July 4, 2011

بنگلا فلمن جو سوپراسٽار جيتيندر مدناني




هندستان ۾ سنڌين جي سڃاڻپ هڪ ڌنڌيڙي قوم جي روپ ۾ ئي ٿيندي رهي آهي. جيتوڻيڪ ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ رهندي هندن نوڪريون به چڱيون ڪيون پر تڏهن به سنڌين هندن کي هڪ واڻيڪي ڪوم جي روپ ۾ ئي ڏٺو ويندو هو. هندستان ۾ سنڌين جي حالت ٻين  ڪنهن ڪدر مختلف آهي. جيتوڻيڪ ورهاڱي سبب پنجابين ۽ بنگاليين کي به دربدر ٿيئڻو پيو پر گهٽ ۾ گهٽ انهن ڪومن جا هندستان ۾مختلف  صوبا حجڻ سبب پنهنجي ٽفاقت  جي نسبت ۾ اڳتي وڌڻ ۾ ڪا به تڪليف ڪون ٿي. (چوڻ لاءِ ته پنڊت جوهار لعل نهرو به چيو هو ته سنڌين لاءَ سڄو هندستان آهي پر عام رواجي سنڌين لاءَ هي وقط يقنن تمام ڏکن ڀررون هو، ٽفاقت ته چڱو پري جي ڳاله ٿي). جيڪر اها ڳاله سنڌي فلمن جي نسبت ۾ ڏسبي ته يقينن ورهاڱي جا سُر اڄ به تازا پيا ڀاسندا.  خير هندستان ۾ جن علاقن ۾ سنڌي ڪنهن ڪدر  ٿورائي ۾ وسيا تنهن ۾ هڪ صوبو اوله بنگال جو به آهي.

ڪلڪتي ۾ سنڌين جي اچڻ جي سروئات ع 1880 ۾  ٿي هئي جڏهن سيٺ سترامداس ڌلملءَ پنهنجو سوناري جو پهرون هٽُ کوليو هو( جنهن جي آڪهن اڄ به ڪلڪتي ۾ رهي ٿي) ، ڪلڪتي  جي هائون ڪوٺيئندڙ “ پارڪ اسٽريٽ” جي وچووچ . پر سنڌين جو بنگال ۾ وسڻ سچ پچ ته  ورهاڱي بعد ئي ٿيو جڏهن  نه  رڳو ڀائينبڌ پر عاملءَ پڻ جهجهي شُمار ۾  ڪلڪتي ۾ وسيا . پر جيئن ٻيي صوبن ۾ ڏسڻ ۾ آيو ساڳي ريت ڪلڪتي ۾ به سنڌي ان پيشن ۾ به قابيابي ماڻي جنهن بابت هند ۾ چاول پهرين ٽيهي ڪڏهن سوچي به ڪون هو. ان سڀنن کان وڏو مصال هندي فلمن جو مقعو ڪوٺائيندڙ باليووڊ آهي جتي سنڌين نه رڳو پيسو پر فن  به سيڙايو آهي. جيڪڏهن فلمن جي ڳاله ڪجي ته جيتوڻيڪ سنڌين جي لاڙو گهڻو تڻو  هندي فلمن ڏاهن ئي رهيو آهي پر اڙها چڱا مصال پڻ ملندا جڏهن سنڌين ، باليووڊ کان سواءِ ٻين هندستان جي اڻ هندي  ٻوليون ۾ به پنهنجي هنر جا مصال ڏنا آهن. ان جو هڪ مصال بنگلا فلمن جو هڪ نئين يوگ جو باني جيتيندر مدناني ۽ تمننا ڀاٽيا (تميل فلمن جي اداڪاترا) آهن.

جيتيندر مدناڻي جنهن کي بنگال ۾ “جيت” جي نالي سان سوڃاتو ويندو آهي بنگلا سينيما جو هڪ  زماني جو باني ٿي اوڀرو آهي. جيت هڪ رواجي  فلمي ڪلاڪار  واڱر هڪ ڏگهي جدوجهد ڪرڻ بعد اڄ جي مڪام تي پهتو آهي جنهن سبب سنڌين کي  فڪر ٿيئڻ لازمي آهي. جيستائين جيتيندر جي صخصي حياتي جي ڳاله ڪجي ته سندس جنم 30  نومبر1978   ۾ڪلڪتي جي سنڌين جو مرڪج ڪوٺيئندڙ نيو علي پور ۾  ٿيو. جيت جي تاليم نيو علي پور جي سينٽ جوسيپ اسڪول ۾ ٿي ۽ ان بعد ڊِگري (ڪامرس ۾) ڀواني پور عيڊوڪيشنل سوسائيٽي مان پوري ڪئي. ننڊپڻ کان  جيتيندر جو لاڙو فلمن ۽ ناٽڪن ڏاهن هو . (سندس جي ننڊپڻ جا دوست اڄ به کيس هندي فلمي اداڪارن جا چِٻرا ڪڏهڻ جو ڳالهيون ياد ڪندي ڪين ٿڪبا آهن). جيت جيتوڻيڪ تاليم پوري رڪڻ کان پوءِ پنهنجي مائيٽن سان ڳڏ ڌنڌي تي لڳيل هو پر ان جي باوجود فن کان ڪڏهن به ڌار ڪين  ٿيو. جيت جي فلمي سفر جي سروئات 1994 95 ۾ ٿي جڏهن جيت ماڊلينڱ ڪم ۾  ڪندي پهرون ڀيرو ٻن  بنگالي  ٽيليزن سيرلين، “بيسابرڪشا” ۽ “جنني”  ۾ اداڪاري ڪئي. ان سيريئلن جي يڪدم پوءِ جيت اميدن جي شهر بمبئي جو رک ڪيو. جيت پنج ورهيه ساندهيه بمبئي ۾ هندي فلمن ۾ اداڪاري لاءَ جدوجهد ڪئي. تن ڏنهن کي ياد ڪندي جيت پنهنجي ويب سائيٽ ۾ لکو ٿو ته “ اهي ڏنهن يقينن ڪسمڪش جا ڏنهن  هئا. آئون هڪ بستيءَ  ۾ مسواڙ جي جاءَ ۾ رهندو هوس. هڪ اوڊيشن کان ٻئي، ٻئي کان ٽرين ۽ ٽرين کان چوٿين، بس اهو ئي صلسلو هلندو رهندو هو.  ناڻي  جي تنڱي رهندي به آئون  ڪڏهن به اهي آدايون  (رول) ڪون ڪيون جيڪي مونکي لڳا ته مونهنجي آدرشن جي اڀتر آهن،” انهن وقط ۾ جيت کي هڪ  تيلگو (هندستان جي صوبي آنڌر پرديش جي ٻولي ) فلم “چندروُ” (2001) ۾ ڀي ڪم ڪرڻ جو معقو ملو.جيتوڻيڪ اها فلم سندس ڪيريئر کي ڪو خاص مڪام ڪون ڏئي سگهي، پر پڪ سان وڌيڪ مهنت ڪرڻ تي آمداه ضرور ڪيو جيت کي.

بمبئي ۾ جيت پنج ورهين تائين سانڌيه جدوجهد ڪئي . ان عرصي ۾ هڪ لڱا  جڏهن جيت موڪلن ۾ ڪلڪتي آهو ته  بنگلي فلمن جي هدائتڪار سان به راطبي ۾ آيو. ان ئي وقط هن ڪلڪتي جي هڪ انگريجي ناٽڪ مبڊلي “پرسينيئم آرٽ سينٽر” سان به ڳنڊيل رهيو جنهن جي سائي هيٺ ٻن انگريجي ناٽڪن ۾ به ڪم ڪيو مصلن “آرمس اينڊ دي مين” ۽ “مئن ايٽ دي فلور”. ساڳي وقط ۾ جيت کي  بنگلا فلمن جي حدايتڪار هاراناٿ چڪربورتيءَ جي آڇ سندس بنگلا  فلم “ساٿي” ۾ ڪم ڪيو جيڪا اتفاق سان جيت جي اڄ تائين سڀنن کان وڏي هِٽ سابت ٿي. “ساٿي” بنگالي فلمن جي باڪس آفيس  جا نيا ريڪاڊ ڪايم ڪيا. سندس فلم بنگلا فلمن ۾ هڪ نئين تازگي آندي. اهو ئي نه ان فلم تي جيت کي ڪجه عنام پڻ عتا ڪرايا. جيڪو سفر جيت “ساٿي” سان شروع ڪيو سو اڄ تائين مطلب “شتروُ” جي ريليج تائين  سامڌيه ٿو هلي اچي. ان وچ ۾ جيت جون ڪي فلميون قاميابي نه به ماڻيون پر جيت جي شوهرت ۾ ڪا به ڪمي ڪون آئي. 
جيت جي اڄ تائين جي بنگلا فلمن جي فهرست ڪجه هن ريت آهي. “ساٿي” (2002)، “ناتير گُرُ”، ”شنگي”، “آنار مائير شپٿ” ۽ “چينپِين” (2003)، “شڪتي”، “مصتان”، “بنڌن” ،“آڪروش” ۽ “پريمي” (2004)، ،“يوُڌو” ۽ “شُڀودرشٽي” “چور چور ماستوتو ڀائي” ۽ “مانيڪ” (2005)، “ ساٿيِهارا”، “پريئوتما”، “ڪرانتي”، “گھاتڪ” (2006)،“پريتيڀومي”، ”بيڌاتار ليکا”، )2007) “پاٽنر“ ۽ “زور” )2008( “هاشي خوشي”، “سات پاکير بانڌا ”۽ “نيل آڪاشير چاندني” (2009)“ وانٽيڊ”، “جوش” ۽ “دوُئي پرٿيبي” (2010) ۽ تازي سال “فائيٽر” ۽ “شتروُ” )2011) ان کان سواءَ جيت هڪ بوجپوُري (هندستان جي بهار صوبي جي ٻولي ۽ هندي جو هڪ لهجو)۾  پڻ ڪم ڪري چڪو آهي. ان فلمن جي فهرست ان جو سبوت آهي جي جيت تي بنگالي فلم انڊسٽري کي ڪيرو ڀروسو آهي. اها به ڳاله ياد رکڻ گھرجي ته بنگال هندستان جو اهو قوم آهي جنهن به آڻ بنگالين جو خاص ڪري ٽفاقت جي صنف ۾ تمام مهدود رکيو ويندو آهي.  

جيستائين ڳاله ڪجي انعمن ته جيت کي هڪ نه چار چار  لڱا آنندلوڪ بهترين اداڪار ايواڊ  ملي چڪو آهي.  2003، 2004 ، 2005۽ 2006 ۾. اهو ياد رکڻ گرجي ته “آنندلوڪ” بنگلا فلمي مخزن جو نالو آهي ۽ ان مخزن جي اها ئي هيسيت آهي جيڪا باليوڊ ۾ “فلم فيئر” جي آهي . ان کان سواءِ جيت کي جيڪي ايواڊ مليا آهن اهو ڪجه هي ريت آهن. ساٿي جيڪا جيت جي اول ۾ اول فلم هئي ، تنهن تي جيت کي آنندلوڪ کان سواءِ اتتم ڪمار، ڪشور ڪمار ۽ بنگلا فلم ايڪاڊمي ايواڊ مليا. ڪي ايم پي انتراشٽريه انعام مليو جيڪو هند ۽ بنگلاديس مان بنگالين جي ڳڏيل تنظيم آهي ، تن جيت کي هي انعام اميريڪا جي مينهيٽن ۾ ڏنو هو. 2006 ۾ لڪش ۽  اي ٽي وي پاران 2006 ۾ بنڌن فلم تي انعام اطا ٿيو. ان کان سواءَ ٻيا به جهجها انعام جيت کي مليا آهن.  

ان ڳاله ۾ جو به شڪ ناهي ته جيت اڄ بنگلا فلمن جو هڪ سوپراسٽار ٿي اڀريو آهي. هو هڪ ٽرينڊ سيٽر آهي. جيتوڻيڪ جيت  جي فلمن کي ڪڏهن قاميابي نه  به ملي پر ان جي باوجود سندس ڪا به نئي فلم بنگالي فلمن جي چاهندڙن ۾  اتساه ضرور پيدا ڪيو. جيت ۽ ٻين جدايد ڪلاڪارن جي قاميابي جو شريئه ڪنهن حد تائين عام بنگالين کي به آهي جنهن ان مٽندر  روپ جي قبول ڪيو آهي . ان مٽندڙ روپ جو فائدو اهو ٿيو جي بنگال ۽ بنگلاديس جي فلم اندسٽري هڪ ٻي جي ويجھو آهيون . اهو ئي سبب آهي جي اڄ  بگلاديس جا ڪلاڪار به ڪلڪتي جا چڪر پيا ڪٽن جيڪا ڳاله اڄ کان ڏهاڪي ٻن اڳ وسهاءُ جيڙهي به ڪون هئي. اهو ئد سبب آهي جي باليووڊ جا وڏا پروڊڪشن هائس مصلن آي. بي. سي ۽ راجشري پروڊڪشن بنگلا فلمن ۾ پيو پنهنجا پيسا لڳائن.

جيت جي قاميابي ۾ اڄ جي هندستان جي بنگلا فلنن جو مٽندڙ روپ لڪيل آهي. بنگلا فلميون هميشاه ئي باليووڊ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آدرشوادي ئي رهيان آهن.  جيتوڻيڪ بنگلا فلمن  کي ڏيه توڙي پرڏيه ۾ چڱونالو ڪڏيو آهي، ۽ چڱا اهم انعام به حاصل ڪيا آهن پر ان جي باوجود جيڪر باڪس آفيس يا بنگلا فلمن ۾ پيسي جي ڳاله ڪجي ته پڇاڙي ءَ جي 40 50 ورهين ۾ بنگلا فلمن جي حالت قياس جوڳي رهي  آهي. هڪ وقط هوندو هو جڏهن هڪ هفتو به ڪنهن سينيما هال ۾ بنگلا فلميون هلائڻ  هڪ وڏي ڳاله ٿيندي هئي. جيتوڻيڪ بنگال جي حڪومت پاران هڪ قانون پڻ زاري ڪيو ويو هو جنهن موجب هر هڪ سنيما هال کي مهني ۾ هڪ هفتو هڪ بنگلا فلم ڏيکاڻڻ لازمي هئي. پر ان جي بااوجود بنگلا فلميون، بنگالي عوام ۾ ڪا نيئن جان ڪون پوڪي سگھيون. بنگالي عوام جنهن فلمن جي اِنتظار ۾ هو سو سايد تنهن مهل جي بنگلا سينيما ڪون ڏئي سگھي. اهو ئي سبب هو جي هندي بنگالين جي مادري ٻولي نه هجڻ جي باوجود بنگال مان ۽ خاص ڪري ڪلڪتي مان جھجھو پيسو ڪمايو. (اها ڳاله ياد رکڻ گھرجي ته هندي فلمون پنهنجي گھڻي تڻي ڪمائي ممبئي ۽ ڪلڪتي مان ئي ڪندي آهي، اتفاق سان اهي ٻئي سهر هندي ڳالهائندڙ ڪين آهن)  پر هينئر حالتيون اوڙهيون ناهين .اڄ  بنگلا فلميون نه رڳو بنگلاديش ۾ پر يوروپ جي جدا جدا ملڪن ۾ پيو هلن جتي بنگالي رهن ٿا. جيڪڏهن  بنگلا فلمن جي لاڙي جي ڳاله ڪجي ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته بنگلا فلمن سنيما جگت کي ڪي اهم هدائتڪار ڏنا آهن جيئن ستيه جيت ري(جنهن کي اوسڪر پڻ ملي چڪو آهي) ، مِنڻال سين، وغيراه .  انهن 60 جي پڇاڙي ۽ 70 جي ڏهاڪي ۾ چڱي ڌوم مچائي. ان بعد اپرڻا سين (جنهن جون ٻه ڌيئر اڄ به بنگلا فلمن ۾ ڪم پيو ڪرن ۽ جيت سان به ڪم ڪري چڪيون آهن) ، گوتم گھوش يا وري اُتُپليندو کي سايد ئي ڪو وساري پيو  سگھي. ان ڳاله جي سچائي کي ڀاسيندي ڪن بنگالي فلم ٺاهندڙن هندي فلمن جي تنج تي بنگلا فلميون پڻ ٺاٿيون خاص ڪري 90 جي ڏهاڪي ۾ پر سي هليون ڪون. پر ان جي باوجود بنگالي فلمن ۾ تجربا بند ڪون ٿيا ۽ اڄ بنگلا فلميون جھجھو پيسو پيو ڪمائن.
پڇاڙيءِ جي 10 15 ورهين ۾ هندستان جي هندي توڙي اڻ هندي  فلمن ۾ هڪ خاص ڳاله اها رهي آهي ته اڄ جڏهن ڪا به فلم ٺاهنجي ٿي ته نه ڳرو ڏيهي پر پرڏيهي هراهڪن کي به ڌيان ۾ رکيا ٿا وڃن. هڪ انومان موجب هندستان جي هندي فلميون پرڏيه مان سالانو 200 ڪروڙ تائين ٿوين ڪمائن. اهو ئي سبب آهي ته هند جون فلميون ۾ پيسو به تمام گھڻو تو لڳايو وڃي جنهن سان پرڊاڪشن جا ميار ۾  به ڇڱا سُڌر آيو آهي . ان نسبت ۾ جيڪر سنڌي ڪوم کي ڏسجي ته اسين يقينن چڱو پوئيتي ٿي پيا آهيون. سنڌي ، هند سنڌ کان سواءِ دنيا جي لڳ ڀڳ 60 ملڪن ۾ رهيون ٿا ، ان جي باوجود اسان جا ڪلاڪان ڪڏهن به اها شوهرت  ڪون ماڻي ۽ نه نئي ڪڏهن سنڌي فلمن جي پراڊڪشن جا استر ۾ ڪو گھڻو ميار وڌو آهي. هندستان ۾ سنڌي سنڌي فلمن ۾ پيسو پڻ وِڌو پيو وڃي  اهو ڄاڻيندي به تت سنڌي فلمن ۾ سانڊيل پيسو اڳاڻڻ ناممڪن آهي.
ستر ورهيه ڪنهن به ڪوم جي اتهاس ۾ ڪو ڊگھو ارصو نه ٿيندو آهي. اهو ممڪن آهي ته سنڌ ۽ هند ۾ رهندڙ سنڌين ۾ پنهنجي پاڻ ۾ لاڳاپا سُڌرن جيئن  بنگلا ۽ ٻين ننڊي کنڊ جي ٻولين واڱر سنڌي فلمن ۾ به ڪم ڪري اداڪار ۽ اداڪاريون فڪر مهسوس ڪن جيئن سنڌي فلم ۾ ڪم ڪرڻ سماج سيوا نه لڳي.