December 22, 2011

وجود جي لڙائي ۾ فاٿل سنڌ جي هندو برادي







لڏپڻ سنڌي هندن لاءِ ڪا نئين ڳاله ناهي. اها هجارن سالن کان پئي هلندي اچي. عربن جي ڪاه بعد سنڌين جي جام لڏپڻ ٿي اها هڪ راريخي حقيقت آهي. پر ساڻ ساڻ اها به هڪ سچائي آهي ته ان لڏپڻ جي هڪ وڏو سبب ذوري ڌرم مٽائڻ جون وارداتيون ئي رهيو. ان جو هڪ وڏو سبوت اهو به آهي ته عربن جي ڪاه بعد جيڪي به سنڌين  سنڌ ۾ پنهنجون ساهبيون ڪائم ڪئون سي سڀ  اسلام ڌرم ڪبول ڪندڙ هندو سنڌي ئي  هئا. اهو ئي نه پر سنڌوپتي مهاراجا ڏاهر جي پٽ لاءِ به اهو چيو ويندو آهي ته کيس به اسلام ڌرم قبول ڪيو هو يا ٿي ٿو سگھي ته کيس ڌرم مٽائڻ لاءِ مجبور ڪيو ويوهو. سنڌ ۾  ڌرم مٽائڻ جا واڪعيا عربن کان پوءِ سانده هلندا پئي آيا آهن  پر ها ڳاله ضرور آهي ته وقط سان اهي وارداتيون ڪڏهن گھٽيوون آهن ته ڪڏهن وڌيون آهن. پر ڪڏهن اڳو پوءِ نبريون ناهن.



سنڌ ۾ هندن مان جيڪي مسلمان ٿيا تن مان ڪي پاڻ کي شيخ پئي ڪوٺائندا هئا. هو ڀلي مسلمان ٿيا پر سنڌ ۾ پنهنجي تعداد هندن سان سڱ ڪرڻ سبب ئي وڌائيندا هئا ، اهي سڱ لاجمي طور  هندو جي نياڻيون کي ڀجائي ئي ڪيا ويندا هئا. سنڌي ليکڪا دادي پوپٽي هيراننداڻي موجب ان شيخن مان واري ڪي هندو ٿيئڻ پئي چاهيو پر هندو پنچاتيون ايئن ٿيئڻ ڪون پئي  ڏنو. ان ڳاله ۾ ڪيتري سچائي آهي سو چوڻ ڏکيو ڇو ته 1927 ۾ ايڙهو هڪ واڪعو ٿي گذريو هو جنهن ۾ ڪريما نالي هڪ ضائيان پنهنجي چار ٻارن سوڌي هندو ڌرم قبول ڪيو جيڪو ڪورٽ پڻ مڃي ورتو هو پر مسلمانن کي ڪون پڻيو سو هنن جام فساد ڪيا لاڙڪاڻي ۾ جتي اهو واڪعو ٿي گجريو هو. ان ۾ خوري جو به نالو آيو هو جيڪو پوءَ وڃي سنڌ جو وڏو وزير پڻ ٿيو. تن ڏنهن ۾ هندن توڙي شيخن ۾ ايتري ايتري سکت وير هوندو هو جي هندون ۾ هڪ چوڻي ئي هوندي هئي ته “شيخ پٽ سيتان جو ، نه هندن جو نه مسلمانن جو”.



سنڌ ۾ فرڪاپرستيءَ جي ماهول کلافت جي جاکڙي سبب وڌيون. کلافت جي جاکڙي جي سڀن نه ته جام اڳواڻ جو هٿ هندن سان ٿيندڙ ظلمن ۾ رهيو آهي.مثلن مولانا تيج مهمد جنهن لاءِ اها ڳاله ۾شهور هو ته هن سنڌ جي ڳوٺڻ ۾ 7000 هندن جو ڌرم مٺائي مسلمان ڪيو هو. سنڌ  ۾ کلافت تهريخ ڪي اهم اڳواڻ پيدا ڪيا جيڪر اڳتي هلي سيڌين ۾ فرڪ ايترا ته وڌائي چڏيا جنهن سبب اڄ به سنڌي ڪوم ۾ ايڪو ڄڻ ڪو خواب لڳندو آهي. تيج مهمد کان سواءِ ٻيا هئا جي ايم سيد جنهن نه رڳو سنڌ ۾ نه رڳومسلم ليڳ کي   زبردست ذور وٺايو پر هندستان مان لڏي ايل اُردو، هندي ۽ گجراتي مسلمانن کي سنڌ ۾ وسائڻ ۾ وڏو ڪردار نڀايو، جنهن سبب آکرڪان هندن کي اوچانگيون ڏيندي به سنڌ کي الودا ڪرڻي پئي. هن هڪ ايڙو مثال ڪايم ڪيو جنهن جي سبب اڄ به سنڌ سلڪجي ٿو پيو. کلافت جي جاکڙي جو ٻيو اڳواڻ هوندو هو کرو جنهن کي هندو 1927 جي لاڙڪاڻي فسادن لاءِ ڏوهي مڃندا هئا. مشهور سنڌي ليکڪ ۽ سنڌي نثر جو هڪ ٿنبو جٿيمل مرشرام صحيح ئي چوندو هو ته کلافت آهي آفت.



جيتوڻيڪ کلافت جي ڏنهن ۾ هندو مسلم فرڪ وڌڻ لڳا هئا ته اهو منجل مسجد گاه جو مسئلو ئي هو جنهن سبب هندن جي لڏپڻ جي شروعات ٿي. جيڪي فرڪ هندو توڙي مسلمانن ۾ مسجد منزل گاه واري فسادن وڌيا سي وري گھٽيا ئي ڪين. ڪيتري اجيب جي ڳاله آهي ته هندن به ان مسئلي کي هينئر وساري ڇڏو آهي جنهن سنڌ ۾ هندن جي تقدير ئي مٽي ڇڏي!!!!! مان سايد ئي ڪٿي پڙهو هو ويجھڙائيءَ ۾ ان مسئلي بابت . ان مسئلي سبب سنڌي هندن توڙي مسلمانن ۾ پهرين ڀيڙي صاف چٽا فساد ٿيا جن بابت چيو ويندو آهي 17 مسلمان ۽ 40 هندو مارجي ويا (ڪن جو مڃڻ آهي ته هندن جي مارجي ويلن جي ڳڻپ 60 جي لڳ ڀڳ هئي) ان کان سواءِ ڪروڙن جو نڪسان ٿيو سو ڌار. ان واردات بعد جيتوڻيڪ امن موٽي آيو پر ان فسادن جو پراڏو وڏو توفان کڻي آيو سنڌ جي سياست ۾ . جيڪي به ڪوششيون ٿيو ايڪي جون سو پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي شڪ سبب ڪڏهن ڪامياب ڪون ٿيون. جيتوڻِڪ  هي پهرون وڏا  فساد هئا  پر ان کان به وڏي ڳاله ته سنڌ جا مسلم ليڳ اڳواڻ جي ايم سيد، مهمد ساشدي ۽ خورو مسلم ليڳ کي سنڌ ۾ وڏي پارٽي جي روپ ۾ اڀارڻ ۾ قابياب ٿي ويا . اهو ئي نه پر مسلم ليڳ توڙي سنڌ ۾ ليڳ جا اڳوان  الاه بخش سومري کي هو هندن جو همايتي ڪري پيش ڪرڻ ۾ قامياب ٿي ويا. سندن جي سياست ئي ڪجه ايڙهي هئي سنڌ ڪن سالن ۾ صوفي کان امالڪ اسلامي سنڌ ٿي ويو. جي ايم سيد جو تڪريرريون ئي ايئن هونديون ه.ئون ڄڻ سنڌ ۾ مسلمانن  به ياتنائون پئي ڌنو وڃن جڏهن ته مسامانن جي آبادي سنڌ ۾ هندن جي ابادي کان چار ڳڻا هئي. ،منزل مسجد گاه جا ٻه ڻيا  وڏا شڪار هئا جن جي ڪتل سبب هندن ۾ هراس ۽ مايوسي چائنجي وئي  ان ۾ هڪ هو ڀڳت ڪنور رام ۽ ٻيو هو الاه بخش سومرو. اڄ به انهن ماڻهون جي ڪمي ناهي جنهنجي ليکي جيڪر الاه بخش حيات هجي ها ته هو پاڪستان جو ٺهيائو ڪڏهن ببه پاس نه ٿيئڻ ڏي ها.



ورهاڱي کان سڪدم پوءِ امالڪ فساد سروع ٿيا. هندستان ۾ لڏي آيل مهاجرن موجب “اسان سڀ لٽائي آهيا آهيون ، سو هندن جي لوٽڻ اسان جو هڪ آهي” ۽ انهن جي مدد ڪئي سنڌ جا مسلم ليڳ اڳواڻ جي  ايم سيد . سندن کي وسائڻ ۾ هن وڏو ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جي هر شهر ۾ فساد ڪرايا ويا جتي هندن جو ملڪتيون هئون ۽ ڏسندي ڏسندي مس جيڙهي پنج سالن ۾ سنڌ مان هندو خاص ڪري شهرن مان موڪلائي ويا. پر ان جي باوجود سنڌ جي ڳوٺن ۾ اڃا به جام سنڌي هندو رهيل هئا.  پر جيئن جيئن حالتيون سنڌ ۾ فرنديون رهيون سنڌ ۾ هندو جي لڏپڻ  به ٿيندي رهي . جيتوڻيڪ هيئر سنڌ ۾ چوڻ لاءِ ته جموريت آهي پر ان جي باوجود امالڪ لڏپڻ ذور تي آهي. ان جا سبب به ڪي ڳولهڻ ڏکيا ناهن.  هڪ پاسي جتي لوٽمار، اڳوا ۽ ڪتلن جا واڪعا جام وڌيا آهن    رواجي هندو تي پر  دليت سنڌين کي به جام ياتنائون پئيون ڏنو وڃن. جيئن سنڌ جي مٺي شهر (ضلعو ٿر پرڪار) مان لڏي آيل ۽ ڀوڄ ۾ وسيال هڪڙي هندو سنڌي چيو “سائين ڪمائي سنڌ ۾ آهي . هيئر پاڻي به سنڌو جي اچي پيو پر ڪانون ۽ انتظامي حالت ايتري ته خراب آهي جي سنڌ جي ننڊن ننڊن شهرن ۾ اها پڪ نٿا ڪري سگھو جي شام جي ڪم ڪار نمبري اوها سوگھو گھر پڄي سگھندس يا نه . اوهان اها پڪ نٿا ڪري سگھو جي اوهن کي اغوا نه ڪيو ويندو ۽ ڪتل نه ڪيو ويندو . ايڙهيون حالتيون 1947 کان اڳ ڪون هئيون”.

هندو برادي ايتجاج ڪندي


جيڪر ظلمن جي ڳاله ڪجي ته جيڪر ڪنهن قوم ظلم سهن پيا سي آهن سنڌي دليت. سندن کي بنڌوا مجدور ڪري رکڻ، نياڻيون جو اغوا، اڳوان ڪرڻ بعد ذوري اسلام درم قبول ڪرائڻ، لڄ لٽ ۽ ٻيون ياتنائون بي روڪ ٽوڪ هلن پيون. اهو ئي نه ڪٿي ڪٿي ته دليت هندو وڌوائون کي به نٿو نخشو وڃي. ان ڳاله ۾ ڪو نه شڪ ناهي ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد جيڪر ڪنهن قوم وڌ ۾ وڌ ڏک سٺيا آهن سو آهي دليت قوم. اهو سڀ ان لاءِ جي دليت مان لڏپڻ نه جي برابر ٿي. پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڪميشن ۾ ڪم ڪندڙ شري امرلعل موٽومل موجب “هر مهني 20 کان 25 دليت سنڌي نياڻيون اغوا پيو ڪيون وڃن. دراصل سنڌ جي ڳوٺن ۾ هڪ هندو ٿيئڻ ڏوه پئي مڃيو ويندو آهي”. موٽومل جي وڌيڪ چوڻ آهي ته“ جيڪر هندو پنهنجي اولاد کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هل به ڪن ٿا ته ان جو جواب ۾ سندن اولاد کي ڪتل تائين ٿو ڪيو وڃي. حقيقت ۾ جيڪي هندو دليتن بابت آڪڙا تمام گھٽ آهن ڇا ڪاڻ ته وارداتن کان پوءِ اڙها جام واڪعا پڌرا نه ٿيندا ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي اڳوا ٿيکل اولاد جي موت جو ڊپ ته بي پاسي اي آئي آر درج نه ڪرائڻ بعد تنگ ٿيئڻ جو ڊپ”



سنڌ ۾ قومي اسلمبلي جو اڳوڻو ميمبر سري ڀيرومل بيلاڻي موجب هندو دليتن جي ڪن خاص جاتيون کي نشانو ٿو ٺاهيو وڃي. انهن جي  نيانيڻ کي اغوا ڪرڻ بعد انهن کي مسلمان ڪوم ۾ ذبرن شامل ٿو ڪيو وڃي ۽ ايئن به ڏٺو ويو آهي ڪن نياڻيون کي ته وڪيو ويو آهي. ان ڪمن ۾ نه رڳو مولوي سامل آهن پر پر سنڌ جا سگھيري سياستدان جي شاءِ پڻ آهي ” هڪ لڱي ڏسجي ان اهي وارداتيون پڃاڙيءَ جي ڪن سالن ۾ تمام گھڻيون وڌيون آهن. نگرپرڪار ۾ هڪ سترين سالن جي نينگر کي اڳواٽ اغوا ڪيو ويو ۽ پوءِ سندس لڄ لٽي وئي ۽ هڪ ٻئي نينگھر جنهنجي ڄمار 15 سال هئي تنهن کي عاقل ڳوٺ مان اغوا ڪري مسلمان ڌرم ذوري قبول ڪرايو ويو. وري ساڳي ڪار هولي جي ڏڻ ۾ ڪشني ۽ انيتا سان ٿي جنهنکي ڪوٽريءَ مان اغوا ڪيو ويو.



هندستان جي ميڊيا پارا سنڌ جي حالتيون بابت ڪا به خاص دلچسپي نه هوندي آهي ڀلي اها هندي، انگريزي يا سنڌي ميڊيا هجي. پر ان جي باوجود هڪ ميڊيا گھراڻو آئولوڪ ٿوڙو گھڻي ڪوشش ڪئي آهي ان بابت ڄاڻڻ جي خاص ورهاڱي بعد امالڪ فريل حالتيون بابت ۽ وڏي ڳاله ته آئوٽلوڪ دليتن بابت ڇنڊو ڇاڻ ڪئي آهي جنهن به سنڌ ۾ ميڊيا ڪا دلچسپي نه رکندي آهي. جنوري 16، 2006 ۾ آئوٽلوڪ پارا هڪ ليک شايع ٿيو هو جنهن ۾ مرينا ممر پارال هڪ ليک هو “سنڌ جون لمائل ڪواريون” جي نالي سان. ان رپورٽ جا ڪي حصا هت پيش ڪجن ٿا



مان اندروني سنڌ پئي وڃا خاص طور سان ان ڳاله جي پڪ ڪرڻ لاءِ ته اتي واڪعي هندن تي ظلم پيو ٿئي مثلن جيئن ذوري مسلمان دين ڌرم قبول ڪرائڻ جو وارداتيون. منهنجو پهرون پڙاءُ هو ميرپور خاص جي  ضعلا ڪچهري. ان ڏنهن ايڙهي ئي هڪ ڪيس  جي پيشي هئي جنهن لاءِ ائون سنڌ آئي هيس. ماڻهن سان ڳالهائندي مسئلي جي پوري پڪ ڪون ٿي. جيترا ماڻهو اوتر ا بيان. پر امالڪ  تنهن مهل ئي ماڻهن ۾ ڪجه چرپر پئي نظر آئي. هڪ پليس جو ڳاڊو اچي  بيٺو. اندر هئي ماريم. مريم مس جيڙهي 13 سالن جي هئي پر پرڻيل هئي. مريم 21 ڊسمبر 2005 جي رات تائين هندو هئي. تڏهن سندس نالو هوس ماشُو. آئون مردن جي ميڙي ۾ گھري ڏٺو ته ماشوُ هڪ ڳاڳڙي برڪعي ۾ پُليس جي ڳاڊي ۾ ويٺي هئي. ماشوُ پنهنجو احوال ٻڌائيدي چيو “آئون خوش آهيان. مان پنهنجي  مائيٽن توڙي ڀائورن وٽ نٿي وڃڻ چاهيا” اهي سڀ ٻڌي ائون وائيڙي ٿي پيس ....اهو وري  ڪيئن ؟ آکر هي ماذرو ڇا آهي ......


انهي ڪچهري جي هڪ پاسي هڪ پيپل جي وڻ هيٺ ڪن ماڻهون جي منجھ سس پس پئي هلي. اتي ماڻهن جو ڪجه ميڙيڪو هو جيڪي چيا ويا ته جھالور ڳوٺ مان ايا هئا جيڪو ڪِ ميرپور خاص جي شهر  کان 20 ڪوه پري پيو ٻڌايو وڃي. انهن ماڻهون ۾ هڪڙو هو ماشُءَ جو پڻش مالو سانافو. سندس چوڻ هو ته  22 دسمبر 2005 جي رات جو 11 لڳي ڪي هٿيار بند سندس گھر ۾ گھري آيا جن مان هڪڙو هو سندس پاڙيسي اخبر. اهي هٿياربنڌ ماشُءَ کي اڳوا ڪري ٻاهر بيٺل هڪ ڳاڍي ۾ ويهاري اغوا ڪري گِهلي ويا. ماشُ کي هنن پير ايوب جان سرهندي جي ڳوٺ ۾ گني ويا جتي ماشُءَ کي اسلام ڪبول ڪرايو ويو ان بعد اخبر ساڻ پرڻايو پيو.

ماشُ ادالت ۾
م

پر ان ڳاله جي مخاتليف ڪندي اخبر پنهنجي بيان ۾ چيو ته “ مريم هميشاه ئي منهنجي دل ۾ رسيل هئي. 22 ڊسمبر جو هوءَ هيڪلي منهنجي گھر آئي. ها اها ڳاله درست آهي ته پير سندس ڌرم مٺايو پر اها منهنجي رايه   هئي ته ڪورٽ ۾ ٻيان ڏجي . مرييم کي هيدرآباد جي“ درُل عامن” ۾ موڪلي ويو هو ( اها اُها جاءِ آهي جتي اڳوا ڪيو هندو نينگرين کي رکيو ويندو آهي جنهن لاءِ اهو ٻڌايو ويندو آهي ته ان بيسرارُن کان جبرن ٻيان لکايا واندا آهن  ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪتل جي به ڌمڪيون ڏني ويندو آهن .


هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اهو مڃي ٿو سگھجي ته 13 سالن جي نينگھر  پنهنجو دين ڌرم مٺائي پرجڻ جي حد تائين ويندي. ان تي شڪ ڪنهنکي به ايندو. مان ايس ايچ او وٽ وڃي بيٺس جيڪو ٻنهن گُٺن جي وچ ۾ جيڙي ۾ فاتل هو. ڪنهن سلاه پئي ڏنس ته ڇون نه ڇوڪريءَ کي مائيٽن سان ڳڏيو پيو  وڃي ؟ ان تي ايس اسڇ او ڪاوڙجي پيو. چيئين “ ڌرم  مٽڻ کان اڳ پر هاڻي  اصل ئي نه. مريم هيئر مسلمان آهي. هت جام ماڻهو اڇي مڙيا آهن جيڪر ماريم پنهنجي پڻس جي ڏسي اوڇانگيون ڏئي روئڻ لڳي ته فساد تي پوندو. وڏو ڳوڙ ٿو تي سگھي”.


پر ٿوڙي دير ۾ امالڪ ڪورٽ جي پريسر ۾ خوشيون پيو مڃائڻ لڳيون. احوال ڏنو ويو ته ڪورٽ جال مڙس کي ڳڏ رهڻ جي موڪل ڏئي ڇڏي آهي. منهنجي ڳڏ ڪانجي راڻو ڀيل بيٺو جيڪو تعليم سان ڳنڊيل هڪ اين جي او ۾ ڪم پئي ڪيو ، پاڪستان جي انساني حڪن جي تنظيم سان ڳنڊيل آهي ، ڪيس جي فيسلي سان سندس مهاندري ميوسي صاف جھلڪي پئي.


ته ڇا پوءِ ماشُءَ کي اغوا ڪري ذبرن سندس ڌرم مٺايو ويو ؟ ميرپور خاص مان سنڌي مکتليف الاڪن مان گزريندي مونکي هر هر ڪري اهي سوال ستائيڻ لڳو. اهو ئي نه جتي به مان ويس اتي هندن ۾ ساڳي مايوسي ، ساڳيا منظر ، ساڳيون ڪهاڻيون مثلن پهرون اغوا، پوءِ ڌرم مٽجڻ، واهاءُ ۽ مائيٽن سان هميشاه لاءِ وڇرڻ ڄڻ اهي رستا ناتان جو ڪو به مطلب ئي ناهي.  جنوري 2005 جو ماروي (18) ۽ هيمي (16) ڳوٺ       ڪنرا ، عمرڪوٽ مان اغوا ڪيون ويون. ان واردات جي ٽن مهنن بعد رججي مارچ 13 ميرپور خاص مان اغوا ڪئي وئي.


سنڌي دليت اغوا ٿيل نياڻيون جون تسوير ڏيکاريندي



ڪانجھي ڀيل جو ڇوڻ هو ته “مس جيڙها 10 سيڪڙو  ئي وارداتيون هنديون آهن  جنهن به غشق جا ڪو ڪردار هوندو آهي. ” جڏهن ميرپور خاص جي ڊي آئي جي سان ان ڳاله بابت پڇو ته هو ڪاوڙجي چيو “جيڪر ضرورت پئي ته مان اوهان کي آڪڙا پيش ڪندس. ٿوڙائي واريون ته پاڪستانن ۾ سڀن کان مهفوز آهن”


پاڪستان جي انساني حڪن جي تنظيم جو به اهو ئي مڃڻ آهي جيڪي آئون سنڌ ۾ ڏٺو. نجھاهت سرين جيڪو لاهور ۾ هڪ اين جي او ۾ پيو ڪم ڪري تنهن جو مڃڻ آهي ته ڇوڪريون جڏهن ڪورٽن ۾ پيش ٿيون ڪجن ته جهادي تنظميون ايڙهو ٿيو هل ڪن مثلن ڌارمڪ نارا هرڻ، ڳلن جي برسات ڪرڻ، کوڙ ماڻيو ڳڏ ڪري اغوا ڪندڙ کي هڪ هيرو جي سڪل ڏئارڻ جنهن سبب ڇوڪرين تي ايترو مانسڪ اسر ٿو پئي جي هو منجھي ٿيو پون ۽ ڪڇي ڪين ٿيون سگھن. وري هندو سماج ۾ ڪُئارپ جا سکت سماجڪ رويئتون سبب ٻهر  نه پڻجي سگجڻ جو  ڊپ ان اغوا ٿيندڙن کي  ماٺ رهڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري ان اميد سان ته شال ان مان به متان ڪجه سٺو ٿئي.


ڪانجهي جو چوڻ هو ته پنج سالن ۾ رڳو پنجاه ايڙها واڪعين جي پڌرائي ان مثئلي جي  حقيقت پيش نٿي ڪري. ڪشن ڀيل جو ڪي پاڪستان جي قومي اسلمبي جو ميمبر آهي چيو  ته اهي ظلم هيئر جام ٿين پيا. سندس اهو به ڇوڻ هو ته جيڪر  عشق کي هيڪلو سبب آهي ته اهي ڇوڪرا جن سان هندو نياڻيون کي پڻجايون پيو وڃي سي ڇون نٿا پنهنجو دين ڌرم مٺائين؟؟؟. هن هڪ پوٺيان ٻيو ايڙهن جام ڪيسن جو ذڪر ڪيو سنڌي دليتن تي ٿيندڙ  جي سچائي هئي. سندس چيو هڪ ايڙهي واردات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ هندون ايتجاج ڪيا. لڳ ڀڳ 70000 ڳڏ ٿيا هئا. اها واڪعيو 1980 جي ڏهاڪي جو هو پر پُليس انهن تي فائيرڱ ڪئي جنهن ۾ ڪي وري مارجي ويا. جنهن جي لاءِ هندن ايتجاج ڪيو هندو نينگر“ سيتا” سا اڄ تائين پنهنجي مائيٽن وٽ موٽي ڪين آئي. اهو سڀ بيان ڪندي ڪشن ڀيل جو اڳيون ڀرجي آيون. سيتا جسٽيس دوراب پٽيل کي اڳيان چيو هو ته کيس اغوا ڪرڻ بعد ذبرن اسلام قبول ڪرايو  ويو آهي. ڪشن موجب هندو هيئنر  ايتجاج ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا آهن. پر ان جي جاءِ تي انساني حڪن جي تنظميو توڙي ميڊيا جي مارفت پنهنجي ڪيسن کي پڌرو ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي سياڻپ سمجھندا آهن.


اسلام ڌرم اختيار ڪندڙ سنڌي دليت




بابر جن واڪعين  جو ذڪر پئي ڪيو  سي رڳو ميرپور خاص تائين مهدود ناهن. ڪشمور  کان ڪراچي  تائين پيا ڏسڻ ۾ اچن. جنهن ڏنهن ماريم جي ڪيس ۾ جج فيسئلو پئي ٻڌايون تنهن ڏنهن پاڪستان جي چيف جسٽيس افتقار مهمد چوڌري ، ڪوٽري ۾ هڪ ساڳي ڪيس ۾ پئي رايو ڏنو . سندس ڇوڻ هو ته جيڪر نينگھر جي ڄمار 13 سالن کان گھٽ آهي ته سندس اڳوا ڪندڙ تي لڄ لٽ جو ڪيس ٿو هلي سگھي. (اسلام ۾ 13 سالن تائين ڇوڪرين کي ناٻالق ليکيو ويندو آهي.) مطلب هو به اغواڪرڻ جو ظلم نه پئي سمجھو. چيف جسٽيس وٽ هندن جا اغوا توڙي لڄ لٽ جا جام ڪيسءَ آيا آهن پر اڙهو ڪو ڪيسن بابت ٻوبو ڪون ويو آهي جنهن به پاڪستان جي ٿوڙائي واري قومن کي ڪا دلجاءِ ملي.( ها پر نواز شريف جي حڪومت تائين واٽ صاف ڪرڻ  جو ڪم هو پوري امانداري سان پيو ڪري.)


مٿي ڄاڻايل وچوڙن مان جيڪر اهو لڳي ته ظلم رڳو دليت هندن تي پيا ٿين ته اها وڏي غلطي ٿيندي. جيتوڻيڪ رواجي هندن تي دليتن وارا ظلم نه پئي ٿيا پر اڙهي به ڳاله ناهي جي سندس کي بکشو ويو هجي. ويجھڙائيءَ ۾ ڪي اڙها واڪعيا ٿي گزريا آهن جنهن کي سنڌي ميڊيا ڪو گھڻو تول ڪون ڏنو هجي پر پاڪستان جي انگريزي ميڊيا جام ڪوريج ڏنو آهي . سنڌ جي هندو برادري جي جيڪر ڳاله مڃيجي ته ايڙها واڪعيا سنڌ ۾ جام پيا ٿين . پڇاڙيءِ جي ٻن سالن ۾ اهو چيو ٿو وڃي جي 300 اڙها واڪعا ٿيا آهن جنهن ۾ هندو برادري کي نشانو ٺاهيو ويو آهي. انهن  واڪعي مان هڪڙو آهي پڃي عاقل جو ۽ ٻيو آهي شڪارپور جو چڪ.

چڪ ۾ هندو برادري سان بشير خان قريشي



پڃي عاقل جو واڪعيو هڪ اسڪول ۾ هڪ هندو پٽوالي پارار ڪلهڙي جاتي جي هڪ نياڻي جي لڄ لٽ جي ڪوشش جو هو. اجيب جي ڳاله ته اها آهي جي ڪلهاڙي جاتي جي جنهن هندن تي ڪاه ٿي ان ماڻهون جو ان واردات سان ڪا به واٽ ڪون هئي. ڪلهڙي جاتي جا ماڻهون جنهن ان واڪعي جي نسبت ايتجاج ڪيا ته پليس نه رڳو پٽوالي تي ايف آئي آر درج ڪئي پر ان اسڪول جي هيڊ ماستر تي به. ڪيتري نه اجيب ڳاله آهي جي دليت هندن تي ٿيندڙ ان کان سنگين ظلمن به ڪا به آيف آئي آر تائين درج نه ٿيندي آهي. وري آٺتائهين ڪلاڪن اندر ئي ان هندو پٽوالي جي گرافتار ڪيو ويو پر ان جي باوجود هندن کي سبڪ سکائڻ جو جمعو کيون ويو، جيڪي ظلم مهاجرن ڪن سنڌين تي ان تي نه ڄاڻ ڇو انهن جيڙهن ماڻهون  جو ذمير ڪون ڄاڳيندو آهي. اهو ئي هندو پنچائت اهو به ايلان ڪيو ته ان پٽوالي کي هندو برادري پاران ڪا به ڪانون مدد نه ڏني ويندي. اڙهي ڪوشش جيڪر سنڌ جي مسلم برادري ڪري ته سايد هندو پرادري سان ٿيندڙ جام ظلم ۾ ڪمي اچي. (وڌيڪ وچوڙن لاِ مڙهو منهنجو بلاگ “هندو سنڌي آخر آهن ڪٿون جا ”)
چڪ واڪعيو پنهنجي پاڻ ۾ ڪنهن کي به وائيڙو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. جيتوڻيڪ ان واڪعي جي نسبت ڪي افواهئون جام هليون پر حقيقت ڪجه هن ريت آهي. .....



شروعات احوال موجب اها افواه ونڊائي وئي ته ڏئاريءَ جي ڏنهن هڪ هندو ڇوڪري هڪ ڀايئي جات جي هڪ مسلمان ڇوڪري جي لڄ لٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. لاذامي اهي هندن تي ڪاهي اچڻ جو ڪو به معڪيو افواه فيلائينڙ نه پئي وڃيئڻ چاهيو. پر جڏهن حقيقت پڌري ٿي ته ڳاله بلڪل ڌار نڪتي. واڪعي جي شرورئات ڏئاري جي ڏنهن ٿي جڏهن ڀايئي جات جي هڪ نينگر پنهنجي هڪ جاتل سڃاتل هندو ڇوڪري جي گھر وئي . اتفاق سان ڪنهن ماڻهو ان ٻنهن کي اوتاق ۾ پئي ڏٺو. آحوال موجب ڇوڪري جي مائيٽڪ ڇوڪري کي ڪُٽيو ۽ ان ڀايئي جات جي ڇوڪريءَ کي سندس گھر موڪلي ويو. اها ڳاله جڏهن ڀايئي جات جي نينگھر جي مائيٽي جي ڪنن تي پهُتي ته سندس اڳيون ڳاڏيون ٿي پيون. سندس ڪاوڙ هاٿيون وڌي وئي ڇو ته ڇوڪرو هندو هو. چيو ٿو وڃي ته انهن ڏنهن کان چڪ ۾ ڀايئي جات ۽ جيهادي جمايتون هندن کي پئي هيسايو جنهن سبب هندن پليس کان مدد پڻ گھري هئي.



ايئن ته سنڌي مسلمانن ۾ خاص ڪري ننڊي ڳوٺن توڙي ننڊي شهرن ۾ هڪ روايت رهي آهي جنهن کي ڪارو ڪاري ٿو ڪوٺجي. ان رويت موجب آڻ پرڻيل ڇوڪري ڇوڪريءَ کي جيڪر هيڪلو ڏٺو وڃي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪتل ڪيو ويندو آهي. گھڻو تڻو اهو ڏٺو ويو آهي ته حقيقت کان وڌيڪ شڪ جو سهارو ورتو ويندو آهي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته گھڻو تڻو پرڻيول توڙي اڻپرڻيول چوڪرين کي ان جو شڪار ٺاهيو ويندو آهي اهو به شڪ تي يا نه ته ڪنهن به ڪنهن منهن تي. هندستان ۾ جاٽ جاتيون (هرياڻا توري راجسٿان ۾ ) جون پنچايتون ۾ اهي ساڳيا واڪعيا جام ڏسبا آهن. انهن کي آنر  ڪلينگ جو به نالو ڏنو ويندو آهي. وري اهو به ڏٺو ويو آهي آنر ڪتل يا ڪاري کان وڌي ڏوه ڪاريِءَ جو ئي ڏٺو ويندو آهي ڪتل به ڪاري اڳواٽ ٿيندي آهي ساايد ننڌڪڻي جو ٿي . پر  چڪ ۾ اهو سڀ ڪجه ڪون ٿيو. هت اهو مسئلو سڌو هندو برادري  سهون ٺاڪگيٽ ڪرڻ جو هو.   



ڀايئي جات نيٺ اهو جواب عيد جي شام ڏنو. عيد جي شام جو ڪي هٿياربند حملو پئي ڪيو جن ۾ ٽي هندو ڊاڪٽرن سوُڌا چار هندو مارجي ويا. واڪعي جي چشم ديد غواه موجب ڳولي هڪڙي کي لڳي پر ڇو ته باڪي ڊڪيا پنهنجي ساٿي کي بچائڻ ۾ سو کين به ماريو ويو. مارجي ويلن جا نالا ڪجه هن ريت ٻڌايا ٿا وڃن. نريش ڪمار، اجيت ڪمار، اشوڪ ڪمار ۽ ستپال. نوٽ ڪرڻ جي ڳاله ته اها آهي جي ان واڪعي جي ٻن ڪالاڪن اڳ پوليس جيڪا هندن جي منٿ ڪرڻ کان پوءِ نالي جيتري بيهاري وئي هئي سان به وٺي ڀڳي، پر دلچسپ ڳاله ته اها آهي جي ڪتلن جي اڌ ڪلاڪ مس جي اندي موٽي آهي جنهن سبب هڪ شڪ يقين ۾ ٿو مٽي ته پوليس کي ان واڪعي جي اڳواٽ ڄاڻ ئي. اجيب جيڙهي ڳاله ته اها آهي جي جيئن پڃي عاقل ۾ ٿيو ساڳي ريت چڪ ۾ ٿيو. مسئلو ٿيو ڪٿي پر ڪاه کي ڪنهن ٻئي هندن منهن ڏنو. اها ڪاه ان ڳاله جي ساهد آهي ته هندن جي ڪنهن جي تبڪي تي ڪاهي اچڻ ڪيترو سهُلو آهي. بس مڙئي هٿيار جي ضرورت آهي.



ڪن اخبارن نويس جيڪي گھڻو تڻو انگريزي اخبار سان واٽ ٿا رکن تن مان ڪي ان مسئلي جي جڙ تائن پڄڻ جي سگھ ڪئي آهي. سندن مڃڻ آهي ته پڇاڙيءَ جي ڪن سالن ۾ سنڌ ۾ خاص ڪري اتر سنڌ جي شهرن ۾ طاليبان جو اصر وڌيو آهي . اهو اسر گھڻو تڻو مدرسن مان ٿو فيئلي جن جا مولوري پنجاب يا پکتوواه مان آيل آهن. جن کي سنڌين جي سماجڪ وهنوار ٿوڙي ثقافت بابت ڄاڻ تمام مهدود آهي ۽ سندس پاران جيڪا ذهر تي فهلائي تي وڃي اهي فساد ان جو ئي نتيجي ۾ ٿين پيا. ٻن تنظميون جو نالو اڳيان آيون آهي جن مان پهرين آهي سپا ع سابا پاڪستان ۽ ٻئي آهي جميت اليما ع پاڪستان (فاضل ڳٽ). مٿون وري ان تنظميون کي ساٿ ٿو ملي سنڌي ڪٻائيلي جاتيون ۽ پاڪستان پيپليس پارٽي جا اهديدار ۽ پليس جو جنهن جي هميشاه ئي نظر هندن جي ملڪتيون تي رهي آهي. اهو شڪ ان لاءِ تو پيدا تو ٿئي ته ان وارداد جو اهم گنيگار ببر خان ڀايئو شڪاپور جو پ پ پ  جو اهم سياستدان آهي. وري امالڪ واردات جي جاءِ تان پليس جو عايب ٿي وڃڻ ۽ واردات جي اڌ ڪلاڪ اندر پڌرو ٿيئڻ ان شڪ جي پکتو ٿو ڪري. اهو ئي نه وارداد کان پوءِ ڪاه ڪندڙ ۽ جهادي تنظميون پليس ٿاڻي اڳيان ايتجاج ڪيو ۽ سندن اها گھر ڪئي ته اهو ڪيس بند ڪيو وڃي . اهو ئي سبب هو جي ان ڪيس جي ايف آئي آر به واردات جي 36 ڪلاڪن کان پوءِ درج ٿي اهو نه مارجي ويلن جي وارسن کي تپائڻ کان پوءِ. ڳاله ته اجيب جيڙهي ڳاله ته اها آهي جي  هندن جا ڪتل ٿا ٿين پر هڪ ايف آئي آر درج نٿي ڪئي وڃي به پر هندن جو نياڻيون اغوا ٿين پيو ته چيف جسٽيس تائين ڪجه نٿو ڪري سگھي.



شڪارپور جو ماضيءَ ۾ رُتبعو ڏسڻ جيڙهو هوندو هو. هٿئو جي هندو سيٺن جون جدا جدا ملڪل سان ڌنڌا هلندا هئا. شڪارپور جا سنڌ پنهنجي ڳاڙهي ٽوپي لاءِ خاص طور سان سڃاڻيا ويندا هئا. اڄ به هندستان ۾ هندو پنهنجي سڪارپري جو ٿيئڻ جو فڪر ڪندا آهي خاص ڪري اهي  جيڪي ورهاڱي کان اڳواٽ ڄاول آهن. هن شهر جي تقدير 1947 بعد اڳو پوءِ فري وئي. سون ۾ تولجڻ واري شهر هيئر کنڊرن ۾ تبڌيل ٿي ويو آهي. عادمشماري جي لهاج کان چڪ جي آبادي چالهي هزار آهي جن مان هندو مس جيڙها ڇه هزار پر اهي ڇه جزارن لاءِ به سنڌ جي زمين هونريان هوريان سوڙهي پئي ڪئي وڃي. شڪارپور جي هاڻوڪي حالتيون جي ڄاڻيندڙ جو مڃڻ آهي ته جهادي تمظميون کي پنهنجي ذهر کي فيئلائڻ  لاءِ پوري آزادي پئي ڏني وڃي جن ۾ سنڌ جو وڏيون پارتيون مثلن پاڪستان پيپلس پارٽي توڙي فنگھشل مسليم ليڳ به ڀاڳيدار آهن ڀلي  انهن جي مقصد ۾ ه فرڪ رهيو آهي . اهو سڀ ان جي باوجود جي هندن 1970 کان هميشاه ئي پ پ پ  جو ساٿ ڏنو آهي.



بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ هندن توڙي ٿوڙائيءَ واري قومن سان ٿيندڙن ويلن تي ڪڏهن به سنجدگيءَ سان ڪون سوچيو ويو آهي. جيڪر رواجي سنڌي مسلمانن جي ڳاله ڪجس ته ڪن کي ڇڏي گھڻو تڻو هندن تي ٿيندڙ ظلمن بابت هڪ ئي جواب هوندو آهي ته “سائين اهو سڀ ته سنڌ  ۾ هر ڪنهن سان پيو ٿئي. سندن ليکي هندو ته مڙئي اجايو پئي هل ڪن” ان جي نسبت ڪي وري سنڌي اخبارن توڙي ميڊيا جو جوالي ڏين جنهن جي سنڌ بابت 60 سيڪڙو احوال رڳو ان ساڳين صنفن بابت ئي هوندو آهي فلاڻي، فلاڻي کي اغوا ڪيو يا ڪتل ڪيو. حيدر آباد پريس ڪلب اڳيان جيڪي وڃو ته اوهان کي هميشاه ئي ڪو نهن ڪو پنهنجي سڳن مٽن ماٽن جي اغوا ٿيئڻ ٿيئڻ بابت ايتجاج ڪندي ڏٺو ويندو. ان اخباري جي سنڌ بابت احوالن ۾ رڳو نالا ۽ تاريخيون ئي ڌار ٿين. باڪي سڀ ساڳيو مُوادُ. دراسل سنڌ ۾ ان وارداتيون کي بلڪل رواجي مڃيو ويندو آهي. سنڌي ميڊيا جنهن جو ان نظام مٽڻ ۾ هڪ اهم ڪريدار ٿيئڻو کپندو هو سو ته ماڻهون کي اجرڪ ٽوپي پارائي رستن تي ٽپائيڻ ئي پنهنجو شان پئي سمجھي .


ان سڀن جي باوجود سنڌ ۾ عوام سڄاڳ ٿين پيا. ان واڪعي بعد چڪ ۾ ايتجاجي ريليون ڪڍيو ويون. ايئن پني عاقل جي واردات کان پوءِ به ايڙها ايتجاج ٿيا هئا پر هن مهل نه رڳو قوميپرست پارٽيون پر سول سوسائيٽي به ان احتيجاج ۾ حصو ورتو جنهن سان عام ماڻهون ۾ يقينن ان مسئلي بابت ڌيان ڇڪائيندو. ان ايتجاج مان غايب رهي ته رڳو پ پ پ ۽ اهي پارتيون جيڪي هينئر سنڌ ۾ حڪومت ۾ آهن. ايم ڪيو ايم جي ڳاله ته سمجھي ٿي سگھجي ڇا ڪاڻ ته هندن جو لڏپڻ سان سڀن کان فائدو مهاجرن ۽ پنجابين کي پڄڻ وارو آهي. وڏي تپرس وجھڻ واري ڳاله ته اها رهي ته پ پ پ  جا هندو ميمبر به غايب رها.  ان مسئلي جو پراڏو نيشنل اسلمبلي ۾ به ٻڌڻ ۾ آيو. سيري رهمان ان مسئلي تي هڪ اڊجرنميٽ موشن ۾ ڳالهائندي ان واردات جي جميوارن کي خاص ڪري پ پ پ اڳوان ببر خان ڀايئي کي پ پ پ مان ٻاهر ڪڏهن جي گھر ڪئي پر هيئر ڇو ته سيري رهمان ئي ميموگيٽ بعد اميريڪا موڪلي ويئي  آهي  جنهن سبب سنڌ توڙي پاڪستان ۾ ٿوڙائي واري قومن کي يقينن نڪسان پڄندو. پاڪستان جي نشنل اسلمبلي جي هندو دليت ميمبرن کي جيڪر مڃينجي ته سندن چوڻ اهي ته اسلمبلي ۾ جڏهن به ان ڳاله تي ڪا به بهس ٿيندي آهي ته گھڻو تڻو ميمبرن پاران اهو انديشو ڏنو ويندو آهي ته اسلام جي نالي تي ڪتل، اغوا يا لڄلٽ جايس آهي ۽ هندن کي پنهنجي حفاذت پاڻ ڪرڻ ڪپي. جڏهن ايڙها وچار هو گھڻائي ۾ رهندڙ قوم ۾ هوندا  ته هندن ۾ مايوسي ڇائڻ ته لاظمي آهي

چڪ ۾ هندو برادري سان ڳڏ قوميپرست پارتيون ۽ سول سيسائيٽي ايتجاج ڪندي


هندستان ۾ ميڊيا جي ڌيان سنڌ توڙي سنڌين بابت ڪڏهن به ڪون رهيو آهي. جڏهن بيناظير پهرون ڀيڙو چونڊجي آئي ته هندستان جي ميڊيا ۾ جام اتسان هو پر ٻهر جڏهن پاڪستان ۾ چونڊيون ٿيو ۽ خاص ڪري ڀٽي جي ڪشمير بابت هل کان پوءِ ته ميڊيا ۾ جيڪو اتساه اڳين ڀيڙي هو سو ڪين  رهيو يا کڻي چئجي عام هندستان ۾ ڀٽو هڪ رواجي اڳواڻ پئي لڳي. پر جيستائين عام سنڌين جي ڳاله ڪجي ته ڇو ته هندستان جو سنڌي سنڌ جي مسئلي ۾ ڪو به خاص چاه نه ڏيکاريندا آهن سو ميڊا ۾ ڪو خاص چاه ناهي. ان ڳاله ۾  هندستان ۾ سنڌي ميڊيا به انگريزي ميڊيا کان ڪو گھڻو پوئيتي ناهي. نه رڳو ميڊيا جو پر هندستان ۾ سنڌي سنميلن ۾ به  ڪڏهن به سنڌ ۾ رهندڙ هندو سنڌين جي ڳاله نه ڪئي ويندي آهي. مڙهئي هيڪلو راڳ پيو رٽبو آهي ته اسين فلاڻا ، اسين فلاڻو ڪم ڪيو. جيڪر اهي حالتيون رهون  ته سنڌيين جي هندو برادري جو مستقبل ڪو خاص اميد ڄاڳيندڙ نه رهندو جڏهن پنهنجن لاءِ ئي اسان ۾ اجت نه هوندي ته ڌارين کي ڪيڙهو ڏوه ڏجي.
اهو مسئلو يقينن سوچڻ لائڪ آهي








December 9, 2011

ثقافت ۽ ٻوليءَ منجھ منجھيل سنڌي قوم

سنڌ ۾ هن سال نومبر 19 ۽ 20 تاريخ ثقافتي ڏنهن جي تاريخ مڪرر ڪئي وئي. ثقافتي ڏنهن جي هيءَ ٽهي ورسي هئي. پر اجيب جيڙهي ڳاله ته اِها آهي جي ان ڏنهن جي ڪا به هيڪلي تاريخ مُڪرر ناهي. سنڌ ۾ امالڪ  سنڌي ثقافت جو ڏوهاڙو مڃائڻ جو سبب به ڪو گھٽ دلچسپ ناهي. ڳاله شروع ٿي پاڪستاني سدر آصيف علي جرداري ءَ جي سنڌي ٽوپي پائي افغانيسٿان جي سدر سائين  حميد ڪارزائيءَ جي ٻهي سدر چونڊڻ سبب سپٿ جي معڪي تي شرق ٿيئڻ جي . ڪن اردو اخبار جي اينجوي ان معڪي تي پاتل سنڌي ٽوپيءِ تي ايتراز پئي اٿارو. سندس مڃڻ هو ته ڇو ته سدر پاڪستان جي نمائيدگي پيو ڪري سو اهو لازمي تو ٿئي ته هو پاڻ کي هڪ پاڪستاني جي لباس ۾ پيش ڪري، نه ڪي ڪنهن مختليف ڪوم جي لباس ۾.  سنڌي ميڊيا ۽ خاص ڪري سنڌي ميڊيا جو وڏي ۾ وڏو گھراڻو ڪي ٽي اين وارن ان اردو ميڊيا جي ايتراج تي جام هل پئي ڪيو. اها ڳاله هئي 21 نومبر 2009 جي. ان هل جي منجھ  ڪي ٽي اين ان سال 6 ڏسمبر 2009 جو سنڌي ثقافري  ڏوهارو مڃائڻ جو فيئسلو ڪري ڇڏو. ان ڏوهاڙي تي سنڌي سنڌ ۾ جتي ڪٿي سنڌي ٽوپي توڙي اجرڪيون پائي خوشيون مڃائيندي  ڏيکارا ويا. ان ٽن سالن ۾ فرڪ رڳو ايترو رهيوآهي جي هن سال سنڌي جي هڪ اهم اخبار اوامي آواز به ان ۾ سيڙجي بيٺي.





ان ڳاله ۾ سايد ئي ڪو شڪ آهي سنڌ ۾ خاص ڪري سنڌي مسلمانن جيڪي مول سنڌي آبادي جا 75 سيڪو ٿين ٿا، سنڌي ٽوپي توڙي اجرڪيون کي يقينن پنهنجي هڪ نڄ سڃاڻپ ڪري مڃيندا آهن. اڙهو ورلي ئي ڪو سنڌي ميڙو پئي لڀندو جتي اجرڪيون نه پئي نظر اينديون، ڀلي اهو ميڙو  سماجڪ، ثقافري توڙي ادبي هجي، جتي به ڏسو سنڌي ٽوپي، توڙي اجرڪيون پائي سنڌي  گد گد ٿيندي پئي نظر ايندا. سنڌي سنڌ ۾ وهاءُ وڌائون ۾ به اجرڪيون  جو جام استمعال ڪن. چوڻ لاءِ ته اجرڪيون رڳو هڪ لٽو آهي جنهنجي ڊگھايپ مس جيڙهي 2.5 کان 3 ميٽر ٿئي ٿي، پر جنهن حساب جو جوش سنڌي مسلمانن ۾ ڏسن ۾ ايندو آهي سو ڏسڻ لائيڪ آهي. سنڌ کان  سواءِ سنڌي ٽوپي توڙي اجرڪيون جي استمعال جا ڪي خصوسي الاڪا ٿين ٿا  مثلن سنڌ جي اتر ۾ وسيل پنجاب جو سرائيڪي الاڪو ۽ هندستان ۾ ڪچڇ ۽ جيسلمير. پر وائيڙو ڪندڙ ڳاله ته اها آهي اجرڪيو هميشاه ئي سنڌين جي مسلمانن برادري ۾ ئي استمعال ٿين ٿيون. جيڪر اجرڪ لفظ جي به ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ته ان لفظ بابت جي جھجھي ڳوجھايپ آهي . عربي ۾ جيتوڻيڪ ايڙهو هڪ لفظ يا ان سان ملندڙ جھلندر لفظ آهي جنهن جي واٽ نِري رڱ سان ڳنڍي ويندي آهي. پر اجيب جي ڳاله ته اها آهي ته عربن ۾ ان جو واهيپو ناهي. اهي استمعال رڳو سنڌ توڙي سنڌي الاڪن ۾ ئي ٿئي ٿو. ڪي ته وري ان کي مئن جي دڙي جي ماڻهون جي لباس سان ڳنڊي ڏسندا آهن. کير جيئن به هجي پر ان ڳاله ۾ سايد ڪو شڪ آهي ته اجرڪيو سنڌ ۾ سنڌي ثڪافت جي هڪ اهم سڃاڻپ ٿي اڀري آهي.



 هاڻي مول سوال  اهو آهي ته هينئر ڇو ؟ ڇو هاڻي ايڏو هل پيو ڪيو وڃي ؟ ڇا سنڌ ۾ سنڌي ثقافت تيي ڪا روڪ آهي ؟ته پوءِ هاڻي ايتري هائي گھوڙا ڇو ؟ هندستان ۾ جيڪر ڏسجي ته هندستان ۾ 100 کن ٻوليو آهي ۽ 400 کن مختليف قوميون آهن . هٿون جا سياستداد گھڻو تڻو پنهنجي الاڪي جي ثقافتي لباس ۾ ئي نظر ايندا آهن. بنگالي ڌوتي ۾ ته تمل اڇي لنگي ۽ اڇي خميسءَ ۾ يا وري اتر هندستان جي هندي ڳالهئندڙ سٿڻ ڪڙتي ۾ . پر جڏهن هو پرڏيه وڃن ته پنهنجي الاڪي جي پوشاڪ توڙي وڳا ڪون پائن پر هڪ هندستان جو قومي وڳو پائين. سوال هت اهه ته پوءِ سنڌي سياستداد ايئن ڇون پيا ڪن. ؟ ڇو امالڪ ايتريون خوشيون ؟ جيڪڏهن پاڪستان جي وجود تي فڪر ڪري ٿو سگھجي ٿو ته پوءِ پاڪستاني لٻاس تي ڇو نه ؟ ڇا هي پ پ پ جو سنڌ ڪارڊ جو هڪ حصو آهي؟

هڪ لڱي ڏسجي ته ان ڪو به شڪ ناهي ته پڇاڙيءَ جي ست ڏهاڪن کان سنڌ توڙي سنڌين سان ڪنهن ڪدر نا انسافيون ٿيو آهن. سڀني کان پهرون وارو پاڪسٿان جي وجود ۾ اچڻ بعد ٻوليءَ تي ٿيو ۽ پوءِ وارو آيو سنڌي ثقافت جو. اها ڳاله نه وسارڻ گھرجي ته جڏهن ملڪ جي اهم سياسي احدن تي ويٺل اڳواڻ چون ته “سنڌين جي ثقافت آهي ئي ڇا اٺ هاڪڻ کان سواءِ” ته يقينن  ان مولڪ جو پنهنجي ماڻهن لاءِ ورتاءُ ڏاهن ئي شڪُ پيدا ٿيندو آهي . سو جڏهن به اڙهي ڪو معڪو اچي ٿو جن ۾ سنڌين جي ڪنهن به خصوسي نشاني تي وار پيون ٿيندي ڏسجي ٿو ته،  سنڌين جي ڪاوڙ ٻاهر اچڻ ۾ پل ڀر جي دير نٿي لڳي. پر 6 ڊسمبر 2009 کي جنهن نموني پيش ڪيو ويو سو ڪنهنجي به ذهن ۾ شڪ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ڳاله ڪجي ٿي سنڌي ميڊيا جي جيڪي هئير سنڌي ثقافت جي باني ، رهبر ٿي نظر اچي. سنڌي ميڊيا جي سنڌي ٻوليءِ توڙي ثقافت ڏانهن ڪيتري تاتءَ آهي اها ان ڳاله سان لڳائي سگھجي ٿي جي سندن اشتهار مان 90 سيڪڙو اردو ۾ نثر ڪيا ويندا آهن. هندستان ۾ جدا جدا ٻوليون جا نِجي چينيل جڏهن پهرون پهرون نثر ٿندا هئا ته سندن ۾ به اشتهار هندو توڙي انگريزي ۾ ئي ٿيندا هئا پر جلد ئي هو پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ نثر ٿيئڻ لڳا نه ڄاڻ سنڌي ۾ اهي ڏنهن ڪڏهن ايندا. الاءِ اهي ڏنهن ايندا به ڪي نه ؟ .هندستان ۾ جيتوڻيڪ مختليف ٻوليءِ ۾ سندس اشتهار پوءِ ٺاهيا ويا ۽  اڄ هو انهن ڪمن ۾ تمام گھڻو اڳتي وڌي ويا آهن. جيستائين ڳاله ڪجي ڪي ٽي اين جي ته  اهي به ڏنهن سايد ڪنهن کان وسريا ناهن جڏهن ان ساڳي ڪي ٽي اين چينيل جي سنڌي سمجھڻ هندوستاني سنڌي  ته ڇا سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين  جي وس کان ٻاهر هئي. ايترا ته عربي فارسي لڦظ اردو ۾ به نه استمعال ٿيندا هوندا جيترا ڪي ٽي اين شروع پنهنجي چينيل ۾ ڪتب پئي آندا. جيستائين ڳاله سدر جي آهي ته سندس پارٽي هميشاه ئي سنڌي ڪارڊ پنهنجي فائيدي ۾ استمعال ڪيو آهي پر جڏهن حقن جي ڳاله ايندي آهي تڏهن سنڌين عوام سميشاه ئي پنجابي توڙي مهاجرن کان پوئيتي ئي رکيوويندو  آهي، ڄڻ سنڌي رڳو پنجابين ۽ مهاجرن کي خوش ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي خوش ٿا سمجھن. اها ڳاله جرداري جي نسبت بخوبي ٿي چئي سگھجي ڇا ڪاڻ ته جڏهن  سڄي سنڌ پاڻي هيٺ ٻوڏل هئي ته هو لنڊل جي سک پيو ماڻي. ­­وري هن سال به جڏهن ساڳيو منظر پئي نظر آيا ته سدر جو سنڌين ڏانهن وهنوار ۾ ڪو به فيرو ڪون آيو. سنڌ پر سال واڱر هن سال به اي جو او جي رهمو ڪرم ۾ ئي ٻوڏ جي حاليون کي پئي منهن ڏنو.

سنڌي ثقافتي ڏوهاڙي ۾ هڪ ٻيو به نالو بُلند ڪيو ويو سو هو  ايڪتا جو.  هڪ لڱي ڏسجي ته سنڌي ۾ ايڪو ناممڪن به ناهي. ننڊي کنڊ جي مکتليف قومن ۾ سنڌي هيلڪو ڪوم آهي جنهن به مسلمانن جي گھڻائي  هجڻ جي باوجود ڪا خاص پولرائيجيشن ڪون آهي. اهو ئي نه پر سنڌ مان هندن جي لڏپڻ جي باوجود اڙهو ڪو به سنڌي هندو ورلي لڀندو جيڪو ورهاڱي جي فسادن جو ڏوه سنڌي مسلمانن تي مڙهندو. پر ان جي باوجود سنڌين ۾ جنهن ايڪي جي گنجائيش هئي اميد هئي  سان ڪون ملي. ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ سنڌي هندوستان توڙي پاڪستان جو مختليف ايجينڊا پئي پرو ڪن. پر ميڊيا هندو مسلم ايڪي جي نانءُ تي ڪڏهن به پنهنجا هٿ پير ڪون پسارا اٿئين. ميڊيا سنڌي مسلمانن ۾ ايڪي جي ڳاله ڪري ٿي ته ڳاله ٻئي آهي باڪي  رواجي طور جيڪر ڏسجي ته سنڌين منجھ ڪنهن به ايڪي کي هندن جي لڏپڻ ٻيو ڪجه نه ته منهن ڪارو ضرور پئي ڪيو آهي. سنڌي دليت جيڪي اڄ سنڌ ۾ بچيل هندو براديءَ جا 75 سيڪڙو آهن ،تنهن جي  ته جي ڳاله پري آهي.  اهو سڀ ان جي باوهود جي هندن جي لڏپڻ سبب نڪسان سنڌي مسلمانن جو به جام ٿيو آهي. جيڪر ان نجي چينيلن جي ڳاله ڪجي ته سندن وهنوار ڪنهن ڪدر سمجھ کان پري آهي. ٻيو ڪجه نه ته رڳو ان چينيلن جي ئي ڳاله ڪجي ته سندن  سايد ئي ڪو ڪوريج اڻ مسلمانن کي ڏنو آهي (عوامي آواز کان سواءَ)، ڀلي اهي سنڌي سنڌ ۾ رهن يا سنڌ کان ٻاهر. اهو صاف آهي ته آهي ته ميڊيا جو ڊرامي جو اهم مقصد سنڌي ثقافت نه پر پنهنجي اخبابر توڙي ٽي وي چينيلن جي گراهڪن کي وڌائڻ جي ڪوشش هئي.

ثقافت جي نظريئي سان جيڪر ڏسجي ته ننڊي کنڊ ۾ ورلي ئي اڙهو ڪو قوم لڀندو جيڪو سنڌين واڱر ايترون  مکتليف ثقافتيون جو وارث هوندو. سنڌ ۾ هڪ پاسي سنڌي مسلمان ته ٻئي پاسي هندو توڙي دليتءَ.  وري هندستان ۾ جدا جدا ايلاڪن ۾ رهندڙ هندو سنڌي (درياه توڙي نانڪ پنٿي) ته ٻئي پاسي ڪچڇ توڙي جيسلمير جا هندو ۽ مسلمان سنڌي. وري ڪير ٿو وساري سگھي سنڌي عاملن کي جيڪي دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ وڃي وسيا آهن. هو ته اڙهن ايڙهن ملڪن ۾ وسيا آهن جن جو گھڙڻ رواجي سنڌين نالو تائين ڪون ٻڌو هوندو.

جڏهن اڏي وڏي الاڪي ۾ ڪو به ڪوم رهندو ته اهو ممڪن آهي ته هيڪلي ثقافت جي نمائيدگي نه ڪندو. پر  ان جي باوجود هيڪلي ثقافت جي ذور تي سنڌي قوم جي سنڌين جي سڃاڻپ ڪايم ڪرڻ جون جام ڪوشش ٿين پيو خاص ڪري پڇاڙي ءَ جي ستر سالن ۾ اهو گھڻا گھمرا ڏٺو ويو آهي. ان جي وڏي ۾ وڏي مثال هندستان ۾ هندو درياپنٿي آهن توڙي سنڌ ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪيون جا پوئيلڳ آهن. ان ڳاله ڪو به شڪ ناهي ته جھوليلعل جي سايه هيٺ هندستان توڙي پرڏيه۾ سنڌين جو هڪ وڏو تبڪعو هڪ ٿيل آهي پر ان ڪوشش ۾ اسين ڪچڇ توڙي جيسلمار وارين کان پري ٿي وياسين. ڪچڇ ۾ سڀ ڪچڇي درياپنٿي ڪون ٿين . هت سائين وروڻ ديو پوئيلڳ رڳو ڪچڇي لوهاڻي ٿين باڪي ٻيا ته ماتا هنگلاج يا وري ماتا آشاپورا ۽ ٻين ماتائون کي پُجندڙ آهن. ڪجه ڏنهن اڳ  فيسپوڪ تي به آئون هڪ پوشٽ پڙهو. ان پوشٽ جي لکندڙ جو ڇوڻ هو ته “سائين هندستان جا هندو سنڌي وري سنڌي ڪيئن ڪوٺبا ؟. هو اجرڪيون ته ڪون پائين” اڙهها رايا  ان جو سبوت آهي ته ڪنهن خاص  ثقافت جي پوري سنڌي قوم جي سڃاڻپ سان پيو ڳنڍيو وڃي.  هندستان ۾ وري ڏسجي ته سنڌي نوجوانن کي سنڌ جي سنڌين بابت نه جي برابر آهي، سواءِ ان جي ته سندن وڏا سنڌ مان لڏي آيا هئا. سنڌ ته ڇڏو، کين هندستان جي ڪچڇ توڙي راجستثان جي جيسلمير ۾ رهندڙ سنڌين جن ۾ هندو به آهي ، تن بابت به ڄاڻ نه جي برابر آهي. اها پوري سنڌي ڪوم جي بدقسمتي آهي ته ورهاڱي جي نڪسان جي باوجود اسين ساڳي ٻولي توڙي ساڳي اتهاس جي باوجود ڪا به ايڪي جي گنجائيش ڪون رکي آهي. اهو سڀ ان لاءِ ٿيو آهي ڇو جي اسين جنهن نموني پاڻ جي پيش ڪيو آهي خاص ڪري پنهنجي نئي ٽهي جي اڳيان. سنڌ سنڌين جو مرڪج آهي، هو ۽ مستقنل ۾ به شال رهندو. پر ان سوچ جي باوجود سنڌ ۾ سنڌي مسڊيا ڀلي اها پرنٽ هجي يا ايلڪٽرانڪ ميڊيا سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين کي پنهنجي مادري وطن سان ڳنڏڻ جي ڪا به ڪوشش ڪيو پئي ڪئي آهي. پرڏيه ۾ رهنددڙ ته پري سنڌ ۾ به هندو برادري  کي اهو ئي ڪوريج پيو ملندو آهي جي ڪنهن ڌاري ڪوم کي ڏنو پيو وڃي.  . ڪاوش ، خبر ناهي ته ڪڏهن ڪوريج سنڌ جي ٿوڙائي واري ڪوم ئي ڏنو هوندو. آوامي اواز جي ڳاله جيتوڻيڪ ڌار آهي جيهن ڪنهن هد تائين هندو کي اڃا به ياد رکيو آهي. پر جڏهن اهي ميڊيا وارا ايڪتا جي ڳاله ڪندا آهن ته ذهن ۾ هڪ سوچ يقينن ايندي آهي ته اها ايڪتا ڪيڙهي فرڪن جي تهت ڏٺي ٿي وڃي. سِئن توڙي سُني منگھءَ يا سياسي طور پ پ پ  ۽ قوميپرستن منگھ يا وري سنڌي ٽوپي اجرڪيون پائيندڙ توڙي نه پائيندڙن منگھ.سنڌ ۾ به ڪنهن به اخبار کولي ڏسجي ته هندن بابت ذڪر تڏهن ٿو اچي جڌهن هندون تي ڪنهن ڪاه سبب جان توڙي مال جو نڪسان تو ٿئي يا کڻي ڪو هندو اغوا ٿيو هجي يا نه ته ڪي هندو هندستان ڏانهن لڏي ٿا وڃن.




سنڌي مسلمانن جي ڀيٽ ۾ سنڌي هندن ۾ ثقافتن جو مسئلو تمام وڏو آهي. ان جا سبب به سمجھڻ ڪو اوکا ناهي.  هو  دنيا جي جدا جدا ملڪن رهن ٿا سو تمام گھڻي ثقافتيون جي لهوڇوڙ ۾ اچن ٿا. پر بدقسمتيءَ سان سنڌي ان جدا جدا ثقافتيون کي هڪ سُتر ۾ ڪون ڳنڍي سگھيا آهن. جيتوڻيڪ هندو هند  توڙي دنيا ڀر ۾ پنهنجي اسٽ ديو سائين جھولي لعل جي نانءُ جي هڪ پئي نظر ايندا پر ان جي ان حقيقت لڪه ٻئي آهي  . ڪچڇ جا هندو ايئن ته ڏسڻ ۾ توڙي هلڻ چلڻ ۾ نڄا گجراتي  پئي لڳندا پر ڳالهائندا سنڌي يا سندن موجب ڪچڇي . وري ننڊِ کنڊ کان ٻاهر سنڌين جي وڏي آبادي رهي تي جيڪا الهندي  جي ثقافت جي جام ويجھو ٿي چڪي آهي يا کڻي چئجي ويسٽنايج آهي. اسين جيڪر اميد ڪنداسين ته هو سنڌ مان لڏي آيل هندو برادي ءَ واڱر ٿي رهن ته اهو هيئنر ممڪن ناهي. وري جيڪر ڪچڇ جي هندن جي ڳاله ڪبي ته هو ڀلي ئي جھوليلعل جا پوئيلڳ هجن پر سندن ثقافت هندو گجراتين جي تمام گھڻي ويجھو آهي. چوڻ لائي ته هو به لوهاڻا آهن ۽ اسين سنڌ مان  لڏي آيل سنڌي به ساڳي جات جا چيا ويندا آهيون پر وقط سان اسان جي جام تبڌيلي آهل آهي. ان کان سواءِ ڪچڇ جا دليت هندو آهن جيڪا هت متائون جي تمام گھڻي ازت ۽ مان ڪن ڀلي اهو هنگلاج هجي يا ماتا آشاپورا. ان دليتن ۾ وري ڪي مينگھواڙ ته ڪي ڀيل يا ته ڪي رباڙي.  پڇاڙيءَ ۾ جيڪر ڪچڇ جي مسلمانن کي ڌسجي ته هت به سنڌي مسلمانن واڱر پرن کي مڃڻ جي جي روايت آهي. ان جو اڄ تمام گھڻي ضرورت آهي ته اسين پنهنجي ثقافت جي واهپي کي وڌايون جيئن هڪ ٻئي جي ڪنهن ڪدر ويجھو ٿي سگھوئون. اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسين اسين ٻوليءَ جي سائي هيٽ تمام سنڌين کي ڳنڍيو ويندو. جدا جدا ثقاتيون سان مسئلا ٿيندا آهن پر  جيڪر اسين ثقافت کي ئي مول سڃاڻپ ڪري ليکينداسين ته اسين سسندا ئي رهنداسين جيئن هيئر ڏسجي ٿو.

هڪ کان گھڻيون ثقافتيون هميشاه ئي ڪنهن به قوم لاءَ هڪ وڏي چونئوتي ٿيندي آهي. هيئر ته يوروپ جي ملڪن ۾ به پيو مڃيو ٿو وڃِي ته گھڻيون خاص ڪري اڻ الهندي جي ثقافتيون جي ڪبول سندن عوام  ڪون ڪري سگھيا آهن، جنهن اسولن بابت هو فڪر ڪندي ڪون ٿڪبا آهن. ويجھڙائيءَ جي جرمن چانسلر شمري انجيلا مارڪيل ۽ فرانس جي راشٽرپتي (سدر) به ان ڳاله کي صحيح مڃي آهي. اميريڪا ۾ ان گھڻيون ثقافتيون بابت هڪ ڌار لفظ جو استمعال ڪيو ويندي آهي مثلن “ميلٽنگ پوٽ” ياني ڳرئيندڙ  ديگڙو، پر حقيقت ۾ اميريڪا ۾ هرڪو ڪوم يا ثقافت ڳڏجي پگھرجي ڪون ٿي پر اوله جي ثقافت ۾  پگھڻ لاءِ  مجبور ڪئي ويندي آهي.وري ٻوليءِ سان به ايئن پيو ٿئي انگريزن جي اچڻ مهل 40 سيڪڙو انگريزي ڳالهائندا هئا پر هيئر انگريزي جو ڳالهائندڙن جي ڳڻپ 87 سيڪڙو آهي. اڄ به جيڪر اميريڪا ۾ وسڻ يا رهڻ جي خوئيش رکجي  ته انگريزي ٻوليءَ جا نهايت اوکا امتهانءَ ٿا ڏيئڻا پون. ساڳيو ئي حال يوروپ جي مختليف ملڪن جو آهي. يوروپ ۾ هميساه ئي ٻوليءَ کي ثقافت سان ڳنڊي پئي ڏٺو ويو آهي. انگريزءَ ڀلي هندستان ۾ ڪا به ٻوليءِ جي روڪ ڪون لڳائي پر جتي جتي هو پاڻ وسيا مسلن اميريڪا، ڪينيڊا، اسٽرليئا يا  سائوٿ افريڪا اتي انگريزي ٻوليءَ به ڏيهي ٻوليون جو جام نڪسان ڪيو. اڙهي ڳاله ناهي ته سندن رڳو پرائي ٻوليءَ سان ويل ڪيا آهن.هنن ته پنهنجي ٻوليءَ کي به ڪون بخشو آهي. مثال جي ڳاله ويلس ٻولي جيڪا انگليڊ جي اتر ۽ اتر اوله ۾ پئي ڳالهائجي ، تنهن ٻوليءَ تي به پرتيبنڌ لڳايون ويو. فرانس ۾ به ايئن جام ٿيو. هندستان ۾ هندي اردو جي پاڻ ۾ جاکڙي مهل چڱيو ٻوليون ناس ٿيو، وري آزادي بعد ته هندستان ۾ ڀلي نه به ٿئي پر پاڪستان ۾ جام ٻويون کي نڪسان ٿو پڄايو وڃي. اميريڪا اڙها به ڏنهن هوندا هئا جڏهن انگريزي نه ڳالهائڻ تي انهن ماڻهن جون ڄٿيو وڍيون وينديون هئون.







جيڪر يوروپ جي ثقافتيون  کي بارڪيه جي جاچينداسين ته هڪ ڳاله پڪ ساموهن ايندي ته  هو ٻوليون کي سماج توڙي سڃاڻپ جو هڪ اهم حصو مڃندا آهن. پر سنڌين سان ايئن ناهي. سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين ۾ پنهنجي ٻولي سان وفاداري توڙي سِڪ ڪنهن ڪدر ڪمجور ئي رهي آهي. افسوس جي ته اها ڳاله آهي ته اڙهو ساڳيو منظر هند توڙي  سنڌ جي مکتليف شهرن خاص جري ڪراچي توڙي حيدرآباد يا هندستان جي مختليف شهرن ۾ پيو جام ڏسجي. ايئن ته هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واهپي جي نسبت چڱو لکيو ويو آهي پر ننڊي کنڊ جا ٻاهر رهندڙ سنڌين بابت تحقيق تمام ٿوڙيون ئي ٿيو آهن. ان اڱريون تي ڳڻڻ جيڙهيون کوجنائون ۾ هڪ آهي سريمتي مايا کيملاڻيءَ جي کوجنا . ادي مايا مليشيا جي ڪوالا لامپور شهر جي ملايا يونوسٽي ۾ ٻولي ۽ ڀاشاساتر جي وڀاڳ ساڻُ ڳنڍيل آهن. ادي مايا ڏکڻ ايشيا جي جدا جدا ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين جي ثقافت توڙي ٻوليءِ بابت تهقيق ڪئي آهي جنهن جا وڇوڙ تمام ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. ان تهقيق ۾ ادي مايا جيڪا سوال سکيا سي ڪجه هن ريت آهي

·      ڪيڙهي ٻولي اوهان وڌ ۾ وڌ پئي ڳالهائو........سنڌي ؟؟
·      جيڪر اوهان سنڌي نٿا پيا ڳالهائو ته ڇا اوهان پاڻ کي ڪنهن ڪدر گھٽ سنڌي پيا مهسوس ڪيو ؟
·      ٻوليءَ کان سواءِ اوهان کي اڙهي ڪيڙهي ڳاله ۾ پنهنجو سنڌيپڻو پيو مهسوس ٿئي ؟؟

ادي کيملاڻيءَ کي جيڪي جواب مليا سي وائيڙو ڪندڙ هئا. 33 جڻن مان 17 جڻن جي ليکي سنڌي ثقافت لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻ لاظمي ناهي. روڳو 14 جواب ڏيندڙن جي ئي مڃڻ هو ته ٻولي سنڌيت جو هڪ اهم حصو آهي جڏهن ته هيلڪي ماڻهو جو ان سوال لاءِ ڪا پڪ رايه ڪون هئي.
جن جي ليکي سنڌي ٻوليءَ جو سنڌي ثقافت سان ڪنهن به ريت سنڌي ٻولي ڳنڏيل ناتي لاءِ سنڌي هئڻ جا سبب ڪجه هن ريت آهن

سنڌي کادو
ڪنهن به قوم جو خسوسي کادو ڪنهن ڪدر مختليف ٿئي ٿو. کاڌي بابت ڪجه وچار هين ريت ڄاڻايا ويا 
·      هڪ سنڌي ضائيفا ڪينيڊا مان لکيو ته “سبڌي قوم جي هينئر سوڃاڻاپ رڳو سنڌي کادي توڙي سنڌي ڏڻ وار سبب ئي آهي.
·      هڪ ٻئي ضائيفا سنگاپور مان لکي ٿي ته سنڌين جو سنڌيپڻو رڳو هينئر سنڌي کادي تي ئي دارومدار  تي رکي
·      شري لنڪا مان هڪڙي لکيوس ته آئون گھر ۾ سنڌي ماني کائدي مهل ئي پاڻ کي سنڌي قوم جو حصو مهسو پئي ڪيان.
·      هندستان مان ساڳي ريت هڪڙي لکيوس ته ٻوليءَ کان پوءِ اها گھر جي سنڌي ماني ئي آهي جنهن سان اسان کي پنهنجو سنڌي پڻو ياد پئي ايندو آهي .
·      اسٽريليئا ۾ هڪڙي نوجوان لکي موڪليوس ته مان ڀايان ٿو ته مان سنڌي آهيان ڇا ڪاڻ آئون سنڌي ثقافت توڙي سنڌين جي اصولن تي ايتبار پيو رکندو آهي ۽ ان ۾ سنڌي کادو به هڪ آهي
·      هڪڙي ضائيفا  ڪينيڊا مان لکي موڪيوس ته مان پاڻ کي سنڌي پئي ليکيا ڇا ڪاڻ ته مان سنڌي ماني پچائڻ ڄاڻا.
·      وري پڇاڙيءَ ۾ سنگاپور جي هڪ سنڌي مردءَ جيڪو ڪنهن انگريزي اخبار ۾ مينيجر هو سو ٿو لکي ته جن کي سنڌي نٿي اچي ته لاءِ ٻيون شيون احميت ٿون رکن جن مان سنڌي کادو به هڪ آهي.

سنڌين توڙي اڻ سنڌين ۾ ثقافتيون ۾ فرڪ

·      اميريڪا مان هڪڙي لکي موڪليون ته آئون پاڻ کي سنڌي ، پنهنجي سنڌي ثقافت سبب ئي ليکيندو آهيان
·      هانگ ڪانگ مان هڪڙي ضائيفا لکي موڪليوس ته مان جڏهن پنهنجي رواجي جندگي ۾ هوندي آهيان ته پاڻ کي هندستاني ڪري مهسوس ڪندي آهيان پر جڏهن ڪنهن هندستاني سان ڳڏبي آهيان ته ماڻ کي هڪ سنڌياڻي ڪري مهسوس ڪندي آهيان.

ساماجڪ لهوچوڙ
پرڏيه ۾ سنڌين جي پاڻ ۾ لهوچو ڪجه هن ريت پئي ٿيندي رهي آهي

·      ڳڏجي ماني کائڻ
·      سنڌي ضائيفائون جون ڪٽي پارٽيون
·      مردر ۾ هڪ هند ڳڏجي سياست جي بهس
·      دنيا جي جدا جدا ملڪن ۾ رهندڙن سندن مٽن ماٽن سان رابطو

ان مسئلي جي نسبت جيڪي جواب ادي مايا کي مليا سي ڪجه هن ريت آهن
·      سنگاپور ۾ هڪڙي سنڌي جوان جو چوڻ هو ته سنڌي واڻيڪي سنگھ جو ڳڏجاڻيون جيڪي سنگاپور سويمنگ ڪلب (سنگاپور ۾ هندو سنڌين جو هڪ ڄاتل سڃاتل ٿڏو) يا هائي اسٽريٽ سينٽر ۾ ٿين ٿيون سي ڪنهن سنسٿا جو ڳڏڄاڻيون گھٽ ۽ سنڌين جو ڳڏڄاڻيون وڌيڪ ڪري ليکبيون آهن. سنگاپور ۾ جيتوڻيڪ سنڌي ڪي گھڻا ناهين پر سندس ۾ ايڪو  جام آهي. اسين ڏئاريءَ تي توڙي ويهائو وڌائون تي گھڻو تڻو ڄاتل سڃاتل ماڻهون سان ئي ڳڏبا آهيون
·      هانگ ڪانگ مان هڪڙي لکيوس ته اسين سڱ رڳو سنڌين ۾ ئي ڪيو ڀلي اهو دنيا جي ٻئي ڪنڊ ۾ ڇو نه هجن. ان ۾ اسين فڪر مهسوس ڪيون.
·      ڪينيڊا مان هڪڙي ضائيفا لکي موڪليوس ته اسان ۾ ڳڏيل آڪهن جو رواج آهي جنهن سان اسان جي ثقافت جام پکتي تي ٿئي، ڇا ڪاڻ ته وڏن جي گھر ۾ هجڻ سان ٻارن ۾ سنسڪار سهولائي سان ٿا پکتا ڪيا وڃن.
·      چين مان هڪڙي لڳي موڪليون ته جيتوڻيڪ اسان کي سنڌي نه به اچي ٿي پي ان جي باوجود اسان ۾ تمام گھڻو ايڪو آهي.
·      هانگ ڪانگ مان هڪڙي ضائيفا جيڪا هڪ ڪاليج ۾ ليڪچرر هئي ، سندس مڃڻ هو ته جيتوڻيڪ اسان کي سنڌي نه ٿي اچي پر ان جي باوجود سنڌي ثقافت سبب اسين پاڻ کي سنڌي قوم جو حصو ڪري ليکندا آهيون.
ساماجڪ سخصيت

پرڏيه ۾ رهندڙ سنڌي ، پنهنجو سنڌيپڻو پنهنجي ساماجڪ وهنوار ۾ به جام ڳوليندا آهن. ادي مايا جي سروي ۾ ڪي جوب ان ساماجڪ سخصيت بابت پڻ هئا مسلن
·      تمام ٿوڙي وقط ۾ پاڻ کي ٿائينڪو ڪرڻ جي سگھ
·      ڪنهن به سماج ۾ گھلي ملي وڃڻ
·      سنڌ سان بيهد پيان خاص ڪري ان ٽهي ءَ ۾ جن سنڌ مان لڏپڻ ڪئي
مٿي ڄاڻايل وهنوار بابت سنڌين جي وچار ڪجه هن ريت ڄاڻايا ويا....

·      هڪڙي اشٽريلين سنڌي لکو ته اسين پاڻ کي سنڌي ٿا سڏايو اهو سنڌي ڳالهائڻ کان ڪنهن ڪدر گھٽ نه ليکجڻو کپي.
·      چين مان وري هڪڙي سنڌي ٿو مڃڻ هو ته اسين اڻ سنڌين ڪوم سان ڪنهن ٻئي ڌاري قوم جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻو رلي ملي وڃوئو. ٻولي نه اچڻ هڪ دڪت ضرور آهي، چا ڪاڻ ته اسان کي پنهنجي وچار رکڻ ۾ توڙي تڪليف ضرور ٿيندي آهي ،  پر ٻولي هرو ڀرو اسانجي وجودءَ سان ڳنڍيل به ناهي.

سنڌي نک
پرڏيه توڙي هندستان ۾ سنڌي نُکن کي جام اهميت ڏين. ادي مايا کي سنگاپور مان به هڪڙي سنڌي لکي موڪلي ته سکن سان ئي اسين اهو سڃاڻئون ته ڪير سنڌين آهي ته ڪير اڻ سنڌي. گھٽ ۾ گھٽ پهرين ڀيري ڳڏجڻ کان اڳواٽ ته اها ئي ڳاله سورهان آڃا صحيح سابت ٿيندي آهي.
وري جتي سٺيون ڳالهيون آهن ته وري غلط ڳالهيون لاءِ به سنڌي ڪنهن ڪدر گھٽ مشهورناهين.

شريمتي مايا کيملاڻيءَ جي سروي ڪنهن اهم سچائين سنڌين جي اڳيان رڳيون آهن. ٻوليءَ جو ڏنهن هو ڏنهن گھٽندڙ واهيپو، ٻوليءِ ڏانهن ڪنهن ڪدر لاپرواهي، سنڌي ٽقافت تي ڪنهن ڪدر ذور ۽ سن جو ٻوليءَ جي ڪيمت تي واڌارو ، سنڌ سان ڳنجڻ پر سنڌي ٻولي سان نه .
پرڏيه ۾ رهندڙن سنڌين جو وڏي ۾ وڏو حصو سنڌي عامل جو آهي . ايئن ته عاملءَ هميشاه ئي سنڌين جي ٻئين مختليف قومن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي پاڻ کي ڪنهن ڪدر سحولي ئي سان ٿائينڪو ڪيو آهي. سنڌ ۾ به ايئن ڏٺو ويو. جڏهن مسلمانن جو راجه هو ته سنڌن واڱر ڍگھي ٽوپي پائن ۽ ويس وڳا به سندن واڱر. انهن ڏنهن ۾ هو عربي فارسي جا ماهر هووندا هئا. وري انگريزن جي ڏنهن ۾ جيتوڻيڪ هو بلڪل انگريزن واڱر ته ڪون ٿيا پر وقط سان پنهنجي پاڻ کي ڍالي ضرور ورتو. انگريزن جي ڏنهن کان اڳ هو رڳو حڪومتي نوڪرين تائين مهدود رهيا پر انگريزن مهل ڌنڌن ۾ به پير پاتوئون ۽  هندستان ۾ لڏي اچڻ بعد مالي طور سنڌين مان سڀن کان خوشهال ٿي اڀرا آهن. سنڌي قوم جيڪڏهن دنيا ۾ نالو ڪڏهيو آهي ته ان جو شرييه عاملن ئي لهڻو. سنڌي ٻوليءَ توڙي ثقافت جي نسبت به جيڪر ڏسجي ته سنڌي عامل جو سنڌي ٻوليءَ ڏانهن يوگدان هڪ مثال برابت آهي. سنڌي قوم کي سنڌي عامل برادري جام ليکڪ، استاد وغيراه ڏنا، پر هيئر ساڳي ڳاله ڪون رهي آهي. سنڌن جو واهپيو خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ سان نه جي برابر رهيو آهي. پر جيڪر سندن وڏن کي ڏسجي ته هو اڄ به نڄي سنڌي ڳالهائن. جا کان عاملن مان سنڌي ٻوليءَ جو واهپو گھٽيو آهي تان کان سنڌين ٻوليءَ ۾ به اڳين جيڙهي ڳاله  به ڪون رهي آهي. وري جتي ٻوليءَ جو اصر گھٽيو آهي اتي ثقافت به ڪمزور ٿي آهي. عاملن ۾ هيئر هيئر اوله جي ثقافت جو جام اسر آهي. جيتوڻيڪ هندن کائڻ پيئڻ توڙي رسم رواج اڄ به رواجي هندو سنڌين واڱر آهن پر جدا جدا ملڪن جون ثقافتيون جي اصر سبب سندن کي پنهنجي نڄ سنڌي ثقافت کي يقينن پري ٿي ڪري. ويس وڳا به هو ملجندي ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهون جيڙها پائن.

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پڃاڙيءَ جي ستر سالن ۾ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين جي مول ثقافت ڪنهن ڪدر ڪمزور ٿي آهي. وري سنڌي سماج ۾ هميشاه ئي اهو ذور رهيون آهي ڪنهن هڪ ثقافت جي پوئيلڳ ٿيئڻ جو. مثلن عامل ته عاملن واري ثقافت، درياپنٿي درياپنٿين ۾ ئي گھڻوتڻو ملن جھلن وغيراه. حالتيون ايترون خراب ڪون ٿين ها جيڪر اسين ٻوليءَ سان واٽ نه ڇنئون ها. اهو ممڪن آهي ته ان لاءَ سنڌي جي عربي لپي زميوار هجي. هندستان جي سنڌين کي ڀلي هو ڪچڇي لوهاڻو هجي، ڪچڇي رباڙي هجي، ڪچڇي مسلمان هجو يا وري رواجي سنڌي هجي، اها ٻولي ئي آهي جيڪا هڪ سُتر ۾ ڳنڏي ٿي ۽ جيڪر اها  ڏور ئي نه نٿي رهي ته اسين ثقافت کي ئي پنهنجو پنهنجو سماج جي لڇمڻ ريکا ٿا پيا سمجھوئون.

سنڌي ۾ هندو برادري جي جيڪر ڳاله ڪجي ته اتي  هينئر حالتيون انتهائي خراب آهن. سنڌ جي هندو برادي  جام لڏپڻ پيا  ۽ هاڻي ته اها رواجي ڳاله ٿي پئي آهي. اميد ته اها پئي ڪجي ته ورهانڱي جو ڳوڙ نيٺ ماٺ ٿيندو پر سنڌ لاءَ ايئن ڪون پئي ٿيو. هيئر ان ڳاله به پڪ آهي ته ايندڙ ڏهاڪي کن ۾ لڳ ڀڳ پوري سنڌ ۾ پڙهل گڙهل هندو رهندا ئي ڪونه. رهندا ته رڳو اهي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مجبوري سبب نه پيا لڏي سگھن. جيئن جيئن سنڌ مان سنڌي لڏندا ويندا ان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ کان ڪنهن ڪدر پري ٿيندا ويندا. سو رڳو ثقافت تي جيڪر اسين پاڻ کي سنڌي سڏائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته سايد اها واٽ ڏنهنهو ڏنهن ڪمزور ٿيندي ويندي ۽ هڪ ڏنهن اسين رڳو نالي جا سنڌي وڃي رهنداسين.

سنڌ جي سنڌي مسلمانن  لاءِ اهي مسئلا ناهي. ڇا ڪاڻ ته هو رڳو هڪ صوبي ۾ ئي وسيل آهي. پرڏيه ۾ به جيڪر وسيا آهن ته تمام ٿوڙا. . وري سندن جي گھڻائي آهي سنڌ جي ڳوٺن ۾ سو جيڪر ثقافت کي ئي سنڌي پڻي جو هيڪلو ماپڊنڍ ليکيو وڃي ته به هندن جي ڀيٽ ۾ فنا ٿيئڻ جو خترو ايترو ناهي.

هندستان ۾ هندو پنجابين کي جيڪر ڇڏي ڏجي ته سايد لڳ ڀڳ هر قوم پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي ٻولي سبب ئي آهي. لوڪ مانه تلڪ جڏهن مراٺين ۾ ڳڻيش پوڄا جو رواج وڌو ته به پنهنجي ٻولي کي ڪون وسارو، ساڳي ريت دادا رام پنجواڻي جو سنڌي ايسٽ ديو سائين وروڻ ديو پوڄا جو رواج ٻوليءَ جي قيمت تي ڪون اڳتي وڌايو، پر ٻين سببن اسين ٻوليءَ کان پري ٿيندا وياسين  جن مان وڏو سبب هو لپي جي. جيڪر لڏپڻ جي يڪدم بعد اسين ديوناگري لپي تي ڪنهن ڪدر ذور ڏيئون ها، ٿوڙو جاکڙو ڪيون ها جيئن مراٺين يا گهراتين ڪيو ته سايد ايڙها ڏنهن نه ڏسڻا پون ها جيڪي اسين اڄ ڏسي رهيا آهيون. هندستان جي سنڌ سان سٽيل سرهدن خاص ڪري ڪچڇ ۾ به ان عربي  لپي جو واهپو ڪون آهي جنهن تي اسين ايترو هل ڪيوسين. بس سنڌ کان پري ٿيئڻ ڪنهن به هد تائين قبول ڪون هو سو ان سان ڳنڍڻ جي چاه اسان کي پنهنجن کان به پري ڪري چڏو.

چوڻ جي لاءِ ته هندو پنجابي به پاڻ کي پنجابي ڪوٺائين پر سندن پنجاپڻي ۾ ۽ سکن جي پنجاپڻي ۾ فرڪ آهي. هندو پنجابين کي ڪو پنجابي ليکي نه ليکي پر سکن کي ضرور ليکندو ڇا ڪاڻ ته سندن هٿ ۾ ٻولي آهي ، جيڪو سندن پنجاپڻي کي هاٿيون پکتو ٿي ڪري. اهو فيئسلو اسان کي هيئر ڪرڻو آهي ته اسين پاڻکي ڪيڙها سنڌي ٿا ڪوٺائڻ چاهيو، ڇا ڪاڻ ته هندستان ۾ اسان کي حڪ تڏهن ملندا جڏهن اسين پنهنجي ڳڻپ پنهنجي وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، اسان جي وجود لاءَ ڀلي سنڌ تمام ضروري هجي پر ان کان به وڌيڪ ضرورت ٻوليءَ جي آهي جنهن سبب اسانجي ثقافت هاٿيون پکتي ٿيندي ڇاڪاڻ ته اها ٻولي ئي ٿيبدي آهي جيڪا ڌاري ثقافت جي اسر کان بچائيندي آهي . سو اهو تمام ضروري آهي ته اسين هندي ، توڙي انگريزي کي پنهنجي گھرن مان ڪڏيون نه ته اهي ڌاريون ٻوليون اسانکي پنهنجي ثقافت کان پري ڪندي.. جيڪر رڳو ثقافت سان ئي قومن جو وجود ڪايم دايم رهي سگھجي ها ته حڪومتيون به ٻولي تي ايترو ڌيان ڪون ڏين ها.

هندستان ۾ لڏي آيل سنڌي هندو جڏهن پنهنجي ٻوليءَ لاءَ جاکڙو پئي ڪيو ته سائين جيرامداس دولترام هڪ تمام بنيادي ڳاله ڪئي هئي ته “ٻولين جي سڌي سهئين واٽ عوام سان آهي نه ڪي زمين سان سو سنڌي ٻولي هندستان ۾ تسليم ڪئي وڃي” هاڻي هندستان جي سرڪار ان ڳاله کي ڪيترو مول ڏنو هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سسبت اها ته خبر ناهي  پر اها هڪ سٽ آهي جنهن تي دنيا جي ڪنڊ ڪورچ ۾ رهندڙ سنڌي کي سنڌي ٻوليءَ ڏانهن ڇڪڻ لاءَ ڪافي آهي.     

اڄُ ان جي تمام ضروري آهي ته اسين هندوستان ۾ بچيل سنڌ توڙي سنڌين کي سوگھو ڪيون نه ته وقط جي مار سبب اسين به فارسين واڱر ڳڻ جيترا ۽ نالي لاءِ ئي بچينداسين. اڄ اهو تمام ضروري آهي ته هر ان سنڌين کي پاڻ ساڻ ڳنڊيو وڃي جنهن جو واستو سنڌ توڙي سنڌي ٻولي سان آهي چاڪاڻ ته ثقافتيون مٽنديون رههنديو پر  ٻولي چريجيوي  رهندييون آهن عمر رهنديون آهن  ڇا ڪاڻ ته ٻوليون مرنديون ناهن پر وساريون وينديون آهي.
سنڌي قوم جو وجود ٻولي سبب آهي نه ڪ کاڌي، ڏڻ وار يا وري سنڌي ٽوپي يا اجرنڪيون تي ڇا ته اسانجو وهنوار مٽي ٿو سگھي پر ٻولي نه.
فيسئلو اسان کي ڪرڻو آهي ته ڪيئن ۽ ڪنهن ريت اسين ان ٻوليءَ توڙي ثقافت  جي مونجھ مان پنهنجي سڃاڻپ کي ڪايم رکي سگھون. ان جي ضرورت جيتري درياپنٿي کي آهي اوتري عامل، ڀائبنڌ، دليت توڙي ڪچڇيئن کي آهي، چاڪاڻ ته ٻوليون کان سواءِ قومءَ وڌيڪ ڏنهن جنداه نٿا رهي سگھن.