August 22, 2012

هندستان جي سنڌين جو لڏي آيل هندن لاءِ جاکڙو


هندستان جي سنڌين جو لڏي آيل هندن لاءِ جاکڙو
سنڌي مان تپايل هندستان جي صوبي ڇتيسگڙ ايندڙ هندو توڙي سک آڪهيون هت وسڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. لانگ ٽرم ويزا ۽ هندستان جي ناگريڪتا حاصل ڪرڻ جي نسبت ايندڙ دڪتن کي پري ڪرڻ لاءِ ڪجه ڏنهن اڳ ساڌاڻي دربار جي سنت يوڌيشٽر لعل جي سربراهي ۾ هڪ 11 ميمبرن جي هڪ ٽولي جوڙائي وئي آهي. ان ڪميٽي جي منڳل ڏنهن واري گڏڄاڻي ۾ هڪ گھُرن جو دستاويز تيار ڪيو ويو. ان دستاويز کي ڇتيسگڙجي وڏي وزير ڊا. رمن سنگھ ۽ مرڪجي گھر وزير کي گورنر جي مارفت موڪليو ويندو.

ان ڪميٽي جو سنيوجڪ آسودرام واڌواڻي جي سربراهي هيٺ هڪ ڊرافٽنگ ڪميٽي پڻ جوڙائي وئي جنهن جي پهرين بيٺڪ ان ڪميٽي جي اڌيڪاري شري رميش ولرياڻي جي دفتر ۾ ٿي جنهن به نندلعل ساهتيا ۽ ٽيشورام وغيراه شامل هئا. لڏي آيلن  جي مسئلي تي بهس بعد هڪ دستاويز پڻ تيار ڪيو ويو جن ۾ لانگ ٽرم ويزا توڙي هندستان جي ناگريڪتا بابت ويچار ڪيو ويو. شري رميش ورلياڻي جو چوڻ هو ويزا ۽ ناگريڪتا وڏا مسئلا آهن جن سان لڏي ِآيل هندن جي جام تڪليف ٿيندي رهي آهي. 26 اگھيٽ جي ڏنهن  ٻهر ڳڏڄاڻي ڪوٺائي وئي آهي ۽ ان ڏنهن ان 11 ميمبرن جي ڪميٽي اڳيا ان مسئلي تي مان پتر يعني ڊيمانڊ چارٽر پيش ڪيو ويندو. ان ڊيمانڊ چارٽر کي وري وڏي وزير ۽ ٻين اڳيا پيش ڪيو ويندو. اهو به وچار ڪيو ويو ته هڪ ٽيم دهلي پڻ وڃي جيئن مرڪجي حڪومت جي وزيرن سان به ڳاله ٻولي ٿي سگھي.

  هندستان جي هيومن رائيٽس ڪميشن ۾ شڪايت

ڇريسگڙ سنڌي پنچايت جي اهديدار شري امر گھاونا جو چوڻ هو ته هندو نارين جي اغوا ۽ جبرر ڌرم مٽائڻ جي کلاف هندستان جي هيومن رائيٽس ٿوڙي ضائيفائون جي ڪميشن ۾ شڪايت ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ سنڌ ۾ هندن سان ٿيندڙ ظلمن بابت به ڪميشن جي اگھا  ڏنو ويو آهي.

 سنڌ مان لڏي آيل 45 هندن کي هندستان ۾ شرن

سنڌ مان لڏي آيل 45 هندو رايپور ۾ پليس استيشن ۾ هاجر ٿي هندستان ۾ رهڻ جي موڪل گھري جيڪا قبول ڪئي وئي




No comments:

Post a Comment