سنڌ ۾ هن سال نومبر 19 ۽ 20 تاريخ ثقافتي ڏنهن جي تاريخ مڪرر ڪئي وئي. ثقافتي ڏنهن جي هيءَ ٽهي ورسي هئي. پر اجيب جيڙهي ڳاله ته اِها آهي جي ان ڏنهن جي ڪا به هيڪلي تاريخ مُڪرر ناهي. سنڌ ۾ امالڪ سنڌي ثقافت جو ڏوهاڙو مڃائڻ جو سبب به ڪو گھٽ دلچسپ ناهي. ڳاله شروع ٿي پاڪستاني سدر آصيف علي جرداري ءَ جي سنڌي ٽوپي پائي افغانيسٿان جي سدر سائين حميد ڪارزائيءَ جي ٻهي سدر چونڊڻ سبب سپٿ جي معڪي تي شرق ٿيئڻ جي . ڪن اردو اخبار جي اينجوي ان معڪي تي پاتل سنڌي ٽوپيءِ تي ايتراز پئي اٿارو. سندس مڃڻ هو ته ڇو ته سدر پاڪستان جي نمائيدگي پيو ڪري سو اهو لازمي تو ٿئي ته هو پاڻ کي هڪ پاڪستاني جي لباس ۾ پيش ڪري، نه ڪي ڪنهن مختليف ڪوم جي لباس ۾. سنڌي ميڊيا ۽ خاص ڪري سنڌي ميڊيا جو وڏي ۾ وڏو گھراڻو ڪي ٽي اين وارن ان اردو ميڊيا جي ايتراج تي جام هل پئي ڪيو. اها ڳاله هئي 21 نومبر 2009 جي. ان هل جي منجھ ڪي ٽي اين ان سال 6 ڏسمبر 2009 جو سنڌي ثقافري ڏوهارو مڃائڻ جو فيئسلو ڪري ڇڏو. ان ڏوهاڙي تي سنڌي سنڌ ۾ جتي ڪٿي سنڌي ٽوپي توڙي اجرڪيون پائي خوشيون مڃائيندي ڏيکارا ويا. ان ٽن سالن ۾ فرڪ رڳو ايترو رهيوآهي جي هن سال سنڌي جي هڪ اهم اخبار اوامي آواز به ان ۾ سيڙجي بيٺي.
ان ڳاله ۾ سايد ئي ڪو شڪ آهي سنڌ ۾ خاص ڪري سنڌي مسلمانن جيڪي مول سنڌي آبادي جا 75 سيڪو ٿين ٿا، سنڌي ٽوپي توڙي اجرڪيون کي يقينن پنهنجي هڪ نڄ سڃاڻپ ڪري مڃيندا آهن. اڙهو ورلي ئي ڪو سنڌي ميڙو پئي لڀندو جتي اجرڪيون نه پئي نظر اينديون، ڀلي اهو ميڙو سماجڪ، ثقافري توڙي ادبي هجي، جتي به ڏسو سنڌي ٽوپي، توڙي اجرڪيون پائي سنڌي گد گد ٿيندي پئي نظر ايندا. سنڌي سنڌ ۾ وهاءُ وڌائون ۾ به اجرڪيون جو جام استمعال ڪن. چوڻ لاءِ ته اجرڪيون رڳو هڪ لٽو آهي جنهنجي ڊگھايپ مس جيڙهي 2.5 کان 3 ميٽر ٿئي ٿي، پر جنهن حساب جو جوش سنڌي مسلمانن ۾ ڏسن ۾ ايندو آهي سو ڏسڻ لائيڪ آهي. سنڌ کان سواءِ سنڌي ٽوپي توڙي اجرڪيون جي استمعال جا ڪي خصوسي الاڪا ٿين ٿا مثلن سنڌ جي اتر ۾ وسيل پنجاب جو سرائيڪي الاڪو ۽ هندستان ۾ ڪچڇ ۽ جيسلمير. پر وائيڙو ڪندڙ ڳاله ته اها آهي اجرڪيو هميشاه ئي سنڌين جي مسلمانن برادري ۾ ئي استمعال ٿين ٿيون. جيڪر اجرڪ لفظ جي به ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ته ان لفظ بابت جي جھجھي ڳوجھايپ آهي . عربي ۾ جيتوڻيڪ ايڙهو هڪ لفظ يا ان سان ملندڙ جھلندر لفظ آهي جنهن جي واٽ نِري رڱ سان ڳنڍي ويندي آهي. پر اجيب جي ڳاله ته اها آهي ته عربن ۾ ان جو واهيپو ناهي. اهي استمعال رڳو سنڌ توڙي سنڌي الاڪن ۾ ئي ٿئي ٿو. ڪي ته وري ان کي مئن جي دڙي جي ماڻهون جي لباس سان ڳنڊي ڏسندا آهن. کير جيئن به هجي پر ان ڳاله ۾ سايد ڪو شڪ آهي ته اجرڪيو سنڌ ۾ سنڌي ثڪافت جي هڪ اهم سڃاڻپ ٿي اڀري آهي.
هاڻي مول سوال اهو آهي ته هينئر ڇو ؟ ڇو هاڻي ايڏو هل پيو ڪيو وڃي ؟ ڇا سنڌ ۾ سنڌي ثقافت تيي ڪا روڪ آهي ؟ته پوءِ هاڻي ايتري هائي گھوڙا ڇو ؟ هندستان ۾ جيڪر ڏسجي ته هندستان ۾ 100 کن ٻوليو آهي ۽ 400 کن مختليف قوميون آهن . هٿون جا سياستداد گھڻو تڻو پنهنجي الاڪي جي ثقافتي لباس ۾ ئي نظر ايندا آهن. بنگالي ڌوتي ۾ ته تمل اڇي لنگي ۽ اڇي خميسءَ ۾ يا وري اتر هندستان جي هندي ڳالهئندڙ سٿڻ ڪڙتي ۾ . پر جڏهن هو پرڏيه وڃن ته پنهنجي الاڪي جي پوشاڪ توڙي وڳا ڪون پائن پر هڪ هندستان جو قومي وڳو پائين. سوال هت اهه ته پوءِ سنڌي سياستداد ايئن ڇون پيا ڪن. ؟ ڇو امالڪ ايتريون خوشيون ؟ جيڪڏهن پاڪستان جي وجود تي فڪر ڪري ٿو سگھجي ٿو ته پوءِ پاڪستاني لٻاس تي ڇو نه ؟ ڇا هي پ پ پ جو سنڌ ڪارڊ جو هڪ حصو آهي؟
هڪ لڱي ڏسجي ته ان ڪو به شڪ ناهي ته پڇاڙيءَ جي ست ڏهاڪن کان سنڌ توڙي سنڌين سان ڪنهن ڪدر نا انسافيون ٿيو آهن. سڀني کان پهرون وارو پاڪسٿان جي وجود ۾ اچڻ بعد ٻوليءَ تي ٿيو ۽ پوءِ وارو آيو سنڌي ثقافت جو. اها ڳاله نه وسارڻ گھرجي ته جڏهن ملڪ جي اهم سياسي احدن تي ويٺل اڳواڻ چون ته “سنڌين جي ثقافت آهي ئي ڇا اٺ هاڪڻ کان سواءِ” ته يقينن ان مولڪ جو پنهنجي ماڻهن لاءِ ورتاءُ ڏاهن ئي شڪُ پيدا ٿيندو آهي . سو جڏهن به اڙهي ڪو معڪو اچي ٿو جن ۾ سنڌين جي ڪنهن به خصوسي نشاني تي وار پيون ٿيندي ڏسجي ٿو ته، سنڌين جي ڪاوڙ ٻاهر اچڻ ۾ پل ڀر جي دير نٿي لڳي. پر 6 ڊسمبر 2009 کي جنهن نموني پيش ڪيو ويو سو ڪنهنجي به ذهن ۾ شڪ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ڳاله ڪجي ٿي سنڌي ميڊيا جي جيڪي هئير سنڌي ثقافت جي باني ، رهبر ٿي نظر اچي. سنڌي ميڊيا جي سنڌي ٻوليءِ توڙي ثقافت ڏانهن ڪيتري تاتءَ آهي اها ان ڳاله سان لڳائي سگھجي ٿي جي سندن اشتهار مان 90 سيڪڙو اردو ۾ نثر ڪيا ويندا آهن. هندستان ۾ جدا جدا ٻوليون جا نِجي چينيل جڏهن پهرون پهرون نثر ٿندا هئا ته سندن ۾ به اشتهار هندو توڙي انگريزي ۾ ئي ٿيندا هئا پر جلد ئي هو پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ نثر ٿيئڻ لڳا نه ڄاڻ سنڌي ۾ اهي ڏنهن ڪڏهن ايندا. الاءِ اهي ڏنهن ايندا به ڪي نه ؟ .هندستان ۾ جيتوڻيڪ مختليف ٻوليءِ ۾ سندس اشتهار پوءِ ٺاهيا ويا ۽ اڄ هو انهن ڪمن ۾ تمام گھڻو اڳتي وڌي ويا آهن. جيستائين ڳاله ڪجي ڪي ٽي اين جي ته اهي به ڏنهن سايد ڪنهن کان وسريا ناهن جڏهن ان ساڳي ڪي ٽي اين چينيل جي سنڌي سمجھڻ هندوستاني سنڌي ته ڇا سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين جي وس کان ٻاهر هئي. ايترا ته عربي فارسي لڦظ اردو ۾ به نه استمعال ٿيندا هوندا جيترا ڪي ٽي اين شروع پنهنجي چينيل ۾ ڪتب پئي آندا. جيستائين ڳاله سدر جي آهي ته سندس پارٽي هميشاه ئي سنڌي ڪارڊ پنهنجي فائيدي ۾ استمعال ڪيو آهي پر جڏهن حقن جي ڳاله ايندي آهي تڏهن سنڌين عوام سميشاه ئي پنجابي توڙي مهاجرن کان پوئيتي ئي رکيوويندو آهي، ڄڻ سنڌي رڳو پنجابين ۽ مهاجرن کي خوش ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي خوش ٿا سمجھن. اها ڳاله جرداري جي نسبت بخوبي ٿي چئي سگھجي ڇا ڪاڻ ته جڏهن سڄي سنڌ پاڻي هيٺ ٻوڏل هئي ته هو لنڊل جي سک پيو ماڻي. وري هن سال به جڏهن ساڳيو منظر پئي نظر آيا ته سدر جو سنڌين ڏانهن وهنوار ۾ ڪو به فيرو ڪون آيو. سنڌ پر سال واڱر هن سال به اي جو او جي رهمو ڪرم ۾ ئي ٻوڏ جي حاليون کي پئي منهن ڏنو.
سنڌي ثقافتي ڏوهاڙي ۾ هڪ ٻيو به نالو بُلند ڪيو ويو سو هو ايڪتا جو. هڪ لڱي ڏسجي ته سنڌي ۾ ايڪو ناممڪن به ناهي. ننڊي کنڊ جي مکتليف قومن ۾ سنڌي هيلڪو ڪوم آهي جنهن به مسلمانن جي گھڻائي هجڻ جي باوجود ڪا خاص پولرائيجيشن ڪون آهي. اهو ئي نه پر سنڌ مان هندن جي لڏپڻ جي باوجود اڙهو ڪو به سنڌي هندو ورلي لڀندو جيڪو ورهاڱي جي فسادن جو ڏوه سنڌي مسلمانن تي مڙهندو. پر ان جي باوجود سنڌين ۾ جنهن ايڪي جي گنجائيش هئي اميد هئي سان ڪون ملي. ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ سنڌي هندوستان توڙي پاڪستان جو مختليف ايجينڊا پئي پرو ڪن. پر ميڊيا هندو مسلم ايڪي جي نانءُ تي ڪڏهن به پنهنجا هٿ پير ڪون پسارا اٿئين. ميڊيا سنڌي مسلمانن ۾ ايڪي جي ڳاله ڪري ٿي ته ڳاله ٻئي آهي باڪي رواجي طور جيڪر ڏسجي ته سنڌين منجھ ڪنهن به ايڪي کي هندن جي لڏپڻ ٻيو ڪجه نه ته منهن ڪارو ضرور پئي ڪيو آهي. سنڌي دليت جيڪي اڄ سنڌ ۾ بچيل هندو براديءَ جا 75 سيڪڙو آهن ،تنهن جي ته جي ڳاله پري آهي. اهو سڀ ان جي باوهود جي هندن جي لڏپڻ سبب نڪسان سنڌي مسلمانن جو به جام ٿيو آهي. جيڪر ان نجي چينيلن جي ڳاله ڪجي ته سندن وهنوار ڪنهن ڪدر سمجھ کان پري آهي. ٻيو ڪجه نه ته رڳو ان چينيلن جي ئي ڳاله ڪجي ته سندن سايد ئي ڪو ڪوريج اڻ مسلمانن کي ڏنو آهي (عوامي آواز کان سواءَ)، ڀلي اهي سنڌي سنڌ ۾ رهن يا سنڌ کان ٻاهر. اهو صاف آهي ته آهي ته ميڊيا جو ڊرامي جو اهم مقصد سنڌي ثقافت نه پر پنهنجي اخبابر توڙي ٽي وي چينيلن جي گراهڪن کي وڌائڻ جي ڪوشش هئي.
ثقافت جي نظريئي سان جيڪر ڏسجي ته ننڊي کنڊ ۾ ورلي ئي اڙهو ڪو قوم لڀندو جيڪو سنڌين واڱر ايترون مکتليف ثقافتيون جو وارث هوندو. سنڌ ۾ هڪ پاسي سنڌي مسلمان ته ٻئي پاسي هندو توڙي دليتءَ. وري هندستان ۾ جدا جدا ايلاڪن ۾ رهندڙ هندو سنڌي (درياه توڙي نانڪ پنٿي) ته ٻئي پاسي ڪچڇ توڙي جيسلمير جا هندو ۽ مسلمان سنڌي. وري ڪير ٿو وساري سگھي سنڌي عاملن کي جيڪي دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ وڃي وسيا آهن. هو ته اڙهن ايڙهن ملڪن ۾ وسيا آهن جن جو گھڙڻ رواجي سنڌين نالو تائين ڪون ٻڌو هوندو.
جڏهن اڏي وڏي الاڪي ۾ ڪو به ڪوم رهندو ته اهو ممڪن آهي ته هيڪلي ثقافت جي نمائيدگي نه ڪندو. پر ان جي باوجود هيڪلي ثقافت جي ذور تي سنڌي قوم جي سنڌين جي سڃاڻپ ڪايم ڪرڻ جون جام ڪوشش ٿين پيو خاص ڪري پڇاڙي ءَ جي ستر سالن ۾ اهو گھڻا گھمرا ڏٺو ويو آهي. ان جي وڏي ۾ وڏي مثال هندستان ۾ هندو درياپنٿي آهن توڙي سنڌ ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪيون جا پوئيلڳ آهن. ان ڳاله ڪو به شڪ ناهي ته جھوليلعل جي سايه هيٺ هندستان توڙي پرڏيه۾ سنڌين جو هڪ وڏو تبڪعو هڪ ٿيل آهي پر ان ڪوشش ۾ اسين ڪچڇ توڙي جيسلمار وارين کان پري ٿي وياسين. ڪچڇ ۾ سڀ ڪچڇي درياپنٿي ڪون ٿين . هت سائين وروڻ ديو پوئيلڳ رڳو ڪچڇي لوهاڻي ٿين باڪي ٻيا ته ماتا هنگلاج يا وري ماتا آشاپورا ۽ ٻين ماتائون کي پُجندڙ آهن. ڪجه ڏنهن اڳ فيسپوڪ تي به آئون هڪ پوشٽ پڙهو. ان پوشٽ جي لکندڙ جو ڇوڻ هو ته “سائين هندستان جا هندو سنڌي وري سنڌي ڪيئن ڪوٺبا ؟. هو اجرڪيون ته ڪون پائين” اڙهها رايا ان جو سبوت آهي ته ڪنهن خاص ثقافت جي پوري سنڌي قوم جي سڃاڻپ سان پيو ڳنڍيو وڃي. هندستان ۾ وري ڏسجي ته سنڌي نوجوانن کي سنڌ جي سنڌين بابت نه جي برابر آهي، سواءِ ان جي ته سندن وڏا سنڌ مان لڏي آيا هئا. سنڌ ته ڇڏو، کين هندستان جي ڪچڇ توڙي راجستثان جي جيسلمير ۾ رهندڙ سنڌين جن ۾ هندو به آهي ، تن بابت به ڄاڻ نه جي برابر آهي. اها پوري سنڌي ڪوم جي بدقسمتي آهي ته ورهاڱي جي نڪسان جي باوجود اسين ساڳي ٻولي توڙي ساڳي اتهاس جي باوجود ڪا به ايڪي جي گنجائيش ڪون رکي آهي. اهو سڀ ان لاءِ ٿيو آهي ڇو جي اسين جنهن نموني پاڻ جي پيش ڪيو آهي خاص ڪري پنهنجي نئي ٽهي جي اڳيان. سنڌ سنڌين جو مرڪج آهي، هو ۽ مستقنل ۾ به شال رهندو. پر ان سوچ جي باوجود سنڌ ۾ سنڌي مسڊيا ڀلي اها پرنٽ هجي يا ايلڪٽرانڪ ميڊيا سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين کي پنهنجي مادري وطن سان ڳنڏڻ جي ڪا به ڪوشش ڪيو پئي ڪئي آهي. پرڏيه ۾ رهنددڙ ته پري سنڌ ۾ به هندو برادري کي اهو ئي ڪوريج پيو ملندو آهي جي ڪنهن ڌاري ڪوم کي ڏنو پيو وڃي. . ڪاوش ، خبر ناهي ته ڪڏهن ڪوريج سنڌ جي ٿوڙائي واري ڪوم ئي ڏنو هوندو. آوامي اواز جي ڳاله جيتوڻيڪ ڌار آهي جيهن ڪنهن هد تائين هندو کي اڃا به ياد رکيو آهي. پر جڏهن اهي ميڊيا وارا ايڪتا جي ڳاله ڪندا آهن ته ذهن ۾ هڪ سوچ يقينن ايندي آهي ته اها ايڪتا ڪيڙهي فرڪن جي تهت ڏٺي ٿي وڃي. سِئن توڙي سُني منگھءَ يا سياسي طور پ پ پ ۽ قوميپرستن منگھ يا وري سنڌي ٽوپي اجرڪيون پائيندڙ توڙي نه پائيندڙن منگھ.سنڌ ۾ به ڪنهن به اخبار کولي ڏسجي ته هندن بابت ذڪر تڏهن ٿو اچي جڌهن هندون تي ڪنهن ڪاه سبب جان توڙي مال جو نڪسان تو ٿئي يا کڻي ڪو هندو اغوا ٿيو هجي يا نه ته ڪي هندو هندستان ڏانهن لڏي ٿا وڃن.
سنڌي مسلمانن جي ڀيٽ ۾ سنڌي هندن ۾ ثقافتن جو مسئلو تمام وڏو آهي. ان جا سبب به سمجھڻ ڪو اوکا ناهي. هو دنيا جي جدا جدا ملڪن رهن ٿا سو تمام گھڻي ثقافتيون جي لهوڇوڙ ۾ اچن ٿا. پر بدقسمتيءَ سان سنڌي ان جدا جدا ثقافتيون کي هڪ سُتر ۾ ڪون ڳنڍي سگھيا آهن. جيتوڻيڪ هندو هند توڙي دنيا ڀر ۾ پنهنجي اسٽ ديو سائين جھولي لعل جي نانءُ جي هڪ پئي نظر ايندا پر ان جي ان حقيقت لڪه ٻئي آهي . ڪچڇ جا هندو ايئن ته ڏسڻ ۾ توڙي هلڻ چلڻ ۾ نڄا گجراتي پئي لڳندا پر ڳالهائندا سنڌي يا سندن موجب ڪچڇي . وري ننڊِ کنڊ کان ٻاهر سنڌين جي وڏي آبادي رهي تي جيڪا الهندي جي ثقافت جي جام ويجھو ٿي چڪي آهي يا کڻي چئجي ويسٽنايج آهي. اسين جيڪر اميد ڪنداسين ته هو سنڌ مان لڏي آيل هندو برادي ءَ واڱر ٿي رهن ته اهو هيئنر ممڪن ناهي. وري جيڪر ڪچڇ جي هندن جي ڳاله ڪبي ته هو ڀلي ئي جھوليلعل جا پوئيلڳ هجن پر سندن ثقافت هندو گجراتين جي تمام گھڻي ويجھو آهي. چوڻ لائي ته هو به لوهاڻا آهن ۽ اسين سنڌ مان لڏي آيل سنڌي به ساڳي جات جا چيا ويندا آهيون پر وقط سان اسان جي جام تبڌيلي آهل آهي. ان کان سواءِ ڪچڇ جا دليت هندو آهن جيڪا هت متائون جي تمام گھڻي ازت ۽ مان ڪن ڀلي اهو هنگلاج هجي يا ماتا آشاپورا. ان دليتن ۾ وري ڪي مينگھواڙ ته ڪي ڀيل يا ته ڪي رباڙي. پڇاڙيءَ ۾ جيڪر ڪچڇ جي مسلمانن کي ڌسجي ته هت به سنڌي مسلمانن واڱر پرن کي مڃڻ جي جي روايت آهي. ان جو اڄ تمام گھڻي ضرورت آهي ته اسين پنهنجي ثقافت جي واهپي کي وڌايون جيئن هڪ ٻئي جي ڪنهن ڪدر ويجھو ٿي سگھوئون. اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسين اسين ٻوليءَ جي سائي هيٽ تمام سنڌين کي ڳنڍيو ويندو. جدا جدا ثقاتيون سان مسئلا ٿيندا آهن پر جيڪر اسين ثقافت کي ئي مول سڃاڻپ ڪري ليکينداسين ته اسين سسندا ئي رهنداسين جيئن هيئر ڏسجي ٿو.
هڪ کان گھڻيون ثقافتيون هميشاه ئي ڪنهن به قوم لاءَ هڪ وڏي چونئوتي ٿيندي آهي. هيئر ته يوروپ جي ملڪن ۾ به پيو مڃيو ٿو وڃِي ته گھڻيون خاص ڪري اڻ الهندي جي ثقافتيون جي ڪبول سندن عوام ڪون ڪري سگھيا آهن، جنهن اسولن بابت هو فڪر ڪندي ڪون ٿڪبا آهن. ويجھڙائيءَ جي جرمن چانسلر شمري انجيلا مارڪيل ۽ فرانس جي راشٽرپتي (سدر) به ان ڳاله کي صحيح مڃي آهي. اميريڪا ۾ ان گھڻيون ثقافتيون بابت هڪ ڌار لفظ جو استمعال ڪيو ويندي آهي مثلن “ميلٽنگ پوٽ” ياني ڳرئيندڙ ديگڙو، پر حقيقت ۾ اميريڪا ۾ هرڪو ڪوم يا ثقافت ڳڏجي پگھرجي ڪون ٿي پر اوله جي ثقافت ۾ پگھڻ لاءِ مجبور ڪئي ويندي آهي.وري ٻوليءِ سان به ايئن پيو ٿئي انگريزن جي اچڻ مهل 40 سيڪڙو انگريزي ڳالهائندا هئا پر هيئر انگريزي جو ڳالهائندڙن جي ڳڻپ 87 سيڪڙو آهي. اڄ به جيڪر اميريڪا ۾ وسڻ يا رهڻ جي خوئيش رکجي ته انگريزي ٻوليءَ جا نهايت اوکا امتهانءَ ٿا ڏيئڻا پون. ساڳيو ئي حال يوروپ جي مختليف ملڪن جو آهي. يوروپ ۾ هميساه ئي ٻوليءَ کي ثقافت سان ڳنڊي پئي ڏٺو ويو آهي. انگريزءَ ڀلي هندستان ۾ ڪا به ٻوليءِ جي روڪ ڪون لڳائي پر جتي جتي هو پاڻ وسيا مسلن اميريڪا، ڪينيڊا، اسٽرليئا يا سائوٿ افريڪا اتي انگريزي ٻوليءَ به ڏيهي ٻوليون جو جام نڪسان ڪيو. اڙهي ڳاله ناهي ته سندن رڳو پرائي ٻوليءَ سان ويل ڪيا آهن.هنن ته پنهنجي ٻوليءَ کي به ڪون بخشو آهي. مثال جي ڳاله ويلس ٻولي جيڪا انگليڊ جي اتر ۽ اتر اوله ۾ پئي ڳالهائجي ، تنهن ٻوليءَ تي به پرتيبنڌ لڳايون ويو. فرانس ۾ به ايئن جام ٿيو. هندستان ۾ هندي اردو جي پاڻ ۾ جاکڙي مهل چڱيو ٻوليون ناس ٿيو، وري آزادي بعد ته هندستان ۾ ڀلي نه به ٿئي پر پاڪستان ۾ جام ٻويون کي نڪسان ٿو پڄايو وڃي. اميريڪا اڙها به ڏنهن هوندا هئا جڏهن انگريزي نه ڳالهائڻ تي انهن ماڻهن جون ڄٿيو وڍيون وينديون هئون.
جيڪر يوروپ جي ثقافتيون کي بارڪيه جي جاچينداسين ته هڪ ڳاله پڪ ساموهن ايندي ته هو ٻوليون کي سماج توڙي سڃاڻپ جو هڪ اهم حصو مڃندا آهن. پر سنڌين سان ايئن ناهي. سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين ۾ پنهنجي ٻولي سان وفاداري توڙي سِڪ ڪنهن ڪدر ڪمجور ئي رهي آهي. افسوس جي ته اها ڳاله آهي ته اڙهو ساڳيو منظر هند توڙي سنڌ جي مکتليف شهرن خاص جري ڪراچي توڙي حيدرآباد يا هندستان جي مختليف شهرن ۾ پيو جام ڏسجي. ايئن ته هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واهپي جي نسبت چڱو لکيو ويو آهي پر ننڊي کنڊ جا ٻاهر رهندڙ سنڌين بابت تحقيق تمام ٿوڙيون ئي ٿيو آهن. ان اڱريون تي ڳڻڻ جيڙهيون کوجنائون ۾ هڪ آهي سريمتي مايا کيملاڻيءَ جي کوجنا . ادي مايا مليشيا جي ڪوالا لامپور شهر جي ملايا يونوسٽي ۾ ٻولي ۽ ڀاشاساتر جي وڀاڳ ساڻُ ڳنڍيل آهن. ادي مايا ڏکڻ ايشيا جي جدا جدا ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين جي ثقافت توڙي ٻوليءِ بابت تهقيق ڪئي آهي جنهن جا وڇوڙ تمام ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. ان تهقيق ۾ ادي مايا جيڪا سوال سکيا سي ڪجه هن ريت آهي
· ڪيڙهي ٻولي اوهان وڌ ۾ وڌ پئي ڳالهائو........سنڌي ؟؟
· جيڪر اوهان سنڌي نٿا پيا ڳالهائو ته ڇا اوهان پاڻ کي ڪنهن ڪدر گھٽ سنڌي پيا مهسوس ڪيو ؟
· ٻوليءَ کان سواءِ اوهان کي اڙهي ڪيڙهي ڳاله ۾ پنهنجو سنڌيپڻو پيو مهسوس ٿئي ؟؟
ادي کيملاڻيءَ کي جيڪي جواب مليا سي وائيڙو ڪندڙ هئا. 33 جڻن مان 17 جڻن جي ليکي سنڌي ثقافت لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻ لاظمي ناهي. روڳو 14 جواب ڏيندڙن جي ئي مڃڻ هو ته ٻولي سنڌيت جو هڪ اهم حصو آهي جڏهن ته هيلڪي ماڻهو جو ان سوال لاءِ ڪا پڪ رايه ڪون هئي.
جن جي ليکي سنڌي ٻوليءَ جو سنڌي ثقافت سان ڪنهن به ريت سنڌي ٻولي ڳنڏيل ناتي لاءِ سنڌي هئڻ جا سبب ڪجه هن ريت آهن
سنڌي کادو
ڪنهن به قوم جو خسوسي کادو ڪنهن ڪدر مختليف ٿئي ٿو. کاڌي بابت ڪجه وچار هين ريت ڄاڻايا ويا
· هڪ سنڌي ضائيفا ڪينيڊا مان لکيو ته “سبڌي قوم جي هينئر سوڃاڻاپ رڳو سنڌي کادي توڙي سنڌي ڏڻ وار سبب ئي آهي.
· هڪ ٻئي ضائيفا سنگاپور مان لکي ٿي ته سنڌين جو سنڌيپڻو رڳو هينئر سنڌي کادي تي ئي دارومدار تي رکي
· شري لنڪا مان هڪڙي لکيوس ته آئون گھر ۾ سنڌي ماني کائدي مهل ئي پاڻ کي سنڌي قوم جو حصو مهسو پئي ڪيان.
· هندستان مان ساڳي ريت هڪڙي لکيوس ته ٻوليءَ کان پوءِ اها گھر جي سنڌي ماني ئي آهي جنهن سان اسان کي پنهنجو سنڌي پڻو ياد پئي ايندو آهي .
· اسٽريليئا ۾ هڪڙي نوجوان لکي موڪليوس ته مان ڀايان ٿو ته مان سنڌي آهيان ڇا ڪاڻ آئون سنڌي ثقافت توڙي سنڌين جي اصولن تي ايتبار پيو رکندو آهي ۽ ان ۾ سنڌي کادو به هڪ آهي
· هڪڙي ضائيفا ڪينيڊا مان لکي موڪيوس ته مان پاڻ کي سنڌي پئي ليکيا ڇا ڪاڻ ته مان سنڌي ماني پچائڻ ڄاڻا.
· وري پڇاڙيءَ ۾ سنگاپور جي هڪ سنڌي مردءَ جيڪو ڪنهن انگريزي اخبار ۾ مينيجر هو سو ٿو لکي ته جن کي سنڌي نٿي اچي ته لاءِ ٻيون شيون احميت ٿون رکن جن مان سنڌي کادو به هڪ آهي.
سنڌين توڙي اڻ سنڌين ۾ ثقافتيون ۾ فرڪ
· اميريڪا مان هڪڙي لکي موڪليون ته آئون پاڻ کي سنڌي ، پنهنجي سنڌي ثقافت سبب ئي ليکيندو آهيان
· هانگ ڪانگ مان هڪڙي ضائيفا لکي موڪليوس ته مان جڏهن پنهنجي رواجي جندگي ۾ هوندي آهيان ته پاڻ کي هندستاني ڪري مهسوس ڪندي آهيان پر جڏهن ڪنهن هندستاني سان ڳڏبي آهيان ته ماڻ کي هڪ سنڌياڻي ڪري مهسوس ڪندي آهيان.
ساماجڪ لهوچوڙ
پرڏيه ۾ سنڌين جي پاڻ ۾ لهوچو ڪجه هن ريت پئي ٿيندي رهي آهي
· ڳڏجي ماني کائڻ
· سنڌي ضائيفائون جون ڪٽي پارٽيون
· مردر ۾ هڪ هند ڳڏجي سياست جي بهس
· دنيا جي جدا جدا ملڪن ۾ رهندڙن سندن مٽن ماٽن سان رابطو
ان مسئلي جي نسبت جيڪي جواب ادي مايا کي مليا سي ڪجه هن ريت آهن
· سنگاپور ۾ هڪڙي سنڌي جوان جو چوڻ هو ته سنڌي واڻيڪي سنگھ جو ڳڏجاڻيون جيڪي سنگاپور سويمنگ ڪلب (سنگاپور ۾ هندو سنڌين جو هڪ ڄاتل سڃاتل ٿڏو) يا هائي اسٽريٽ سينٽر ۾ ٿين ٿيون سي ڪنهن سنسٿا جو ڳڏڄاڻيون گھٽ ۽ سنڌين جو ڳڏڄاڻيون وڌيڪ ڪري ليکبيون آهن. سنگاپور ۾ جيتوڻيڪ سنڌي ڪي گھڻا ناهين پر سندس ۾ ايڪو جام آهي. اسين ڏئاريءَ تي توڙي ويهائو وڌائون تي گھڻو تڻو ڄاتل سڃاتل ماڻهون سان ئي ڳڏبا آهيون
· هانگ ڪانگ مان هڪڙي لکيوس ته اسين سڱ رڳو سنڌين ۾ ئي ڪيو ڀلي اهو دنيا جي ٻئي ڪنڊ ۾ ڇو نه هجن. ان ۾ اسين فڪر مهسوس ڪيون.
· ڪينيڊا مان هڪڙي ضائيفا لکي موڪليوس ته اسان ۾ ڳڏيل آڪهن جو رواج آهي جنهن سان اسان جي ثقافت جام پکتي تي ٿئي، ڇا ڪاڻ ته وڏن جي گھر ۾ هجڻ سان ٻارن ۾ سنسڪار سهولائي سان ٿا پکتا ڪيا وڃن.
· چين مان هڪڙي لڳي موڪليون ته جيتوڻيڪ اسان کي سنڌي نه به اچي ٿي پي ان جي باوجود اسان ۾ تمام گھڻو ايڪو آهي.
· هانگ ڪانگ مان هڪڙي ضائيفا جيڪا هڪ ڪاليج ۾ ليڪچرر هئي ، سندس مڃڻ هو ته جيتوڻيڪ اسان کي سنڌي نه ٿي اچي پر ان جي باوجود سنڌي ثقافت سبب اسين پاڻ کي سنڌي قوم جو حصو ڪري ليکندا آهيون.
ساماجڪ سخصيت
پرڏيه ۾ رهندڙ سنڌي ، پنهنجو سنڌيپڻو پنهنجي ساماجڪ وهنوار ۾ به جام ڳوليندا آهن. ادي مايا جي سروي ۾ ڪي جوب ان ساماجڪ سخصيت بابت پڻ هئا مسلن
· تمام ٿوڙي وقط ۾ پاڻ کي ٿائينڪو ڪرڻ جي سگھ
· ڪنهن به سماج ۾ گھلي ملي وڃڻ
· سنڌ سان بيهد پيان خاص ڪري ان ٽهي ءَ ۾ جن سنڌ مان لڏپڻ ڪئي
مٿي ڄاڻايل وهنوار بابت سنڌين جي وچار ڪجه هن ريت ڄاڻايا ويا....
· هڪڙي اشٽريلين سنڌي لکو ته اسين پاڻ کي سنڌي ٿا سڏايو اهو سنڌي ڳالهائڻ کان ڪنهن ڪدر گھٽ نه ليکجڻو کپي.
· چين مان وري هڪڙي سنڌي ٿو مڃڻ هو ته اسين اڻ سنڌين ڪوم سان ڪنهن ٻئي ڌاري قوم جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻو رلي ملي وڃوئو. ٻولي نه اچڻ هڪ دڪت ضرور آهي، چا ڪاڻ ته اسان کي پنهنجي وچار رکڻ ۾ توڙي تڪليف ضرور ٿيندي آهي ، پر ٻولي هرو ڀرو اسانجي وجودءَ سان ڳنڍيل به ناهي.
سنڌي نک
پرڏيه توڙي هندستان ۾ سنڌي نُکن کي جام اهميت ڏين. ادي مايا کي سنگاپور مان به هڪڙي سنڌي لکي موڪلي ته سکن سان ئي اسين اهو سڃاڻئون ته ڪير سنڌين آهي ته ڪير اڻ سنڌي. گھٽ ۾ گھٽ پهرين ڀيري ڳڏجڻ کان اڳواٽ ته اها ئي ڳاله سورهان آڃا صحيح سابت ٿيندي آهي.
وري جتي سٺيون ڳالهيون آهن ته وري غلط ڳالهيون لاءِ به سنڌي ڪنهن ڪدر گھٽ مشهورناهين.
شريمتي مايا کيملاڻيءَ جي سروي ڪنهن اهم سچائين سنڌين جي اڳيان رڳيون آهن. ٻوليءَ جو ڏنهن هو ڏنهن گھٽندڙ واهيپو، ٻوليءِ ڏانهن ڪنهن ڪدر لاپرواهي، سنڌي ٽقافت تي ڪنهن ڪدر ذور ۽ سن جو ٻوليءَ جي ڪيمت تي واڌارو ، سنڌ سان ڳنجڻ پر سنڌي ٻولي سان نه .
پرڏيه ۾ رهندڙن سنڌين جو وڏي ۾ وڏو حصو سنڌي عامل جو آهي . ايئن ته عاملءَ هميشاه ئي سنڌين جي ٻئين مختليف قومن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي پاڻ کي ڪنهن ڪدر سحولي ئي سان ٿائينڪو ڪيو آهي. سنڌ ۾ به ايئن ڏٺو ويو. جڏهن مسلمانن جو راجه هو ته سنڌن واڱر ڍگھي ٽوپي پائن ۽ ويس وڳا به سندن واڱر. انهن ڏنهن ۾ هو عربي فارسي جا ماهر هووندا هئا. وري انگريزن جي ڏنهن ۾ جيتوڻيڪ هو بلڪل انگريزن واڱر ته ڪون ٿيا پر وقط سان پنهنجي پاڻ کي ڍالي ضرور ورتو. انگريزن جي ڏنهن کان اڳ هو رڳو حڪومتي نوڪرين تائين مهدود رهيا پر انگريزن مهل ڌنڌن ۾ به پير پاتوئون ۽ هندستان ۾ لڏي اچڻ بعد مالي طور سنڌين مان سڀن کان خوشهال ٿي اڀرا آهن. سنڌي قوم جيڪڏهن دنيا ۾ نالو ڪڏهيو آهي ته ان جو شرييه عاملن ئي لهڻو. سنڌي ٻوليءَ توڙي ثقافت جي نسبت به جيڪر ڏسجي ته سنڌي عامل جو سنڌي ٻوليءَ ڏانهن يوگدان هڪ مثال برابت آهي. سنڌي قوم کي سنڌي عامل برادري جام ليکڪ، استاد وغيراه ڏنا، پر هيئر ساڳي ڳاله ڪون رهي آهي. سنڌن جو واهپيو خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ سان نه جي برابر رهيو آهي. پر جيڪر سندن وڏن کي ڏسجي ته هو اڄ به نڄي سنڌي ڳالهائن. جا کان عاملن مان سنڌي ٻوليءَ جو واهپو گھٽيو آهي تان کان سنڌين ٻوليءَ ۾ به اڳين جيڙهي ڳاله به ڪون رهي آهي. وري جتي ٻوليءَ جو اصر گھٽيو آهي اتي ثقافت به ڪمزور ٿي آهي. عاملن ۾ هيئر هيئر اوله جي ثقافت جو جام اسر آهي. جيتوڻيڪ هندن کائڻ پيئڻ توڙي رسم رواج اڄ به رواجي هندو سنڌين واڱر آهن پر جدا جدا ملڪن جون ثقافتيون جي اصر سبب سندن کي پنهنجي نڄ سنڌي ثقافت کي يقينن پري ٿي ڪري. ويس وڳا به هو ملجندي ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهون جيڙها پائن.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پڃاڙيءَ جي ستر سالن ۾ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين جي مول ثقافت ڪنهن ڪدر ڪمزور ٿي آهي. وري سنڌي سماج ۾ هميشاه ئي اهو ذور رهيون آهي ڪنهن هڪ ثقافت جي پوئيلڳ ٿيئڻ جو. مثلن عامل ته عاملن واري ثقافت، درياپنٿي درياپنٿين ۾ ئي گھڻوتڻو ملن جھلن وغيراه. حالتيون ايترون خراب ڪون ٿين ها جيڪر اسين ٻوليءَ سان واٽ نه ڇنئون ها. اهو ممڪن آهي ته ان لاءَ سنڌي جي عربي لپي زميوار هجي. هندستان جي سنڌين کي ڀلي هو ڪچڇي لوهاڻو هجي، ڪچڇي رباڙي هجي، ڪچڇي مسلمان هجو يا وري رواجي سنڌي هجي، اها ٻولي ئي آهي جيڪا هڪ سُتر ۾ ڳنڏي ٿي ۽ جيڪر اها ڏور ئي نه نٿي رهي ته اسين ثقافت کي ئي پنهنجو پنهنجو سماج جي لڇمڻ ريکا ٿا پيا سمجھوئون.
سنڌي ۾ هندو برادري جي جيڪر ڳاله ڪجي ته اتي هينئر حالتيون انتهائي خراب آهن. سنڌ جي هندو برادي جام لڏپڻ پيا ۽ هاڻي ته اها رواجي ڳاله ٿي پئي آهي. اميد ته اها پئي ڪجي ته ورهانڱي جو ڳوڙ نيٺ ماٺ ٿيندو پر سنڌ لاءَ ايئن ڪون پئي ٿيو. هيئر ان ڳاله به پڪ آهي ته ايندڙ ڏهاڪي کن ۾ لڳ ڀڳ پوري سنڌ ۾ پڙهل گڙهل هندو رهندا ئي ڪونه. رهندا ته رڳو اهي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مجبوري سبب نه پيا لڏي سگھن. جيئن جيئن سنڌ مان سنڌي لڏندا ويندا ان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ کان ڪنهن ڪدر پري ٿيندا ويندا. سو رڳو ثقافت تي جيڪر اسين پاڻ کي سنڌي سڏائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته سايد اها واٽ ڏنهنهو ڏنهن ڪمزور ٿيندي ويندي ۽ هڪ ڏنهن اسين رڳو نالي جا سنڌي وڃي رهنداسين.
سنڌ جي سنڌي مسلمانن لاءِ اهي مسئلا ناهي. ڇا ڪاڻ ته هو رڳو هڪ صوبي ۾ ئي وسيل آهي. پرڏيه ۾ به جيڪر وسيا آهن ته تمام ٿوڙا. . وري سندن جي گھڻائي آهي سنڌ جي ڳوٺن ۾ سو جيڪر ثقافت کي ئي سنڌي پڻي جو هيڪلو ماپڊنڍ ليکيو وڃي ته به هندن جي ڀيٽ ۾ فنا ٿيئڻ جو خترو ايترو ناهي.
هندستان ۾ هندو پنجابين کي جيڪر ڇڏي ڏجي ته سايد لڳ ڀڳ هر قوم پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي ٻولي سبب ئي آهي. لوڪ مانه تلڪ جڏهن مراٺين ۾ ڳڻيش پوڄا جو رواج وڌو ته به پنهنجي ٻولي کي ڪون وسارو، ساڳي ريت دادا رام پنجواڻي جو سنڌي ايسٽ ديو سائين وروڻ ديو پوڄا جو رواج ٻوليءَ جي قيمت تي ڪون اڳتي وڌايو، پر ٻين سببن اسين ٻوليءَ کان پري ٿيندا وياسين جن مان وڏو سبب هو لپي جي. جيڪر لڏپڻ جي يڪدم بعد اسين ديوناگري لپي تي ڪنهن ڪدر ذور ڏيئون ها، ٿوڙو جاکڙو ڪيون ها جيئن مراٺين يا گهراتين ڪيو ته سايد ايڙها ڏنهن نه ڏسڻا پون ها جيڪي اسين اڄ ڏسي رهيا آهيون. هندستان جي سنڌ سان سٽيل سرهدن خاص ڪري ڪچڇ ۾ به ان عربي لپي جو واهپو ڪون آهي جنهن تي اسين ايترو هل ڪيوسين. بس سنڌ کان پري ٿيئڻ ڪنهن به هد تائين قبول ڪون هو سو ان سان ڳنڍڻ جي چاه اسان کي پنهنجن کان به پري ڪري چڏو.
چوڻ جي لاءِ ته هندو پنجابي به پاڻ کي پنجابي ڪوٺائين پر سندن پنجاپڻي ۾ ۽ سکن جي پنجاپڻي ۾ فرڪ آهي. هندو پنجابين کي ڪو پنجابي ليکي نه ليکي پر سکن کي ضرور ليکندو ڇا ڪاڻ ته سندن هٿ ۾ ٻولي آهي ، جيڪو سندن پنجاپڻي کي هاٿيون پکتو ٿي ڪري. اهو فيئسلو اسان کي هيئر ڪرڻو آهي ته اسين پاڻکي ڪيڙها سنڌي ٿا ڪوٺائڻ چاهيو، ڇا ڪاڻ ته هندستان ۾ اسان کي حڪ تڏهن ملندا جڏهن اسين پنهنجي ڳڻپ پنهنجي وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، اسان جي وجود لاءَ ڀلي سنڌ تمام ضروري هجي پر ان کان به وڌيڪ ضرورت ٻوليءَ جي آهي جنهن سبب اسانجي ثقافت هاٿيون پکتي ٿيندي ڇاڪاڻ ته اها ٻولي ئي ٿيبدي آهي جيڪا ڌاري ثقافت جي اسر کان بچائيندي آهي . سو اهو تمام ضروري آهي ته اسين هندي ، توڙي انگريزي کي پنهنجي گھرن مان ڪڏيون نه ته اهي ڌاريون ٻوليون اسانکي پنهنجي ثقافت کان پري ڪندي.. جيڪر رڳو ثقافت سان ئي قومن جو وجود ڪايم دايم رهي سگھجي ها ته حڪومتيون به ٻولي تي ايترو ڌيان ڪون ڏين ها.
هندستان ۾ لڏي آيل سنڌي هندو جڏهن پنهنجي ٻوليءَ لاءَ جاکڙو پئي ڪيو ته سائين جيرامداس دولترام هڪ تمام بنيادي ڳاله ڪئي هئي ته “ٻولين جي سڌي سهئين واٽ عوام سان آهي نه ڪي زمين سان سو سنڌي ٻولي هندستان ۾ تسليم ڪئي وڃي” هاڻي هندستان جي سرڪار ان ڳاله کي ڪيترو مول ڏنو هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سسبت اها ته خبر ناهي پر اها هڪ سٽ آهي جنهن تي دنيا جي ڪنڊ ڪورچ ۾ رهندڙ سنڌي کي سنڌي ٻوليءَ ڏانهن ڇڪڻ لاءَ ڪافي آهي.
اڄُ ان جي تمام ضروري آهي ته اسين هندوستان ۾ بچيل سنڌ توڙي سنڌين کي سوگھو ڪيون نه ته وقط جي مار سبب اسين به فارسين واڱر ڳڻ جيترا ۽ نالي لاءِ ئي بچينداسين. اڄ اهو تمام ضروري آهي ته هر ان سنڌين کي پاڻ ساڻ ڳنڊيو وڃي جنهن جو واستو سنڌ توڙي سنڌي ٻولي سان آهي چاڪاڻ ته ثقافتيون مٽنديون رههنديو پر ٻولي چريجيوي رهندييون آهن عمر رهنديون آهن ڇا ڪاڻ ته ٻوليون مرنديون ناهن پر وساريون وينديون آهي.
سنڌي قوم جو وجود ٻولي سبب آهي نه ڪ کاڌي، ڏڻ وار يا وري سنڌي ٽوپي يا اجرنڪيون تي ڇا ته اسانجو وهنوار مٽي ٿو سگھي پر ٻولي نه.
فيسئلو اسان کي ڪرڻو آهي ته ڪيئن ۽ ڪنهن ريت اسين ان ٻوليءَ توڙي ثقافت جي مونجھ مان پنهنجي سڃاڻپ کي ڪايم رکي سگھون. ان جي ضرورت جيتري درياپنٿي کي آهي اوتري عامل، ڀائبنڌ، دليت توڙي ڪچڇيئن کي آهي، چاڪاڻ ته ٻوليون کان سواءِ قومءَ وڌيڪ ڏنهن جنداه نٿا رهي سگھن.
No comments:
Post a Comment