January 1, 2013

Memorandum in Vejanti Case by Sindhi Social Media





سنڌي سوشل ميڊيا فورم
ميمورنڊم 5 ڊسمبر 2020


1-   سنڌ جي هندن سان ٿيندڙ ظلم جي هر شڪل، ڪا اتفاقي يا سماج ۾ جاري  ٻين خرابين جو حصو هئڻ کان وڌيڪ، مخصوص مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل جو اهڙي سازش جو حصو آهي، جنهن ۾ رياست جا  پاليسي ساز ۽ قانون جي رکوالي ڪرڻ جا دعويدار طاقتور ادارا، سندن اشارن تي هلندڙ سياسي ۽ مذهبي جماعتون، درگاهون، سندن پير ۽ مريد، جاگيردار، اسيمبلي ميمبر ۽ قوم پرست پارٽين ۾ ويٺل ڏوهاري ٽولا، هڪ جهڙو ئي گندو ڪردار ادا ڪندڙ آهن.
2-   سنڌُ جي هندن خلاف هر سازش، شروع ٿيڻ کان  انجامتي پهچڻ تائين، سنڌي قوم جي وجود خلاف هڪ وارُ ئي آهي، پر ”سنڌُ دوست“ سڏائيندڙ ڌريون پاڻ کي ”سنڌ دشمنن“ واري واٽَ تي هلندڙ ثابت ڪري، يا ته ان سازش کي سمجهڻ لاءِ  تيار نه ٿيندي، بلڪل خاموش آهن يا ان سطح جي مزاحمت ڪرڻ کان عاري آهن، جيڪا اهڙي سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ، گهربل آهي.
3-   سنڌين جي ”عوامي نمائندگي“ ڪرڻ جي دعويدار پاڪستان پيپلز پارٽي، جيڪا  نه رڳو هر دور ۾ سنڌي هندن جي ووٽ جو وڏو حصو حاصل ڪندي رهي آهي،  پر ان سان گڏ پاڻ کي ”سيڪيولر جمهوري“ سوچ جي چئمپين به قرار ڏئي ٿي، تَنهن جا اڪثر اسيمبلي ميمبر سنڌ ۾، سنڌي هندن خلاف ٿيندڙ ظلم جي هر شڪل  جو اهم ڪردار ادا ڪندڙ يا اڻ سڌيءَ طور ملوث آهن.
4-   پاڪستان پيپلز پارٽي، جَي پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ڏنل موقف کي پنهنجو سمجهي ٿي، جنهن ۾ هُن چيو هو ته”پاڪستان ۾  اقليتن سان ظلم بند نه ٿيو ته، ملڪ جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو“، ته فوري طور سنڌُ ۾ هندن سان ظلم ۽ سندن نياڻين جي اغوا ۾ ملوث پنهنجي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ميان عبدالحق عرف ميان مٺوءَ کي گرفتار ڪري، مظلوم رنڪل ڪماريءَ سميت سندس قيد ۾ موجود هڪ سئو جي لڳ ڀڳ هندو نياڻين کي آزاد ڪرائي.-  ۽ هندو نياڻين جي اغوا ۽ سندن زوري مذهب تبديل ڪرائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ درگاه ڀرچونڊي ۽ ساماري جي پيرَن خلاف ڪاروائي ڪري، جيڪي مذهب جي نالي کي به لڄائي رهيا آهن.
5-    سنڌ جي هندن کي ”ڪمزور اقليت“ سمجهي ساڻن بدترين سلوڪ ٿيڻ جو تازو ئي سڀ کان وڏو واقعو، عمر ڪوٽ ضلعي جي تعلقي پٿوري جي شهر غلام نبي شاه ۾ ٿيل، ڇَهن سالن جي معصوم ٻارڙي وجنتي سان ٿيل وحشت(ريپ) جي شڪل ۾ سامهون آيو آهي پر پ پ حڪومت هميشه جيان سنڌي هندن جي دشمن وارو ڪردار ادا ڪندي، واقعي ۾ ملوث فنڪشنل ليگ سان لاڳاپيل جوابدار هاشم مڱريَي کي بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ پهرين، پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ جي قانون واري وزير اياز سومري جي ڀاءُ ايس ايس پي عمر ڪوٽ رياض سومري ذريعي، معصوم وجنتيءَ سان وحشت ڪندڙ جوابدار طور هڪ مينگهواڙ نوجوان ، نالي نوَل کي گرفتار ڪيو، پر ان سازش کي سنڌي اخبارن ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ناڪام بڻائڻ بعد،ويري هڪ موالي، نَالي راڻَي ملاح کي جوابدار طور سامهون آندو ويو آهي ۽ وجنتيءَ جي مائٽن کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته، راڻي ملاح کي ئي جوابدار طور قبول ڪري، خاموش ٿي ويهي رهن.
6-   سنڌي سوشل ميڊيا فورم، معصوم وجنتي ۽ سندس خاندان سان پ پ سرڪار جي مدد سان ٿيندڙ اهڙي سلوڪ جي مذمت ڪندي، مطالبو ڪري ٿو ته، سنڌ جي معصوم نياڻي وجنتيءَ سان ٿيل ظالماڻي سلوڪ لاءِ ذميوار فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ ۽ علائقي ۾ جوا ۽ منشيات جو اڏو هلائيندڙ هاشم مڱريي کي فوري طور گرفتار ڪري، ان شرمناڪ واقعي جي اصل جوابدارن کي پنهنجي انجام تي پهچائي، ٻي حالت ۾ اُها پاڻ کي اهڙن شرمناڪ واقعن جي ذميوري مڙهي وڃڻ کان، پاڻ بچائي نه سگهندي.