July 8, 2012

آر ايس ايس سهسنچالڪ شري موهن ڀڳوت جا ماهاراجا ڏاهرسين بابت ويچار



سنڌوپتي مهاراجا ڏاهرسين جي 1300  شهادت ڏوهاڙي جي معڪي تي اجمير ، راجسٿان ۾ ، مهاراجا ڏاهرسين جي اسمارڪ جو وموچن ڪيو ويو. 16 جون 2012 جو ڪوٺايل وڪ وشال شرڌانجلي ميڙ ۾ مکيه ڳالهائندڙ جي روپ ۾ راشٽريه شويم سنگھه جي سهسنچالڪ شري موهن ڀاڳوت آيل هئا . سندس تڪرير رڳو سنڌوپتي مهاراجا ڏاهرسين بابت ئي نه هئي ، اها سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌين بابت پڻ هئي جيڪي هر سنڌي تائين پُڄڻي کپي. پيش ٿي ڪجي ان تڪرير جو سنڌي ۾ ترجمعو انهن سنڌين لاءِ جن کي ديوناگري اکر سمجھ ۾ نه ايندا آهن.




آر ايس ايس سهسنچالڪ شري موهن ڀڳوت جا ماهاراجا ڏاهرسين بابت ويچار


پرم شرديه، پرم وندنيه، سنت سائين، منچه تي ويٺل ڀاتريه سنڌو سڀا جا اينجوي، ناگريڪ سججن ۽ ماتائون. مهاراجا ڏاهرسين جو زمانو 1300 سال اڳوڻو زمانو هو. اڄ ڪله دنيا ۾ ايئن چڻ وارا جام ماڻهو آهن جيڪي ڇون ته ماضي کي وساري وڃو، اڳوڻيون ڳالهئون وساري ڇڏو. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته کين پُڇان اوهان جو نالا ڪيترا سال اڳوڻو آهي ؟ ته ڪو چوندو 40 سال اڳوڻي ته وري ڪو چوندو 60 سال اڳوڻو ته آئون چوندوس ته اوهان کان پنهنجا نالا وسرندا ناهين ؟ ڳاله ڳاله تي اوهان پنهنجي نالي واري صحيه ڪندا آهيون. 50 سالن بعد جو اوهان کي اوهان جي نالي سان  ڪو سڏ  ڪري ته اوهان کينس سڏ تي ڌيان ڏيندا آهيون، نه ته اڻٻوُڌو ڪيو. اها ته ڳاله واجب آهي ته زماني سان گڏ هلندي ڪي ڳالهيون وسايڻيون پونديون آهن. پر ڪي ڳالهئون ايڙهيون ٿينديون آهن، جيڪي پنهنجي حياتيءَ جي هر هڪ پل ۽ گزاري وڃڻ جي پل ۾ به ياد رکڻيون پونديون آهن. ماڻهو پنهنجي موت جو پل پنهنجي سچائي جي روپ  ۾ ياد ڪندي  تري ويندو آهي .کائينس وسري ويندو آهي ۽ جڏهن مونکي پتو پيو ته ڀارتيه سنڌو سڀا جي ڪاروڪنن ان جسلي بابت چيو ته مان پنهنجي منجھيل ڪريڪرم کي پاسرو رکي هليو آيوس. سنگھ،  تاليم ورگ جي ڪنهن به ڪاريهڪرم کي مٽڻ جو حامي ناهي پر ان جي باوجود آئون منهنجي وقط مان هڪ ڏنهن گھٽائي هت هلي آيوس. ان جو سبب ڇا آهي، سبب اهو آهي ته ان پرسنگ ياد ڪرڻ جو آهي ۽ ايڙهيون ڳالهئون  کي ڪڏهن به وسايڻ نه کپي.


مهاراجا ڏاهرسين جي  شهادت ڇو ٿي ؟ ايئن ته ان وقط هندستان ۾ جدا جدا رياستون هئون. جدا جدا راجا هئا. ماهاراجا ڏاهرسين لرڻ  بجاءِ سمجھوتو ڪري پيو سگھي. ته سندس حياتي به سوگھي ٿي وڃي ها، سمر جي مڀار سان اسانجا سڀ بچاءُ ٿي ويندا آهن. پر هن ايئن ڪون ڪيو، هو لڙيو. ايئن به اتهاس ۾ مثال آهن ته ايڙهيو ساڳيا سمجھوتا ماڻهون ڪيا آهن. سڪندر سان پورس وڙهيو پر  آنڀي راجا  سمجھوتو ڪيو. اسين پورس کي ياد ڪندا آهيون پر آنڀي کي وساري ڇڏندا آهيون. ڪو آنڀي کي ياد ڪندو آهي ته اسان کي سٺو ڪين لڳي پر پورس کي ياد ڪندي اسان جو ڇاتي فڪر سان وڏي ٿي وڃي! ايئن ڇو آهي ؟ ڇاڪاڻ ته هينئر ئي سنتن ، جنهن  انسانيت جو ، جنهن ڌرم جو ذڪر ڪيو پنهنجي حياتي ۾ هلڻ چلڻ جي نيمن جي نظر سان، ان جي لاءِ ئي ڀارتورش بيٺو آهي ۽ لڙائي هندو توڙي مسلمانن جي وچ جي ڪين هئي، يا ٻن راجائون جي وچ جي به ڪون هئي. اها لڙائي زمين جي به ڪون هئي. اها لڙائي اصولن جي هئي. ڀارتورش جو مڃڻ آهي ته پوري دنيا اسانجي آهي، سڄي دنيا اسانجي آڪهن آهي “وسونڌيه ڪوٽنبڪم ” . هندستان کان ٻاهن ماڻهون اين ڪون مڃن. اڄ به دنيا کي هڪ ڪرڻ جون ڳالهيون ٿين پيون. هينئر هو ڇون ته سڄي دنيا هڪ بازار آهي. سڀني جو وهنوار بازارو هجي. ازت کي به وڻجي سگھجي. ايڙهي دنيا ٺهي پوي.!!!


 هندستان کي اهو قبول ناهي. اسين چئون سڄي دنيا هڪ آڪهن آهي . وسونڌيه ڪوٽنبڪم ان کي ئي چئيجي ٿو. جٿي آڪهين آهي اٿي ڌار ٿي ڪري به ايڪو رهي ٿو. هڪ آڪهين ۾ ست ڀائر آهن ، سڀن جو هلڻ چلڻ ڌار آهي ، سڀن جي پنهنجو پنهنجي پريوار آهي. سڀن کي پنهنجا پنهنجا ٻار ٻچا آهن. سڀن کي نهنجو پنهنجو ڌنڌو آهي پر سڀني کي خبر آهي ته هي سڀ سڀني جو آهي.  هي سڀ منهنجو آهي ۽ جيڪو پنهنجو آهي سو سڀني جو آهي. ان ۾ ڌار ۾ به ايڪو آهي . دنيا کان اهو سڀ سري  ڪونهه ڇاڪاڻ ته اهي سُتر رڳو هندستان وٽ آهن. هندستان جي سنتن اڄ تائين ان سُترن کي هٿيڪو سانڀي رکو آهي. هندستان ۾ اهو بندوبست آهي ته سچءَ کي منهن ڏئي سماج جي عام ماڻهون ۾ رهي عام ماڻهو جي حياتيءَ ۾ ان سچ جي پرمپرا سنتن جي مارفت هلي پئي اچي. هندستان جي اهو ئي ڪم آهي ، جڏهن سڄي دنيا ڀٽڪي وڃي، وسري وڃي، ته اهو ياد ڏيئارجي ته ڪيئن حياتي مان سکئون، هي هندستانين  کي ڪرڻو پوندو. ان ڀارت جي ڀارتيتا کي، هندوتوَ کي ، سناتنتا کي ختم ڪرڻ جي ڪاه هئي. نئين ڳاله کڻي ماڻهو آيا ته اسين ئي صحيح آهيون ، ٻيا سڀ غلط. سڀني کي صحيح ٿيئڻو آهي ته اسان ساڻُ اچن.اسين چئون ته ايئن نه....هر ڀاءُ پنهنجي پنهنجي واٽ تي هلي. گڏجي هلو پر ڪنهنکي ڏک نه رسايو. اهنسڪ ٺاهي رهو. ڪنهن کي تبڌيل نه ڪيو. جيڪر ايئن سٺو لڳي ته سڄي دنيا پنهنجو پاڻ ئي پاڻ جي تبڌيل ٿي وٺندي. “اسان واڱر هلو” وارو اپديش (هدايت) ڏيئڻ وارا ۽ پنهنجي ئي رڱ ۾ رڱڻ ۽ “اسان واڱي ئي هلڻو پوندو” جي ئي لڙائي هئي. ان سبب ئي مهاراجا ڏاهرسين وچار نه ڪيو ته هي منهنجي ملڪ ٿي ڪاه آهي. هن اهو وچار ڪيو هو ته هي منهنجي هلڻ چلڻ تي ڪاه آهي. هي انسانيت تي ڪاه آهي. هي سناتن ڌرم تي ڪاه آهي. اها هندوتوَ تي ڪاه آهي. هنن اهو وچار ڪيو سو  سڀ مونکي ڪو خواب ۾ ڪين اچي چئو. اهي وچار ڪو ڪتابن ۾ ڪين لکيا ويا آهن. هي وچار ڀاشڻن ۾ رڳو ناهن .ايڙها وچار مهاراجا ڏاهرسين جيڙهن مهاراجائون جي جيون توڙي حياتيون  ۾ هوندا آهن . سندن  راجه ڪرڻ جي تريڪعي ۾ ملندا آهن.


 اڄ ته سندس شهادت جو ڏوهاڙو آهي ان لاءِ سندس شهادت جو ذڪر خاص ريت پيو ٿئي ۽ ٿيئڻ به کپي پر جيڪا حياتي سندس پنهنجي ملڪ، ڌرم ۽ ثقافت  جي بچاءُ لاءِ داءُ تي لڳائي ، اها حياتي ان ديش، ڌرم ۽ سنسڪرتي (ثقافت) لاءِ مثال سابت ٿي. سندن ڪيئن راجه هلايو ؟ سندن ڌيم ڏانهن ڪيڙهو وهنوار هو ؟ پنهنجو ۽ پنهنجي عوام جو ڌيم ڪيئن بچايو ؟ عوام ۾ ۽ پنهنجي پاڻ ۾ ڌرم کي ڪيئن پکتو ڪيو ؟ ۽ ان لاءِ ان ڌرم ۾ مول ۾ جيڪي تٿَوَ آهن جن کي ڪو اشور ڪري مڃي، ڪو جڙ مڃي ، ڪو چيتن مڃي، ڪو چوي آتما، ڪو ڪجه به ڪين چوي. ڪو سُنيه ( ٻُڙي)  چوي . ان تَتَوَ کي شاڇات (سچُ سابت ڪرڻ) ڪرڻ جي مارگدرشن (سِکيا)  ۾ هي راجا هلندا هئا. ان لاءِ سندن ساڻ رشين جو ذڪر اپرهڻيه (لاظمي) روپ سان ٿو اچي. ان کي ئي اسين ڌرم راجه ڪوٺيندا آهيون. ڌرمراجه جو مطلب ڪنهن به پٿر جي لڪير تي هلڻ ناهي. ڌرم راجه مطلب اهو جيڪو ڌرم کي پنهنجي حياتي ۾ سچو سابت ڪيو ۽ جن پنهنجي حياتي سان ٻين کي سيکارو. سندن رايه کي مڃي هلڻ. ان انسانيت کي مڃي هلڻ. سڀن کي اڳتي وڌايڻ، هڪ ساڻ سڀني جي ، سڀني ساڻ هڪ جي. ان طره وڪاس ڪرڻو آهي. هي مڃي هلڻو آهي. ان ريت مهاراجا ڏاهرسين جو راجه به ڌرم راجه هو ۽ مهاراجا ڏاهر جو پنهنجي حياتي به هندو گرهست جي ريماچرن جو مثال هو. ۽ جڏهن اهو وارو آيو ته ان حياتي کي فٽو ڪرڻو آهي رڻ جي ميدان ۾ ، ان ويڀَوَ جي ان پريوار (آڪهين) جي سِک کي مـٽي ۾ گڏائي رکڻو پوندو ، تڏهن ديش سابتو ٿيندو، ته منهنجي مرڻ سان ئي عوام جيئڻ جي مثال مڃيندا . جڏهن هنن ڄاتو ان نشور سنسار ۾ ان مايا جي راند اوترو ئي نشور مڃي پنهنجي تلوار جي نوڪ تي لٽڪائي ڦٽو ڪيو. هندو ايئن جيئندو آهي، جڏهن جيئندو آهي. تڏهن جيئن جي رس وٺي ايئن جيندو آهي جي ماڻهو چون ته جئو ته ايئن جئوُ. ۽ جڏهن مايا جي ان راند جي سچ جي لاءِ داءُ فيڪڻ جو معڪو آهو ته ايئن فيڪجي جيئن جُئاري به پنهنجو داءُ فيڪر کان منجھي. هندو پنهنجي حياتي کي فيڪڻ ۾ منجھي نه . انهي هندو جيون کي اصولن کي سوگھو ڪرڻ لاءِ راجا ڏاهن شهادت ڏني. ۽ ان لاءِ ، سندس ديش توڙي ڀومي ، سنڌي پرجا ...اهي  سڀ ڪير آهن؟؟ سي سڀ هندوستان جا ئي ته آهن.




 اڄ اسين سنڌ جي ڀومي تي ناهيون. هندستان اکنڊ ناهي پر هندستان آهي. سنڌ جي ڀومي تي اڄ به هندو رهندا آهن. گھڻائي انهن جي ئي جن کي لڏي اچڻو پيو.   پر جيئن تيئن پاڻ کي بچائي جيئن سنڌي چوندا آهن ۽ جيئن هندو به چوندا آهن جيستائين هڪ به هندو اتي آهي تيستائين سنڌ ۾ پڻ هندستان زنداه آهي. ڀارت اکنڊ ناهي پر اکنڊ ڀارت آهي. اسين ڀارت کي اکنڊ بڻائينداسين. ته اکنڊ ڀارت دنيا جي ويڀوَ کي گيان جي بلندي تي چڙهي سڄي دنيا کي سک ۽ سانتي جي واٽ ڏيکارڻ ۾ قامياب ٿيندو. مان ڇاڪاڻ ته سنگ جي ڪاروڪنن مان آهيان، پوري هندو سماج کي هڪ ڪندو آهيان. ته ننڊي سنميلن ۾ آئون ڪين شريق ٿيڻ جي چاه ڪين رکان. ڪنهن جاتي يا ڪنهن خاص ٻولي ءَ جي جسلن ۾ شريق ٿيئن جي چاه ڪين رکان پر ان جي باوجود آئون هت آيو  آهيان ، اهو خاص چٽي ريت چوڻ آيو آهيان ته جيئن بنگلاديش جي هندن جي مسئلا پوري هندو سماج جا مسئلا آهن. جيئن ڪشمير جي مسئلو ، ڪشميري پنڊتن جا مسئلا پوري هندستان جا مسئلا پوري هندستان جا مسئلا آهن ، ساڳي ريت سنڌين جا مسئلا ڀلي اهي هند ۾ هجن يا سنڌ ۾ پوري هندو سماج جا مسئلا آهن. اهي هندو سماج جا مسئلا ڀارت جي ورهانڱي سبب وجود ۾ آيا. هي مسئلا هندو سماج ۽ ڀارت جا ڳنڊيل مسئلا آهن ۽ هڪ ويڀَوَ سمپرنتا کي حاصل ڪرڻ ۾ اچڻ واري مشڪليون ۾ هڪڙا مسئلا آهن. اسانجا سنڌي ڀائر جيڪر ماهاراجا ڏاهر کي ياد ڪندا آهن، پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي سوگھو توڙي بچائڻ جو جاکڙو ڪندا آهن، سنڌي ڀومي ۾ ٻهر وسي وڃڻ لاءِ ڪوششيون ڪندا آهن، انهن طره وسي وڃڻ جي آس رکندا آهن ته اها رڳو سنڌي ڀائورن جي ڀلاءِ جي ڳاله ناهي پر پوري هندستان جي ڀلاءِ جي ڳاله آهي. اها ڳاله سنڌين سوڌا اسين اڻ سنڌين ڀارتواسين کي به سمجھڻ کپي. ڀارت جي هر ٻولي ، ڀارتي ٻولي آهي. ڀارت جي هر ٻولي ئي منهنجي مادري ٻولي آهي، جيڪر مان ڀارت ۾ رها ٿو. سنگھ ۾ پاڻ منجھ ڳڏڄاڻيون ٿينديون آهن، سڃاتل ٿي ڪري به سويم سيوڪ ڪڏهن ڪڏهن چوندا آهن جيئن ڪي رواز آهي ته آئون فلاڻي هند جو رهاڪو آهيان ، اوهان ڪٿئون جا سائين .....وعيراه ڀارت جو ڪو به ماڻهو ڪٿي به وڃي وسي ٿو سگھي. سنڌ مان جي اجڙي ويو ته ڪٿي ويو ؟ اسين اميريڪا ته ڪين وياسين ؟ اسين ڀارت ڏانهن آياسين ڪي ٻاهر به ويا پر ان اتي لڏي وڃڻ جي باوجود سندن چاه ڀارت اچڻ جي ئي رهندي آهي ۽ گھٻو تڻو ماڻهو ته ڀارت ڏانهن ئي لڏي آيا جيڪو لازمي به هو. سڄو ڀارت اسانجو آهي !! ته ڀارت آهي ڇا ؟


 ڀارت هڪ ٻولي ناهي، ڀارت هڪ صوبو ناهي، ڀارت هڪ قوم ناهي . سڀ قوم توڙي پنٿءَ ، علاڪا ملي ڀارت ٿئي ٿو. ڀارت اهو اڀنن ريت پاڻي آهي جنهن جا ٽيپا ڌار نٿا ٿي سگھن. جيڪر ٽيپا ڌار ٿيا ته پاڻي پاڻي نه رهندو. ماڻهو ٽيپن جو پاڻي نه چوندا پر پاڻي جا ٽيپا ڪوٺيندا. ڏسڻ ۾ ته ڌار ڪين ٿين پر ڌار ٿيئن بعد پاڻي جو به وجود ئي نه رهندو آهي. ڳڏجي رهڻ سبب ئي پاڻي جو وجود آهي. دِلي کي جيڪر ڀرڻو آهي ته ان ٽيپي ٽيپي سان ئي ڀربو. ٽيپا ڳڏجي رهن تڏهن ئي پاڻي ٺهندو آهي. اوهان ٽيپي کان سواءِ پاڻي حاصل نٿا ڪري سگھو. سو پاڻي کي ناڪاري ٽيپين جو وجود سوگھو نٿو رهي سگھي. ان لاءِ ڀارت جو ڪو ٽيپو بکري وڃي، رُلي وڃي، ڌار ٿي وڃي ته ڀارت اڻپورو آهي. هڪ ٽيپو ڀارت مان گھٽجي ويندو. ڀارت ڪڏهن به پورو نه ٿي سگھندو. هڪ ٽيپو گھٽ ئي سڏائينبو ۽ ان لاءِ ڀارت جو اکنڊ ٿيئڻ ضروري آهي ۽ اهو اپرينههار ۽ انيواريه (ضروري) به آهي. جيڪر اهو نه ٿيو ته دنيا ڪين بچندي. دنيا هلي پئي آهي غلط رايه تي، سک جي ڪڏ. ۽ سک جا ايترا تجربا 2000 سالن ۾ ڪرڻ جي باوجود دنيا ۾ سک ناهي. سو دنيا ڀر جا ماڻهو ڀارتورش ڏاهن ڏسن پيا ته ڀارتورش ڪيئن پنهنجي جاءِ تي بيٺو آهي. پر ڪاڻو ٻوڙو ماڻهو ته بيهي ڪين سگھندو، ڪمزور ماڻهو ته بيهي نه سگھندو. بيمار ماڻهو ته بيهي ڪين سگھندو. ايئن به بيمار ديش، ڪمزور ديش يا ٻوڙو ڪاڻو توڙي لونڱو لنگڙو ديش ته بيهي ڪين سگھندو. ان لاءَ پنهنجي پوري انگن سان گڏ ئي ڀارت کي اٿي بيهڻو پوندو. ان نسبت اوهان جيڪي ڪوششيون ڪري رهيا آهيون سي تمام اهم آهن. آکر ڀارت جي هر ٻولي ئي ڀارت کي سگھو ۽ چاڪ سابت ڪندي. مول ايڪتا تائين پُڄائيندي. ڀارت جو هر پنٿ، ڪر پنٿ مڃيندڙ قوم، ڀارت جي هر جاتي پنهنجي پاڻي ئي اسان کي ان مقصد تائين پُڄائيندي. هر هڪ جو سوگھو ٿيئڻ ۽ سوگھو ٿيئڻ وقط پاڻ هڪ سُتر ۾ ڳنڍجي رهڻ ۽ ان جو ڌيان رکي ڀارت کي سبل ڪرڻو آهي  . اهو سڀ ئي اڳتي هلي ڀارت کي سوگھو ڪندو. هاڻي پنهنجي پنهنجي سگھ کي سڃاڻي پنهنجي تريڪعي سان ملڪ کي سوگھو ڪجي. اوهان پنهنجي مادري ٻوليءَ کي سوگھو پيا ڪيو، ائي ته ڪرڻو ئي کپي ڇاڪاڻ ته بنا ماتر ڀاشا جي ڪو به ماءُ جي پُٽ نٿو سڏائي سگھي. ڀاشا سان گڏ ئي ڀاوَ ايندو آهي.




اسين ڀلي ڪيتري به سٺي انگريزي ڇون نه ڄاڻئون پر اسان جي امنگن ۽ ڀاوَ کي پڌرو ڪرڻ لاءِ پنهنجي ئي ٻولي کپي تي. جيئن انگريزي ۾ اسان جي ڀاوَ پڌرو ڪرڻ لاءِ لفظ جي کوٽ آهي ئي. اسان جي موليه (اصولن ) ۽ جيون جي موليه لاءِ انگريزي ٻولي آئي آهي سي بلڪل ڌار آهن سي ڪي ڳالهيون ته اتي ئي ختم ٿي ٿيو وڃن. جيڪا ڳاله اسان وٽ نٿيون ٿين سو اتي ٿين پيون. ڪا ضائيفا جي اتي ويندي ته سندس سهڻايپ تي چڱيو ڳالهيون ڳالهائو وينديو مثلن اکيون ڪيترون سهڻيون اٿي، لنڱ ڪيترو ڪُئرو اٿي، وڳا ڪيترا سُهڻي اٿي. اهو سڀ کلي عام سڀن جي سامهون بيان ڪيو ويندو. ان ضائيفا جي منهن سامهون به . ان تي نه اها ضائيفا ڪاوڙبي نه ٿي ڳالهائندڙ کي ڪو حجاب ٿيندو. هاٿيون ضائيفا ڀليڪار ڏيندس ۽ ٿينڪيو به چوندي دير نه ڪندي. پر هت ڪنهن ضائيفا جي غير موجودگي ۾ به جيڪر اڙها لفظ چار مردن جي وچ ۾ به ڳالهابا ته منهن تي پادر پوندي دير ڪين لڳيندي. چار ماڻهو ۾ هت به ڪو مرد پنهنجي جوڻس کي پنهنجي اولاد جي ماءُ ڪري سڏ ڪري. رامءَ جي ماءُ ڪري سڏ ايئن ڪري ڪوٺيندو. اسين ايئن ان لاءِ چئو ڇاڪاڻ ته اسين سموري زال جات کي ماءُ جي روپ ۾ ڏسندا آهيون. اسين ضائيفائون ۾ ماءُ جو رڳپ ڏسندا آهيون. هو ضائيفائون کي ڀوگ جي هڪ شيءِ مڃيندا آهن ، جنهن سواءِ جيون جو اپيوڳ ممڪن ناهي، ايڙهو هڪ ضروري ساٿي آهي ، ٻيو ڪجه به نه .ايئن هڪ ضرور ساٿي آهي ٻيو ڪجه به نه .اسان اهو مڃيندا آهيون ضائيفا جڳت جنني ، جڳدمبا جو روپ آهي. انهن سبب ڪماري (اڻ پرڻيل ڇوڪري) پوڄا جو رواج آهي. ڪُئاري ڇوڪرين کان پيري به ڪين پوڻ ڏئون. ماڻهو هنن کي پيري پون. ايڙها رواج اسان وٽ آهن . اهي اسان جي مُليون جو وڇوٽيون آهن. جيڪر ان کي ٻولي جي نسبت رکئون ته انهن سڀن ڳالهيون جو ڪو وجود ئي انگريزي ۾ ناهي. انهي لاءِ اسان جيڙو ڀاشا کپي. اسان جي ڀاو توڙي وهنوار جو جيڪر وڪاس ڪرڻو آهي ته اهو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي ممڪن آهي. اسان ڀاون کي جيڪر وڪاس ڪرڻو آهي ته اسانجي پنهنجي ٻوليءِ کي زنداه رکڻو پوندي. اوهان هت جيڪي وڏا ويٺا آهون اوهان کي ڪجه به ڇوڻ جي ضرورت ڪين ٿو سمجھان. اوهان سنڌي ٻولي سٺي ريت ڄاڻو. پر اوهان پنهنجي گھر ۾ ڌيان ڌئو. نئين ٽهي ان کي وساري پئي. وسارڻو ناهي. ايئندڙ ٽهي پنهنجي اڳوڻي جنم ڀومي کي نه وساري. پنهنجي اڳوڻي وارسن کي نه وساري. پنهنجي ٻولي ڪين وساري. ملڪ  انهن ۾ زنداه رندو آهي. ۽ سنڌي ٻولي جي ياد. سنڌي ڀاشا جو ڳيان . سنڌ جي ياد ۽ سنڌ جي تاريخ ۽  ماهاپُرُشن جو گيان ، اهو سڀ ڀارتيتا جو ئي گيان ته آهي . ڀاتيه پُروجن (وڏن) جو اتهاس ، ڀارت جي حصي جو ڳيان آهي. جيڪر ان کي وساربو ته اهو پنهنجي ڪنڌن جي وسارڻ جيڙهو ٿيندو. مان پنهنجي پيرن جي ڳڻتي ڪين ڪئي . باڪي سڀ ٺيڪ آهيان ۽ پنڌ هلي رهيو آهيان . پير سان اڀٿو سڀتو هلڻ سبب موچ اچي وئي ته هينئر هلي ڪين ٿو سگھان. ۽ منهنجو شرير کي به ويهي رهڻو پوندو. هند تي ليٽڻوپوندو. ٻه ٽي ڏنهن هلڻ جي لايڪ ڪين رهندس. جيستائين پير ٺيڪ نه پيو ٿئي. تيستائين ڇرڻ پرڻ بند رهندو. ته سڀني کي ياد رکڻو پوندو ۽ اوهان کي ته خاص ڪري اسانکي سڌي وراست ملي آهي. ان وراست کي ياد رکڻو آهي ڇا ڪاڻ ته اڄ دنيا ۾ وري ساڳي لڙائي پئي ٿئي . سڄي دنيا اهائي لڙائي لڙي پئي جنهن لاءِ سيناپتي ٻيو ڪين ملون سواءِ ڀارت جي. ڀارت کي سيناپتي بڻي بيهڻو پوندو. سڄي دنيا ۾ ڪٽرپڻ ۽ ادارتا جي لڙائي پئي هلي. ڪپٽ (تال)  ۽ سِڌي جي جنگھ پئي هلي. سڄي دنيا ۾ سڀ ملڪن جا ماڻهو لڙائي پيا ڪن پر کين رايه ڏيکارڻ وارو ، سوڀ ڏانهن گني وڃڻ وارو ڪو به ناهي . اهو ڪم ڀارت کي ڪرڻو آهي. ته ڀارتورش کي اٿي بيهڻو پوندو. ۽ ڀارتورش بنا پنهنجي ٻوليون جي ، پنهنجي صوبن جي عوام جي بنا، پنهنجي صوبن جي ڀومي کان سواءِ اٿي نٿو بيهي سگھي، ۽ ان جي لاءِ ڀارتورش اڳنڊ (يونائيٽيڊ) ناهي پر اکنڊ ڀارت آهي. اُتئون جي هندن ۾،  اسان ۾،  اهو مهفوظ آهي. ان کي ايترو بلوان بڻايڻو آهي ڀوتڪ طره سان ، ويڀو سنپرن ، شڪتي سمپرن، سمرس ٿي بيهي. اسان کي سچ جو اظهار ڪرڻو آهي. اسانکي ٻيو ڪجه به نه ڪرڻو آهي. سچ جي پُٺيان اسان کي پوري طاڪت بيهائڻي پوندي تڏهن ئي سچ جي جيت ٿيندي. سچ ڪڏهن به مريندو ناهي. سچ کي زنداه رهڻ جي سگھ رهندي آهي. سچ امر آهي ڇاڪاڻ ته سچ ايشور جو انگ آهي. سچ ئي ايشور آهي ۽ ايشور ئي سچ آهي. پر ان کي ساڪار روپ ڏيئڻ لاءِ شڪتي کپي. ۽ اها شڪتي عوام جي وهنوار ۾ هوندي آهي اهي اسين عام ماڻهو آهيون. پورو هندو سماج آهي. پنهنجي سڀ ڀاشا ڀاشي سان گڏ هندو سماج آهي . پنهنجي وراسيت کي ڌيان ۾ رکو . پنهنجي وراست کي وري زنداه ڪيو. پنهنجي ڀومي تي اٿي بيهو. اهو ٿي پوي ته سڄي دنيا کي هڪ سيناپتي ملي وڃي. سڄي دنيا جي حياتي سهڻي ٿي پوي. سڄي دنيا جو حياتي اکنڊ ٿي پوي. انسانيت هڪ ڪٽنب جي روپ ۾ آچرن ڪري پرمرماتما جي ڏانهن قدم وڌايون. اها ئي ڳاله اسان جا سنت ڪندا آهن.




اسانجي سنتن جي چاه مهدود نه رهندي آهي، ڪنهن به هڪ خاص علائيڪي جي نه هوندي آهي. ڪنهن ملڪ جي لاءِ نه هوندي آهي، هو چوندا آهن ته پوري دنيا سکي  ٿئي. “سروَ تو سکي نه سنتُ سروي سنتُ نِرامَيا سروَي ڀدراڻي پَشَچنتُ ما ڪاشچتِ دُک ڀاگ ڀويد” _ ڪنهن کي به ڏک نه ٿئي سڀني کي سٺو ئي ڏسڻ ۾ ملي. ددو؛ شانتي، انتريش سانتي، پريٿوي سانتي، سانتي به سانتي ٿي وڃي. سڄي دنيا جي سانتي جي دئايو گھُرڻ واري رشي مُني جا وارث آهيون اسين. سندن وراست کي پنهنجي حياتي ۾ ڪم آنڻو آهي ، ان وهنوار لاءِ جاکڙو ضروري  آهي. اِشور سڀنن جو امتهان وٺندو آهي. اسان جو به پيو وٺي ۽ وٺندو رهندو. امتهان ۾ سوڀرو ٿيئڻ لاءِ پيپر ۾ جواب ڪيئن لکڻا کپن، ڪيئن اسان کي امتهان ڏيئڻو کپي اهي سڀ ڳالهيون مهاراجا ڏاهرسين پنهنجي حياتي جي ضريئي ٻُڌايو. انهن کي نه وسارو. هن حياتي اسان کي سيکارو آهي ته ڀومي ۾ ڪيئن رهجي. اوهان سوچو ته ان حياتي ۾ اسان کي جيئڻو آهي ۽ جيڪر ڀومي ملي آهي عربيستان واڱر جيڪا ڪجه به نٿي ڏي ته اسان جي اڳيان ڪيڙهي  واٽ رهي ٿي ؟ اسين به ان رڻ ۾ ايندڙ ويندڙ واڻيونڪي . ڪافيلن کي شيوا ڪيون ٿا ، ننڊا ننڊا ڪم ايمانداري سان ڪيو ٿا وڌيڪ وقط سيڙائي ڪيو ٿا ڇا ڪاڻ ته اها ڪا سٿائي نوڪري ناهي. اڄ وارو ڪم وري ملڻو کپي. ۽ جيڪر اهو نٿو ٿي سگھي ته هٿ ۾ تلوار کڻي ماڻهون کي فُرڻ . اسان ڦُرئون ته وري اسان کي به ڦُرڻ وارا پيدا ٿين. ته اسان کي هميشاه تيار ٿي رهڻو پوندو. ايئن اسانجو سڀاءُ ٿيندو. اسان جو سڀاءُ ڪين ٿيو . ڇو ڪين ٿيو ؟ هماليه کان وٺي ننهن پاسي سمُنڊ تائين فيليل اسان جو ڀارت ڀومي وِوِڌا سان ڀريل آهي. سڀ ڪجه ڏيندي آهي ، سڀنن کي ڏيندي آهي ، سڀنن لاءِ اهو پورو ٿو پوي. پاڻ ۾ وڙهڻ جي ضرورت ناهي پنهنجي ميهنت ڪيو ، پنهنجي ڀومي ۾ . جام ڪمايو، جام کائو، سڀني کي ڏيندا وڃو. ٻاهرون آيل به چا ماڻهو اسان کان پڇندا ناهن ته اسانجو دين ڌرم ڪيڙهو آهي. ؟ ڇا ڪاڻ ته اسانجي جدا جدا پنٿن ۾ جيئڻ جي عادت آهي. جدا جدا ٻوليون جي ڳالهائندڙ اسين هڪ جي ڀاتي ريت        گڏ رهي سگھندا آهيون، اها اسانجي عادت آهي. اسين سڀن کي چئون “ اچو اوهان به وسو، اوهان به کائو” اسان کي سوچڻ يا منٿن ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي. سڄي دنيا ڪيئن هلي سگھي اها ان جي مثال اساجي حياتي ۾ آهي، اسانجي وراست ۾ آهي. ڇو ؟ ڇاڪاڻ ته اساجي ڀومي ئي ڪجه ايئن آهي. ان ماتر ڀومي کي اصل ئي نه وسارجو، ان کان سواءِ اساجو ڌرم اسانجي ثقافت به ناهي ڇاڪاڻ ته ان ڀومو اسان کي اها رايه ٿوڙي ڏس ڏنو آهي. انهي اسانکي چيو آهي ته جيڪر حياتي بنا لڙائي جي جيڪر حياتي هلي ٿي سگي ته پوءِ کتري ۾ پوڻ جي ضرورت ئي ڪيڙهي آهي ؟ ڇو پنهنجي هانءُ کي خراب پيا ڪيو غلط ويچارن سان. سچ تي هلو، پيار سان هلي، ڳڏجي هلو، اهينسا سان هلو،ايئن ڪندي ڪندي اِشور جو روپ ٺهيو. اهو ان ڀومي جو ڌين آهي جيڪا اسانجو رڳو شرير جو ڌيان ئي نٿي رکي پر اسانجو سڀاءُ، اسنجي سوچ سڀ ان ڀومي سبب ئي ته آهي. ان لاءِ اسين ان ڀومي کي ڀارت ماتا چوندا آهيون. ان ڀومي کي نه وسارجو. ان جو هڪ انگ اڄ ٻاهر آهي. پنهنجي سگھ جي ذور تي ان کي موٽائي وٺي اينداسين. جيئن موٽائي سگئون ، موٽائي گني اينداسين. پيار سان جيڪر ٿي سگھي ته پيار سان نه ته جيڪر جاکڙو ڪرڻو پيو ته جاکڙو ڪنداسين پر ان لاءِ اسين اڳواٽ تيار ته ٿِئون ؟؟؟ اسين ياد ته رکون ته ڪيڙهو اساجو هو . اسين ياد ته رکئون ته اسانجو جيڪو هو اهو اسانجو رهڻ لاءِ اساجي مهاپرُشن ڪيڙهو ڪيڙهو اتهاس رچو .ڪيڙهي ڪيڙهي شهادت ڏنيون ؟ نئين ٽهي کي اها ڄاڻ ساڊهي  رکڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اهو جاکڙو ڪو هڪ ٻن سالن جو ناهي. هي حزارن سالن کان پيو هلندو اچي ۽ مونهنجي ليکي، مان غلط به ٿو ٿي سگھان ته اڃا 50 ٿوڙي 60 سالن تائين هلندو. جيڪر ان جاکڙي سان سوڀ حاصل ڪرڻو آهي ته ايندڙ ٻه ٽي ٽهيون کي جاکڙو ڪرڻو پوندو. پنهنجي حياتي سڙي ته ڀلي سڙي. ڀارت ورش کي ٻيو ڪو به خترو ناهي. باڪي خترا اسان جي اڳيان حزارن سالن کان نچِن پيا. اسين پنهنجي تاريخ ۾ ۽ پنهنجي حال ۾ ڏه ڏه ڀيڙا کين  پِڇاڙو آهي . هو اسانکي ختم ڪين ڪري سگھيا آهيون پر جنهن سبب هو حزارن سالن بعد به اسانجي اڳيان نچن پيا ته يقينن اها اسانجي ڪمزوري آهي. ان ڪمزوري کي پري ڪرڻي آهي. اسان جي پنهنجي کوٽ کي پري ڪرڻو آهي. ۽ اسين ان کوٽ کي تڏهن پري ڪري سگھنداسين جڏهن اسان کي پنهن ماضي ۾ وڏن جي جاکڙي جي ڄاڻ هوندي. پنهنجي وڏن بابت ڄاڻ هندي. راجا جنمجيه جي سرپ (نانگ) يڳه ۾ هنسا پئي ٿئي. ان هنسا کي روڪڻ جي نسبت رشي آيا . سندن ان کي بند ڪرايو ۽ راجا جنمديه وٽ ڪٿا ڪرائي. ان ڪٿا ۾ ڇا چيو ويو ؟ راجا جنمديه جا وڏا ڪورَو توڙي پانڊوَ جي ڪٿا ٻُڌائي وئي . ڌرم جي هلڻ کي ڪيئن صحيح رکجي ، ۽ ان جي باوجود اهنسا پريم کي ڪيئن مڃينجي ، ان ۾ رڪاُٽيون ڪيئن نه اچڻ ڏينجي. راجا رامچندر جي بنواس جي ڏنهن جون رشين جو ڪهاڻيون ٻڌايو رگھووَنش جي اهميت ٻڌائي. هنومان جي جي سگھ جاگريت ڪرڻ لاءِ ، هنومان جي کي جامونت جي  جي ڪٿا ٻُڌائي . ان جو ئي اڳوڻو گيان ڏنو. اسان کي به پنهنجي تاريخ ياد رکڻي پوندي.




 اسانکي کي به پنهنجي مهاپُرُشن جو گيان حاصل ڪرڻو پوندو. سندن حياتي کي ياد ڪري پنهنجي حياتي ۾ ساڳي ڪار ڪرڻي آهي.نئين ٽهي ۾ اهو ساڳيو گيان ونڊايڻو آهي. ان سوچ کي ۽ ان جاکڙي کي اڳتي وڌائيندي وڌائيندي دنيا جي سانتي جي لاءِ. اڄ اسان جا ويري تي جيڪي شڪتيو بيٽيو آهن انهن جي به ڀلاءِ جي لاءِ انهن شڪتيون کي ياد رکڻو آهي. انهي جي نسبت اوهان جو هي پرياس (ڪوشش) ان وڏي پرياس جو حصو آهي . ۽ ان لاءِ آئون ڀارتيه سنڌو سڀا جي هڪ ٻه ڀيڙا ڇوڻ تي پنهنجو ڪاريڪرم گھٽ ڪري هت آيو آهيان . هت اچڻ بعد جڏهن آئون ڏٺو ته سڀ سنت آشرواد ڏيئڻ لاءِ موجود آهن ته مونکي لڳو ته جيڪر آئون به به اچا ها ته هلي ها. ڇاڪاڻ ته جيڪو مونکي ڇوڻو هو سو هنن هت اچي سان پنهنجي پاڻ ئي  چئي ڏنو آهي سندن سنديش (هدايتون) جو جپ ڪيو. پنهنجي ماضي کي اڄاڳر ڪيو. پنهنجي وهنوار کي ان سوچ سان اڳتي وڌايو ۽ پنهنجي نئين ٽهي ڪي ان سنسڪارن ۾ پالي وڏو ڪيو. پنهنجي ديس، دنيا ۽ پنهنجي پاڻ کي ان اصلن تي اڳتي وڌايو. اسان کي اهو سڀ وسارڻو ناهي ان لاءِ اسين اڄ مهاراجا ڏاهرسين سمارڪ تي اڄ اسان مڙيا آهيو. اسان کي ياد رکڻو آهي، ياد ڪرائڻ جو ڪم اسمارڪ جو آهي  جيڪو تمام بيهترين نموني ٺهل آهي . سڄو اتهاس هت آهي. هڪ ڀيڙي ڪو ڏسي ته تروتاجا ٿي پوي. پر ان تاريخ کي پنهنجي هانءُ ۾ سانڊي رکڻ ۽ ان تاريخي مهاپُرُشن واڱر پنهنجي حياتي کي اڳتي وڌائڻ اسان جي هٿن ۾ اهي. اڙهيون روايون اسين پنهنجي نئين ٽهي کي وراست ۾ ڏئون ان سوچ سان اسين هٿئون موٽئون.