August 24, 2012

سنڌ مان لڏي آيل هندن جا سورءَ


پر سال يعني 2011 ۾ سنڌ مان 1400 ماڻهون جو جٿو هندستان آيو جن مان 140 جو جٿو هندستان جي راجڌاني دهلي جو رک ڪيو. سندن جي چاه هئي ته هو هندستان ۾ وسن ۽ سنڌ موٽي وڃڻ لاءِ اصل ئي تيار ڪين هئا. جيئن ته 2011 تائين جٿي جا ويزا ڪون وڌايا ويندا هئا سو ڳاله ڪورٽ تائين پهتي  ، جتي ڪورٽ جي دٻاءُ سبب حڪومت نيٺ جٿي جا ويزا وڌائڻ لاءِ هڪ نوٽيويڪيشن جاري ڪيو. پيس آهي سندن بابت ڪي احوال جيڪو هندي اخبار ۾ شايع ٿيل هئا ان وقط جڏهن هو ڪيپن ۾ رهي پنهنجي لڙائي پئي لڙي.

رپورٽ :.هندي رسالو ”ويب دنيا“


سنڌ مان لڏي آيل هندن جا سورءَ
”اسان کي جبرن اسلام قبول ڪرايو ويندو آهي“

پاڪستان ۾ هندن تي ٿيندڙ سانديه کتري کي مهسوس ڪندي ويجھڙائي ۾ (نومبر ع2011) 140 ماڻهون جو هڪ جٿو هت ئي رهڻ ٿو چاهي ۽ هندستان جي راجڌاني دهلي ئي پنهنجو آشئانو ٿا بڻائڻ چاهن.

پاڪستان جي سنڌ صوبي مان هي جٿو ڌارمڪ ويزا جي معرفت هندستان گھمڻ آيو هو. سندن ويزا جي وقط نبري وڃڻ جي باوجود هو پنهنجي ملڪ پاڪستان نٿا موٽڻ چاهن. سندن مڃڻ آهي ته هينئر هنن جو مسطقبل سنڌ ۾ کتري ۾ آهي.
ان جٿي ۾ 27 هندو آڪهين آهن ۽ ان جٿي جي ويزا جي وقت نبري ٻه مهنا گُجري چڪا آهن. سندن اباڻو گھر سنڌ جي حيدرآباد شهر جي ڀرسان متياري نالي ضعلي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻُڌايو پيو وڃي. سندن چوڻ آهن ته هو هندستان ۾ پاڻ کي مهفوظ پيا محسوس ڪن.

هي جٿو اتر دهلي جي “مجنو ڪا ٽيلا”  الائيڪي ۾ سندن سنسٿا پارا جوڙايل هڪ ڪيمپ ۾ رهن ٿا. ان جٿي ۾ پوڙها، ٻار توڙي جوانن جي هندستان حڪومت لاءِ  هڪ ئي اپيل دهرائندا رهيا ته  سندن ويزا وڌائي وڃي ۽ سندن رهڻ جو بدوبست ڪيو وڃي.

سالن کان انتظار بعد نيٺ ان جٿي ۾ آيل هندن کي ويزا ملي جنهن سبب هو هندستان پهتا هئا.
هڪ اين جي او ساڻ ڳنڊيل شري گنگارام جو چوڻ هون ته هو به پرڌان منتري ۽ ڪانگريس جي سدر سونيا گانڌي کان به خط لکو آهي پر  اڃا تائين ڪو به جواب ڪين مليو آهي.

پنهنجي ڪيمپ ۾ مٽن مائيٽن سان گهريل ۽ تئي تي فُلڪا سيڪيندي 20 ورهين جي گنگا پاڪنستان ۾ پنهنجي ڪهاڻي پئي ٻُڌائندي سندس سڪون ڏسڻ جيڙهو هو . کيس ان ڳاله جي ته دلجاءِ هئي ته گھٽ ۾ گھٽ سندس اولاد ته هڪ سڪون جي حياتي ڳاريندا.

پنهنجي آڪهين لاءِ ماني پرسيندي هون چيو ته پاڪستان ۾ ڪا به ڌارمڪ آزادي ناهي. اسان کي ته  تعليم حاصل ڪرڻ جي به آزادي ناهي. اسان کي ته حميشاه ئي نشاڻو بڻايو ويندو آهي. اسين هندستان جي ويزا ملڻ جا پيا ڏنهن ڳڻئون ته ڄاڻ ويزا ملي ۽ اسين هتئون نڪري سگھئون. اسين بس هينئر هتي وسڻ پئي چاهيو.

ڊيرا بابا ڌنيداس پارا سڀن 27 آڪهين لاءِ رهڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو.  ان ڪيمپ جا ڪي جوان ته الاڪي جي ڪن دوڪانن ۾ نوڪريون ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏيوآهي .

پنهنجي حياتي ۾ ٿوڙي ئي ڏنهن لاءِ لعليم حاصل ڪيل يمونا جو جوڻ هو ته سندن پنهنجي گھر، ذمين ،الاڪا ۽ باڪي سڀ شئيون رڳو ان لاءِ قربان ڪيو جي هندستاني سندن مدد ڪندا. چندرما (40) يمونا جو پاڪسٿان مان لڏڻ جي ڪهاڻي ڪجه هن ريت پوري ڪئي...

اسان جي ٻارن کي اسڪول ۾ ڌار ويهارو ويندو آهي. اتي اسانجي ٻارن کي پاڻي پيئڻ  لاءِ ڪين ملي. اسين ڊپ سان نٿا رهي سگھئون. اهو ئي سبب آهي جي اسين ڌارمڪ جٿي جا ويزا هٿ ڪري هندستان آيا آهيون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سندن سماج پنهنجو خرچ پاڻ ٿو ڪڏي سگھي. اسان بس ويزا جو مسئلو آهي ۽ اسان کي رهڻ جي جاءِ کپي جيئن اسان جا ٻار وري تعليم شروع ڪري سگھن.

انهن مان هڪڙي 13 سالن جي چوڪري آرتي سان به منهنجي ڳاله ٻوله ٿي جنهن جي ڳاله ٻُڌي ڪو به جزباتي ٿي پوي. هن چيو ته هوءَ ڪڏهن به اسڪول ڪين وئي پر پنهنجي ڏاڏي ڏاڏيِ وٽان ئي هندو منتر سکا هئا. جڏهن نه کيس رنڌڻي مان موڪل مليس ته پنهنجي جمار جي سنگت سان اهي ساڳيا منتر سکاري گد گد ٿئي. پنهنجي ڀاڻس جي ويٺي آرتي چيو ته کيس اهي  منتر بيهت وڻن ۽ ٻين کي به سيکارڻ ۾ چاه رکندي آهي

آرتي جي ڀاڻس پنهنجو نالو ته ڪين ڏسيو پر هن پُڇيو ته ضرور ته اسين  هندو هئڻ جي ناتي هندستان ۾  ڇون نٿا رهي سگھئون.؟ سندس چوڻ هو ته جڏهن بنگلاديشي، نيپالي ۽ تببتي ڀارت ۾ رهي ٿا سگھن ته پوءِ اسين ڇون نه ؟ حڪومت کي اسان لاءِ به ڪجه ڪرڻو کپي.  
هن چيو ته اسين اتي (سنڌ توڙي پاڪستان) ۾ ڪيئن ٿا رهي سگھئون جڏهن اسان کي جبرن اسلام قبول ڪرائڻ جي مَنَشا رکي ٿو. سنڌ جي هڪ ڳوٽ ۾ ميڪينڪ جو ڪم ڪنڌڙ ساگر پنهنجي پاڙيسي جي ڳاله بِدر ۾ چيو ته اسان وٽ ته جٿي جو ئي هڪڙو وصيلو آهي سنڌ مان نڪرڻ جو.

هن چيو ته اسان جي گھر ۾ اسان سان هاٿاپائي ڪئي ويند هئي. اسان کي فوريو ويندو هو.حالتونه ڪڏهن سڌرنديون ۽ نه ئي اسين ايڙهي ڪا اميد به ڪيون ٿا. هينئر ته اسين رڳو سانتي ۽ عمن سان پنهنجي حياتيون ڳارڻ ٿا چاهيون.ڪريڪيٽ جي راند کيڏيندڙ 12 ورهيون جي امر جو چوڻ هو ته هو وري موٽي نٿا وڃڻ چاهن. اسان کي سنڌ موٽي وڃڻ کان ڊپ آهي. آئون هت ئي رهڻ پيو چاهيان.



هن آرٽيڪل جي لنڪ

August 22, 2012

هندستان جي سنڌين جو لڏي آيل هندن لاءِ جاکڙو


هندستان جي سنڌين جو لڏي آيل هندن لاءِ جاکڙو
سنڌي مان تپايل هندستان جي صوبي ڇتيسگڙ ايندڙ هندو توڙي سک آڪهيون هت وسڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. لانگ ٽرم ويزا ۽ هندستان جي ناگريڪتا حاصل ڪرڻ جي نسبت ايندڙ دڪتن کي پري ڪرڻ لاءِ ڪجه ڏنهن اڳ ساڌاڻي دربار جي سنت يوڌيشٽر لعل جي سربراهي ۾ هڪ 11 ميمبرن جي هڪ ٽولي جوڙائي وئي آهي. ان ڪميٽي جي منڳل ڏنهن واري گڏڄاڻي ۾ هڪ گھُرن جو دستاويز تيار ڪيو ويو. ان دستاويز کي ڇتيسگڙجي وڏي وزير ڊا. رمن سنگھ ۽ مرڪجي گھر وزير کي گورنر جي مارفت موڪليو ويندو.

ان ڪميٽي جو سنيوجڪ آسودرام واڌواڻي جي سربراهي هيٺ هڪ ڊرافٽنگ ڪميٽي پڻ جوڙائي وئي جنهن جي پهرين بيٺڪ ان ڪميٽي جي اڌيڪاري شري رميش ولرياڻي جي دفتر ۾ ٿي جنهن به نندلعل ساهتيا ۽ ٽيشورام وغيراه شامل هئا. لڏي آيلن  جي مسئلي تي بهس بعد هڪ دستاويز پڻ تيار ڪيو ويو جن ۾ لانگ ٽرم ويزا توڙي هندستان جي ناگريڪتا بابت ويچار ڪيو ويو. شري رميش ورلياڻي جو چوڻ هو ويزا ۽ ناگريڪتا وڏا مسئلا آهن جن سان لڏي ِآيل هندن جي جام تڪليف ٿيندي رهي آهي. 26 اگھيٽ جي ڏنهن  ٻهر ڳڏڄاڻي ڪوٺائي وئي آهي ۽ ان ڏنهن ان 11 ميمبرن جي ڪميٽي اڳيا ان مسئلي تي مان پتر يعني ڊيمانڊ چارٽر پيش ڪيو ويندو. ان ڊيمانڊ چارٽر کي وري وڏي وزير ۽ ٻين اڳيا پيش ڪيو ويندو. اهو به وچار ڪيو ويو ته هڪ ٽيم دهلي پڻ وڃي جيئن مرڪجي حڪومت جي وزيرن سان به ڳاله ٻولي ٿي سگھي.

  هندستان جي هيومن رائيٽس ڪميشن ۾ شڪايت

ڇريسگڙ سنڌي پنچايت جي اهديدار شري امر گھاونا جو چوڻ هو ته هندو نارين جي اغوا ۽ جبرر ڌرم مٽائڻ جي کلاف هندستان جي هيومن رائيٽس ٿوڙي ضائيفائون جي ڪميشن ۾ شڪايت ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ سنڌ ۾ هندن سان ٿيندڙ ظلمن بابت به ڪميشن جي اگھا  ڏنو ويو آهي.

 سنڌ مان لڏي آيل 45 هندن کي هندستان ۾ شرن

سنڌ مان لڏي آيل 45 هندو رايپور ۾ پليس استيشن ۾ هاجر ٿي هندستان ۾ رهڻ جي موڪل گھري جيڪا قبول ڪئي وئي




سنڌ (پاڪستان) جي هندن جي ڏکائندڙ ڪهاڻي




هي احوال اندور مان شايع ٿيندڙ هڪ هندي اخبار مان ورتل آهي





“سنڌ (پاڪستان) ۾ اسان سان غلط ورتاءُ ڪيو ويندو آهي . لوٽمار  يا هاٿاپائي ته عام ڳاله ٿي پئي آهي. اسانجون ضائيفائون بلڪل ئي مهظوج ناهن. اتي ڪدم ڪدم تي هندن کي پنهنجي حياتي سان کيڏڻو پوندو آهي . ڪو به اچي اسان کي حيسائي ويندو آهي. سڀن کان وڌيڪ کترو ته ضائيفائوم ۽ نياڻيون کي آهي. هو ته گھر مان اصل ئي ٻاهر ليئو پائي  ڪين سگھن. هندن تي ٿيندڙ ظلم جي ته انتهائي ٿي وئي آهي. هندن جو رهڻ هينئر ڏکيو ٿي پيو آهي. اسين ڌارميڪ ويزا تي ڪنهن ريت نڪري آياسين ته سرهد تي اسان کي روڪيو ويو. اسين ڪنهن نه  ڪنهن ريت هندستان پهتا آهيون”

اها داستان ٻُڌائي سنڌ مان لڏي آيل اجيت ڪمارءَ. سندس موجب ان جٿي ۾ 230 ماڻهو هئا پر ان مان گھڻن کي ئي روڪيو ويو. اسين 22 ڄڻا (17 هندو سنڌي ۽ 5 سنڌي سک) ڪنهن نه ڪنهن ريت پنجاب ٿيندي دهلي مان نزامُدن ايڪسپريس مارفت منگل ڏنهن اندور (مڌيه پرديش جو هڪ اهم شهر) پهتاسين. جٿي ۾ ٻيا ماڻهو ميڊيا سان ڳالهائڻ کان جواب ڏنو. سندن پنهنجو نالو تائين ڪين پئي ڏسيو. جيتوڻيڪ سڀن اها ڳاله مڃي ته اتي (سنڌ) هندن توڙي سکن جو رهڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ان مسئلي بابت هندستان پاڪستان جي حڪومتن کي پنهنجي پاڻ ۾ ڳالهائڻو کپي.
اندور ريلوي اسٽيشن ۾ جٿي جو اجھيان ڀارتيه سنڌو سڀا جي مها منتري شري شنڪر لعلواڻيءَ ڪئي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هندن سان  اغوا، ڪتل، لوٽمار جا واڪعا جام پيا ٿين ۽ هاڻي ته دين ڌرم مٺائيڻ لاءِ به ذور پيو ڏنو وڃي. حڪومت ته هينئر عام ويزا ڏيئڻ بند ڪري ڇڏيا آهن ان سبب هندو ڌارميڪ ويزا جي معارفت ئي هندستان اچن پيا.
“اوهان ٽي وي ۾ ڏسو پيا ، اخبارن ۾ به پڙهو پيا اوهان  کان بدتر حالت ۾ سنڌ ۾ پاڪستان ۾ هو رهن پيا. اتي  اسانجي دڪانن جي لوٽپار هڪ عام ڳاله ٿي پئي آهي . اسان پنهنجي پوري ملڪيت وڪڻي اميد سان هندستان آيا آهيون جي اسان کي هندستان جي ناگريڪتا ملندي. اسين هتي ئي وسڻ ٿا چاهيون”. اها ڳاله مونکي منگل ڏنهن سنڌ مان لڏي آيل هڪڙي هندو چئي.

ڌارمڪ ويزا جي معارفت آيل هندون جي خوائيش هندتسان ۾ وسڻ جي آهي. هو موٽي ان ملڪ ۾ نٿا وڃڻ چاهن جتي کين بي اجتي ۽ بد نامي پئي رڳو هٿ اچي. دهلي مان ايندڙ ان ريل جي آجھائي ڪرڻ جي نسبت  شري شنڪر معلواڻي کان ڳڏ بي جي پي جا به جام ڪارڪن جي موجودگي اندور ريلوي اسٽيشن ۾ موجود هئي. سندن چوڻ هو ته ويجھڙائي ۾ هندن جي لاءِ حالتون تڪڙيون خراب پيو ڪيو وڃن
ڌارمڪ ويزا سان 230 ماڻهو هندستان آيا جن مان 22 اندور پهتا. سنڌ مان لڏي آيل انهن مان ٽن آڪهين ڳالهئڻ کان کتو جواب ڏنو. سندن چوڻ هو ته واگھا بارڊر تي سندن کان لکايو ويو آهي ته هو هندستان جي ميڊيا سان اصل ئي ڪين ڳالهائندا. جيڪب آباد مان ٽن واڻيون جو چوڻ هو ته هو هندستان ۾ هميشاه لاءِ وسڻ جي اميد سان آيا آهن.
اندور شهر ۾ سالن اڳ لڏي آيل ٽوڊرمل جو چوڻ هو ته مان به ساڳي ريت هندستان لڏي آيو هوس. چڱا ڀيڙا ناگريڪتا جي ارجي ڏني آهي ته اڃا تائين اسان کي ناگريڪتا ڪون ملي آهي . آئون لانگ ٽرم ويزا تي ئي ڪم هلايان. هت هندستان ۾ مان خوش آهيان پر ناگريڪتا نه ملڻ سبب تڪليف ٿيندي آهي.

ريلواي اسٽيشن ۾ شري لعلواڻي سائين چيو ته پاڪستان ۾ جام هندو ويزا جي ارجي ڏئي رکي آهي. هندن کي لڏندي ڏسي حڪومت ويزا ڏيئڻ به بند ڪري ڇڏيا آهن . اسين چاهيون ٿا ٻئي ملڪ پنهنجي ٿوڙائي واري عوام لاءِ هندستان پاڪستان جون سرحديون کولين جيئن جن کي اتي وڃڻي آهي سي اتي وڃي ۽ جيڪي هندستان اچڻ چاهن سي ڀلي اچن.

جيڪب آباد ۾ جنرل اسٽور هلائيندڙ دليپ ڪمار جو جوڻ هو ته اسين گھر ۾ سانتي سان اصل ئي  ڪين ويهي سگھئون، سانديه ئي ان جو ڊپ هوندو آهي ته متان ڪڏهن ڪو ڀتو وصولڻ يا لوٽ پاٽ نسبت سيڙجي نه اچي بيهي. اسان وٽ انجون نياڻيون توڙي ڀينرون مهظوج ناهن. اجيت ڪمار چيو ته جٿي جي ڪن ماڻهون کي اتي پاڪستانين روڪي ورتو ۽ ڪن کي هندستان اچڻ جي موڪل ملي. هت جن جا مٽ مائيٽ رهن سي ته پنهنجي پنهنجي مائيٽن وٽ ٽڪيل آهن باڪي کي مندرن توڙي ڌرمشالن ۾ ٽڪايو ويو آهي.