هي احوال اندور مان شايع ٿيندڙ هڪ هندي اخبار مان ورتل آهي
“سنڌ (پاڪستان) ۾ اسان سان غلط ورتاءُ ڪيو ويندو آهي . لوٽمار
يا هاٿاپائي ته عام ڳاله ٿي پئي آهي.
اسانجون ضائيفائون بلڪل ئي مهظوج ناهن. اتي ڪدم ڪدم تي هندن کي پنهنجي حياتي سان
کيڏڻو پوندو آهي . ڪو به اچي اسان کي حيسائي ويندو آهي. سڀن کان وڌيڪ کترو ته
ضائيفائوم ۽ نياڻيون کي آهي. هو ته گھر مان اصل ئي ٻاهر ليئو پائي ڪين سگھن. هندن تي ٿيندڙ ظلم جي ته انتهائي ٿي
وئي آهي. هندن جو رهڻ هينئر ڏکيو ٿي پيو آهي. اسين ڌارميڪ ويزا تي ڪنهن ريت نڪري
آياسين ته سرهد تي اسان کي روڪيو ويو. اسين ڪنهن نه ڪنهن ريت هندستان پهتا آهيون”
اها داستان ٻُڌائي سنڌ مان لڏي آيل اجيت ڪمارءَ. سندس موجب
ان جٿي ۾ 230 ماڻهو هئا پر ان مان گھڻن کي ئي روڪيو ويو. اسين 22 ڄڻا (17 هندو
سنڌي ۽ 5 سنڌي سک) ڪنهن نه ڪنهن ريت پنجاب ٿيندي دهلي مان نزامُدن ايڪسپريس مارفت
منگل ڏنهن اندور (مڌيه پرديش جو هڪ اهم شهر) پهتاسين. جٿي ۾ ٻيا ماڻهو ميڊيا سان
ڳالهائڻ کان جواب ڏنو. سندن پنهنجو نالو تائين ڪين پئي ڏسيو. جيتوڻيڪ سڀن اها ڳاله
مڃي ته اتي (سنڌ) هندن توڙي سکن جو رهڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ان مسئلي بابت هندستان
پاڪستان جي حڪومتن کي پنهنجي پاڻ ۾ ڳالهائڻو کپي.
اندور ريلوي اسٽيشن ۾ جٿي جو اجھيان ڀارتيه سنڌو سڀا جي مها
منتري شري شنڪر لعلواڻيءَ ڪئي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هندن سان اغوا، ڪتل، لوٽمار جا واڪعا جام پيا ٿين ۽ هاڻي
ته دين ڌرم مٺائيڻ لاءِ به ذور پيو ڏنو وڃي. حڪومت ته هينئر عام ويزا ڏيئڻ بند ڪري
ڇڏيا آهن ان سبب هندو ڌارميڪ ويزا جي معارفت ئي هندستان اچن پيا.
“اوهان ٽي وي ۾ ڏسو پيا ، اخبارن ۾ به پڙهو پيا اوهان کان بدتر حالت ۾ سنڌ ۾ پاڪستان ۾ هو رهن پيا.
اتي اسانجي دڪانن جي لوٽپار هڪ عام ڳاله
ٿي پئي آهي . اسان پنهنجي پوري ملڪيت وڪڻي اميد سان هندستان آيا آهيون جي اسان کي
هندستان جي ناگريڪتا ملندي. اسين هتي ئي وسڻ ٿا چاهيون”. اها ڳاله مونکي منگل ڏنهن
سنڌ مان لڏي آيل هڪڙي هندو چئي.
ڌارمڪ ويزا جي معارفت آيل هندون جي خوائيش هندتسان ۾ وسڻ جي
آهي. هو موٽي ان ملڪ ۾ نٿا وڃڻ چاهن جتي کين بي اجتي ۽ بد نامي پئي رڳو هٿ اچي.
دهلي مان ايندڙ ان ريل جي آجھائي ڪرڻ جي نسبت شري شنڪر معلواڻي کان ڳڏ بي جي پي جا به جام ڪارڪن
جي موجودگي اندور ريلوي اسٽيشن ۾ موجود هئي. سندن چوڻ هو ته ويجھڙائي ۾ هندن جي
لاءِ حالتون تڪڙيون خراب پيو ڪيو وڃن
ڌارمڪ ويزا سان 230 ماڻهو هندستان آيا جن مان 22 اندور پهتا.
سنڌ مان لڏي آيل انهن مان ٽن آڪهين ڳالهئڻ کان کتو جواب ڏنو. سندن چوڻ هو ته واگھا
بارڊر تي سندن کان لکايو ويو آهي ته هو هندستان جي ميڊيا سان اصل ئي ڪين
ڳالهائندا. جيڪب آباد مان ٽن واڻيون جو چوڻ هو ته هو هندستان ۾ هميشاه لاءِ وسڻ جي
اميد سان آيا آهن.
اندور شهر ۾ سالن اڳ لڏي آيل ٽوڊرمل جو چوڻ هو ته مان به
ساڳي ريت هندستان لڏي آيو هوس. چڱا ڀيڙا ناگريڪتا جي ارجي ڏني آهي ته اڃا تائين
اسان کي ناگريڪتا ڪون ملي آهي . آئون لانگ ٽرم ويزا تي ئي ڪم هلايان. هت هندستان ۾
مان خوش آهيان پر ناگريڪتا نه ملڻ سبب تڪليف ٿيندي آهي.
ريلواي اسٽيشن ۾ شري لعلواڻي سائين چيو ته پاڪستان ۾ جام
هندو ويزا جي ارجي ڏئي رکي آهي. هندن کي لڏندي ڏسي حڪومت ويزا ڏيئڻ به بند ڪري
ڇڏيا آهن . اسين چاهيون ٿا ٻئي ملڪ پنهنجي ٿوڙائي واري عوام لاءِ هندستان پاڪستان
جون سرحديون کولين جيئن جن کي اتي وڃڻي آهي سي اتي وڃي ۽ جيڪي هندستان اچڻ چاهن سي
ڀلي اچن.
جيڪب آباد ۾ جنرل اسٽور هلائيندڙ دليپ ڪمار جو جوڻ هو ته اسين
گھر ۾ سانتي سان اصل ئي ڪين ويهي سگھئون،
سانديه ئي ان جو ڊپ هوندو آهي ته متان ڪڏهن ڪو ڀتو وصولڻ يا لوٽ پاٽ نسبت سيڙجي نه
اچي بيهي. اسان وٽ انجون نياڻيون توڙي ڀينرون مهظوج ناهن. اجيت ڪمار چيو ته جٿي جي
ڪن ماڻهون کي اتي پاڪستانين روڪي ورتو ۽ ڪن کي هندستان اچڻ جي موڪل ملي. هت جن جا
مٽ مائيٽ رهن سي ته پنهنجي پنهنجي مائيٽن وٽ ٽڪيل آهن باڪي کي مندرن توڙي ڌرمشالن
۾ ٽڪايو ويو آهي.
No comments:
Post a Comment