January 21, 2012



سنڌي ڪمپيوٽڳ......ماضي حال ۽ مسلقبل

ڪمپيوٽر انساني تهذيب جي ڏهن اهم اجاتيون مان هڪ  ڳڻي ويندي آهي. اڄ جي ڏنهن ۾ ورلي ئي ايڙهو ڪو نوجوانُ لڀنڌو جيڪو ڪمپيوٽر توڙي انٽرنيٽ ساڻُ رابطي ۾ نه آيو هُجي. اهو  ئي نه پر  ڪمپيوٽر  ۽ انٽرنيٽ ، ڄاڻ جو هڪ وڏو ڀبڍار ٿي اُڀريو آهي جنهن کي نظرانداز  نٿو ڪري سگھجي. پر ان سڀني سچائين جي باوجود هندوستان ۾ ڏيهي  ٻوليءَ جو  ڪمپيوٽر منجھ واهيپو نه جي برابررهيو  آهي. ان جو هڪ وڏو سبب آهي هندستان توڙي ننڊي کنڊ ۾ اعليا تعليم ۾   انگريزي جو تمام گھڻو واهيپو. هندستان ۾ جيتوڻيڪ ٻارهين درجي تائين تعليم پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڏني ويندي آهي پر ان بعد جنهن کي  اڳتي وڌيڪ پڙائي ڪرڻي آهي تنهن کي انگريزي اپڃائڻي ئي ٿي پوي، ڇو  ته امتهان ۽ ڪتاب بئي رڳو انگريزي  ۾ ئي ميسر ٿا ٿين سوائي لسي گراجوُئشن جي جيڪا اڄ به مادري ٻوليءَ ۾ پار ڪري ٿو سگھجي. ان سبب لاجمي آهي ته هندستان ۾ عوام جو لاڙو انگريزي ڏانهن ئي هوندو، وري جيتوڻيڪ هندي لڳ بڳ 40 سيڪڙي جي ٻولي آهي پر انگريزي جي ڀيٽ ۾ اڄ جي تاريخ ۾ اها به  ايتري اڳتي وڌيل ٻولي ناهي سو انگريزي ڏانهن لاڙو  هندستان يا ننڊي کنڊ ۾ رهيو ئي آهي. ساڻ ساڻ ان ڳاله کي به وسارڻ اصُل ئي  نه کپي ته هندستان ۾ انگريزي هڪ لنڪ ٻولي ءِ طور استعمال  ٿيندي آهي جنهن سبب ان جو وهنوار به جام ٿيندو رهيو آهي. هڪ لڱي ڏسجي  ته جنهن ملڪ ۾  400 کان وڌيڪ ٻوليون هونديون ۽ 1600 جيتيون ان ٻوليون  جا لهجا هجن  اتي ٻوليءَ جا ايڙها مسئلا ته  اچڻا ئي آهن. جيتوڻيڪ ملڪ ۾  هندي ڳالهئائيندڙن جي گھڻائي آهي ۽ هندي جي ڀيٽ ۾ اڻ هندي مان ڪا به ٻولي مس جيڙهي 11 سيڪڙو به ناهي  پران جي باوجود  هندي جي مخاتليف جام ٿيندي رهي آهي خاص ڪري ڏکڻ جي صوبن ۾. هندي جي ڀيٽ ۾ جيتوڻيڪ  چيني ٻوليءَ کي ايڙها مسئلا ناهين. ڪمپيوٽرن توڙي انٽرنيٽ ۾  چيني ٻوليءَ جو واهيپو انگريزي جيترو آهي اها به پاڻ ۾ ڪا ننڊي ڳاله ناهي. جيڪر دنيا جي آدمشوماري  جي ڳاله ڪجي ته  چيني سڀني کان وڌيڪ ڳالهائندڙ ٻولي آهي پر ٻئي درجي ۾ آهي هندي (اردو جي ساڻ). پر جيڪر ڪپپيوٽرن  ۾ مختليف ٻوليون جي واهپي تي ڌيان ڏجي ته ننڊي کنڊ جي ڪا به ٻولي ڪٿي به نظر نه ايندي آهي . سنڌي جي ته ڳاله ئي پري آهي .( سنڌيءَ ۾ ٿوڙي گڻو واهپر جيڪو به آهي سي عربي سنڌي جو آهي باڪي هندستان  جا سنڌين ته مڙئي هندي توڙي انگريزي ۾ لڳي گد گد ٿين.)  هڪ سروي موجب انٽرڀيٽ ۾ اختليف ٻوليون جو واهپو ڪجه هن ريت ٿو ڏسجي.

ٻولي  جي حصيداري (سيڪڙي موجب)
ٻولي جو نالو
ٻولي جي جاءِ
26.80%
انگريزي
1
24.20%
چِني
2
7.80%
اسپينيش
3
4.70%
جاپاني
4
3.90%
پرتوگيز
5
3.60%
جرمن
6
3.30%
عربي
7
3%
ڦرينچ
8
3%
روُسي
9
2%
ڪوريئائي
10

اهي آڪڙا ڪنهن کي به وائيڙو ڪندڙ آهن. هندستان ۾ عام طور سان اهو  انديشو ويٺل هوندو آهي ته انگريزي انٽرنيٽ ۾ استمعال ٿيندڙ هيڪلي ٻولي آهي، پر هت پيش ڪيل آڪڙن موجب ته چني ٻوليءَ جو واهپو انگھريزيءَ جيترو آهي !!!!!! اهو ئي نه جيڪر پڇاڙيءَ جي ڏهن سالن ۾  (يعني يونِڪوڊ جي ايجاد بعد) مختليف ٻوليون جي واهپي ڏانهن ڌيان ڏجي ته اها ڳاله چٽي ريت اسان جي اڏو اچي تي ته اسپينيش جو واهپو 743  سيڪڙو وڌيو آهي، چِني ٻوليءَ جو واهپو  1277 سيڪڙو وڌيون آهي، روسي ٻوليءَ جو واهپو 1826 سيڪڙو وڌيو آهي ، اربي جو 1201 سيڪڙو وڌيو آهي پر ان ڀيٽ ۾ انگريزي جو واهپو رڳو 281 سيڪڙو وڌيو آهي. ان آڪڙن سان اها ڳاله چٽي ريت صاف تي ٿئي ته ڏنهنهو  ڏنهن مادري ٻوليون جو انٽرڀيٽ ۾ وهنوارُ انگريزي جي ڀيٽ مان جام وڌيو آهي. ان سان اها ڳاله به صاف آهي  يونيڪوڊ جي اجاد بعد  مادري ٻوليون جو واهپو ڪنهن ڪدر وڌيو آهي پر ساڻ ساڻ ان ڳاله کي به وسارڻ نه کپي ته  هر ڪا ٻولي ساڳي ريت ڪين اڀري آهي . مطلب ته سگھ رکينڊر ٻوليون  يعقينن اڀري آيون آهن باڪي ڪمذور ته انٽرنيٽ جي باوجود پنهنجي وجود جي لڙائي پيو ڪن.

وري جيڪر اسين ويبسائيٽيون جي ڳاله ڪيون ته اهي آڪڙا ڪجه هن ريت آهن
ٻولي  جي حصيداري (سيڪڙي موجب)
ٻولي جو نالو
ٻولي جي جاءِ
56.60%
انگريزي
1
6.50%
جرمن
2
4.80%
رُسي
3
4.70%
جاپاني
4
4.60%
اسپينش
5
4.50%
چِني
6
3.90%
فرينچ
7
2.10%
اتالي
8
2.00%
پرتُگيز
9
1.40%
پوليش
10

مٿي ڄاڻايل آڪڙا تمام گھڻا احميت رکيندڙ آهن. ان آڪڙن موجب جيتوڻيڪ چني ٻوليءَ جو واهپو  پڇاڙئيءَ  جي ڏهن سالن ۾ وڌيون آهي  يا کڻي چئجي ته انگريزي جيترو آهي پر ان جي باوجود  چيني يا ڪنهن به اڻ انگريزي ٻوليون ۾ ويبسائيٽيون گھڻيون ناهن. وري جيڪر ننڊي کنڊ جي ٻوليون سان چيني کي ڀيٽينجي ته   ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته انٽرنيٽ ۾  ننڊي کنڊ جي ڪنهن به ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾  چني جام اڳتي آهي . شري گوور جيسوال جيڪو هندستان مان شايع ٿيندڙ ڪمپيوٽر رسالو “چيِپ” جو  سنپادڪ آهي ، سندس موجب چين ۾ چيني ٻوليءَ جو واهپو ايترو ته گھڻو آهي ته جي ورلي ئي جو چينِ ۾ لڀندو جيڪو پنهنجي ڪمپيوٽر ۾  انگريزي ٻوليءَ جو آپريٽيگ سسٽم استعمال  ڪندو حجي. جيستائين ويب پنن جي ڳاله آهي ته يقينن چيني  انگريزي کان ڪنهن  ڪدر پوئيتي آهن پر اهي ڏنهن به پري ناهن جڏهن مختليف ٻوليون به ويب پنن جي گھڻائي ٿيندي (انگريزي جي ڀيٽ ۾ ) جيڪڏهن هندستان توڙي ننڊي کنڊ جي ڳاله ڪجي ته  موکتليف ٻوليون جي واڌاري ۾ ڪي اهم مسئلا رهيا آهن جيڪي ڪجه هن ريت آهن
1.       هڪ ڪيبوڊ جو ليئائوٽ نه هجن
2.       اڻ رومن لپين جي ڪمپيوٽرن مارفت لکجڻ ۾ دڪت گھڻو تڻو ڪوڊڱ سبب
3.       انگريزي جو جام واهپو.

هندستان ۾ ٽائيپرائيٽر جي   مختليف اکرن جي  ليئائوٽ هميشاه ئي هڪ وڏو مسئلو رهيو آهي. اهو مسئلو انگريزن جي ڏنهن کان تو پيو هلندو اچي. جيتوڻيڪ انگريزن جي ڏنهن ۾  هندي ۽ اردو جي ڳوڙ  ان تي ايترو  ڌيان ڪين ڏيئڻ ڏنو پر آزادي بعد اهو مسئلو  حڪومت لاءِ جام مٿي جو سور ٿي بيٺو. ع1948 ۾  آزاد هندستان جو صدر شري راجيندڙ پرساد تنهن مهل جي پرڌان منتري جوهار لعل نهرو کي ان جي نسبت هڪ خط لکو هو جنهن سبب نهرو هڪ ڪميٽي تائين وجود ۾ آندي جنهن ديوناگري جي اکرن ۾ فير گھير ڪرڻ جي شفارش ڪئي. ساڻ ساڻ ساڳي وقط  بمبئي صوبائي حڪومت پارا دفتري ٻوليءَ جي ڪميٽي ديوناگري ۾ ڪنهن ڪدر فير گهير ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي جيئن ڇاپائي جي ڪمن ۾ ٽيڪلاناجي جي  نسبت  ڪنهن ڪدر سهلائي ٿئي.نئين ٽيڪناجي جي فائيدو ورتو وڃي.  دراصل اهو سڀ ان لاءِ پيو ٿئي ڇاڪاڻ ته انگريزن جي ڏنهن ۾ تعليم جي واڌاري ساڻ ڇاپائي جي تڪنيڪ ۾ به جام  واڌارو پئي آيو  جنهن جو فائدو هندستان جي حڪومت پئي وٺڻ چاهيون. وري تنهن ڏنهن ۾ ٽائيپرائيٽر به هڪ وڏو ذنوُن کڻي آيو. (ڀلي اڄ جي ڏنهن به اها ڳاله ڪيري نه عجب لڳي). جيستائين ڇاپائي جي ڳاله ڪجي ته ڇو نه ان تڪنيڪ جو ايجاد يورپ ۾ ٿئي هئي  سي اها هندستان جي براهمڻي لپين ۾ تن ڏنهن ۾ ايتري ڪارائيتي ڪون هئي جيتري رومن ۾ . هڪ لڱي ڏسجي ته رومن ۽ برامڻي لپيءَ ۾ هڪ بنيادي فرڪ ٿئي ٿو، سو آهي اڌ ، ٻٽن اکنر ۽ ماترائون جو . جيتوڻيڪ تن ڏنهن ۾  هندي  ديوناگري  لپيءَ ۾ راشٽرڀاشا جي جنگه پئي وڙهي پر ان جي باوجود ڪن جو وچار هو ته هندي جي لپي کي ديوناگري مان فيرائي رومن ڪئي وڃي جيئن ڇاپائي ۾ ايندڙ ايجاتيون جو پورو فائدو پڻ ملي سگھي. ان رومن لابي پنهنجي ان رايه جي بِدُر ۾ تورڪي ۽ ڀاشا انڊوڀيشيا جو پئي مثال ڏنو جن پنهنجو لپيون رومن ۾ اڳي ئي مٽيون هئيون، ان تي جام بهس هلا پر  پر نيٺ جيت ديوناگري جي حمائتن جي ٿي جيتوڻيڪ لپي ۾ ڪي فير بدل ضرور ڪيا پئي  مثلن ٻن نمونن جي ا ۽ ڻ  جي رد ڪري هڪڙهي نموني جو ا ۽ ڻ قبول ڪيا ويا. ان کان سواءِ جيڪي به سجھاءُ ان ڪميشن ڏني سي گھڻو تڻو کارج ڪيا ويا . ڪل ملائي ديوناگري لپي جي جنهن ليئوٽ  تي 1965 ۾  پڪ بيٺن اهي ڪجه هن ريت هو ..........


حڪومت جيتوڻيڪ ان ليئوٽ کي دفتري ليئوٽ ڪرار  ڏنو پر ان جي باوجود  ديوناگري جي مختليف ليئائوٽ جو مسئلو ڪين نِبرو. ڪن جو مڃڻ هو ته ان موجب سڄي هت جي ڀيٽ ۾  کٻي هٿ تي زور وڌيڪ ٿو پئي جنهن سان ٽائيپرائيٽر جي مارفت لکڻ ۾ جام تڪليف ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ ريڊنگٽن کي  دفتري طور  ٽائيپرائيٽر جو ٺيڪو ڏنو ويو  هو جنهن مٿي پيش ڪيل ليئائوٽ موجب ٽائيپرائيٽر تيار ڪيا  پر ان جي باوجود  گودريز ۽ هندستان ٺائيپرائيٽرز جيڙهيون ڪمپنيون پنهنجا پنهنجا ليئائوٽ موجب  ٽائيپرائيٽر بزار ۾  اندا جيڪي وِڪيا  به جام . ان سبب 1965 تائي ديوناگري جا 18 جدا جدا ٺائيپرائيٽر جا نمونا پيش ٿي چڪا ها.

جڏهن ڪمپيوٽر وجود ۾ آيا تڏهن به ساڳيا مسئلا پئي پيش آيا. مثلن هيڪلو ليئوٽ نه  هجڻ. ڪمپيوٽرن ۾ وري ٻئي به مشڪل هئي .  ٽائيپرائيٽر جيتوڻيڪ هڪ مشيني اوزار هو پر ڪمپيوٽن ڳڻپ ڪندڙ اوزار. جيتوڻيڪ ڪمپيوٽرن ۾ ڏيهي ٻولي ۾ لکڻ جو چاه 60 جي ڏهاڪي کان هئي پر ڪمپيوٽرن ۾  اکرن جي ڳڻپ ڪندڙ  جي ڪوڊڱ ڪجه ان ريت هئي جي هندستان جي ٻوليون نه پئي لکي  سگھيون. دراصل ڪمپيوٽر اوله جي ملڪن جي ايجاد هئڻ سبب جيڪا ڪوڊگ پئي استعمال  ڪئي پئي وئي سان برامڻي لپي  (جن مان گھڻو تڻو هندستان جو لپيون ايجات پئي ٿيون آهن ) جي خصوستيون جو ڌيان ڪون پئي لکجڻ ۾ آيون . ان جو هڪ وڏو سبب اهو هو  ته جتي هڪ پاسي رومن ۾  هڪ پُٺيان ٻيو اکر ڳنڊڻ سان لفظ ٺهي ٿا وڃن ،  اتي هندستان جي ٻوليون ۾  ايئن ناهي.وري رومن ۾ جيئن لکجي ٿي ، ڪمپيوٽرن جي اسڪرين ۾ اهي اکر ساڳي ريت پيش ٿا اچن پر انڊڪ ليپيون ۾ ساڳي ڳاله ناهي.  هت لپي جو ڪجه خصوستيو آهي جيڪي دنيا جي ڪنهن به لپي ۾ ناهن (مطلب ڏکڻ ايشيا کان ٻاهر) . گھٽ ۾ گھٽ رومن ۾  ته بلڪل ناهن. وقت سان جيتوڻيڪ ان  ڪوڊڱ ۾ فيرو آيو پر ان جي باوجود مسئلا ته پنهنجي جاءِ تي ئي رهيا.

هندستان ۾ صحيح ريت  ۾  برامڻي لپيون جو ڪمپيوٽرن ۾ لکڻ  جي نسبت ِ جاکڙو 1986 کان شروع ٿيو جڏهن هندستان حڪومت جي سنچار جي سنسٿا ڊپارميٽ آف ٽيليڪميونيڪيشن ( ڊي.  او. ٽي.) ۽ هندستان  جي وڏي ۾ وڏي انجرنيئرڱ  جي سنسٿا آئي آئي ٽي جي ڪانپور ساکا پاران  انسڪرپٽ ڪي پورڊ تي پڪ بيٺي. اها به پڪ بيٺي ته اهو ساڳيون ڪيبورڊ ئي نه رڳو  ديوناگريءَ جو پر جدا جدا ٻوليون جن جو لپيون  تن  لائي به ساڳيو ليئائوٽ دفتري ليئائوٽ  ٿيندو. ديوناگريءَ لاءِ اهي ليئوٽ ڪجه هن ريت هو.






ساڻ ساڻ هندوستان جي مرڪزي  حڪومت جي هڪ سنسٿا “ سي ڊيڪ”  يعني سينٽر فار ايڊوانس ڪمپيوٽيگ کي هندستان جي مختليف ٻولي لاءَ  ڪم ڪرڻ لاءِ آڇ ڪئي وئي  جيئن هندستان جي مختليف  ٻوليون به (سنڌي سوڌي)   ڪمپيوٽرن جي مدد سان  لکجي سگهن. جيتوڻيڪ سي ديڪ جو وجود هندستان ۾ سُپر ڪمپيوٽرن  جي نسبت هو  پر ان جي باوجود ان کي هي ڪم سوئوپو پيو هو جنهن سان حڪومت جي ان ڪم ساڱي سنجدگي ٿي پئي ڏيکاري. ان ڪم ساڱي سي ڊيڪ  جي اڳيان ڪي اهم وچوڙ  آيا مثلن هندستان جو لڳ ڀڳ هر ڪا لپي براهمڻي لپيءَ سان واٽ ٿي رکي جيتوڻيڪ ان روپ هيئر تمام گھڻو فريل آهي. نه رڳو هندستان پر پوري ڏکڻ ايشيا جي لپيون جو ايجاد برامڻي  لپيون مان ٿيل آهي. ٻئي ڳاله جيڪا ان سنسٿا جي اڳيان آئي سا اها هئي ته جيڪا ڪمپيوٽرن ۾ تنهن مهل ڪوڊڱ استعمال ٿي رهي هئ  مثلن  ايڪسي  (ACII) سان  هندستان جو ٻوليون لکڻ ممڪن ناهي. وري ڇو ته ڪنهن به ڪوڊڱ جو سڌو سهون  واستو ڪمپيوٽر جي هارڊوير سان آهي سو جيڪر ڪمپيوٽر جي ڪوڊڱ مٽائي وڃي جيئن ته تنهن مهل جي ڪوڊڱ هندستان جي لپيون لاءَ ڪرائيتي ڪون  هئي سو ان ڪمپيوٽر جو ڪنهن هد تائي هارڊويئر به ڳنڍڻو پوندو جيڪو ان ڪوڊڱ کي سمجھي سگھي. ان ڪم کي اڳتي وڌائيدي جٿي سي ڊيڪ هڪ ڪوڊڱ ايجاد ڪئي اتي ٻئي پاسي هڪ هارڊويئر جو به ايجاد ڪيو جيڪو اها ڪوڊڱ سمجھي سگھي. ان ڪوڊڱ کي اِڪسي   (ISCII)  ڪوٺيو ويو ۽ ان ساڻ  لازمي هارڊپويئر کي جيسٽ   (GIST). ان ڪارڊ کي تنهن مهل جي نڄي ڪمپيوٽرن جي پي سي آئي سلاٽ  ۾ ٿائينڪو  ڪيو ويندو هو . سي ڊيڪ جي اها هڪ وڏي قاميابي سابت ٿي. ڇو ته تنهن مهل ماڪروسافٽ وارن به اها ڪاميابي ڪون ماڻي هئي . ان جي وجود ۾  اچن بعد ڪنهن به سافوير ۾ هندستان جون ڏيهي ٻوليءَ جو استمعال ممڪن ٿي سگھو. پر ڇو ته ماڪروسافت جو تنهن مهل اڙهي ڪوڊڱ جو ساٿ ڪين ڏنو سو  سي ديڪ ماڪروسافٽ ورڊ جي جاءِ تي پنهنجا سافٽويئر پڻ  اجاد ڪيا جيڪي جنهن جي مدد سان هندستان جون ڏيهي ٻوليون لکي پڙهي سگجھڻ لڳيون. جيتوڻيڪ ان سافٽيور جي مارفت ڏهن اهم بوليون مثلن ديوناگري، گرمکي، گجراتي، بنگلا، اُڙيا، تمل ، تيلڳو ، مليالم، ڪننڊ  وغيراه ٻولين کي ئي مدد ملي پر ان جي باوجود اها پنهنجي پاڻي ۾ به ڪا گھٽ ڳاله نه هئي، جيتوڻيڪ ڪن ٻوليون کي ان کان پري رهڻو پيو سو هئي  سنڌي (عربي لپي)، ڪشميري (فارسي لپي) يا وري اردو. ان کان سواءِ هندستان جي اتي اوڀر جي صوبن جي ٻوليون ڏانهن به ان سافٽويئر ڪو قريشمو ڪون ڏکاري سگھو.



جيتوڻيڪ ان سافٽوير ڏهي ٻوليءَ جو مسئلو ڪنهن  هد تائين نبريو  پر انٽرنيٽ ۾ ڏهي ٻولي جو استمعال تيستائن به هڪ وڏو مسئلو هو.  وري ڌار هارڊوير سبب رڳو اهي ڏيهي ٻوليون ڏانهن چڪيا جنهن کي ڏهي ٻوليون ۾ لکڻ جي ضرورت وڌيڪ هئي باڪي جواجي  انسانن لاءِ ته انگريزي ئي ڪافي هئي. وري ڌار هارڊوير  سڀن جي وس ۾ به ڪين هو.

1990 جي داري ڪمپيوٽرن جي نسبت تڏهن وڏو زنون تڏهن آيو  جڏهن يونيڪوڊ جو ايجاد ٿيو. جيتوڻيڪ انڊڪ ليپيون يعني برامڻي لپيون جو ڪمپيوٽرن تائين جو سفر سي ڊيڪ لاءَ هڪ اهم ڪاميابي هئي پر يونيڪود جي اجاد بعد دنيا جو مختليف ٻوليون لاءَ هڪ وڏي رايه ڄڻ کلي وئي جنهن لاءَ ڪو به ڌار سافٽوير يا هارڊوير  جي ضرورت ڪين هئي. يونيڪوڊ جي اِجاد بعد دنيا جي لڳ ڀڳ هر ٻوليون ڪمپيوٽر توڙي انٽرنيٽ ۾ لکجڻ ليون . اها ئي نه پر اڙهيون به لپيون جون ڪوڊڱ  ٿيئڻ لڳيون جنهن جي ڪڏهن به اميد به نه پئي ڪئي  پڃي، مثلن مئن جي دڙي جي لپي  يا واڻڪي(جنهن جو ڪم ڪن مهنن ۾ نبرڻو آهي. يونيڪوڊ جي اِجاد بعد هندستان ۾ دفتري طور اهي يونيڪوڊ فنٽ لاجمي ڪيا ويا آهن. سي ڊيڪ به اڙها سافٽوير توڙي اوجار سيجاد ڪيا آهن جيڪي رڳو يونيڪوڊ فنٽ تي ئي ڪم ڪن. نه رڳو هندي پر هندستان جي سنويڌان جون  سنڌي سوڌي 22 ٻوليون ۾  سافٽوير تيار ڪيا ويا آهن . جن ٻوليون ۾ سنڌي واڱر هڪ کان وڌيڪ لپيون آهن تن لائي جدا جدا لپين ۾ اهي سافٽوير موجود آهن جيڪر سهلائيءَ سان ڊائونلوڊ ٿا ڪري سگھجن.هندستان ۾ اِهي سافٽوير گھر ويٺي مفت موليا ويندا آهن.   سنڌي لاءَ سي ڊيڪ جيڪي مکتليف اوجار ايجاد ڪيا آهن سي ڪجه هن ريت آهن......
1.       سنڌيءَ ۾ فائيفاڪس برائوجر  (http://ildc.in/Sindhip/download/html/sindhi_webbrowser_5.html)
2.       سنڌي ۾ اوپن آفيس جا سافٽوير (http://ildc.in/Sindhip/download/html/sindhi_bhartioo_4.html  )
3.       سنڌي يونيڪوڊ فنٽ ۽ ڪي بورڊ ليئوٽ (http://ildc.in/Sindhip/download/html/sindhi_UnicodeKbdDrv_3.html)
4.       اي ميل جو سافٽوير (http://ildc.in/Sindhip/download/html/sindhi_emailclient_6.html)
5.       سنڌي ۾ ڊي ٽي پي جي ساڱي سافٽويرن (http://ildc.in/Sindhip/download/html/sindhi_scribus_9.html)
6.       سنڌي لاءِ موضوعن جي انتظام سريستو  (http://ildc.in/Sindhip/download/html/sindhi_ecko_10.html)






جيستائين يونيڪوڊ جي ڳاه آهي جيتوڻيڪ ان جي وجود ۾ اچڻ بعد انٽرنيٽ ۾ اڻ رومن ٻوليون لکڻ جو رواج جام وڌيو آهي ساڻ سڻ ڪي اهم مسئلا  به آهن . ڪن ٻوليون جنهن کي پنهنجو ليپن ناهي مثلن سنڌي يا اردو تن کي اهو مانُ ڪين مليو آهي جيڪو  خصوصي ليپي واري ٻوليون کي مليو آهي . مثلن جيتوڻيڪ سنڌي (اربي لپي) کي عربي لپي جي هڪ حصو ڪري مڃيو ويو آهي پر عربي ٻوليءَ جيڙهو مانُ ڪين مليو آهي . ساڳيو ئي وچار اردو وارن جو به آهي . ڇو ته سنڌي  لاءَ اڙها جام اکر آهن جيڪي ڏسڻ ۾ ته عربي جيڙها ٿيندا آهن پر عربي ٻولي جا اکر ناهي. ان سان ٿئي  اهو ٿو ته جڏهن اربي لپي جي ڳاله اچي ٿي ته ان سنڌي اکرن کي مول نٿو ملي. پر جتي اڙهيون ٻوليون جنهن جو مول عربي اکرن سان ئي مختليف ٻوليون لکجن ٿيون تن لاءِ ڪا به  تڪليف پيش نٿي اچي. مثلن فيسبوڪ ۾ عربي توڙي  مول اربي لپي ۾ لکندڙ ٻوليون لاءِ ته ڪا به تڪليف نٿي ٿئي پر سنڌي لاءِ جام  تڪليف ٿئي ٿئي. بنٽ صحيح ريت پيش نه ايندا آهن. دراصل اهو سڀ ان لاءِ پيو ٿئي ته يونيڪوڊ  جو پورو  ذور لپيون ڏنهن رهيو آهي نه ڪي ٻوليون ڏانهن. اهي مسئلا تيستائين رهندا جيستائين يونيڪوڊ ۾ ٻوليون کي مول ڪين ملندو  يا  وري سنڌي جيڙهيون ٻوليون پنهنجو ڪي خصوسي لپيون ايجاد ڪنديون جيئن گجراتين ڪيو. 



ان حقيقت کي ڌيان ۾ رکيندي  گھٽ ۾ گھٽ برامڻي لپيون ۾ سي ڊيڪ هڪ فير بدل ڪرڻ جي شفارش  ڪئي آهي . ويجھڙائيءَ ۾ سي ديڪ حڪومت  اڳيان هڪ مسودو رڳو آهي جنهن سان ساڳي لپي ۾ لکندڙ ٻوليون جو به ڌار ليئائوٽ تيار ڪيو آهي . مثلن سنڌي، ڪشميري، هندي، مراٽي، ڪونڪڻي يا نيپالي لاءَ ڌار ڪيبوڊ جا ليئائوٽ  تيار ڪياويا  آهن. سو هينئر سنڌي جي ڪيبوڊ ۾  رڳو  اهي اکر هوندا جيڪي رڳو سنڌي ائوٽويٽا جا حصا آهن . اهي ئي نه پر نڄ سنڌي اکر  جيئن ڏ،ڳ،ڄ ۽ ٻ (द॒, ग॒,ज, ब) لائي ڌار ليڪ نه ڏيئڻي پوندي پر ان لاءِ خصوسي ڪيبوڙ ۾ ڌار بٽڻ ئي هوندو. وري اهي بٽڻ ڪشميري، ڪونڪڻي وعيراه جي ليئائوٽ به نه هوندا. اهي سڀ بنا ڪنهن ليئائوٽ جي وڏي مٽ سٽ يا  فير بدل کان سوائي ڪيا ويا آهن .  سنڌين جو نئون ليئائوٽ پيش ڪجي ٿو




 
جيستائين ڳاله ڪجي سنڌي ٻوليءَ جو مرڪز ڪوٺائيندڙ سنڌ جي ته هت گھڻو تڻو ڪمُ حڪومت پاران نه پر هيڪلي صخس پارا ٿيو آهي. سائين عبدل ماجيد بُگري دنيا ڀر جي سنڌين پاران کيڻ لهڻي جنهن سنڌي (رڳو عربي لپي ۾ ) تمام سٺو ڪم ڪري ڏيکارو آهي. سندس پارا ڪيبورڊ جو سافٽويئر، فنٽ وغيراه تيار ڪيا ويا آهن. اهو ئي نه پر ليئوٽ به انگريزي ڪيبورڊ جي نموني تهت آهي جيئن ان ليئائوٽ کي سکڻ ۾ به ڪا گھڻي تڪليف نٿي ٿئي ٿي. شري بُگري کان سوائي سنڌي لينگويز آٿارٽي هيدرآباد ، سنڌ جو به وڏو يوڳدان رهيو آهي سنڌ ۾ سنڌي ڪمپيوتيگ جي نسبت. شري ماگري جو ياگدان ڪڏهن به وساري نٿو سگھي. بسقسمتيءَ سان سنڌ ۾ ان کان وڌيڪ ڪم ڪين ٿيو آهي مثلن جدا جدا سنڌي   سافٽويئر تيار ڪرڻ  جيئن هندستان جي سرڪار پاران ڪيو  ويو آهي. 




جيتوڻيڪ هند توڙي سنڌ ۾ سنڌي لکڻ جي نسبت جام ڪم ٿيو آهي پر ان جي باوجود ڪن اهم مسئلن بابت اسانجو ڌيان ڪين ويو آهن. عام طور سان  جڏهن به سنڌي ڪمپيوٽيگ جي ڳاله ايندي آهي ته اسانجو ڌيان رڳو  ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ تائين ئي مهدود رهندو آهي. پر جڏهن ڪو  ڪمپيوٽر ۾  سنڌي ٿو لکڻ ويهي ته کيس ٻيا به گھڻا ئي اوزارن جي صرورت ٿي پوي مثلن اسپيل چيڪر، گرامر چيڪر يا لغت. جيتوڻيڪ آنلائين لڳتيو آهن پر ان جي باوجود ان جو ڪو گھڻو فائيدو نٿي پوي ڇا ڪان ته ان لاءَ انترنيٽ جي ضرورت ٿي پوي وري  ان لاءَ ڌار ويب سائيٽ  ڏانهن وڃڻو ٿو پوي. هيئر اهي لڳتيو (جيڪي رڳو عربي لپي لاءِ ئي آهن ) سي ڪجه  هن ريت آهن
1.         لوهاڻا سنڌي انگريزي لغت
2.  ڊجيٽل ڊڪشنري آف سائوت اِنڊيا (http://dsal.uchicago.edu/dictionaries/mewaram/


3. سينٽر فار ريسيچ فار اردو پياسيسڳ (http://www.crulp.org)


ڪن سببن هينئر جيترو وهنوارُ ماڪروساڦ آفيس جو ٿئي ٿو تن کان تمام گھڻو سماجڪ تانيباني جي سائيٽيون جو ٿئي ٿو. پر جڏهن ته انگريزي  ۾ ڪجه لکڻ مهل اسپيس چيڪر هجن ٿا اتي سنڌي جيڙهي ٻوليءَ لاءِ ڪا به اڙهي مدد ميسر نه هوندي آهي.جيتوڻيڪ ڪن هندستان جي ٻوليون ۾ اها سهوليت آهي پر سنڌي ان ڏس کان اڄ به تمام پوئيتي آهي. نه سنڌ ۾ ايڙهو ڪو ڪم ٿيو آهي نه هند ۾ .

هندستان ۾ سنڌي  ڪمپيوتيڪ جي نسبت وڏو مسئلو لپيءَ جو آهي. ڇو ته اسين سنڌي لپي جي نالي تي هڪ ناهيون سو ان جو اصر ٻوليءَ جي واڌاري تي جام ٿو پوي. هڪ لڱي ڏسجي ته هندستان ۾ عربي  توڙي فارسي ٻوليون ۾ سگھ ڪنهن ڪدر گھٽ رهي آهي . ڪشميري ٻوليءَ جي  ته سگھ پنهنجي صوبي ۾ ئي گھٽ  آهي. اتي دفتري ٻُلي اردو رهي آهي. وري پوري هندستان ۾ اردو جي اها سگھ ڪين رهي آهي جيڪا ورهاڱي کان اڳ هئي.   هت  ته مسلمان به هندي جو جام استمعال ڪن. رهي ڳاله ته سنڌي (عربي لپي) جي ته اها هندستان ۾  تمام ٿوڙڻ  سنڌين تائن ئي مهدود ٿي رهجي وئي آهي.  سنڌي ۾ ديوناگري هڪ قاميابي لپي ٿي اڀري آهي جيتوڻيڪ ان ڳاله کي هند ۾ سنڌي ليکڪ مڃڻ نه چاهندا آهن. وري هندستام ۾ سگھ واريون لپيون گھڻي تڻو برامڻي لپين مان ئي ايجاد ٿيل آهن سو ان ليپيون جو وڪاس به جام پيو ٿئي. حڪومت ان ٻوليون جي پاڻ ۾ ڏي وٽ سهولي ڪرڻ لاءِ ساڳيو ليئائوٽ مڪرر ڪيو آهي. هڪ ٻي لپي ءِ ۾ فير بدل ڪرڻ لاءِ جام اوجار  اجاد ڪرايا آهن، بدقسمريءَ سان ڇو ته سنڌين جو ليکڪن جو تبعڪو عربي ڏانهن مايل هجن سبب  گھٽ ۾ گھٽ ان جو فائدو ڪين پئي ورتو آهي. اهو سڀ ان جي باوجود جي ديوناگري لپي مارفت  گھٽ ۾ گھٽ هر هندوستان ۾ رهندڙ لائين پڄي ٿو سگھي. 

هڪ لڱي ڏسجي ته سنڌي هيڪلو قوم ناهي جنهن به لپيءَ جو ڳوڙ آهي. سنڌي کان سواءَ سنٿالي، ڪونڪڻي، ڪشميري ۽ منيپوري ۾ به مسئلا آهن. جيڪر ڪشميري جي ڳاله ڪجي ته هيئر ڪشمير مان لڏي آيل پنڊتن جا ٻارءَ فارسي لپي ڪين پڙهن. سندس چاه هيئنر ديوناگري ڏانهن آهي. جيتوڻيڪ ڪجه سالن اڳ ڪن سنڌين واڱر  رومن ڏانهن به جھڪيا پر پوءِ نيٺ کين  ديوناگري ڏانهن موٺي اچڻو پيو ڇاڪاڻ ته رومن ۾ هندستان جي لپيون خصيوتون  ذجب ڪرڻ جي سگھ ناهي. جيتوڻيڪ پنڊتن جو لڏپڻ کي مس جيڙها به ڏهاڪي ٿيا آهن پر ان جي باوجود  سندن کي اها سچائي کي قبول ڪندي  (سنڌين جي اڀتر)  ٻنهن لپيون ۾ مٽ سٽ ڪرڻ لاءِ سافتويئر  تي ڪم ڪرڻ شرور ڪري ڏنو آهي جيئن سندس نئين ٽهي پنهنجي مادري وطن سان ڳنڊجي رهي سگھي. اهو ئي نه هيئر ته هندي اردو يا وري منجابي (گرمکي) ۽ اردو لاءِ به ساگٽويئر تيار آهن جيئن اهي قوم  هڪ ٻئي ساڻ رابطو ڪايم رکي سگھن. سنڌي ٻوليءَ جي نسبت وڏي بدقسمتي اها رهي آهي جي ديوناگريءَ کي هميشاه ئي هڪ ناجائاش لپي ڪري ليکيو  ويندو آهي. اهو سب ان جي باوجود جي جيڪا عربي سنڌي سيکاري ويندي آهي سان به ديوناگري تي آڌارت هوندي آهي. مثلن ڪ ۽ ق ۾ فرڪ ڪين ڪيو ويندو آهي، وري ض، ذ،ز ۽ ض به ساڳيا اکر  ڪري ليکيا ويندا آهن. ان ڳاله جو شاهد انڊين انسٽييوٽ آف سنڌيلاجي جا سنڌي سيکارڻ جا ٻاراڻا ڪتاب آهن. عربي لپي جي همايتن ان ڳاله تي چڱو  ذور ڏندا آهن ته  عربي لپي هند جي سنڌين کي پنهنجي مادري وطن سان واٽ رکڻ ۾ مدد ڪندي پر جيڪر 70 جي ڏهاڪي بعد جي سنڌ جي سنڌي ٻوليءَ ڏانهن ڌيان ڏجي ته اها ڳاله چٽي ريت سابت ٿيندي  سنڌ جي سنڌي هينئر  هند ۾ رهندڙ سنڌي جي سمجھ  کان پري ٿي چڪي آهي. ان جو سبب اهو  ناهي ته ان ۾  نڄ سنڌي لفظ جام آهن پر ان لاءِ ته ان تي اردو مارفت عربي فارسي لفظ تمام گھڻا ٿا استمعال ٿين ٿا.  

ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اتي هندستان ۾ قومن  مان هڪ کان وڌيڪ درم ۾ ونڊيل  قومن ۾ سنڌي جي حالت ڪنهن ڪدر ڌار  آهي. هڪ لڱي ڏسجي ته هندي يا  اردو پنهنجي ماڻ به وڏيون ٻوليون آهي. سندن کي  هڪ ٻي کي ايتري ڪا گھڻي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي. پنجابين جي جيڪر ڳاله ڪجي ته پنجابي ٻولي جو استعمال  رڳو سکءَ ئي ڪن. هندو هندي ڏانهن ۽ مسلمان اردو ڏانهن مائل آهن. هندستان ۾ به جيڪر هندو پنجابي ٻولي به  پڙهن سي مجبور ٿي ٿا  پڙهن ڇا ڪاڻ ته هندستان جي پنجاب ۾ پنجابي دفتري ٻولي آهي. نه پڙهن ته نڪصان ۾ رهن . جيتوڻيڪ ڪشميري کي پنهنجو صوبو آهي ته هو پڙهن اردو ۾ . وري ورهاڱي بعد ڪشمير جون حالتيون ايڙهيون رهيون آهن جي ڪشمري ٻولي جو واڌارو ممڪن ناهي. جيستائين ڳاله آهي سنڌي جي ته هند ۾ سنڌي لاءِ مسئلا ڪنهن ڪدر عجيب جيڙها آهن. ديوناگري اکرن سان لڳ ڀڳ هر ڪو سنڌي واقيف آهي (ڀلي اهي سنڌي ڪچڇ ۽ جيسمير جا مسلمانن ڇو نه هجن)پر عربي لپي جو پرپپاگينڊا ئي ڪجه ان ريت هيون جي ديوناگري هڪ سٺي لپي هجڻ جي باوجود  پکتي ڪين ٿي سگھي. اها ڳاله 80 جي ڏهاڪي کان ئي پڌري ٿي پئي هئي ته سنڌي ۾ جيڪي  لکندڙ  اهي ئي  پڙهندڙ، ۽ جيئن جيئن ليکڪ لاڏاڻو ڪري ويا تيئن تيئن سنڌي جا پڙهندڙ به گھٽندا ويا. پر هيئر حالترون مٽجن پيو. هيئر جيڪي به سنڌي ، سنڌي اڪاڊميون جي اهدي ۾ آهن تن جو ديوناگري ڏانهن ن وهنوار  ۾ جام فرڪ آهي، سو اها اميد ٿي ڪجي ته سايد سنڌي لاءِ شال  سُٺا ڏنهن موٽي اچن جيتوڻيڪ سندن ۾ هندي توڙي انگريزي جو واهيپو  ڏکائنڊڙ آهي.

هندستان ۾ اسين سنڌي ٻين مختليف ٻوليون کان ڌار ٿي نٿا رهي سگھئون. هندستان ۾ اردو جي مجبوري ٿي تي سگھي لپي جي نسبت  پر اسين سنڌين لاءِ ايڙهي ڪا به مجبوري ناهي. هندستان ۾ اهو تمام ضروري آهي ته اسين ان سچائي کي قبول ڪيون. اسان ڪنهن ڪدر خشقسمت آهيون جي سنڌي 22 ٻوليون جي فهرست ۾ هجڻ سبب حڪومت سنڌي جي واڌاري لاءِ ڪنهن هد تائين مذبور آهي پر ساڻ ساڻ اها به هڪ سچائي آهي جي اسين اهي فائيدا ڪين هٿ ڪري سگھيا آهيون جيڪي هندي، بنگالي يا گجراتي هٿ ڪيا آهن . ان جو وڏو سبب سنڌين جي بوليءَ ڏانهن لاپرواهي آهي.سي ڊيڪ  اڻ سنڌي  ٻوليون ۾ جام ڪم ڪيو آهي جيئن لغتين جوڙائڻ، هڪ ٻئي ٻوليءَ ۾ الٿو ڪرڻ جا اوجار ميسر ڪرڻ وغراه  پر ان جي پنهنجي لاپرواهي اسان کي ماٺ رهڻ لاءِ جڻ مجبور ڪيو آهي.

دنيا جون ٻه وڏيون سافٽويئر ڪمپنيون مثلن گوگول يا ماڪريسافٽ موجب هندستان ۾  ڏيهي ٻوليون جو مستقبل تمام گھڻو روشن آهي. هت  عام  انسان ۾ پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن تمام گھڻي چاه ٿا رکن . اهو ئي نه پر 87 سيڪڙو پنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي ڪم ڪرڻ جو حامي آهي . اهو سبب آهي سندن ديهي ٻوليون جي نسبت جام پيسو به سيڙاهيو آهي پرايئن سنڌي ٻوليءَ لاءِ نٿو ٿئيه . ان جو سبب سنڌي پاڻ آهن . جيستائين اسين پنهنجي لڙائي پاڻ ڪين لڙنداسين اسان لاءِ ڪو به اڳتي ڪين وڌندو. اهو فيسلو اسان کي هيئر ڪرڻي آهي اسين هڪ سٺو معڪو هٿ ڪرڻ ٿا چاهيون يا پنهنجي چاه سان پنهنجي ٻولي مرندي ٿا ڏسڻ چاهيون. سنڌي لاءِ جيترو به ڪم ٿيو آهي سو  سرڪار  پارا ٿيو آهي ۽ ايندڙ ڏنهن ۾  اهو ممڪن آهي ته اسين هاٿيئون ٻين ٻوليون جي ڀيٽ ۾ پوئيدي ٿيندا وڃئون.

سنڌين جي خاص ڪري هندستان ۾ انٽرنيٽ کي يا ڊجٽلاجيشن کي ڪو خاص مانُ ڪين ڏنو آهي. اهو ٿي ٿو سگھي ته سنڌي ٻولي ٿوڙي ادب ۾  نئين ٽهي جي حصيداري تمام گھٽ آهي. جيڪر اسين ڪي وڏا ڪدم نه کياسين ته سايد نه رڳو انٽرنيٽ ۾ ٻوليءَ جي لڙائيءَ پوئيتي ٿي وينداسين پر ٻوليءِ کان به هٿ ڌوئي ويهنداسين.

ٻوليءَ جي نالي تي خاص ڪري سنڌي ڪمپيوٽرائيجش جي کيتر ۾ هند ۽ سنڌ ۾ ايڪو ناڪي. سنڌ ۾  سنڌي  ٻولي ڪيڙي رايه ڏانهن وڌندي سو  هند جي هندن جي وس ۾ ناهي پر ان جي باوجود ڪوششيون ٿيئڻو کپن  سنڌي ڪمپيوٽنگ جي نسبت نه ته سنڌي ٻولي به هندي  خواه اردو جي رايه ڏانهن وڌندي  .





  



January 3, 2012



ارڙهڻو سنڌي سنميلن .....ٺاڪ شو يا فليپ شو



هن سال اهو وارو احمد آباد جو وارو هو ارڙهڻي سنڌي سنميلن جي ميزباني ڪرڻ جي. ان کان اڳ ايڙها سنڌي ميڙاڙڪا دنيا ڀر جي جدا جدا شهرن ۾ آيوجت ٿيا آهن جتي جتي سنڌي وسيال آهن. چيو ٿو وڃي ته ايڙهن سنميلن جي ايوجن جي سوچ سڀني کان اڳواٽ ع1988 يا 89 ۾ شري پريم لعلواڻي (جيڪي تنهن مهل ڪيليفونئا شهر جي سنڌين پنچايت جا مکي هئا) پارا جور شور سان رکي وئي هئي پر پهرون سنڌي سنميلن 1992 ۾ ئي ممڪن ٿي سگھيو شري چندرو ڀوجواڻي جي وقط. شروع ۾ اهي سنميلن رڳو اميرڪا جي مکتليف شهرن ۾ ئي آيوجت ڪيا ويندا هئا پر بعد ۾ اهي  دنيا جي ننڊي وڏي شهر ۾ به آيوجن ڪرڻ جو رواج شروع ٿيو جيڪو رواج اڄ تائين سانده هلي پيو. ان سنميلن جي نسبت جنهن تنظيم جو نانءُ پڌرو ٿيو آهي سو آهي الائينس آف سنڌي ايسسيوشن آف اميرڪاس جنهن ۾ هينئر 17 سنڌي تنظيم جي ڀائيواري ٿي ٻڌائي وڃي. پر دلچسپ ڳاله ته اها آهي جي اميرڪا جا ٻاهر جڏهن به ايڙها سنميلن پيا آيوجت ٿين ته ميضباني ڪندڙ مڪاني سنسٿا به ان سنميلن ۾ پنهنجي ڀاڳيداري نڀائي ٿي. 2010 ۾ جڏهن اڙهو سنڌي سنميلن ٿيو ته ان جي بندوبست جڪارتا ۾ رهندڙن سنڌين جي هڪ سنسٿا گانڌي لوڪ سيوا پئي ان جو انتجام ڪيو. (گانڌي لوڪ سيوا جڪارتا ۾ رهندڙ سنڌين جي  هڪ اهم سنسٿا آهي جنهنجي جي سائي هيت جڪارتا  ۽ باليءَ ۾ اٺ ڏه اسڪول پيا هلن جنهن جو فائيدو نه رڳو سنڌي ٿا وٺن پر ننڊي کنڊ جو هرڪو قوم جيڪو ان اڪاڪن ۾ وسيل آهن.)















 ان سنميلن جي بندوبست جو ڀارُ هندوستان ۾ هڪ سماجڪ سنسٿا سنڌي ڪائونسل آف انڊيا تي هو. سنڌي ڪائونسل آف انڊيا هند جي سنڌين لاءِ هڪ ڄاتل سڃاتل سنسٿا آهي. اها سنسٿا تنهن مهل سُرکيون ۾ آئي جڏهن بي جي پي جي ڏنهن ۾ هندستان جي قومي تراڻي مان سنڌ لفظ رد ڪرڻ جي نسبت ڪورٽ جي اڳيان ڪنهن شخص ارجي رکي. ان واڪعي جي نسبت هند جي سنڌين پاران سنڌي ڪائونسل آف انڊيا جاکڙو ڪيو. وري ڇتيس گڙ ۾ جڏهن سنڌ  مان لڏي آيل سنڌين کي بنگلاديشين  سان ڳڏ ڪري مڃيو ويو تڏهن به سنڌي ڪائوسل سنڌين جي بدُر ۾ ڇتيسگڙ جي حڪومت سان ملي ڪري ان آرڊر جي رد ڪرايو. ان کان سواءِ سنڌي ڪائونسل هند توڙي هند نان ٻاهر جام سنڌي جلسا پئي آيوجت ڪيا آهن جنهن جي واٽ سنڌيت سان آهي.





سنميلن جو مهورت هندستان جي گجرات صوبي جو وڏو وزير سري نريندر موديءَ ڪيو. سنڌي سنميلن ۾ ڄاتل سڃاتل شخصيوتن کي گھرائڻ جو رواج ڪو نئون ناهي. هندستان ۾ سنڌي ٻولي جي جاکڙي جي نسبت ساڳيا منظر پئي ڏسڻ ۾ ايندا هئا. تنهن مهل اهي ضروري  به هو. ڄاتل سڃاتل سخصتيون کي گھرائڻ جي پُٺيان سوچ اها ئي هوندي هئي جيئن هندستان ۾ ماڻهون کي به سنڌ ۽ سنڌين بابت ڄاڻ هجي ڇا ڪاڻ ته تن ڏنهن ۾ هندستان جي ماڻهن ۾ سنڌين بابت ڄاڻ به ڪنهن ڪدر مهدود ئي هوندي هئي. پر هيئر سنڌين جي سنڌي ٻوليءَ ڏانهن لاپرواهي سبب سنڌين جي نئين ٽهي کي گھٽ ۽ اڻ سنڌين کي وڌيڪ تي ٿئي. ان حقيقت کي موديءَ سهڻي نموني پيش ڪيو. سندس چوڻ هو ته سنڌين کي پنهنجو ٻولي توڙي ثقافت کان منهن نه فيرڻو کپي. سنڌين کي پنهنجي جڙڻ کي وسارڻ نه کپي، سنڌين کي پنهنجي ثقافتي لٻاس ۾ ئي سنميلن ۾ سريڪ ٿيئن کپندو هو وغراه وغيراه. هندستان۾ سنڌي برادري جي ان ڳاله مان اڻ واقيف آهي اڙهي به ڳاله ناهي. دراصل اسين سنڌيءَ کي اڙهي ريت ڪمزور ڪيو آهي جي اسين اڻ سنڌين لاءِ هڪ وڏي مذاق بڻجي پيا آهيون. اها ڳاله سمجھڻ جيڙهي آهي جي صوبي جو وڏو وزير سنڌين جي وچ ۾ سيڙجي آيو پر ان جي باوجود سنڌين وڏي وزير جي اڳيان ڪان به خاص گھُر ڪون رکي. ڪن جي ليکي ته مودي سنڌين جي وچ ۾ اچي ڄڻُ ڪو  ٿوڙي لاٿو آهي ۽ هن سائين  به ان جو پوري فائيدو ورتو.



هندستان ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ گجرات هڪ اهم صوبو آهي. جيڪر گجرات ۾ رهندڙ سنڌين جي آدمشماري ڏانهن ڌيان ڏيجي ته پتو ٿو پوي ته هت لڏي آيل هندو سنڌين جو ٽيون حصو پيو رهي. اهو ئي نه هت سنڌين جي وڏي ۾ وڏي آبادي رهي ٿي پر ساڻ ساڻ اهي به هڪ سچائي آهي ته هت سنڌين کي سڀني کان وڌيڪ ڏک ڏسڻا پيا آهن. چيو ويندو آهي ته گجراتين نه پئي چاهيو ته سنڌي هت وسن (ڪچڇ کان سواءِ). اهو به چيو ويندو آهي ته هندو سنڌين جو جاتي ڏانهن وهنوار، تيوڻ توڙي گوست کائڻ جي رواج، دارون پيئڻ جو ڪنهن ڪدر کُليل رواج، مردن جو خدا ۽ ضائيفائون جو الاه لفظ جو استمعال يا وري سنڌي لک پڙ لاءِ عربي فارسي آئيويٽا جو استمعال مسلماڻو نه پئي لڳو، مٿون وري سنڌي به جام ڌنڌو ڪن جنهن سبب گجراتين توڙي سنڌين منجھ ريس ان وڇوٽيون کي هاٿيون وڌائي ڇڏيو. اڄ به ايڙها جام واڪعيا ٻڌبا آهن جتي سنڌين جي گجراتين الاڪن ۾ (خاص ڪري جينن پاران)، جايون نه ڏڃيون ويندو آهن مطلب ته سنڌين لاءِ نو گو ايرازي نه ناهن پر اسان جو وسڻ هٿئون جي رهاڪن کي گھٽ وڻي. اڄ به ايڙها جام سنڌي لڀندا جيڪي پنهنجو ٻولي سنڌي نه لکي  گجراتي يا گھڻو تڻو هندي ڪري ڏسندا آهن. ويجھڙائيءَ جي ڪن ڏهاڪن ۾ جيتوڻيڪ ايڙها واڪعا ڪنهن ڪدر گھٽيا آهن پر جي اڳوپوءِ نبري ويا آهن سان به ڳاله ناهي. اهو سڀ ان جي باوجود جي 1947 کان اڳ ڪراچيءَ ۾ هندو سنڌين کان وڌيڪ گجراتي رهندا هئا پر ايڙها ڪڏهن به واڪعا ڪون ٿيا جن ۾ سندن سان ڪو سنڌين پاران غلط وهنوار ٿيو هجي پر سنڌ مان هندون جي لڏپڻ اهو سڀ ڪجه فيري ڇڏيو. هينئر سنڌين گجراتين جي اسري آهن.



 سنميلن جي پهرين ڏنهن هڪ اهم سنڌي سياسي سخسيت موجود هئي، احميدآباد جي سنڌي الائيڪي مان چونڊيال گجرات جي هيڪلي سنڌي ايم ايل اي ( گجراتي اسلمبلي جي ميمبر) سريمتي مايابين ڪوڏناڻي. ان سنميلن ۾ سندس چوڻ هو ته  سنڌين کي هينئر ماضيءَ ڏانهن نه پر مستقبل ڏانهن ڏسڻو کپي. اها ڳاله اڳوپوءِ به غلط به ناهي. سنڌين جو بسيرو هيئر هندستان ۾ آهي پر ان جو مطلب اهو به ناهي ته اسين پنهنجي ٻولي توڙي ثقافت کي وساري وهئون. اسان جيڪر اٽي ۾ لوڻ جيترا ٿي ڪري به پنهنجي ٻوليءَ کي  طسليم ڪرائي ٿا سگھوئون ته يقينن ٻوليءَ جي مثئلن کي به ذور وٺائي ٿا سگھون. اسانجي وڏي ۾ وڏي بدقسمتي اها رهي آهي ته جيتوڻيڪ پنهنجي پاڻ ۾ هندوپڻو وڌايون آهي پر ساڻ ساڻ ان چاه ۾ پنهنجي پاڻ ۾ سنڌيپڻي جام وڃايو پڻ آهي ۽ ان جي ساهد آهي مايابين ڪوڏناڻي. انگريجيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته “روم ۾ اهو ئي ڪيو جيڪو رومن ڪن” مايا ڪوڏناڻي انهن  مان آهي جن کي ان چوڻيءَ موجب پنهنجي ماضيءَ تي ڪڏهن به فڪر ڪون ڪيو آهي. سنميلن ۾ سندس چوڻ هو ته “سنڌين کي هينئر مستقبل ڏانهن ڏسڻو کپي” مطلب  گجراتين ۾ سمٽجي وڃڻ ۾ ئي سنڌين جي ڀلائي آهي. جيڪي کيس سڃاڻن تن جو چوڻ آهي ته مايا ۾ اها ڳاله ناهي جيڪا اڳوڻي سنڌي ايم ايل اي سري گوپال داس ڀوڄواڻيءَ ۾ هئي. گوپالداس هميشاه ئي سنڌين توڙي سنڌيت ۾ چاه وٺندو هو. ڪنهن به قوم لاءَ سندس ورسو تمام گھڻو اهميت ٿو رکي ۽ سري گوپالداس ڀوڄواڻيءَ ئي ان جي بخوبي تات هوندي هئي. ادي مايا به پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ صاف چٽي لفظن ۾ چوندي ڪو به منجھارون ڪون محسوس ڪيو هو ته “ مان جڏهن پنهون ڀيڙو ڪُبيرنگر (احمدآباد جو سنڌي الاڪو) ۾ آئي هيس ته سنڌين کي سنڌي ڳالهائندي ڏسي وائيڙي ٿي پئي هيس” بدقسمتيءَ سان سنڌين ۾ مايا جيڙها وهنوار جام ڏسڻ ۾ ايندو آهن جيڪي پاڻ کي هندو ته ڪوٺائن پر ان جور شور سان سنڌي نه. مايا جو لباس به سنڌي گھٽ ۽ گجراتين جيڙو وڌيڪ هوندو آهي. ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هندو سنڌين جو موٽي وڃڻ سايد هيئر ممڪن ناهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اسين هندستان ۾ ٿائينڪو ڪرڻ جي جاکڙي ۾ پنهنجي پاڻ کي ئي پنهنجي اندر سنڌيپڻي جي اڳوپوءِ ناس ڪري ڇڏئون.





هن سنميلن ۾ ڀرمار هئي انهن سنڌين جي جنهنجو واستو ڌندن سان يا واڻجيه جي دنيا سان رهيو آهي. ان ۾ وڏي۾ وڏو نانءُ رهيو آهي هندوجا ڀائورن جي. نه رڳو شريچند هندوجا پاڻ پر سندس ٻه ٻائور پاڻ حاضر هئا . ان کان سواءِ اڙها جام سنڌين نسل جا ماڻهو حاضر هئا جن واڻجيه جي صنف ۾ جام نالو ڪڏيو آهي. هڪ سوچ جيڪا اسين سنڌين ۾ رهي آهي ته اسين هڪ ڌنڌيڙي قوم آهيون. اها سوچ نه رڳو رواجي سنڌين ۾ آهي پر سنڌي ليکڪن ۾ به. اجيب جيڙهي ڳاله ته اها آهي جي سنڌي ۾ ورهاڱي کان اڳ مسلم ليڳ جا سنڌي سياستدان هڪ سٽ جام استمعال ڪندا هئا ته “هندو دفترين ۾ مسلمان جيلن ۾ ” جيتوڻيڪ اهو ڪن سنڌي سياستدانن جو پروپاگينڊا رهيو هجي پر اسين سنڌي ڪڏهن به ان ڳاله جي مکاتليف ڪرڻ جي ڪرڻ ڪوشش ڪون ڪئي آهي. اسان اها ڳاله بلڪل وساري واٺا آهيون ته سنڌ ۾ رهندي به سنڌين ۾  ڪامورا شاهي به هوندي هئي. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ عامل جام نوڪريون ڪيو خاص ڪري ڪلهڙڻ جي ساهبي جي وقط پر بس ورهاڱي بعد حالتيون ڪجه ايڙهيون ٿي پيو جي سنڌين جي سڃاڻپ به ڌلمل ٿي وئي آهي. پر ان سنميلن مان ميڊيا جي نظر مان جيڪر ڪي غايب رهيا ته اهي آهن سنڌي اديب ۽ ادبائون. هڪ لڱي ڏسنجي ته اها به ڪا وائيڙو ڪندڙ نظارو به ناهي. هندستان ۾ سماجڪ جلسن توڙي ميلي ملاکڙڻ ۾ ڪڏهن به ليکڪ نظر نه ايندا آهن. اهو سب ان جي باوجود جي نئين ٺهي جي ليکڪن جي سماج جي اڳيان اچڻ تمام ضروري آهي خاص ڪري انهن ٽهيءَ لاءِ جنهن کي سنڌي ٻولي توڙي ثقافت بابت ڄاڻ تمام ٿوڙي آهي.  ليکڪ جي ازت قوم جي ازت مڃي وڃڻ کپي پر سنڌين ۾ حال ئي ٻئين قومن جي اُڀتر آهن. دهلي ۾ اين سي پي اسي ايل جي سيمانار ۾ به ساڳيا منظر پئي ڏسڻ ۾ آيا. ليکڪن کان وڌيڪ اهميت ته سياستدانن کي ملي (ايئن به هينئر ادبي  سنسٿائون ۾ ليکڪ وڃي بچا ئي گھڻا آهن ؟) دهلي ۾ سيمانار مس جيڙهي اڌ ڏنهن جي هئي پر هت احمدآباد ۾ ته پوري ٽن ڏنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نسبت ڪا عام ۽ کليل بهس ڪون ٿي سگھي جنهن جي تمان گھڻي گنجائيش هئي.





دهلي جي سيمنار ۾ هندستان ۾ مرڪجي حڪومت جو مانو سنساڌن جي کاتي جو وزير (جنهن وٽ تاليم جي وزيرات آهي) سري ڪپل سِبل پڻ حاضر هو. اتي هڪ گھر ڪئي وئي ته ڇون نه صوبن  جي حڪومتن جي نوڪريون جا امتهانن به سنڌي ۾ ڏنڻ جي موڪل هجي . خاص ڪري انهن صوبن ۾ جتي سنڌي گھڻي تعداد ۾ آهن .( هينئر رڳو راجستان ۾ ئي اڙهو ڪانون آهي). وزيرءَ جو رايو هو ته ايڙهيون گھريون صوبن جي حڪومتيون جي اڳيان رکيو وڃن ته سٺو ٿيندو. ساڻ ساڻ سندس اهو نه چوڻ هو ته ڇو ته اها ڳاله اڳيان آئي آهي ته هو ان ڳاله جي ڪانگريس جي حڪومت سان ماڻ ئي ڳاله ڪندو پر جتي جتي اڻ ڪانگريس حڪمتيون آهن اتي سنڌين کي ئي وک وڌائڻي پوندي ، پر جڏهن ارڙهڻي سنڌي سنميلن ۾ گجرات (جتي گھڻي ۾ گھڻو سنڌي آبادي رهي ٿي )جو  وڏي وزير مان سيڙجي آيو ته سنڌين اڙهي ڪا  به گھُر ڪون رکي. اها ڳاله ان جي شاهد آهي ته سنڌين سنسٿائون ۾ رابطي نالي جي ڪا به شيءِ ناهي. اهو ئي نه پر 2011 ۾ جدا جدا سنٿائون پاران ٽي ٽي ڀيڙا سنڌي پرڌان منتري سان گڏيا پنهنجي پنهنجي گھرن سان، ڄڻ سڀنن کي پنهنجو نالو اڳتي وڌائڻو هجي سنڌين جي حڪن جي نسبت. هندستان جي ڪُل آدمشماريءَ ۾ سنڌي مس جيڙها هڪ سيڪڙي جو چوٿون حصو آهن ۽ جيڪر  ان جي باوجود اسين ۽ اسان جون تنظميون پاڻ ۾ رابطو يا ايڪو نٿيون رکي سگھن ته ان کان وڏي ڏک جي ڳاله ٻئي ڪا ٿي نٿي سگھي. ٽي ٽي ڀيڙا جيڪر پرڌار منتري سان جدا جدا سنسٿائون گڏبو ته پنهنجو گھر جو ذور پنهنجو پاڻ ئي گھٽبو. هندوجا ڀائورن جي سري چند هندوجا هڪ گھر واجب ڪئي سان هئي ڪنهنجي الاڪي جي، پر ان لاءِ موديءَ جو جواب اهو ئي هو جيڪو نهروءَ جو هوندي هو ته پوري ملڪ (گجرات) ئي اوهان جو آهي، جتي وڻيو اتي وسيو (ٻيا ته ميڙئي مودي کي ڏسي ڄڻ وائيڙا ٿي پيا. سندس ليکي ڄڻ ڪو فريشتو آيو هجي)



سنميلن جي پڇاڙيءَ جي ڏنهن موجود هو هندستان جو نائيب پرڌان منتري شري ايل ڪي آڏواڻي. چيو ٿو وڃي ته هن سائين پنهنجي پوري تڪرير سنڌي ۾ ڏني (هندستان ۾ اها ڪا ننڊي ڳاله ناهي ليکبي آه) سندس ان تڪرير سان انهن نئين ٽهي جي نوجوانن کي تمام گھڻي تڪليف ٿي جنهن کي سنڌي نه ايندي آهي. چيوٿو وڃي هو پنهنجي مائيٽن کان هر هر  پئي پڇو ته آڏواڻي ڇا پيو ڳالهائي پر نيٺ هنن به ماٺ ڪئي ڇاڪاڻ ته سندن مائيٽ به ترجمعو ڪري ڪري ٿڪي پيا. اهو ان ڳاله جي ساهد آهي ته سنڌي جي هندستان ۾ ڪنهن ڪدر حالت خراب ٿي چڪي آهي. جيڪر ڪجه نه ڪيو ويو ته اهي به ڏنهن پري ناهن ته هندستان جا اڻ سنڌي به چوڻ سروع ڪندا ته جڏهن سنڌي پنهنجي ٻولي ڄاڻن ئي نه پوءِ قومي ٻوليءَ جو درجو ڇو ؟ ڇو ٻئي ڪا ٻولي کي نه معڪو ڏنو وڃي جنهن جا ڳالهائنڊر پنهنجي ٻوليءَ لاءِ سڪن پيا ؟. کير اڏواڻيءَ پنهنجي تڪرير  ۾ ڪي غلط ته ڪي واجب ڳالهئون پئي ڳالهائون. کيس الاءِ ڪنهن ڏسيو هو ته سنڌي ٻولي باجپئي جي ڏنهن ۾ طسليم ٿي هئي؟ پر ان جي باوجود هو اها ڳاله ضرور مڃي ته جيڪر عربي لپي تي سنڌي هل نه ڪيون  ها ته سايد سنڌي جي ايڙهي حالت نه ٿئي ها. ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڏواڻيءَ کان هندستان جي سنڌي سماج جي گھڻيون اميديون هيون جيڪي ڪڏهن به پوري نه ٿي سگھيون. جڏهن بي جي پي جي حڪومت هئي ته هو سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪجه به ڪون ڪيو. سياسي طور به سنڌين کي اهو سڀ ڪون مليو جيڪو هو لهڻن. هيئنر کير اڏواڻي ءَ کان هندستان جو سنڌي سماج ڪا به اميد ڪون ٿو رکي سايد سڀني کي سمجھ ۾ اچي ويو آهي ته آڏواڻي کان ڪا به اميد ڪرڻ اجائي آهي سايد اڏواڻي سنڌي آهي اهو ئي اسان لاءِ گھڻو آهي.



  جيڪر سنميلن جي شريڪ ٿيئڻ جي ڳاله ڪجي ته ان سنميلن ۾ حصو وٺڻ جي به هڪ قيمت مڪرر ڪئي وئي هئي. اهو ئي نه پنهنجي رهڻي ڪرڻي جو به انتجام به پنهنجي پاڻ کي ئي ڪرڻي هو. هندستان ۾ جيتوڻيڪ سنڌي ايڙهن جلسن مان ڪنهن ڪدر اڻ واڪيف آهن . چندو گڏ ڪري سنميلن ڪوٺائڻ جو رواج ننڊي ننڊي کنڊ کان ٻاهر عام آهي. ان هڪ سبب اهو  آهي جي پرڏيه ۾ سنڌي ٻولي ڪٿي به طسليم ڪون ڪئي وئي آهي. وري ننڊي کنڊ جي ڀيٽ ۾ پرڏيه ۾ سنڌي به تمام ٿوڙا آهن. علائين فار سنڌي  ايسوسيئشن ان اميريڪا ، هندستان جي ڪا تنظيم ناهي سو کين ڏوه نٿي ڏئي سگھجي پر سنڌي ڪائونسل آف انڊيا کي ته  هند جي حالتيون بابت خبر هئي پر ان جي باوجود 4000 رپين جو چندو يقينن ڪا ننڊي رڪم ناهي. جيڪر سنميلن جي ايوجن لاءِ پيسي جي ايتري ضرورت هئي ته پوءِ هندستان جي اڙهن سنسٿائون جي مدد وٺي سگھجي پئي جيڪي ٻوليءَ توڙي ثقافت جي دائري ۾ ڪم ڪن ٿيون. ان تنظميون کي حڪومت مالهي مدد ٿئي ٿي جنهن سبب چندي جا اگھ گھٺائي سگھبا هئا. هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪر اڙهيون سنسٿائون آهن ته پوءِ چندو ڇا لاءِ ؟ پر اجيب جيڙهي ڳاله ته اهي آهي جي اڙهي وڏي مسئلي ڏانهن ڪنهنجو به ڏيان ڪون ويو. سايد اسين سنڌيت جي نالي تي به پنهنجو هڪ ڏار سنگت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اهو  چڱن ڀيڙڻ ڏٺو ويو آهي ته جيئن جيئن هندستان ۾ سنڌين جي مالي حالت سڌرندي وئي سنڌين ٻوليءَ کان پري ٿيندا ويا ۽ جيڪي ماڻهو ان سنميلن ۾ اڇي گڏ ٿيا هئا تن مان گھڻائي انهن جي هئي جن جي گھرن مان سنڌي اڳين ئي نڪري وئي آهي. اسٽيج تي ويهاريل ماڻون مان اهو پڌرو هو ته هت انهن کي به مان پئي ڏنو ويو جيڪي جام ملڪتيون اڏائيندڙ آهن نه ڪي اهي  جيڪي قوم ۽ ٻوليءَ جي جاکڙي ۾ رڌل آهي. مايابين ڪوڏناڻي جي لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته کين گجرات جي صوبائي  وزير  آڏواڻي جي چئي مڪرر ڪيو هو، سو مايا بين جي وفاداري به سنڌين سان نه پر آڏواڻي سان آهي. سنڌي هئڻ ته مڙئي هڪ مِنهيون هو.  وزير ٿئڻ جي راه هئي .



هندستان ۾ به هڪ سنڌ وسي ٿو. ڪچڇ ۽ جيسلمير ۾ . پر اٿئون  جا مول نواسي ان سنميلن ۾ گھڻو تڻو گير حاضر رهيا. جيڪر اسين کين پنهنجو ڪري ڪون ليکينداسين ته نڪسان اسين رواجي سنڌين جو ئي ٿيئڻوآهي. ان ڳاله کي بلڪل نظرانداز نه ڪرڻو کپي ته سنڌي ٻولي ۽ ثقافت آهي جيڪا اسين شهرن ۾ رهندڙ سنڌين لڳ ڀڳ وساري چڏي آهي سا ڪچڇ ۽ جيسلمير ۾ اڃا به جنداه آهي  . عام طور سان هندستان ۾ جڏهن به ڪنهن قوم پاران جسلا يا ميلا ملاکڙا ٿين ته ايئن جام پيو ڏٺو ويندو آهي ته ماڻهو پنهنجي ثقافتي لباس ۾ پئي نظر ايندا آهن. پر ان سنميلن ۾ ايئن ڪون ڏٺو ويو. گھڻي تڻو سنڌي سُٽ ڪوثُ ۾ پئي نظر آيا. اها ڳاله موديءَ جي به نظر ڇڪائي. جيڪر ان سنميلن ۾ هندستان جي سنڌي الاڪن جا به ماڙوئڙا گڏ ٿين ها ته سايد مودي به سنڌين کي پارسين سان ڪون ڀيٽي ها. سنميلن ۾ نه هند ٿوڙي پرڏيه جا سنڌي هئا پر هندستان جي ميڊيا به حاضر هئي پر ان جي باوجود هندستان جي سنڌين جي صحيح سڃاڻپ ميڊيا جي اڳيا پيش ڪرڻ ۾ هي سنميلن ڪاسر رهيو. وڏو اتفاق اهو به آهي  ته گجراتي به سيڌين واڱر جام ڌنڌو ڪن، جدا جدا ملڪن ۾ ٽريل پکريل آهي پر هو جلسن ۾ خاص ڪري ڪڏهن به پنهنجي ثقافت لباس جو وسارن يا پنهنجي لپي جا نالي پنهنجي ٻوليءَ جو مذاق ڪون اڏارن. جيڪر هندي کي ڏسجي ، اها دنيا جي 17 ملڪل ۾ ڳالهائي ٿي وڃي. هندستان ۾ ان جي حالت اها ئي آهي جيڪا ٻئي ڪنهن صوبائي ٻولي جي ، فرڪ رڳو ايترو آهي جي ان جي تعداد گھڻي آهي پر ان جي باوجود هندي دنيا جي 17 ملڪل ۾ پئي ڳالهائي وڃي. جيڪر هو به سنڌين واڱر ڪن ته هندي هندستان ۾ ئي سمٽجي وڃي.



اميريڪا ۾ جڏهن اهي ساڳيا  سنڌي سنميلن ڪوٺائڻ جي سروئات ٿي ته مقصد اهو ئي هوندو هو ته سنڌين جو پاڻ ۾ رابطو وڌي جيئن جدا جدا شهرن ۾ رهندڙ سنڌي هڪ ٻئي جي ويجھو اچن. اميرڪا کان ٻاهر به جڏهن سنميلن ٿيا آهن تڏهن به مقصد ۾ ڪو به فيرو ڪون آيو آهي پر هندستان ۾ حالتيون بلڪل ڌار آهن. هت سنڌين جي وڏي آبادي رهي ٿي (سنڌ کان سواءِ). هندستان ۾ مسئلا رڳو هڪ ٻئي سان رابطي رکڻ جا ناهن. هت مسئلو سنڌي ٻولي ءَجي مستقبل جو آهي، سنڌي ثقافت جو آهي ، سنڌين جي سياسي حڪن جو ، مسئلو سنڌي صوبي جو آهي ۽ سڀني کان وڏو پنهنجي وجود جو آهي. سنڌي ڪائونسل آف آنڊيا کي ياد رکڻو کپندو هو ته سڄو هندستان اسان کي پيو ڏسي پر جيڪا سنڌي سماج جي تسوير اسين سنڌين پيش ڪئي سي سا اها ته اسين هيئر اوله جي سنسڪرتي سان ڌلجي ويا آهيون، اسان جي ڪا به ويش ڀوشا ناهي، اسان جو هندستان سان مٽي جو به رستو ناهي. اسان ٻين هندستاني سماج مان ڌار آهيون. اجيب جيڙهي ڳاله آهي ته ان سنميلن جي جاءِ کان 400 ڪوه مس پري آهي هند جو سنڌ يعني گانڌيڌام جو شهر وسيل آهي جيتي جام سنڌي رهن ٿا پيا . دنيا ڀر جا سيلاني جيڪر ڪچڇ جو رڻ اتسو ڏسڻ اڇي ٿا  سگھن ته ڇا هند توڙي سند کان ٻهر سنڌي ، اسانجو پنهنجو سنڌ ڏسڻ نٿا اچي سگھن؟؟؟؟ هندستان ۾ 400 کان وڌيڪ جاتيون آهن ۽ سڀني کي آزادي آهي ته پنهنجي ثقافت جو پردرشن ڪن ۽ ٿئي به ايئن ٿو پر سنڌي هڪ قوم آهي جنهن جو ورهاڱي جو روئڻ آهي جي نبري ئي نٿو نبري. ورهاڱي بعد پنجابين (سکن) به سنڌين واڱر ٻوليءِ لاءِ جاکڙو ڪيو. سندن جي پنجابي ٻوليءَ کي ته هندي جو لهجو مڃيون ويندو هو (۽ آهي)، قومن جي پاڻ ۾ جدوجهد هلندي رهندي پر ان سبب جي پاڻ کي سمٽي ڇڏجي سا ڳاله غلط آهي. هن سمنيلن هندستان ۾ سنڌين بابت سچائي پيش ڪرڻ ۾ يقينن سفل ڪون ٿي آهي. اسان پنهنجي هٿون هڪ سٺو معڪو وڃائي ويٺاسين.


پڇاڙيءَ جي ٻن سنليمن کان ۽ خاص ڪري ع2009 جي لاس اينجلس سنميلن کان پوءِ لپيءَ تيوري هل پيو ڪجي. رومن جي همايتون جو چوڻ آهي ته ڇو ته هندو سنڌين جي وڏي تعداد ننڊي کنڊ کان ٻاهر ٿي رهي جن کي عربي توڙي ديوناگري نٿي اچي سو سنڌين جي لپي مٽائڻ ضروري آهي، انگريزي هيئر دنيا جي ٻولي آهي سو اڳي پوءِ ماڻهو رومن جي ئي استمعال هيڪلي لپي جي روپ ۾ ڪندا وغيراه وغيراه .ڪيتري نه اجيب جي ڳاله آهي ته پتڏيه ۾ سنڌي باليووڊ جي فلميون سمجھي ٿا سگھن پر پنهنجي ٻولي يا ديوناگري لپي نه ............. اڄ اها ضروري به آهي ته ان رومن جي ڳوڙ کي منهن ڏجي. هڪ لڱي ڏسجي ته ننڊي کنڊ کان ٻاهر سنڌي ڪون پڙهن لکن. وري سندس تعداد به تمام ٿوڙي آهي. سنڌين جي مادري ٻولي بابت جيڪي به تحقيق ڪئي وئي آهي تن مان ٻولي نه پڙهڻ جي سبب ڪٿي به لپي نه رهيو آهي . هو نٿا پڙڻ ڇا ڪاڻ ته کين ان جي ضرورت محسوس نئي پئي ٿئي. وري سنڌي پنهنجي ٻارن کي هندي توڙي انگريزي تي ڄائي کان هيرين پر اميد ڪن (رڳو سنميلن ۾ )ته ٻار سنڌيءَ ۾ ڳالهائن. اها ته وري رڻ ۾ برسات جي اميد واري ڳاله ٿئي ٿي. سنڌين کان سواءِ هندستان جو ٻئيون به قوميون پرڏيه ۾ رهن ٿيون مثلن پنجابي (سک)، گجراتي، مليائي (هندستان جي صوبي ڪيريلا جا رهاڪو) يا وري تمل پر هو ته پنهنجي لپيون ڪون ٿا مٽائين.  جيڪا لپي ع2009 جي لاس اينجليس سنميلن ۾ سنڌين جي اڳيان رکي وئي سا پاڻ به تمام غلطيون سان ڀريل آهي (پڙهو منهنجو بلاگ “سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جو مثئلو ۽ رومنائيجيشن”) هڪ لڱي ڌسجي ته رومن جي 26 اکرن جي مدد سان ڪا به هندوستان جي ٻولي بلڪل صحيح ريت لکڻ اوکي ئي نه ناممڪن آهي ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ ۽ سندس لپيءَ جو هڪ گھررو رستو رهي ٿو جنهن کي نظرانداج نٿو ڪري سگھجي. اڙهي ڳاله ناهي ته ٻوليون جون لپيون ڪون ٿيون مٺائجن پر ان ۾ به ڪو تريڪعو ٿئي ٿو. اهو تريڪعو جيڪو مراٺين توڙي گجراتيون اپنايو. پر سنڌي سنسٿائون کي نه ڄاڻ اهي سڀ ڳاليون جي ڪا به اهميت ڪون ٿي ڏسڻ ۾ اچي. هن سنميلن ۾ به اڳ وارن سنميلن واڱر ئي منظر پئي نظر آيا. رومن کي هندستان جي عربي سنڌي لابي پارا تمام جوش ۽ فروش سان پيش ڪئي وئي اها ڳاله هر سنميلن ۾ ايئن به پڌري ٿيندي آهي.



هندستان ۾ رهندڙ سنڌي چڱن سالن کان پيا صوبي بابت ٿا ڳالهائن. هندستان ۾ جي سنڌي صوبي ناممڪن آهي ايڙهي به ڳاله ناهي. هندستان جي سنڌ سان سٽيل سرهدين کي  جيڪر ڏسجي ته اتي سنڌي نه صحيح پر سنڌيءَ جا لهجا ڳالهائجن پيا. سنميلن ۾ جيتوڻيڪ سري چند هندوجا صوبي بابت پئي ڳالهائو پر انهن کان سواءِ سايد ئي ڪنهن منهن کولي هوندو. ايئن ته لڳ ڀڳ هر سنڌي سنميلن ۾ اسين هند جا سنڌي پئي ڳالهائندا آهيون پر منجھي تڏهن پوندا آهيون جڏهن ان لاءِ جاکڙي جي ڳاله ايندي آهي. هندستان جا ٻه خصوسي سنڌي الائيڪا مثلن ڪچڇ ۽ جيسلمير ۾ رهڻ ته پري اسين اتئون جي ماڻهون سان رابطو به ڪون رکئون. انهن الاڪن ۾ به صوبي جون ڳالهيون توڙي جاکڙو اڳين ئي هلي پيو پر ان جي باوجود ورلي ئي ڪا هند جي سنڌي سنسٿا آهي جيڪا ان جاکڙي جي حمايت ڪئي هجي. ان جاکڙي ۾ حصو وٺڻ جي ڳاله پري آهي. ڪچڇ ۾ جيڪر ڏسجي ته صوبي جي ڳاله 2001 ۾ جور شور سان ٿي جڏهن ماڻهن کي لڳو ته ڪچڇ ۾ رهندڙ ڪچڇن سان جلجلي کان پوءِ مليل بدد ورهائڻ ۾ گجرات ٻيائي پئي ڪئي. پر تنهن مهل جي گھرُ منتري سري ايل ڪي آڏواڻِ ان کي ٻڌندي ئي کارج ڪيو سايد کيس گانڌينگر ۾ گجراتيين جي ووٽن جي تات  پئي ستايو. آڏواڻي ته ٺهيو پر ڪا به سنڌي سنسٿا ان تي هل ڪرڻ واجيب ڪين سمجھي. ها سنميلن ۾ مگرمڇ جا ڳوڙها هرڪو وهائي. اها هينئر هندستان ۾ سنڌين جي هڪ آدت ٿي پئي آهي. ۽ هن سنميلن ۾ به ايئن ٿيو.

ڪل ملائي هي سنميلن ۾ اهو ئي ٿيو جيڪو ره سنميلن ۾ ٿيندو آيو آهي. سٺو انتجام، سُٺا وچار، سٺيون ڳالهيون وغيراه وغيراه. سنميلن ۾ سنڌي اچن ٿا، ڳالائن ٿا ۽ موٽي پنهنجي پنهنجي گھر وڃن ٿا ڄڻ ڪا پڪنڪ ۾ پاڻ کي وندرائڻ آيا هجن. هڪ پڪنڪ نبري  ته ٻئي جي تياري شروع. چيو ٿو وڃي ته ايندڙ سنميلن ڪيريبين ۾ ٿيندو. اتي به اهو ئي ٿيئڻو آهي ، ڀاشڻ ٿيندا، موج ٿيندي ۽ ايندڙ سال جي سنميلن جي ٿڏي جي پڪ ٿيندي..........هي سنميلن ٺاڪ شو ئي نه پر فلاپ شو پڻ هو .......