ ان ظلمن جي وارداتن کي صحيح پاتو آهي پر ان جي باوجود جڏهن ناگريڪتا جي ڳاله ٿي اچي پاڪستاني هندو ۽ افريڪا ۾ لڏي ايندڙ ڪنهن به انسان ۾ ڪو به فرڪ ناهي ؟؟ اهو ڪيئن ممڪن ٿي ٿو سگھي ؟ ايڏي وڏي ٻيائي پئي ٿئي پاڪستاني هندن سان پر هندستان جو سنڌي سماج خاموش. سنڌي اڳوان ڀلي هو ڪنهن به پارٽي جو چون نه هجي ايڏي وڏي مسئلي تي آواز اٿارڻ جي ڪڏهن ضرورت ئي ڪون مهسوس ڪئي.

ايڙهي ڳاله ناهي ته سنڌين وٽ ايڙهي ڪا به سنسٿا ٿوڙي تنظيم ناهي جيڪا ان مسئلي تي جاکڙو نه ڪري سگھي. پڇاڙي جي ٽن ڏهاڪن کان جوڌپور جي سيمانت لوڪ سنگھٽن لڏي آئيل ڀيل، ميگھواڙ، ڪولي وغيراه جاتيون لاءِ جاکڙو ڪري پئي. ان سنسٿا جي رهبر شري هندو سنگھ سوڍا کي جام سنڌي سڃاڻن پر جڏهن مدد جي ڳاله اچي ٿي ته امالڪ سنڌي لوهاڻ کي پنهنجي جاتي پئي ساري. پر ها هو پنهنجي نڄي فائدي لاءِ ان سنسٿا کي پنهنجو ڪرڻ ۾ منٽ  دير ڪون ٿو ڪري پر سندن ڪم ڇا نڪتو ..هو هڪ هند ۽ سنسٿا ڪنهن ٻئي هند.


احميدآباد ۾ جيترا به لڏي آيل هندو سنڌي لوهاڻڻ جا اڳوان گڏيا تن مان گھڻائي انهن جي هئي جيڪي چاهن ته اٿا ته پاڪستاني هندون جي مسئلي تي لڙائي ٿئي، جدوجهد ڪجي پر ان لاءِ هو رستن تي اچڻ لاءِ اصل ئي تيار ناهي.  ٻيو ڪو ڪري اسين رڳو ساٿ ڏئون.


مطلب صاف آهي ته انگريزن جي ڏنهن ۾ جيڪا موڪعا پرستي ۽ پيٽ پرستي سنڌي لوهاڻن ۾ هئي سان اڄ به پنهنجي پوري زور تي آهي. پنهن جي حقن لاءِ لڻڻ لاءِ اڄ به سنڌي هندو تيار ناهي. سنڌي اڳوانن جي اها ئي موڪعا پرستي هئي جنهن سبب هندو سنڌ جا 30 سيڪڙو هجڻ جي باوجود سنڌ جو هڪ انچ به پنهنجو ڪون ڪري سگھيا ۽ اڄ در در جو ٺوڪر پيا کائين !!!
جيستان جدوجهد ڪرڻ جي چاه سنڌين ۾ پيدا ٿئي تيستائين لڏي آيل سننڌين لاءِ هندستان جي ناگريڪتا هڪ سهڻي سپني کان سواءِ ڪجه به ناهي. ايڙهي حالت ۾ لڏي آيل سنڌين لاءِ هي سوال ايندڙ ڏنهن ۾ به هڪ سوال ئي ٿي رهنيو ته “ڪڏهن ٿينداسين پنهنجي ملڪ جا ، آخر ڪڏهن ؟؟؟


October 22, 2012

سُر پنهنجن جا




سُر پنهنجن جا

“سائين هندستان وارا اسان کي پاڪستاني هئڻ جا ميهڻا ٿا ڏين، پاڪستان وارا ته هميشاه ئي اسان هندوستان جو اجيٽ پئي ليکندا آهن وري سنڌي (هند جا) ته وارا ته اسان سنڌي ڪري به ڪون ٿا ليکن!!.”


اهي لفظ هئا مالي جاتي جي سنڌ لڏي آيل هڪ نوجوانءَ جا جيڪو هينئر جوڌپور ۾ رهي ٿو. ۽ سنڌ مان لڏي آيل هندن جي تنظيم سيمانت لوڪ سنگھٽن جي جو اهم ڪارونن مان هڪ آهي.


ان نوجوانءَ جي لفظن جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ مونکي ڪو گڻو پري نه پر جوڌپور ۾ ئي ان جي مثال ملي جڏهن مونکي لوهاڻن جي هڪ  سنڌي پنچايت جي هڪ اهم احديدار بي حجاب چئي ڏنو ته سايئن “اسين کين (ڀيل، ميگھوار، مالي وغيراه) کي سنڌي ڪري ڪون ليکندا آهيون”. دلچسپ ڳاله ته اها هئي ته  سندس بيان جو ڪنهن به موجود پنچايتي مکاتليف ڪون ڪئي. اهو سڀ ان جي باوجود جي اهي جاتيون سنڌ مان لڏيل آهن ۽ ڊاٺي (سنڌي جو هڪ لهجو) پئي ڳالهائندا آهن. وري جيستائين ڳاله لڏي آيل جي مارواڙي جو به ڳالهائڻ جو آهي ته راجستان  ۾ سنڌي ۾ مارواڙي پئي جام ڳالهائن پر پنهنجن کي پنهنجا ڪري ليکڻ لاءِ اصل ئي تيار ناهن !!!


اها ڳاله مونکي سيمانت لوڪ سنگھٽن جي سدر شري هندو سنگھ سوڍا به واجيه ڪئي ته “سنڌ مان لڏندڙ ڀيل ميگهوار ٻن ڪسمن جا آهن مثلن هڪڙا اهي جيڪي سدين اڳ راجسٿان مان سنڌ لڏي ويا (مارواڙي ڳالهائندڙ) ۽ ٻيا اهي جيڪي سنڌ مان ئي مون ڀيل ۽ ميگواڙ آهن (سنڌيءَ جو ڍاٺي لهجو ڳالهائندڙ)”. پر دلچسپ ڳاله سوچڻ جي ڳاله ته اها آهي جڏهن ته ورهاڱي مهل ايتري لڏپڻ تي پوءِ هو ڇون نه لڏيا ؟، سندن جي ڇڪ ته هندنستان ڏانهن ٿيئڻي کپندي هئي. وري هتئون جا هم جاتي هندو به سندن بابت ايڙهي ڪا به هلچل ڪين ڏيکاري آهي ، ڇا اها ڇِڪ هڪڙي پاسي ڏانهن آهي؟.


ٻيو ته ٺهيو اڄ به جڏهن سنڌ ۾ ڌرتي ڌڻي هندو لاءِ زمين تنگ پئي ڪئي وڃي ته به هٿئون جي هندن ۾ ايڙهي ڪا به هلچل ڪون پئي نظر آئي آهي سنڌ مان لڏندڙ پنهنجي مارواڙي ٻائرن لاءِ . راجستان جي صوبي ۾ جيڪر ڏسجي ته تمام گھڻيون حستيون آهن جن جا سنڌ سان لاڳاپا آهن. مثلن اڳوڻو پرڏيه وزير شري جسونت سنگھ جا ناناڻي سنڌ جي ٿر پارڪار جا آهن. وري هاڻوڪو راجسٿان صوبي جو وڏو وزير پاڻ به مڃيو آهي هو به سنڌ جو ئي آهي ۽ هو 1965 ۾ لڏي آهيون هو.


 جيڪر هندو جاتيون جي ڳاله ڪجي ته جيڙهي ريت گجرات يا راجسٿان ۾ جاتيو آهن ساڳي ريت سنڌ ۾ به آهن پر مسئلو سنڌين سان اهو ئي ٿي پيو آهي ته لوهاڻن ايڙهي ريت پاڻ کي سنڌي سماج ۾ هاوي ٿيو جي پنهنجي هم جاتيون کان ئي پري ٿي ويو آهي. جڏهن ته گجرات ٿا راجسٿان جا ڀيل، ڪولي يا ميگھوار پنهنجي پنهنجي صوبي جا ڪوٺائيندڙ آهن پر سنڌين ۾ اهي ساڳي جاتي وارا پاڻ کي اڻ سنڌين ڪوٺائڻ لاءِ ئي ماندا ٿا ڏسجن..!!!!
مول ڳاله ته اها آهي جي ايئن ڇو آهي جي سنڌ مان لڏيندڙ سنڌي دليت (شڊول ڪاسٽ) لڏڻ بعد اڻ سنڌين ۾ پنهنجي سڃاڻپ پئي ڳولهڻ ۾ ماندا نظر ايندا آهن ؟ ڇو هندنستان جو سنڌي سماج 4 لک سنڌي دليتن کي پنهنجو سمجھڻ ۾ پاسيرو ٿيندو رهيو آهي.؟ هڪ ايڙهو قوم جنهن ۾ همسشاه جاتيون جي وجود کان ئي انڪار ڪيو ويندو آهي سي پنهنجي ئي برادري  جي پوئيتي پول جاتيون  بابت ڪيئن خاموشي ڪري سڀ نظارو پئي ڏسندو رهيو آهي . هندستان ۾ ڄاول ٽهي بابت ته سمجھي ٿو سگھجي پر ايئن ڇو جي سنڌين بابت ورهاڱي کان اڳ ڄاول ٽهي ڪيئن خاموش رهي !!!


کير، جوڌپور واري تاجي دوري جي پهرين ڏنهن مونکي ٻُڌايو ويو ته سرڪِٽ هائوس پُڄڻو آهي . مون ساڻُ دهلي مان ايل هڪ رِسرچر پڻ هئي جيڪا پاڪستان مان لڏي آيل هندو تي ريسرچ پئي ڪري. سرڪيٽ هائوس ۾ اسان جي پڄڻ کان اڳ ئي ڪي ماڻهو اڳي ئي موجود هئا. اتي موجود ماڻهون جي ان ۾ خاص دلچسپي هئي ته اسين اخبار نويس ته ناهيون. ؟ ان مان هڪهڙي ته وڏي چاه سان جوڌپور جي هڪ هندي اخبار مان  هڪ احوال پڙاهيو جنهن ۾ سندس ۽ سنڌيس رهبر جي جوڌپور ۾ پُجڻ جو احوال هو. ان بعد ڳاله ٻوله جو سلسلو شروع ٿيو. دهلي جي رسيچر ته پنهنجي واڪفيت ڏني پر هميشاه واڱر مونکي هڪ بلاگر جي روپ ۾ سڃاڻپ ۾ جام تڪليف ٿي. موجود ماڻيون مان هڪ ڄڻي سندن بابت ڳالهائدي چيو ته اسين آديواسي (اڳوڻا رهاڪو يا مول رهاڪو) جي سنسٿا پاران  آهيون. اسين آديواسين لاءِ آواز بلند ڪندا آهيون. سائين جن (پنهنجي رهبر ڏانهن اشارو ڪندي) ته آديواسين جي تنظيم جا پوري هندستان جا سدر آهن ۽ آئون راجستان اِڪائي جو. سائين جن جو ته پوري مهينو ئي هندستان جي ڪونڊ ڪُرچ جي سير سفر ۾ پئي ئي گجرندو آهي، آديواسين جي مسئلن سانڱي. سائين سومڀائي  اٺ ڀيڙا گجرات جي داهود مان سانسد ( ايم پي) رهيا آهن جيتوڻيڪ پڇاڙيءَ جي ڇونڊن ۾ قامياب ڪين ٿي سگھيان پر سندس واڪفيت هندنستان جي هر پارٽي توڙي سياسي اڳوانن سان آهي. اسين نه رڳو هندستان پر پوري دنيا جي آديواسين لاءِ جاکڙو ڪندا آهيون. اڃا هو پنهنجي رهبر بابت ڳالهائي ئي رهيو هو سمانت لوڪ سنگھٺن جي سدر شري هندو سنگھ اچي پهتا ۽ اسين سنڌ مان لڏي آيل ڀيلن ۽ ميگھوارن جي هڪ ڪيمپ ڏانهن رواڃا ٿياسين.


اها بستي جوڌور شهرءَ جي هڪ ڪونڊ ۾ هئي. الاڪو پورو ويران پئي لڳو. نه ته ان بستي ۾ ڪا بجلي هئي ۽ نه ئي واٽيون پڪيون هئون. گھر به سڀ جوپڙيون وارا هئا جڏهن ته بستي جو هيڪلو اسڪول ئي امارت پڪي ڇت واري هئي. هندو سنگھ سوڍا موجب ان اسڪول جي آڏاوت  لاءِ به جام ميهنت ڪئي وئي آهي. هن اشارو ڪندي چيو ته ڀيڪ ۾ جيڪا گوشالا اڏائي وئي آهي جنهنکي پنهنجي ڇت آهي باڪي لڏي آيل انسانن کي ٽڪر زمين ڏئي ڄڻ حڪومت ٿوڙو لاٿو آهي.


ان جسلي جي رٿا موجب  اسين ان بستي ڏانهن وڃڻو هو جتي اديواسي اڳوان جي موجودگي ۾ هڪ ريت جي عام جلسو يا پبليڪ هيرينڱ جو انتجام ڪيو ويو. ايئن ته اهو ميڙارڪو ڏهين لکي شروع ٿيئڻو هو پر ڇاڪاڻ ته اڳوان پهتا ئي ٻارهين لڳي سو ڪلاڪ ٻن جي انتظار نيٺ اها نيٺ شروع ٿي. هي پهرون ڀيڙو هو جڏهن مان ڪنهن ڀيلن جي ميڙاڙڪي ۾ موجود هوس. ڀيلن ۾ هڪ رواز آهي ته هو پنهنجي مهمانن کي ڊول نگاڙن سان آجان ڪن. ان بيد ان پبليڪ هيئريڱ شروع ڪئي وئي.


هڪ وائيڙو ڪندڙ ڳاله ته اها هئي ته جيتوڻيڪ آديواسي اڳوان پوري دنيا ۾ اصلوڪن ماڻهون جي حقڻ جي ڳاله ر ڪئي پر کين سنڌ ۾ رهندڙ دليتن بابت ڄاڻ نه جي برابر ئي. جڏهن ته راجستان صوبي جي سدر پنهنجي رهبر جي نالي ايتري ته ڊگھي تڪررير ڪئي جي نيٺ کين اشارو ڪيو ويو ته ابا هينئر بس ڪيو. رهجي ويل وقط سائين ڀيل بابت ڪجه ڳالهائون جن ۾ ڀيلن تي ٿيندڙ ظلمن جي ڳاله ته پري بس مڙئي هدايوتون ئي هئون ڄڻ هو ڪو دارميڪ اڳوان هجي. مثلن ڀيلن کي مهنت ڪرڻي کپي، دارون نه پيئڻو کپي، پنهنجي ٻارن ٻچن ڏانهن ڏيان ڏيئڻو کپي وغيراه وغيراه. سندس رهبر جيتوڻيڪ کين  ڪي مثال ڏنا ته ڪيئن سنڌي (لوهاڻا) مشڪل حالتون ۾ 1947 بعد گجرات ۾ پاڻ کي وسايو ۽ ڪک مان لک ٺاتا. سندس چوڻ هو ته سرڪاري زمين عوام جي آهي. اوهان کي جيڪا زمين صحيح لڳي سا والارو اسين به ڏسنداسين ته ڪيئن حڪومت اوهان کي ان زمين اوهان کان واندائي ٿي.  هون جيتوڻين ان جي دلجاءِ ڏني ته هو دهلي ۾ جدا جدا سيڊول ڪاسٽ جي سرڪاري سنسٿئون ساڻس سنڌ مان لڏي آيل سيڊول ڪاسٽن بابت ضرور ڳالهائندو جيئن سندن بابت ڪجه سرڪار به ڪري.


سيمانت لوڪ سنگھٽن جي ڪاروڪنن موجب جيتوڻيڪ سومجي ڀائي هي پهرون ڀيڙو اسان ڏانهن آيا هئا پر سندس پوئيلڳ ته راجسٿان ۾ رهندي به ڪڏهن سنڌ مان لڏي آيل ڀيلن جي ڏکن سُرن کي سمجھڻ جي ضرورت ڪون مهسوس ڪئي. سالن اڳ هو ڀيلن جي ڪنهن جسلي ۾ آيو هو ان بعد سائين غايب ئي رهيو آهي. جلسي کان اڳ به هندو سنگھ سوڍا به ان ڳاله واجيه ڪئي هئي ته سندس اها ڪوشش رهي آهي ته جيئن سماجي طور اڀري آيل ڀيل ۾ سنڌ مان لڏي آيل ڀيلن جي جسلن ۾ اچن جيئن سنڌي  ڀيلن کي به اهو مهسوسو ٿئي ته سندن جاتي وارا به ڪيترا ترڪي ڪئي آهي پر ان ۾ ساڻس ڪا به وڏي ڪاميابي ڪون ملي آهي.


سنڌ ۾ سنڌي ڀيل يا ميگھوار رواجي سنڌين کان به وڌيڪ ستايل ٿو هجي. جبرن جوان نياڻيون جو اغوا، هر سرڪاري توڙي سرڪاري مهولتيون کان مهروم ۽ ڪنهن به انساني حقن کان پري هو هڪ ضليت جي جندگي گاريندڙ آهي. ايئن ته سنڌ ۾ هندو هئڻ ئي وڏو ڏوه آهي ۽ وري جيڪر ڪو دليت ٿو ٿئي ته اهو ٻٽو ڏڇو تو ٿئي پوي.


جسلي ۾ اها ڳاله ڀيلن به قبول ڪئي ته سنڌ مان لڏڻ سبب سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلم  توڙي تڪليفيون  ته نبري ٿيون وڃن پر ٻيون مُسبتيون اچي ٿيون وڃن. اسان جي اها نماماڻي منٿ آهي حڪومت اسان تي به رهم ڪري. ان ميڙاڙڪي ۾ هندو سنگھ سوڍا ڪن ايڙها خُلاسا ڪيان جن بابت سايد ئي هندستان جي سنڌين کي به ڪا خبر هئي، هنن چيو ته ڀيل  سنڌ مان سان جي هڏ هڻڻ بعد جڏهن سنڌ مان لڏڻ جو معڪو به ملو ته کين پاڪستان جي بارڊر ته پاڪستاني فوج ته اچڻ ڏنو پر هندستان جي بي ايس ايف سندن تي ڳوليون هلايون جن سبب ڪي لڏندڙ ڀيل مارجي ويا، جن مان هڪ ضائيفا پڻ هئي جيڪا پنهنجي بچڙي کي کير پيئاري جڏهن کيس ڳولي لڳي. اسين اهي ڏک وساريا ناهين ۽ اسين انهن ڪاتيلن کي سڄا ڏيئاري ئي  ماٺ ٿينداسين. اها ڪيتري نه شرم جي ڳاله آهي ته اهو سڀ ان ملڪ ۾ پيو ٿئي جتي جيڪر ڪو پکيون جو به جهنڊ به پرڏيه مان لڏي ايندو آهي ته ان ضلعي جو ڪليڪٽر ان پکيون جا فوٽو کيچي گدگد ٿيندو آهي پر هت انسان آهي، تڏهن به ڪو وائي ٻُڌڻ وارو ناهي!!”


ان ميڙاڙڪي بعد هڪ پريس ڪانفرينس ٿيئڻو هو پر پوءِ اهو ٻڌايو ويو ته سومجي ڀائي شهر کان نڪري چڪا آهن .  سيمانت ڪول سنگھٽن جي ڪاروڪن موجب  راجسٿان واري ايهديدار اهو نه پئي چاهيو ته موجود حڪومت جي ناڪامي جي ڳاله هندو سنگھ سوڍا ڪري. مايوس ڪندڙ ڳاله ته اها هئي ته اهو سڀ هڪ ايڙي اڳوان  پاران ڪيو ويو جيڪو پاڻ به هڪ ڀيل جاتي جو فرد ڪري پاڻ کي پيش ڪندو رهيو آهي!!!


سومجي ڀائي ته پنهنجي تڪرير ۾ ايستائين چيو ته لڏي ايندڙ ڀيلن کي واندي سرڪاري زمين والارڻ کپي پر جيڪر ڀيلن ايئن ڪيو ته هو سائين ڪوڙهو ڪردار ادا ڪندو اهو چوڻ يقينن ڏکيو آهي، پر اهو ممڪن آهي هو ڪجه ڳالهائندو خاص ڪري ِانهن  جسلن ۾ ٿوڙي ميڙارڪن ۾ جتي پوئيتي پول جاتيون بابت هجي


هڪ لڱي ڏسجي سنڌ توڙي پاڪستان ۾ لڏي ايندڙ ڀلي ڪو رواجي لوهاڻو هجي يا ڪو دليت سنڌي،  سندن مسئلا ساڳيا ئي آهن ته کين ست سال بعد ناگريڪتا ٿي پئي ملي (جيڪر هو 1947 کان اڳ جاول آهن يا نه ته 12 سال) پر وڏي ڳاله ته جيستائين کين ناگريڪتا يا شهريت ملي کين هڪ ئي شهر ۾ جي 20 ڪلوميٽر جي دائيري کان ٻاهر بنا حڪومتي موڪل جي نٿو وڃي سگھي. ڪانون کيس پين ڪارڊ يا ڪو به سڃاڻپ ڪارڊ نٿو ملي سگھي. هر سال ايل ٽي وي پئي وڌائڻي پوي، وري ٻارن جي اسلوڪن ۾ دڪت، پڇاڙيءَ ۾ پاڪستان مان لڏي اچڻ جو ٺپو سو ڌار ڏچو. وري جيڪو جو غريب دليت هجي ته سو ته ڳاله ئي ٻئي آهي. هندستان ۾ جيڪو به سرڪاري سهُلتيون دليت يا سيڊول ڪاسٽ هئڻ سبب ڪا به سرڪاري مددن  کان سنڌي دليت مهروم ٿو رهجي.


پرسال 1100 ماڻهون جو هڪ جٿو سنڌ مان هندستان لڏي آيو جن مان 200 يا 300 سنڌي باگڙي برادري جا هئا. ٻيا ته اندور ۾ وسايا ويا باڪي باگڙي برادري دهلي تائين رک ڪيو. انهن دهلي ۾ جام ڏک ڏٺا ان هد تائين جي کين ڊسبمر جي ٿدي رات ۾ يومونا جي ڪناري سٽيو ويو، جيئن پاڪستان جبرن واپس موڪلڻ سگھجي. نيٺ  هندو مهاسڀا  پارا جاکڙي سبب معملو دهلي هائي ڪورٽ پهتو جتي ٽن پيشيءَ بعد نيٺ حڪومت پڻ کين جٿي جا ويزا هجڻ جي باوجود ايل ٽي وي (ڊگھي ارسي لاءِ ويزا) ڏيئڻ جو فيئسلو ڪيو. دلچسپ ڳاله ته اها آهي جي سن فئسلي جو فائدو به سنڌ مان لڏي آيل هر هڪ سنڌي هندو کي ٿيو ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ جٿي وارا ويزا ڪون وڌايا ويندا هئا. ۽ هاڻي ان جو فائدو جام سنڌي هندو هندستان لڏي ايندا آهن پر ان جي باوجود گڏجي جاکڙي اسين اصل تيار ناهيون.!!!


سنڌ  ۾ ٿر وارو الاڪو ڏسجي ته ايتهاسڪ طور نه رڳو ڀيل ، ميگھوار توڙي راجپوتن جو ڳڙ رهيو آهي پر هندن جو هڪ خصوسي الاڪو رهيو آهي. جڏهن ته سڄو سنڌ مخمل طور مسلمانن جي حڪومت هيٺ هو اهو ٿر پرڪار ئي هو جٿي وڌ کان وڌ وقط تائين هندن جي هيٺ هو، پر نه ڄاڻ ڇو اسين اتر کان ڏکن سنڌ مان لڏي ايندڙ جا هندو سنڌي ڪڏهن به ٿر کي ايڙهو ڪو به مول ڪين ڏنو آهي جيڪا ڳاله  ڪنهن جي به سمجھ کان ٻاهر آهي. اهو ئي نه ٿر جي هندو ثقافت تي جام سنڏي هندو پي ايڇ ڊي تائين ڪئي آهي.


ع1971 جي لڏپڻ ۾ 90،000 هندو لڏي آيا جن جو وڏو حصو ٿر جي هندن جو هو پر ازيب جي ڳاله اها آهي ته ان ڪو ڪو خاص ذڪر هندستان جي سنڌين ۾ ناهي. هند جو سنڌي ساهتيه جن ۾ 70 سيڪڙو ورهاڱي جو روئڻ ۾ نبريل آهي پر 71 جي لڏپڻ بابت سايد ئي ڪنهن گھڻو لکيو آهي. ان جو مطلب اهو ته ناهي ته رواجي لوهاڻا سنڌي ٿر جي سنڌين کي پنهنجو ڪون ليکيو آهي ان جي باوجود جي اسين انهن ڀيلن، ميگھوارن توڙي سوڍن سان هجارن سالن کان رهيا آهيون!!!!


سنڌ مان ٿيندڙ هندن جي لڏپڻ سنڌي قوم لاءِ هڪ وڏي چُنوتي آهي بر بدقسمي سان هندستان جي سنڌي قوم جيڪو ردي عمل رهيو سي يقينن ڏکاندڙ رهيو آهي. ايڙهي ڳاله ناهي ته سنڌي قوم ان پيماني ٿي ٿيندڙ لڏپڻ کان اڻ واڪيف آهي ۽ ايڙهي ڳاله ناهي ته هندستان جو سنڌي قوم ڪنهن ريت بيوس آهي ڪجه به ڪرڻ کان. ٻنهن وڏيو سياسي تنظميون مثلن بي جي پي ۽ ڪانگيس ۾ سنڌي اڳوان آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي نجي سگھ ۾ سنڌ ۾ رهجي ويل هندو توڙي لڏي آيل سنڌين بابت لابي ڪري ٿا سگھن . پر سال سنڌين جي جدا جدا سماجڪ تنظميون ڪانگريس جي سدر شريمتي سونيا گانڌيءَ سان مليون جنهن سان ملڻ هميشاه سهُلو ڪون ٿو ٿئي پر ان جي باوجود ايڙهي چاه اسين سنڌ مان لڏي ايندڙن بابت ڪون ڪئي آهي.


بي جي پي وارن ۾ ته سنڌين جي گھڻي ۾ گھڻي نمائيندگي رهي آهي پر اتي ۾ ساڳيا منظر آهن. سنڌين مان ڪو ڪڇڻ لاءِ تيار ئي ناهي.!! جيتوڻيڪ پي جي پي پاڪستان ۾ ٿيندڙ هندون تي ٿيندڙ ظلمن لاءِ آواز اٿاريندي رهي آهي پر نيٺ جاکڙو ته سنڌين کي ئي ڪرڻو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ فاٿل هندون جو 95 سيڪڙو هندو سنڌي نصل جي جي آهي.


سنڌ مان لڏي ايندڙ ڀيل، ميگھوار، ڪولي، مالي يا لوهاڻي جو جيڪر سُر محسوس ڪري سگھندو ته اهو هندستان جو سنڌي قوم ئي آهي پر مسئلو اهو آهي جي ان قوم مان ڪيڙهي اميد ڪجي  جيڪا پنهنجي قوم کي ئي پنهنجو نه سمجھي!!!!!
 

  



.



September 21, 2012

لڏپڻ، سياسست ۽ سنڌي هندو قوم





لڏپڻ، سياسست ۽ سنڌي هندو قوم

اتهاس ۽ ان تي دارومدار رکندڙ قوميپرستي ، سنڌي هندو برادري تي ڪڏهن به ڪو گهوري اسر ڪين ڪيو  آهي نه ئي سنڌين اتهاس کي ياد ڪرڻ يا ان مان ڪا سِک سکڻ جي ڪا ضرورت ئي محسوس ڪئي آهي. پنهنجي وڃايل وراست کان  پري ٿيئ سنڌ جي هندو برادري پڇاڙيءَ جي 1300 سالن ۾ رڳو پنهنجي پاڻ کي زنداه رکڻ ۾ ئي هڪ وڏي قرامت پئي سمجھي آهي. اهو ئي سبب آهي جي ماهاراجا ڏاهرسين بعد اسين ايڙهي ڪا شخشيت توڙي سوچ ڪين پيدا ڪري سگھيان آهيون جيڪا سنڌي هندن جي وڃايل وراست کي ٻهر حاصل ڪرڻ نسبت جاکڙي لاءِ تيار ڪري سگھي.

انگريزن جي سنڌ فتح کان اول سنڌ ۾ هندن جي حالت بابت لکندي مشهو سنڌي ليکڪ شري لعل سنگھ هجاري سنگھ اڄواڻي موجب “ جيتوڻيڪ انگريزن جي حڪومت هڪ پرڏيهي اڻ سنڌي رياست هئي پر ائين هوندي  به هندن لاءِ اها حڪومت بيڊپ زندگي گارڻ جي راهه کولي. جيتوڻيڪ انگريزءِ پڻ پرڏيهي هئا پر هندن کي هزارن سالن جي غلامي ۽ ظلمن کان نِجات ملي” (هوالو“ ڊ هسٽري آف سنڌي لٽريچر”، ساهتيه اڪادمي نئي دلي) اهي ڳالهئون ان جون شاهد آهن ته مهاراجا ڏاهن ۽ انگريزن لائين واري ارصو سنڌي هندن لاءِ نهايت ڏکن وارو رهيو آهي.

بدقسمتيءَ سان سنڌ جي هندو برادري انگريزن جي ڏنهن ۾ به ساماجڪ توڙي سياسسي ريت اڀري اچڻ جي باوجود ايڙهي حالتون جي مارفت ڪا به ايڙي سياسي سڄاڳتا ڪين اڻي سگھي جنهن سان پنهنجو ٿوڙي ايندڙ نثل جو وجود ڪنهن ريت سوگھو ڪري سگھجي.

ورهاڱي مهل سنڌ ۾ هندو بريادري سنڌ جي موُل آبادي جي 35 سيڪڙو هئي. اها به هرو ڀرو ڪا ننڊي آبادي نه ٿيندي آهي ساڻ ساڻ اها به ڳاله ممڪن ناهي ته انگريزن هندن جي مستقبل بابت تنهن مهل جي ڪانگريسي هندو اڳواڻن سان ڪو راطبو نه ڪيو هجي يا هندن رايو ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي هجي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جيڪا برادري سنڌ ۾ ايتري اڀري آئي هجي نوڪرشاهي، ڌنڌي يا تعليم ۾ تن کي مظر انداز ڪري انگريزءَ رڳو سنڌ اسلمبلي ۾ گھڻائي ۾ رهندڙ سنڌي مسلمانن کي اهميت ڏني هجي.

  اتهاس گواه آهي ته اها بلڪل پڪ هئي ته هندستان جي مسلمانن پاران لڏپڻ ٿيندي. لڏپڻ ٿيئڻ جي ڊپ  نه رڳو  مولانا ابوڪلام آزاد ذاهر ڪيو هو پر ان کان به وڏي ڳاله نه جنهن ريت  تنهن مهل جي ڪديوار سنڌي اڳوان جي ايم سيد ۽ پير مهمد راشدي بهارن کي سنڌ لڏڻ جي آڇ ڏني. انگريزن بعد ڇا ٿيئڻو آهي. هندن جو اڀري اچڻ ايترو ته کين  ستايو هو ڪنهن ڌاري قوم اڳيان پنهنجن جي ٻيڙي ٻوڙي لاءِ تيار هئا. ڇا اهي سڀ ڪافي ڪين هو جي انگريزن جي موٽي وڃڻ بعد سنڌ ۾ هندن جي حالت ڪيڙهي ٿيئڻي آهي  !!!




سوال اهو به ٿو اچي ته اها ڪيڙهي سوچ هئي جنهن  تهت اهو  سمجھيو ويو هو ته ڪيئن اتر هندستان جا مسلمانن پاڪستان جي نالي تي پنهنجي هندو ڀائرن سان وير پائڻ جي باوجود لڏپڻ نه ڪندا ؟؟ جيڪي لڏپڻ نه به ٿئي ها ته سنڌي ۾ مسلم ليڳي اغوان جن پنهنجي سياست ٿوڙي پاڪستان جي قيام ۾ ان لاءِ شامل ٿيا هئا جي هندن جي ملڪتيون فٻائينداسين سي  سگھ ۾ اچڻ بعد ماٺ ٿي ويندا!!!. ڇا هندو اڳوانن کي وسري ويو هو ته ڪيئن سنڌ جو بمبئي پريڊينسي يا وري مسجد منزل گاه جا مسئلا ڪيئن سنڌي مسئلا اماڪل مسلم مسئلا ٿي پيا ها.!!! ته ڇا هندو اڳوانن کان وسري ويو هو ته ڪيئن سنڌ جا مسلم اڳوان الاهه بخش جي ڪڏ پيا ۽ سندن ماٺ تڏهن ڪئي جيستان الاهه بخش شهد نه ڪيو ويو. اسين هندو نه ته الاهه بخش ۽ نه ئي ڀڳت ڪنور رام جي شهادت کي صحيح ريت سمجھڻ ۾ قاميان ٿياسين ۽ نه ئي ان جي جڙ تي پهچي سگھياسين.


الاهه بخش جي حڪومت هندن جي مدد سان ڊهي. جي ايم سيد، پير مهمد راشدي، ايوب کرو، ابدل ماجد سنڌي وغيراه ته الاهه بخش جي ڪڏ هئا ئي پر هندو اڳوانن تڪڙ ۽ غلط سياسي سوچ تهت پنهنجي ئي پيرن تي ڪلهاڙي وڃي هنئين پنهنجي ئي دشمم جا هٿ هاٿئون سوگھا ڪيا. ڇا اسين هندو سنڌي ڪڏهن به پڇاڙيءَ جي 80 سالن ۾ ڪڏهن به  پنهنجي ان غلطيون کان ڪا سيک وٺڻ جي ضرورت به محسوس ڪئي آهي ؟ اسان سان جيڪو به 1947 کان ٿيندو اچي پيو ڇا ان جا سبب ڇا  اسانجون غلطيو ناهن ؟ ۽ جڏهن مهاجرءَ اسانجي درن تي اچي بيٺا ته بس اسين ڀڄڻ ۾ به وڏو سوڀ سمجھيو. پڇاڙيءَ جي ٽن ڏهاڪن کان سنڌ مان لڏي ايندڙ هندن کي هندستان ۾ وسڻ ۾ مدد ڪندڙ هندو سنگھ سوڍا ان مسئلي نسبت ڳالهائندي چيو “ سائين جيڪر جيرامداس دولترام جيڙهن سياستدانن جا وارث لڏن ها ته به سمجھي سجھبو هو پر هو ته پاڻ به لڏي ويا!! جڏهن کين پاڻ ئي لڏڻو هو ته اها سندس ڪيڙو سوچ هئي جنهن تهت هون اهو چيو هو ته هندو ورهاڱي بعد سنڌ ۾ رهي سگھندا!!!”

ڳاله رڳو سياستدانن جي ناهي. جان کان ورهاڱو ٿيو آهي تان کان سنڌي ليکڪ سنڌ ايندا رهيا آهن. ايڙهي ڳاله ناهي جي هندستان جي سنڌي ليکڪن کي سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن جي ڪا به ڄاڻ ناهي پر ان جي باوجود هنن لکڻ ته پري ان مسئلي بابت ڳالهائڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن. !!!

مان جڏهن سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن ۽ خاص ڪري رنڪل، آشا لتا تي ٿيندڙ ظلمن بابت هندستان جي سنڌ ڪوٺائينڊر گانڌيڌام ۾ اڏايل انڊين انسٽيوٽ آف سنڌولاجي جي ڊائيريڪٽر شري لکمي کلاڻي سان ڳالهيايو ته سندن چوڻ هو ته “ابا اسين جيڪي  سنڌ مان 47 ۾ لڏپڻ ڪئي ۽ ڪنهن وڏي نڪسان کان سواءِ نڪري سگھياسين، اها به ڪا معمولي ڳاله ناهي. جيڪي تنهن مهل جي سنڌي مسلمانن تي ويساءُ ڪيون ها ته پڪ سان اسان کي به اهي ئي ڏنهن ڏسڻا پون ها جيڪي هينئر هندو سنڌ ۾ پيا ڏسن” هنن اڳتي اهو پڻ چيو ته “شڪارپور ۾ مونسان ايڙها جام هندو واڻيا گڏيا جيڪي پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي اڌ اگھ تي بي وڪڻي هندستان لڏڻ جي ماندا هئا. پر ڀوتارن کين اهو ڪنهن کي ڪرڻ نه پئي ڏنو. ڪو مسلمانن سندن ملڪتيون کريد ڪرڻ لاءِ ۽ ڀوتارن سان وير پائڻ لاءِ تيار ئي ناهي !!! وڏيرن يا ڀڳتارن کي  خبر آهي ته هندو ته ٽڪي ۾ نيٺ پنهنجون ڌنڌا وڪڻي ويندا” بدقسمتي سنڌين جي اها رهي آهي ته ليکڪن ڪڏهن به اڙهيون ڳالئون به ڪٿي بيان ڪيون.


اجيب جيڙهي ڳاله ته اها آهي جي جن سنڌ ۾ رهي سٺو به سي به رڳو ان نسبت اشارن تائين پاڻ کي محدود رکو . سنڌي ڪوي شري هري دلگير 1965 ڌاري سنڌ مان لڏي گانڌيڌام وسيو. پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکي ٿو ته سنڌ ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بيد امالڪ حآلتون بلدلڻ لڳيو جنهن جو فائدو عام مسلمانن پڻ پئي ورتو. ڪوي دلگير اهو به لکيو ته هو ته اڳواٽ ئي لڏڻ پئي چاهيو ته سندس ماڻس ۽ پڻس جي ايئن ڪندي دل ڪين هئي سو سندن گزاري وڃڻ بعد ئي هو لڏي هندستان آيو. 

هندستان جي سنڌي ليکڪن ايئن ته ورهاڱي بابت جام لکيو پر جيستائين سنڌ ۾ هندو جي خاص ڪري 1954 بعد (جڏهن سرهديون بند ٿيون) جي ڳاله آهي ته هو سڀ حالتون سان واقيف هوندي به ماٺ ئي رههڻ سياڻپ سمجھي. اڄ به جڏهن سنڌ جو عام هندو ۽ ڪي قوميپرست تنظميو رستن تي ايتجاج پيڪ ڪن تڏهن به نه سندس نڙيءَ مان ڪجه اڪِري ۽ نه ئي سندن لکڻي ءَ مان.!!!! اهو سڀ ان جي باوجود جي سنڌ ۾ جتي پاڪستان جا 95 سيڪڙو هندو ٿا رهن ۽ وڏي ڳاله نه اها جي پاڪستان ۾ بچيل هندو وڌ ۾ وڌ سنڌي هندو ئي آهن.

سنڌ جي سنڌي مسلمانن جي جيڪر ڳاله ڪجي ته سندن رايا به گھٽ وائيڙو ڪندڙ ناهي. ڪو ٿو چوي ته سائين هندن ته ٿيندا ئي ڊڪڻا آهن سو ڪنهن به بدماش سان پُڄڻ کان بدر هو  لڏپڻ ٿا ڪن، ته ڪي وري چوي ته کين اڻ سنڌي هندن سان سڱ ڪرڻو آهي سو پيا لڏن، ڪن کي ته هندن جا ڏک ٻُڌي امالڪ پنهنجا ڏک ٿا امالڪ سارن، وري ڪو ٿو ڇوي ته هندو لڏندا ته سنڌي سنڌ ۾ ئي ٿوڙائي وارا ٿي پوندا يا ڪي وري چون ته هند لڏندا ته مارڪيٽ ۾ سنڌين جو زور گھٽبو. ڪي وري جزباتي ٿي چون ته هندو ڌرتي ماءُ کي ڪيئن ڌوڪو ٿا ڏئي سگھن وري وڏيرن ۽ ڀوتارن جا پنهنجا پنهنجا سُرءَ ته ايڙها ننڌڪا ڀيل يا ميگھوار ملن ڪٿئون !!!! مطلب ته سڀن کي پنهنجي پنهنجي مطلب جو ڳالهائڻو آهي ڀلي هندن جو ڪو به مسئلو ڀلي ان سان ٿئي نه ٿئي!!!

سنڌ ۾ هندو ڪيئن ٿا رهن ان جو هڪ نظارو سنڌ جي تازو لڏي آيل هڪ ڀيل قوم جي سماج سيوڪ سک رام (نالي مٽيل) ڏنو. هو جيڪو به چيو سو ڪجه ايئن آهي “ ادا سنڌ ۾ هندو ٿي رهڻ هڪ وڏو ظلم ڪري ليکيو ويندو آهي. ڌارمڪ آزادي نالي جي ڪا به شءِ ته آهي ئي ڪانه. اسين ته گيتا جو پاٺ به ڳُجھو ٿي ڪيو ته متان ڪنهن مسلمان کي ان جو جو ڇِڊرو به  نه پوي نه ته اچي مٿي ٿي ٿا بيهن. چوندا آهن ته “هاڻي بند ڪيو اهو رن جو گيتا پاٺ”!!!. نيانيون جي اعوا ٿيئن جي خوف سبب ته اسين اڳي ئي کين  ڳوٺ جي اسڪولن ۾ موڪلڻ کان توڀان ڪئي آهي پر جيڪر پُٽن کي ڪسمتءَ سان داکلو ملي به ٿو وڃي ته کين تاليم ڏيئن ته پري پر اسان جي اولاد کان پيا ڪاڪُس صاف ڪرائين !!!! ۽ جيڪر ڪو ڪُڇي ته چون ته ڀيل پڙهي لکي ڪندو ئي ڇا.!!. اٿندي ويهندي اسان جيڙهن مسڪين ماڻهون  کي هيسايو پيو وڃي”

هن اڳتي چيو ته جيتائين جنداه آهيون تيستائين ته مسلمانن وير پائين ئي پر مُئي کان پوِءِ به ڪين بخشن. موئي بعد لاش جي سنان ڪرائڻ ته پري اڳني جي حوالي ڪرڻ تي به پابندي آهي. اسين ته پنهنجي گجاري ويندڙ مٽ مائيٽن کي مسلمانن واڱر دفنائون لاءِ جاءِ ڳولهون. ايڙها جام واڪعا ٿيا آهن جڏهن مٽيءِ ۾ دفنايل لاش کي ڪڏي فٽو ڪيو ويو آهي. 9 سالن جي نينگريءِ جي لاش تي ٽريڪٽر هلائي وئي آهي.و ئي نه پر مان هندستان لڏڻ کان اٺ ڏنهن اڳ مان پنهنجي والد جي لاش کي کڻي ڌر ڌر تي ڀِٽڪيو آهيان. نيٺ ڪنهن به ريت دفنائي ٻارهين ڪئي بنا اڳواٽ رٿان موجبُ هندستان لڏي آيس. ڳاله رڳو دليتن (سيڊُل ڪاسٽن) جي ناهي. هر هندن ڪنهن به ڪنهن رين ان حالتون کي منهن پيو ڏي.”


سک رام (نالو مٽيل) جيڪر سوءُ سيڪڙو سچ ڪين ٿو پئي  ڳالهايو پر جي اڳوپوءِ اجايو پئي ڳالهائو سو به صحصح ناهي. رنڪل ڪماريءَ جي لڙائي لڙندڙ سندس مائيٽن جي حالت سڀن ڏٺي ته ڪيئن هو هڪ هڪ ڪري نيٺ سنڌ واندائي. سنڌ مان شايع ٿيندڙ روزاني اوامي موجب رنڪل جي گھر وارن کي هيسايو پيو وڃي. رنڪل جي مائيٽن وٽ ڪم ڪندڙ ميڙوال ضائيفائون پاران چوايو ويو ته “ماٺ ڪري ماڃي کائو يا نه سري عام سوٽيون کائو.” رنڪل جا مائيٽ هيڪلا ناهي. هر مهني گھٽ ۾ گھٽ 20 کان 25 گھر سنڌ ۾ لڏن پيا. جيڪي هندو مرد ماڻهو ان جو مڪابلو ٿا ڪن تن تي خاص نشانو پيو ساڌو وڃي. سڀنن ڏٺو ته ڪيئن وزيرمل مارواڙي کي ڪتل ڪيو ويو. ٻيا لوٺمار جا واڪعا ته روج پيا ٿين. اغوا، لوٽمار، جبرن ڌيم مٽائڻ، ڀتو وسولڻ، ڀتو نه ڏيئڻ تي ڪتل ڪرڻ ته ڄڻ روج جي ڳاله ٿي پئي آهي. بلوچسٿان جي مستوگ شهر مان لڏي آيل هندستان جي ميڊيا سان ڳاله چيو ته “ سنڌ توڙي مبلچستان ۾ هندو رهن ضرور ٿا پر اتي رهڻ جيڙيو حالتو ناهن.”   

سنڌ توڙي بلوچسٿان ۾ هندو تي رهڻ سهولو ناهي. پاڪستان ۾ رهندڙ چوندا آهن ته جيڪر اوهان ڪنهن به هندوءَ کان سندس دين ڌيم بابت پڇندا ته اوهان کي جواب ملندو “آئون اڻ مسلمانن” آهيان. هو پاڻ ئي هندو تڏهن قبوليندو جڏهن اڳواٽ کيس ان لاءِ زور يا مزبور ڪين ڪندا. مونکي سنڌ ۾ رهندڙ چڱن سنڌين چيو ته سائين هندن جي سرڪاري آفيسن ۾ هڪ سون جا آنا  ڏيندڙ مرگي ڪري ليکيو ويندو آهي جنهن کي موڪعو ملندي ئي فُري سگھجي ٿو. ايڙهي ۾ حالت ۾  به سنڌ جا هندو اڳوان جيڙا آهن تيڙها ناهن. سنڌ ۾ 1947 جيڙهيون حالتون هئڻ جي باوجود شايد ئي ڪو پ پ پ جو ساٿ ڇڏڻ لاءِ تيار آهي!!!. جيڪو ڪم 1947 ۾ جناح جي مسليم ليک جي پوئيلڳن پئي ڪيو سو ڪم هاڻي پ پ  پ پئي ڪري. معملو ڀلي هندو نياڻيون جو هجي يا هندو واڻيون جي اغوا، ڪتل يا ڪنهن به لوٽمار جو. هر واڪعي ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت پ پ پ جا هٿ ضرور نظر ٿا اچن. هاڻي ته ڪي شري نياز ڪالاڻي موجب ڪوميپرست به ڪنهن ريت ملوس آهن!! هاڻي جڏهن سنڌ  چوڊيون مٿي تي آهن ته نه رڳو پ پ پ  پر هندن جا“ نماڻا نمائيدا” به هندن جي حقڻ جون ڳالهيون ٿا ڪن!!!

سنڌ ۾ هڪ زبددست ڪوشش رهي آهي ته هندن کي لڏڻ نه ڏجي ته لڏندڙ هندو سنڌين کي روڪيجي. هينئر ته هندن کي ويزا هئڻ جي باوجود بارڊر تي رهمان ملڪ تماشو ڪري ڏيکارو. ويزا تي ويندڙ هندن کي روڪيو. هينئر ته ويزا هوندي به ٽڪيڪان رد پيو ڪيو وڃن. سنڌ ۾ هندن ڀلي ڪو به تبڪعو چون نه هجي هو لڏپڻ هميشاه ئي گھجھايپ ۾ ئي ٿو ڪري. سنڌ جي گادي جي شهر ڪراچي مان لڏيل هڪ هندو ڊاڪٽر چيو ته آئون پنهنجي لڏڻ جي ڳاله پنهنجي مٽن مائيٽ سان به ڪين ڪئي هئي. سندس جوڻس چيو ته “مان پنهنجي پيڪن کي به ڪين ٻُڌايو ته اسين لڏي ٿا وڃئون جيئن اوسي پاسي ۾ به ڪنهن کي ان ڳاله جو ڇڊرو نه پوي”!!!

ايڙهي ڳاله ناهي ته لڏندي ئي هندن کي هندستان ۾ سک ٿا نسيب ٿين. هت ناگريڪتا جا وڏا مسئلا آهن. جيڪو ڪو 1947 کان اڳ جو ڄاول آهي ته کيس 7 سالن ۾ نه ته 12 سالن ۾ ناگريڪتا  ملي  ملي. وري اهو مُدو پورو ٿيئڻ جي باوجود به ڪڏهن ڪڏهن دير پئي ٿئي. احمد آباد ۾ ته ڪن کي 30 سالن لائين ناگريڪتا ڪين ملي آهي جيتوڻيڪ ان سبب سڀني کي هڪ جيڙهي تڪليف نه پئي ٿئي. مسئلو انهن جي لاءِ وڏو آهي جن کي نوڪري ٿي ئي ڪرڻي پوي. “پاڪستاني” لفظ ۾ ئي ڪجه ايڙهو بدنام آهي جي نه ڪو نوڪري تي رکڻ چاهي ۽ نه ڪو ڪوئي سهولائي سان جاءِ مسواڙ تي پئي ڏيئڻ ٿو چاهي. وري جيتائين هو ناگريڪ ٿين تيستائين ڪي ڌاري شهر ۾ وڃڻ لاءِ به حڪومتي موڪل ٿي پئي وٺڻي پوي. جيڪر ڪنهن ڪو مٽ مائيٽ بيمار هجي ته جيستائين موڪل ملي تيستائين ته اهو بيمار ماڻهو به موڪلاءِ ٿو وڃي. مٽي مائيٽي ۾ به جام تڪليف ٿئي. مسبت اها به آهي جي هندستان ۾ سنڌي هڪ هن ۾ وسيل ناهن. ڪو ملڪ جي هڪ ڪنڊ ۾ رهي ٿو ته ڪي وري ٻئي. وري ناگريڪتا جو مسئلو غريب هندو تبڪعي لاءِ ته ڄڻ چٽي آهي. ڀيل ، ميگھوار اڳين کي ڏکن ۾ وري ناگريڪتا نه هجڻ سبب ڪنهن به حڪومتي مدد کان به محروم رهجي وڃي!!!!.


ع1947 ۾ ۽ 1954 بعد جي  لڏپڻ ۾ هڪ وڏو فرڪ اهو آهي جي تنهن مهل لڏپڻ رڳو وڏي شهرن مان پئي ٿي. وري لڏي اچڻ بعد ناگريڪتا جا مسئلا ڪين هئا، پر ان باوجود لڏپڻ آهي جي نبرڻ جي نالو ڇو کڻي. احميدآباد ۾ ڊاڪٽر مليا ته سُٽي نوڪري ڪندڙ بينڪن جا ملاجم نوجوان. اهو ئي سنڌ ۾ ميڊيا ۾ شايع ٿيندڙ احوالن جي اڀتر نه رڳو اتر سنڌ پر سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪونڊ ڪورچ مان هندو پيا لڏڻ. جيڪر چيو ويو ته موٺي وڃو ته پنهنجا پاسپورٽ سارڻ ۾ به دير ڪون ڪن.  !!!سنڌ موٽڻ کان جيلن ۾ بند ٿيئڻ ٿا قبولن !!!هڪڙي هندو هندستان جي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪر سردهيون ڪلاڪن لاءِ به کوليون ويون ته لکن جا  لک لڏي ايندا

 وائسڙو ڪندڙ ڳاله آهي جي ايتري پريشانيون هندي به  ڪنهن ڪدر لڏپڻ نبرڻ جو نالو نٿي کڻي!. ع1971 ۾ 90،000 هندو لڏي آيا جڏهن  هندستان جي فوج سنڌ ۾ گھري آئي هئي. لڙائي بعد هندستان حڪومت جي زبردست دٻاءُ جي باوجود هڪ به هندو موٽي ڪين ويو. هندستان جي حڪومت هندن کي سکت لفظن ۾ آگھا ڪيو ته  جيڪي موٽي نه ويندا ته کين جيلن ۾ بند ڪيو ويندو ۽ ضيوير پئي ته ڳوليون به هلايو ويندو پر ان جي باوجود هڪ به هندو موٽي ڪين ويو. تنهن مهل نه ته جنرل ضئا هو ۽ نه ئي بابري مسجد جا فساد پر ان جي باوجود هندو لڏي آيا. جوڌپور ۾ هندو سنگھ سوڍا جيڪو 1971 ۾ ئي سنڌ مان لڏي آيو هو مون سان ڳالهائندي چيو ته “ڪراچي مان کوکراپار واري سرهد هڪ ڏنهن جو پنڌُ آهي پر ان جي باوجود جيڪر سرهديون ٽن ڏنهن لاءِ به کليون ته هڪ به هندو سنڌ بلوچستان ۾ ڪون بچيندو!!!”

 ايڙهي ڳاله ناهي ته هندستان جا سنڌي اڳوان سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن کان اڻ واڪيف آهن پر مسئلو آهي آهي ته سندن پنهنجي سياست ئي ڪجه ان ريت ڪئي آهي جي پنهنجي قوم لاءِ ڪجه به ڪرڻ کان پاسرا ٿيندا آهن. ان لاءِ هر ڪنهن وٽ پنهنجو پنهنجو مِنهون آهي. ها پنهنجي سياست لاءِ کين ايڙهيون ڪا به تڪليف يا مجبوري پيش نه ايندي آهي . اجيب جيڙي ڳاله ته ها آهي جي سنڌ ۾ ۾ هندو نمائيندا ساڳي ريت جو وهنوار ٿا رکن. جڏهن سنڌي هندو نمائيندا ئي ڪجه ايئن هجن ته غريب مسڪينن جي وائي ٻڌي ڪير ؟

 ايڙهي ڳاله ناهي ته سنڌي هيڪڙي برادري آهي جنهن قوم پرڏيه ۾به  وسيل آهي. هندستان ۾ تميلن جو هڪ حصو شريلنڪا ۾ ٿو وسي، هندي ڳالهائندڙ فِجي ۽ مروشِيس ۾ ٿو رهي ۽ بنگالين جو هڪ وڏو تبڪعو بنگلاديش ۾ ٿو رهي پر ان جي باوجود سندن پرڏيه ۾ رهندڙ توڙي  هندستان ۾ وسيلن هڪ ٻئي  لاءِ اوپرا ناهن!!!!. هندستان جي سنست لوڪ سڀا توڙي راجيه سڀا ۾ پاڪستٿان ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن  وروڌ ۾ ڳالهائو. اهو ئي ان مسئلي تي هندستان جا مسلمان ميمبرن تائين ڳالهائو، پنهنجا وات جيڪر ڪن ٺاڪي ويٺا ته رڳو سنڌي ميمبرءَ!!! بدقسمتي اها آهي جي نه ته آڏواڻي ڪجه ڳالهائو نه جيٺملاڻي. هي اهو ئي آڏواڻي آهي جنهن آسام جي فسادن جي 14 صوفن جو بيان پڙهو هو سنسد ۾ پر سنڌين لاءِ کائينس هڪ اکر تائين ڳالهائڻ ڪين پُڳو . اهو ئي کين سنڌ ۾ ٿيندي هندن تي ظلمن جي ڄاڻ جي باوجود لک ڪوشش جي باوجود هڪ خط لکڻ تائين ڪون پڳو (مان پاڻ ئي جام ڪوشش ڪيون ان بابت)

 پاڪستان ۾ 95 سيڪڙ هندو سنڌ توڙي بلوچستان ۾ ٿو رهي يانعي هو سنڌي هندو ئي آهي پر ان جي باوجود ايڪڙ ٻيڪڙ جلنس کان سوائي ماٺ ئي رهيا آهن ڄڻ ڪجه ٿيو ئي نه هجي. اسين اهي ئي هندستان جا سنڌي آهيون جيڪي رام مندر جي جاکڙي نسبت ان ئي لعل ڪرشن آڏواڻي جي اڳيان پُٺيان ڊڪياسين ڀلي هن ڪڏهن سنڌين جو ڪدر ڪين ڪيو . اهو ئي نه جيڪر ڪنهن کان وسريو نه هجي ته احميد آباد جي سنڌين کي ياد هوندو ڪيئن رٿ ياترا مهل سڀ سنڌي گڏ ٿيا هئا اهو سوچي جي آڏواڻي سندن لاءِ به ٻه لفظ ڪون ڳالهايا پر ان جي باوجود ڪو به سنڌ لعل ڪيشن آڏواڻي تي فڪر ڪرڻ فڪر پئي سمجھيو.  جيڪي کيس سُڃاڻن سي چون ته آڏواڻي سنڌين جي مئسلن تي ڪرڻ ته پري  کتو جواب ڏيندو هو. هاڻي گھٽ ۾ گھٽ هو ٻُڌندو ته آهي !!!!

1992 کان 2012 تائين ڪجه ڪين مٽيو آهي. تنهن مهل به هندستان جا سنڌي بابري مسجد جي فسادن مهل سنڌ ۾ هندو سنڌين تي ٿيندڙظلمن  تي ماٺ رهيا اڄ به سنڌين تي ٿيندڙ ظلمن تي ماٺ آهن. رام مندر ته اڄ تائين ڪون ٺهيو پر سنڌ توڙي بلوچستان جا سون گھرن ۾ ماتم ڇايل رهيو، سون جي ڳڻپ ۾ مندرن کي ڊاهيو ويو، ٻيو جيڪو سنڌي نياڻيون سان ٿيو سو ڌار. جيڪر ڪنهن به ڪجه ڳاليون سو اٽل بهاري واجپيئي هو جنهن کي هندستان جا سنڌ ايئن به ڪڏهن ازت ڪين ڏني آهي.!!!!

 چوندا آهن ته جيڪر ڪنهن به قوم کي ناسُ ڪرڻ هجي ته ان قوم جي اتهاس کي اڳواٽ ناسُ ڪجي. سنڌ فتح بعد عربن ايئن ئي ڪيو جيڪو رواج هندو سنڌي اڳواڻن پئي ورجايون. هنن هندستان ايندي شرت ئي ايلان ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪئي ته هاڻي اسان کي ان ملڪ ۾ کير کنڊ ٿي وڃڻ کپي. آچاريه ڪرپلاڻي ته سري عام چوندو هو. 1947 يا 48 ۾ ڪويٽا ۾ فساد ٿيا ته هو سنڌ جي دوري ۾ اچي چيو هو ته هندو رڳو ان حالت ۾ ئي رهي سگھندا جيڪر هو اسلام قبول ڪندا. ايڙها بيان مايوس هندن ۾ کوف پيدا ڪيو. هندستان جي سنڌي اڳوانن رڳو ان لاءِ کير کنڊ جي ڳاله ڪندا هئا ته جيڪر سنڌي،  هندو سنڌي نه رهندا ته ساڻس ڪو سنڌ ۾ ڪيل غلطيون بابت پُڇيندو ئي ڪون !!!! سندن سِک جو اثر مونکي جوڌپور ۾ ٻُڌڻ لاءَ مليو جڏهن اُٿئون جي هڪ سنڌي هندو  لوهاڻي ۽ ساماجڪ اڳواڻ اهو ڇوندي ڪا به مونجھ مهسوس ڪين ڪئي ته “سائين اسين ڀيل، ميگھوار ، ڪولي يا سوڊن کي سنڌي ڪري ڪين سمجھندا آهيون ڀلي هو سنڌ جا هجن يا سنڌي ڳالهائندا هجن” اهو ان جي باوجود جي اسين سنڌ ۾ هجارن سالن کان ساڻس رهياسين. !!!!!!

اهو سڀ تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪو قوم پنهنجي وراست کي وساري  پنهنجي اتهاس کان پري ٿيندو آهي. اسين جو ورتاءُ پنهنجي ئي ماڻهون ڏانهن پورو هندستان ڏسي پيو. هندستان ۾ 28 صوبا آهن پر 1600 ٻوليو. هر قوم کي صوبا ناهي پر ان جي باوجود سنڌين جي اڀتر انهن قومن جون قومييپرستي سڄاڳ آهي  ۽ شال هميشاه رهندي.
پر ان سڀن جي باوجود هڪ ڳاله نه پڪ آهي جي ڪنهن نه ڪنهن ڏنهن ، ڪنهن نه ڪنهن وقط اسين لوهاڻن کي هنڌوستان جا اڻ سنڌي هندو به سوال ضرور  ڪندا ته “ سائين جيڪر اوهان پنهنجن يا پنهنجي اتيت ءَ (ماضي)، پنهنجي سنڌين کي سنڌي ڪري ڪو ليکيو،  ته اوهان اسين سان ڪيئن ٿا ٿي سگھو؟”

ان سوال لاءِ هندستان جي هر سنڌي کي تيار رهڻو کپي !!!!!!!