February 19, 2012

آرڪشڻ ۽ هند ۾ سنڌين جي نمائيندگي





هن سال جون اُتر پرديش جو صوبائي چونڊيون ٻئي ڪنهن سبب ياد رهن يا  نه پر هندي  ڳالجهاندڙ مسلمانن لاءِ يقينن ياد ڪيون وينديون خاص ڪري آرڪشڻ يا ريجرويشن جي نسبت. ان جي شروعات چونڊن جي تاريخ جي پڌرائي کان ڪن ڏنهن اڳ ٿي جڏهن مرڪجي حڪومت جي يو پي اي سرڪار مسلمانن مسلمانن لاءِ چار سيڪڙو آرڪشڻ جي نسبت نوٽيفيڪيشن پڌري ڪئي. ايڙهي ڳالهن ناهي ته مسلمانن لاءِ آرڪشڻ جي ڳاله ڪا امالڪ اڀري آهي. ڪن سالن کان مسلمانن جي اها گھري رهي آهي ته کين به آرڪشڻ ڏنو وڃي. جيتوڻيڪ هندستان ۾ ڪي صوبن مسلمانن توڙي ڪريسچنن کي رجرواشن ڏني آهي پر مرڪجي ستهيه تي هي پهرون ڀيڙو آهي جڏهن ايڙهي رجويشن جي ڳاله ڪئي وئي آهي.

ڪانگريس جي هن قدم تي اڃا هل ماٺ مس جيڙهو ٿئو هو جي  ڪي سيڪولر ڪوٺائيندڙ پارٽيون مسلمانن سان پنهنجا پنهنجا آڪڙا پيش ڪيا. سواءِ ڀارتيه جنتا پارٽي ۽ ڪمونيسٽن جي سڀنن هڪ ٻئي جي ريس ۾ آڪڙن جي ڄڻ ڪا جنگھ ڇڙي حجي. ان سڀني جي وچ ۾ جيڪو سوال هندستان جي ميڊيا توڙي عام انسانن جي چپن تي رهيو سو ڳو اهو  ته “اها حمدردي ڇونڊن جي وقط ئي ڇو؟”  هندستان جي حڪومت پاران جيڪا مسلمانن جي مالي هالت سُڌارڻ جي نسبت جيڪا ڪميٽي جوڙائي وئي هئي يعني سچل ڪميشن جون به شفارشيون هئون ته مسلمانن ئي به نوڪرويون ۾ آرڪشڻ ملي. پر تنهن ڪميشن پاران رپورٽ کي ته ڀريا ڇه مهنا، پر ان ڇهن مهنن ۾ نه ته ڪانگريس کي نه ئي ڪنهن ٻئي سيڪولر پارٽين کي ان جي سار ستايو. ايڙهي به ڳاله ناهي ته جي اننا واڱر ڪو مسلمانن جا اڳواڻ ٻُک هڙتال تي بيٺا جي حڪومت وٽ ڪا مزبوري هئي.  

آرڪشڻ بابت سوچ نئين ناهي. آزاديءَ کان اڳ انگريجءَ پڻ  دليتن لاءَ آرڪشڻ جي چاه رکندا هئا پر ڪڏهن قامياب ڪين ٿي سگھا ڇاڪاڻ ته گانڌيجي ۽ ڪانگريس ايئن ٿيئڻ نه ڏنو. ڪڏهن پنهنجي انشن جي ذور تي ته ڪڏهن مسلمانن کي ڳول ميج ڪانفرينس ۾ رياتون ڏئي پاڻ ساڻ ڪري . ان مسئلي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گانڌيجي نه پئي چاهيو ته دليتن کي تنهن مهل ايڙهي ڪا ريئايت ملي  جنهن سبب هو هندن کان ڪنهن ڪدر ڌار پئي نظر اچن. سندس موجب ان سان هو مسلمانن واڱر ڌار ملڪ ڏانهن وڌي ٿا سگھن.

آزاديءَ بعد نيٺ دليتن کي  آرڪشڻ مليو. جيتوڻيڪ نه ڪو نهرو ۽ نه ئي بابا ڀيمراءُ امبيدڪر ان آرڪشڻ جا ڪنهن ڪدر حمايتي رهيا هئا پر عام دليتن ۾ آرڪشڻ بابت چاه ڏسي هنن به ڪو خاص وروڌ ڪين ڪيو گھٽ ۾ گھٽ منهن سامهون ته ڪڏهن به نه . سندن مڃڻ هو ته ايئن ڪرڻ سان ڪمزور جو واهيپو ٿيندو جيڪو اڳتي حلي ملڪ لاءِ نڪسان  وارو فيسلو سابت ٿيندو. پر ان جي باوجود ان آرڪشڻ جي سروع ۾ ڏهن سالن لاءِ عمل ۾ آندو ويو سوچ سان ته جيئن جيئن دليتن جا مکتليف جاتيون اڳتي وڌنديون وينديون ، آرڪشڻ جو دائيرو گھٽندو رهندو ۽ نيٺ اهو پورو سلسلو بند ڪيو ويندو. پر ايئن ٿيو ڪون. هندستان جي سپريم ڪورٽ به ايڙهو رايو جاري ڪيو هو ته ڪريمي ليئر يعني اڳتي وڌي ويل  جاتيون کي ان دائيري کان ٻاهر ڪيو وڃي پر سياسي پارٽيون جي ووٽ بينڪ جي سياست ايئن ٿيئڻ ڪين ڏنو.

رجرويشن توڙي آرڪشڻ تي هندستان جي سياست ۾ وڏو توفان وي پي سنگھ جي وقت ۾ آهيو جڏهن اندرا گانڌي پارا جوڙايل دليتن بابت ڪميشن “منڊل ڪميشن” جي شفارشيون کي لاڳو ڪرڻ جو فيسلو ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ان ڪدم جو  ڪنهن منهن سامون وروڌ ڪين ڪيو پر ان ڪو به شڪ ناهي ته اهو هڪ سياسي داءُ هو. وي پي سنگھ جي ليکي اڙهي قدم سان هو پنهنجي پارٽي جنتا دل کي اها جاءِ ڏيئارڻ ۾ ڪاميان ٿينو جيڪا 1970 ۾ اندرا گانڌي جي چونڊن ۾ شڪست جي مهل هئي ۽ ان کان وڏي ڳاله ته هو بي جي پي جي وڌندر سگھ جي ڪنهن ڪدر گھٺائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. ٿئون به ڪجه ايئن ئي بي جي پي ساٿ ڇڏيس، حڪومت ڪري پئي  پر ان جو فائيدو کيس ڪون مليو ڇا ڪاڻ ته بي جي پي ڪنهن ڪدر منجھي ضرور پئي پر نيٺ ان مسئلي کان اڀري پڻ آئي.  جيتوڻيڪ سندس تنهن مهل جا ڪي پوئيلڳ ڪن سالن تائين يو پي ۽ بهار ۾ دليت توڙي او بي سي ڪارڊ تي دم تي پنهنجي پنهنجي سياست چمڪائي جيڪا ڪنهن هد تائين هينئر بهوجن سماج پارٽي يو پي ۾ پئي چمڪائي.

پر ان سڀني ڳالهئون ۾ هڪ ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هندستان ۾ شهرن ۾ خاص ڪري دليتن جي حالت ڪنهن ڪدر سُڌري آهي. هو پنهنجي حڪن جي نسبت سُجاڳ ٿيا آهن. آرڪشڻ ۾ دليتن کي ڪجه رئاتيون ڏنيو ويو آهن مثلن سرڪاري نوڪريون (صوبائي توڙي مرڪجي حڪومتي) ۾ تڪيو مهفوظ رهڻ، سرڪار پارا پڪ ڪيل اُمر ۾ رياتيون، سرڪاري امتهانن جي فيس ۾ رياتئون، ڪاليج توڙي يونيورسٽي، ميڊيڪل۽ انجنِئرنگ ڪالج ۾ تڪيون محفوظ ڪرڻ، صوبائي اسلمبلي توڙي لوڪ سڀا ۾ تڪيو مهفوظ ڪرڻ تائين شامل آهن. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته مسلمانن کي اهي سڀ رئاتيون لُڀائين ٿون ۽ سياستدانن کي مسلم ووٽ جيڪو اڄ به هندستان ۾ تمام گھڻو احميت ٿا رکن. ساڳي ريت ڪرسچن ۾ به  مسلمانن واڱر دلتن جي وجود جو  مِنهون ڪري ساڳي رئايتون  جي گھر ڪندا رهيا آهن خاص ڪري انهن صوبن ۾ جتي هو گھڻائي ۾ آهن.

هندستان جي سنويڌان ۾ رڳو هندن ۾ ئي دليتن جي وجود کي قبول ڪيو ويو آهي. هندستان جي سنوڌان کي جوڙائيندڙن جو مڃڻ هو ته اڳوڻي زماني کان دليتن تي ويل ٿيندا آيا آهن. جيڪر هندو گرنٿن جي ڳاله ڪجي ته رامايڻ توڙي مهاڀارت ۾ ان جو ذڪر صاف ۽ چٽي ريت بيان ڪيل آهي. جيتوڻيڪ ڌرم مٺائڻ جو سلسلو دليتن ۾ گھڻو ٿيو آهي پر جيڪي مثال دليت هندن ۾ ملن ٿا  سي ڪرسچنن ٿوڙي مسلمانن ۾ نٿا ملن. وري جڏهن لڳ ڀڳ  هڪ سدي اڳ هندستان ۾ بابا ڀيم راءُ  امبيدڪر دليتن لاءِ جاکڙو ڪيو ، تنهن مهل ڪو به مسلم يا ڪرسچن دليد سندس اڳيان ڪين بيٺو. اهو ئي نه پر مسلم ليڳ به گانڌيجي سان ڳڏ هڪ ٿي بيٺا پنهنجي فائيدي کي ڌيان ۾ رکندي،  اهو ڄاڻندي به گانڌيجي دليتن جي حڪن سان پورو ايمانداري نه پيو ڏيکاري.

ايڙهي ڳاله ناهي  جي هندستان ۾ هندن ۾ رڳو دليت پيا آرڪشڻ جي گھُر ڪن. پڇاڙيءَ جي ڪن سالن ۾ جاٽ، گرجر به ساڳيون رياتون جي ساڱي ايتجاج پئي ڪيا آهن. پر سال راجسٿان جي گرجر جاتي واري پنهنجي آڪهين سُڌا اچي ريل جو پٽريون پئي والاريون ته جيستائن کين دليتن جي ريت آرڪشڻ نه ڏنو ويندو تيستائين هو ريلن جي اچ وڃ بند ڪندا. ان سبب هندستان جي ريل وڀاڳ کي جام نڪسان سٺڻو پيو. وري رواجي ماڻهون کي جيڪا تڪليف تي سو ڌار. اهي ايتجاج تڏهن ڍرا ٿيا جڏهن ڪورٽن حڪومت توڙي ايتجاج ڪندڙڻ کي هندستان جي ڪورٽن فٽڪار لڳائي.

سياسي پارٽيون لاءِ دراصل مسئلو اهو آهي جي سنويڌان موجب آرڪشظ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ نٿو ٿي سگھي سو هينئر جيڪر ارڪشڻ ڏنو به ويو ته هاڻوڪي ڪوٽي مان ئي ڏيئڻو پوندو. هينئر جيتوڻيڪ اهو آرڪشڻ او بي سي جي 27 سيڪڙو ڪوٺي مان ڏيئڻ جي ڳاله پئي ڪئي وڃي پر اهو ممڪن ناهي ته او بي سي (ادر بيڪورڊ ڪلاس) وارا جو گھڻا ڏنهن ماٺ رهندا. پنهنجي حڪن جي لڙائي سندن اڳي به لڙي آهي ۽ ان جو ڪو به سبب ناهي جي هو هينئر ڪين وڙهندا.

جيستائين سنڌين پارا رجرويشن جي آهي ته پڇاڙيءَ جي ڪن سالن ۾ ان جي گھر ڪنهن ڪدر وڌي آهي. پر سنڌين پارا آرڪشڻ جي گھُرن ۾ جاٽن يا گرجر جي پاران گھُر ۾ فرڪ آهي. سنڌي ڪڏهن به سرڪاري نوڪريون يا تعليم سنسٿائون ۾ تڪيون مهفوظ ڪرڻ لاءَ ڪا آرڪشڻ جي گھر ڪين ڪئي آهي. مُمبئيءَ ۾ جتي سنڌي تمام گھڻا تعلمي سنسٿائو ڪايم ڪيون آهي جيتوڻيڪ ڪنهن حد تائين  سنڌين لاءِ ڪي تڪيون مهفوظ رکيون ويو آهن پر سرڪار کان ڪڏهن به ايڙهيون گھريون سنڌين ڪين ڪيون آهن. ان جو هڪ سبب اهو آهي ته هندستان ۾ سنڌي هٿ ڪين فهلايا آهن . مول طرح ان کي غلط سمجھيون ويندو آهي سواءِ ان مسئلن جي جتي مسئلو سنڌين جي وس کان ٻاهر آهي. جيستائين ڳاله اجويڪا جو سوال آهي ته اهو جام ڀيڙا لکيو ويو آهي ته ٻين قومين جي ڀيٺ ۾ سنڌين حمومت کان ساٿ نه جي برابر ورتو آهي. وري ورهاڱي بعد ڌنڌن ۾ وڌيڪ چاه وٺڻ سبب اسين نوڪريون تمام گھٽ ڪيون  جنهن سبب آرڪشڻ سبب ڪو خاص نڪسان پيو ٿئي ايڙهو به ڪڏهن مهسوس ڪين ڪيو ويو  آهي.

پر جيستائين ڳاله آهي سنڌين جي نمائيندگ جي ته يقينن پڇاڙيءَ جي ڪن سالن ۾ ان جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي ته سنڌين جي نمائيندگي جي نسبت ڪنهن ريت جو ارڪشڻ ٿيئڻو کپي. ان جا سبب ڳولهي ڪڏهڻ به ڪو گھڻا ڏکيا به ناهن. هندستان ۾ سنڌين گھڻائي وارن مختليف الائيڪا ڪجه هن ريت آهن بمبئي جي ڀرسان الهاسنگر (سنڌو نگر)، ڪُبيرنگر (احمد آباد)، بيراگھرڙ (ڀوپال)، گانڌيڌام (ڪچڇ). ان ايلاڪن ۾ جيتوڻِڪ صوبائي اسلمبلي چونڊن ۾ سنڌي ووٽ اهميت ٿا رکن پر جيستائين لوڪ سڀا جي ڇونڊن جي ڳاله آهي اڄ به اسين هڪ به تڪ کٺڻ جي حالت ۾ ناهيون. ان جو مطلب اهو ئي ٿيو جي جيڪي به مرڪجن ستح تي سنڌي اڳواڻ رهيا آهن تن جو سياسي وجود سنڌين کان وڌيڪ اڻ سنڌين تي دارومدار ٿو رکي. اهو سبب آهي ته هو سنڌين جي حڪن جي لڙائي ئي اڄائي ڪري ليکندا آهن جڏهن ته اڻ سنڌين جي ننڊي ۾ ننڊي ڳاله کين پريشان ڪندي آهي. ان جي هڪ مثال رام جنم ڀومي جي تحريق مهل ڏسڻ ۾ آئي هئي جڏهن لعل ڪرشن آڏواڻي سومناٿ کان ايوڌيا تائين پنهنجي رٿياتراجي  داحميد آباد  مان گھزرندي مهل  ڪن سنڌين جي جسلي يا ميراڙڪي لاءِ ٻه لفظ ڳالهائڻ واجب ڪين سمجھيو جڏهن ته گجراتين لاءِ جدا جدا الاڪي ۾ پنهنجو ڀاشڻ ڏنو. وري صوبائي اسلمبلي ۾ به سنڌي اميدوار الهاننگر يا ڪبيرنگر کان الاوا سايد ئي ڪو الائيڪو آهي جتي اميدوار سنڌين جي مسئلن کي  سنجدگي سان ٿا ڌيان ڏين.

ايڙهي ڳاله ناهي ته سنڌين سياسي پارٽيون ۾ پنهنجي نمائيدگي واڌائڻ لاءِ سياسي تنظميون تي ڪو ذور ڪين ڏنو آهي. پر ان جي باوجود چونڊن ۾  ٽڪيٽان ايڪڙ ٻيڪڙ تڪيون تي ئي ڏنو ويو آهن اهو به تڏهن جڏهن جيت جو آسيرو تمام گھٽ هجي. ايڙهي هڪ مسال ڇتيسگڙ ۾ رايپور جي ڀرسا راجنند گاءُ ۾ ڏٺو ويو ته جڏهن ڀارتيه جنتا پارٽي جي خٽڻ جي اميد نه جي برابر هئي ته سنڌيءَ کي ٽڪيٽ ڏني وئي ،جڏهن ڀاجپا جي حالتن ناڻي جي موٽ ۾ سنسد ۾ سوال پڇڻ تي جي ڳوڙ ۾ سندس  ويٺل سانسد کي استعفو ڏيئڻو پيو. جيڪو سنڌي اميدپوار ٿي بيٺو سو به اندازي موجب کٽي ڪين سگھيون. وري جتي سنڌي چونڊجي ٿا به اچن اتي سنڌي اڳواڻ به ڪو سنڌين جي مسئلي تي ڌيان نٿا ڏين. سڀاوڪ آهي ته ان سان ان سنڌي اڳواڻ کي ڪو به سياسي نڪسان نه پيو ٿئي ڇاڪاڻ ته هو سنڌي ووٽن تي نٿا چونڊجن. اهو ئي سبب آهي جي سنڌين کي اهو مهسوس ٿيئڻ لڳو آهي ته جيڪر سنڌي قوم کي هڪ يا ٻه نمائيندا محفوظ ڪيا وڃن ته گھٽ ۾ گھت اهي ته قوم لاءِ ئي ڪم ڪندا ڇا ڪاڻ ته کين ان نڳاله جو ڊپ رهندو ته جيڪر سنڌين جي مسئلن تي نه ڌيان ڏنو ويو ته يقينن ٻهر سنڌي ڪوٽي ۾ ٽڪيٽ به ڪين ملندي.

ايڙهي ڳاله ناهي جي هندستان ۾ ايڙها مثال ناهي. اينگلو انڊين قوم کي اڳي ئي ايڙهيون رياتيون ڏنو ويو آهن جنهن جي حالت هينئر ڪنهن ڪدر سنڌين جيڙهي آهي. سنڌي اها گھر گھڻ سالين کان ڪن پيا. سنڌين سان مسيبت آها رهي آهي ته جن کي ان ڳاله تي هل ڪرڻو کپندو هو سي خاموش آهن. اڄ تائين ورلي ئي ڪو سنڌي سياستدان ان مسئلي تي ڪجه ڳاليائو هوندو. اهو ممڪن آهي ته ان سياستدانن کي به ڪٿي نه ڪٿي اهو ڊپ رهيو ئي آهي ته جيڪر سنڌين لاءِ تڪيون لوڪ سڀا ۾ مهفوظ ڪيو ويون ته سندن سياست جو ڇا ٿيندو؟. ايئن ته نه ٿيندو جي اينگلو اينڊين واڱر هو رڳو سنڌي ڪوٽي ۾ لوڪ سڀا ۾ گھُري سگھندا.

ايڙهي ڳاله ناهي جي هندستان ۾ رڳو لوڪ سڀا جي تڪيون مهفوظ رکڻ جي رواج ناهي. اينگلو انڊين قوم کي آزاديءَ بعد کان ئي اها سهوليت ڏني پئي پڃي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌين کي وقط بي وقط اها ڳاله ذهن ۾ پئي اندي رهي آهي ته جيڪر اينگلو اينڊين ته پوءِ اسين ڇو نه ؟ سنڌين پاران جتي پُڳو آهي اتي ان مسئلي ڏانهن پنهنجي قوم توڙي ميڊيا جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. ايڙهي گھر رام جنم ڀومي جي جاکڙي وقط سري ڪي آر ملڪاڻي کي اڳيان رکي وئي هئي وري مشهون سنڌي واڻيڪو گھراڻو هندوجا جي سربراه شريچند هندوجا ان ڳاله کي لڳ ڀڳ هر سنڌي جسلي ۾ اٿاريندا رهيا آهن ته سنڌين کي به مرڪجي ستهيه تي ڪنهن ڪدر لوڪ سڀا ۾ تڪيون مهفوظ ڪيون وڃن جنهن کي هندستان جي ميڊيا خاص ڪري انگريزي ميڊيا به جام ڪوريج ڏنو.
هندستان ۾ سنڌي حقن جي نسبت هڪ ٻئي ڳاله جيڪا هميشاه ئي اڳيان ايندي رهي آهي سو آهي ايتجاجن جي. اهو جملا جام ٻڌبا آهي ته سائين حقن جي نسبت ايتجاج ڪرڻ جو وقط ڪٿي آهي سنڌين کي ؟ اسين مان گھڻا آهن جيڪي پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي بند ڪري ايتجاج ڪندا رستن تي ؟ اسين ته ناڻي ڪمائڻ ۾ ئي پورا آهيون وغيراه وغيراه. دراسل اهي سڀ ڳالهيون ان لاءِ ٿيو اچن جي اسين سنڌي هندستان ۾ ساڳيا منظر پيا ڌسئون جدا جدا قومن ۾، جتي جتي سنڌي وسيل آهن. ۾ثلن هڙتالين ڪرڻ، ريل يا رستا روڪڻ وغيراه وغيراه وري هندستان ۾ جنم ورتل ٽهي کي سنڌي ٻوليءَ جي جاکڙي نسبت ڄاڻ تمام ٿوڙي رهي آهي. ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڇو ته اسين ٻوليءَ کان ڪنهن ڪدر پري ٿيندا ويا آهيون سو ٻوليءَ جي طسليم جي نسبت ڪيل جاکڙي سان به اڻ واقيف آهيون. جڏهن سنڌين هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جو جاکڙو شروع ڪيو هو نعني 1948 ۾ تڏهن سنڌين جو هڪ وڏو تبعڪو پنهگري ڪيمپن ۾ رهندوهو. اهو ئي  نه  پر نئين ملڪ ۾ اسين تن ڏنهن ۾ ٻن ويلن جي سُکي ماني لاءِ به ڳڻتيون ڪندا هئاسين. پر ان جي ٻاوجود اسين استجاج ڪياسين. سنڌين ڪو ان لاءَ ريل ڳاڍيو ڪين روڪيون يا هٽ بازاريون بند ڪيايون يا حڙتاليون ڪيو. سنڌي رڳو جلسا ڪيا. ميڊيا ۾ پنهنجي ڳاله رکي، هندستان ۾ ٻوليءَ توڙي حڪومت جي ڳليارن ۾ سگھ رکندڙ کي پنهنجي جلسن ۾ گھرائي مکيه مهمان ڪري پيس ڪندا ڪئاسين جيئن کين سنڌي قوم توڙي سنڌي ٻولي بابت ڄاڻ هجي. هندستان جي سنسد ۾ جيڪي به سنڌي هئا سي ٻوليءَ جو مسئلو زور شور سان سنسد ۾ اٿاريندا هئا. سنڌين رڳو سنڌين جي نه پر اڻ سنڌين سياستدانن ۽ هندي ٻوليءَ جي لکڪن جي به مدد ورتي، اهو ئي سبب آهي جي نهرو جي سکت وروڌ جي باوجود سنڌي ٻوليءَ جو جاکڙو ڍرو ڪين ٿيو ۽ نيٺ هندستان ۾ سنڌي ٻولي تسليم تي اهو به تنهن مهل جڏهن هندستان ۾ قومي ٻوليون ۾ رڳو 12 ٻوليوون هئون جيڪي هينئر 22 ٿيو آهن.

سنڌين جي نمائيندگي جو مسئلو تمام اهم مسئلو آهي جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. پر ان منجھ هڪ ٻئي به ڳاله آهي جن کي اسين نظرانداز ڪيو آهي سيستائين مثلن ووٽ بينڪ جي سياست. عام طور سان ووٽ بينڪ جي سياست جي جموريت جي اصولن جي کلاف  مڃيو ويو آهي ڇا ڪاڻ ته ووٽ ڏيئڻ هڪ نڄي مسئلو آهي پر سايد ئي ڪو ان ڳاله کي نظرانداز ڪندو ته جيڪر اهي دليت ووٽ نه هجن ها ته نه ئي اندرا گاندي اها منڊل ڪميشن برپا ڪري ها ۽ نه اهي وي پي سنگھ منڊل ڪميشن لاءِ پنهنجي حڪومت کي داءُ تي لڳائي ها ۽ نه ئي وري هندستان ۾ مسلمانن لاءِڪي سياسي پارٽيون اهو رجرويشن جو ڊرامي ڪري ها. سندن اهو ڊرامو ان جي باوجود کيڏي ڏيکارو جي هندستان ۾ سنويڌان ۾ ڌيم جي نالي تي آرڪشڻ يا رجرويشن طسليم ڪين ٿي ڪري سگھجي. جيڪر ايڙهو ڪو فيسلو ڪيو به ويو ته به عمل ۾ ڪين ايندو ڇا ڪاڻ ته ڪورٽ ان فيسلي کي رد ڪري ڇڏندو.
سنڌين جي هندستان جي ڪن الاڪن ۾ سٺا ووٽ آهن. مثلن مڌي پرديس جي ڀرسان وارو صوبو چتيسڳڙ ۾ 90 تڪيون مان 10 ايڙهيون تڪيو آهن جتي سنڌي ووٽ هار جيت جو فيسلو ڪري ٿا سگھن پر ڇو ته اسين سنڌي انڌن واڱر بي جي پي ڏانهن مائل آهيون سو انجو فائيدو ڪين وٺي سگھندا آهيون. جيڪر سنڌي هڪ ٿي ووٽ ڏين ته اهي ڏنهن به پري ناهن ته لڳ ڀڳ هر سياسي پرٽي سنڌين کي به اها احميت ڏيندا جيڪا ٻين قومن کي ڏين پيو.

هي فيسلو اسان کي ڪرڻ آهي ته ڇا اسين پي جي پي جا پوئيڳ تي رهڻ ٿا چاهيون يا پنهنجي حقن جي جاکڙي لاءِ ڪنهن ڪدر سُجاڳ ٿا ٿيئن چاهيون.
هي مسئلو انتهائي وڏو آهي.
  





     

February 12, 2012

ڳالهئون هند ۾ سنڌي صوبي جون



ڳالهئون هند ۾ سنڌي صوبي جون

وطن کان جان به گھري، پوءِ به ثوڙي
سنڌين جان نه گھوري، وطن گھوري آئا.

سنڌي ڪوي ڪرشن راهي جون هي سٽيون سنڌي قوم ۽ خاص ڪري هندو برادريءَ جي هڪ اهم تاريخي حقيقت جي نسبت  لکي وئي هئي. سنڌين ۾   جيڪي هند ۾ ڄاوا آهن تن منجھ هڪ سوچ هميشاه ئي رهي آهي ته سنڌين (هندن) ورهاڱي جي نسبت ڪو به انتظام ڪين ڪيو هو، سو جڏهن هندستان مان مسلمان ڪاهي آيا ته ته سنڌين رڳو پنهنجي جان بچائڻ ۾ اهي پنهنجي وڏي ۾ وڏي قاميابي پئي سمجھي. اها سوچ تڏهن وڌيڪ پکتي ٿيندي آهي جڏهن سنڌين کي هند ۾ پنهنجي لاءِ کصوسي الاڪي جي سار پئي ساريندي آهي. اهو ئي سبب آهي جي اسين گھمي فري ڪنهن نه ڪنهن  ريت ان ساڳي مسئلي تي اچي ٽڪندا آهيون ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي ٿو سگھي ته سنڌ جا هندو اڳواڻ حالتيون کي ڀاپي ڪين سگھيا ؟ اهو ڪيئن ممڪن آهي جي سنڌ ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ 1943 ۾ پارت ٿيو  پر هندن ان تي بلڪل ڪو هل ڪين ڪيو ؟ وري ايڙهي به ڳاله ناهي جي مهاجرن جو سنڌ توڙي پنجاب ڏاهن لڏي اچڻ جو به انديشو ڪين هو. مولانا ابوڪلام آزاد تڪرير مٿون تڪرير ڪيون هئون جنهن مان صاف هو ته مهاجرن جو لڏپڻ مسلمانن جي گھڻائي واري صوبن ڏانهن ٿيندي جنهن سبب سنڌ تي ان جو اصر پوڻ لاظمي هو.

ايڙهي به ڳاله ناهي ته سنڌين هندن بابت ڌار صوبي جي ڳاله ڪين ٿي هئي. هندو مهاسڀا (جيڪا تنهن مهل هندن جي ٻئي نمبر جي پارٽي هئي ، ڪانگريس کان پوءَ) سي هميشاه ئي ان مسئلي کي ذور شور سان ماڻهن اڳيان رکڻ پئ چاهيون پر ڇو ته رواجي  سنڌيين (هندو توڙي مسلمان) ۾ اهي وڇوٽيون ڪين هئون  جيڪي بنجابين توڙي بنگالين ۾ جام ڏسڻ ۾ اينديون هئيون ، سو سنڌ جي ورهاڱي جي ڳاله سنڌين جي ذهن ۾ ڪڏهن به ڪين آيون. وري ورهاڱي جي وقط هندستان ۾ ٽي ايڙها الائيڪا هئا جنهن تي فيسلو ٿيئڻ ۾ جام دير ٿي مثلن بهار ۾  ڪشانگنج، آسام ۾  شيلاٽ ۽ سنڌ ۾ ٿر پرڪار. جناح  ڪشانگنج ۽ شيليٽ (جن ۾ مسلمانن جي گھڻائي هئي )بابت ماٺ رهيو. هو ان لاءِ ماٺ رهيو ڇاڪاڻ ته جيڪر هو ان الاڪن تي هائي گھوڙا ڪري ها ته ڪانگريس سنڌ جي ورهاڱي کان ڪين مُڙي ها. وري ٻئي پاسي ڪانگريس ڪشانگنج توڙي شيلاٽ کي هندستان ۾ رکي گد گد ٿي ڇاڪاڻ ته  ان مسلمان گھڻائي وارا الائيڪا هندوستان ۾ رکي اهو پئي ڏيکارڻ چاهيو ته سڀ مسلمان مسليم ليڳ جي ساڻ ناهن. جناح جي شيلاٽ ۽ ڪشانگنج تي جد نه ڪرڻ جي سبب بلڪل ڌار هئا. جيڪر هو ان الائيڪي تي هل ڪري ها ته کيس سنڌ جو ورهاڱو به قبول ڪرڻو پري ها. ان ورهاڱي سان جناح کي کترو اهو هو ته جيڪر ٿرپرڪار ۽ حيدرآباد جي الاڪو هندستان ۾ هٿن ۾ هجي ها ته جناح جي انديشي موجب سنڌو نندي پار ڪري ڪنهن به مهل هندستان ڪراچيءَ کي پاڪستان کان ڌار ڪرڻ جو کترو هو جيڪو جناح ڪڏهن به پئي چاهيو. سو جناح جو فئسلو پنهنجي رياست جي سوگھو ڪريڻ جي نسبت هو. پڇاڙيءَ ۾ ان ۾ به ڪو به شڪ ناهي ته ڪانگريس ۾ جيڪي سنڌي اڳواڻ هئا مثلن آچاريه ڪريپلاڻي، چوئٿرام گڏواڻي ۽ جيرامداس دولترام ڪڏهن به ان مسئلي تي هائي گھوڙا ڪين ڪئي، جنهن جو پوري فائدو يو پي ، سي پي جي ڪانگريسي اڳواڻن ۽ خاص ڪري نهرو  ورتو. جيستائي هندو مهاسڀا جي ڳاله آهي ته هندون ۾ اها ٻئي درجي جي پارٽي هئڻ جي باوجود سنڌي هندن  ان پارٽي کي مول ڪين ڏنو  ڇا ڪاڻ ته تنهن مهل ڪانگريس جو به اهو پريپاگينڊا هو جيڪو هنئر بي جي پي لاءِ آهي.

سنڌين کان سواءِ جيڪي ٻيون قوميون ان ورهاڱي جا ڪهر سٺا مثلن پنجابي (هندو توڙي سک) هنئر ان ورهاڱي کان جام اڳتي وڌي چڪيون آهن. مونکي ياد ناهي ته ڪڏهن  بنگالين توڙي پنجابين سنڌين وارو ورهاڱي وارو روئڻ روڃو هوندي پڇاڙيءَ جي چئن ڏهاڪن ۾. پڇاڙيءَ جي مُڃي سديءَ جي جيڪر ڳاله ڪجي ته ان ارصي ۾ انهن قومئون ۾ خاص ڪري سکن پنهنجي حالتيون ۾ جام فرڪ آندو آهي. ورهاڱي کان اڳُ  ڳڏيل پنجاب ۾ مسلمان 55 سيڪڙو ، هندو 30 سيڪڙو ۽ سک مس جيڙها 18 سيڪڙو هئا پر ان جي باوجود ورهاڱي جي ٻن اڍائي ڏهاڪن جي اندر  سندن نه رڳو پنهنجي ٻوليءَ پنجاب جي دفتر ي ٻولي تصليم ڪيائي پر پنهنجي لاءِ صوبي جو وجود وڌو. اها ڳاله بلڪل نه وسارڻ گھرجي ته پنجاب ۾ ورهاڱي کان اڳ پنجابي ٻولي نه پر اردو ٻولي دفتري ٻولي هئي جيڪي پنجاب جي هندو برادري  به  تمان گھڻي چاه ۽ فڪر سان پڙهندي لکندي هئي، پر جڏهن آزادي بعد جڏهن پنجاب صوبي جي دفتري ٻوليءَ جي مسئلو آيو ته هندن هندي جي حمايت ڪئي . آدمشماري ۾ به هو پنهنجي ٻولي پنجابي نه پر هندي لکائڻ لڳا. سندن ليکي پنجابي ٻولي نه پر هندي جو هڪ لهجو آهي سو هڪ ڌار ٻوليءَ جي حسيست نٿي لهڻي. سو هندستان ۾ پنجايت ٻوليءَ جي باني هندو نه پر سک ئي هئا . اڄ بنگالين واڱر هو به هندستان ۾ هڪ خاص جاءِ ٿا والارن.

سنڌين سان وري ايئن ناهي ٿيو . سنڌ جي حالت ڪنهن ڪدر مختليف هئي. جڏهن ته پنجاب  ۽ بنگال جا ٻئ حصا پنجاب ۽ بنگالن پاڻ ۾ وراهايا پر سنڌ سان ايئن ڪين ٿيو. سنڌ جي هندو برادي هندستان ۾ در در جا ڌڪا کائڻ لاءِ مذبور ٿيا جڏهن ته سنڌ ۾ يو پي سي پي جي مسلمانن جي ساهبي ڪائم ٿي.سنڌ جي مسلمان جي جيجر ڳاله ڪجي ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي سندن هندن جي ڀيٽ م جيتوڻيڪ ڪينپن ۾  ڪون رهڻو پرو آهي ان جي باوجود ڪراچي ۽ حيدرآباد مان سنڌي ٻوليءَ سان ڳڏ  سندس ۾ نيڪالي ٿي آحي.   جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي نانءُ تي هندستان ۾ سنڌين حاصل ڪئي پر ايڙهي به ڳاله ناهي جي اسين ٻوليءَ کي ڪدر اڳتي وڌائي سگھياسين. ٻوليءَ جي طسليم ٿيئڻ جي خوشي توڙي فڪر ، فڪي لپيءَ جي ڳوڙ ڪيو جان اڳتي وک وڌائڻ کان هاٿيون سسندي وئي جيڪو سلسلو اڄ به سانده هلندو پيو اچي. پر لک روپئي جو سوال اهو آهي جي اسين ڇو  ورهاڱي جي مني سديءَ کان پو ءِ به اسين ڇو  ورهاڱي جي اڳ جا ڏنهن ياد ڪري پنهنجون اکيون اليون ڪندا آهيون. اهو ڇون نه آهي جي اسين ڇو  وقط سان ننڊي کنڊ جي ٻين قومن جي ريت اڳتي وڌي سگھياسين. ايئن ڇو آهي جي اسين اڄ ان مسئلي پي پاڻ ۾ بهس پئي ڪندا آهيون ته اسان سنڌ تڪڙ ۾ آلودا ڪئي. سوال اهو به آهي ڇو اسين سنڌ جي هندو توڙي مسلم برادري وقط سان حالتيون جو انديشو ڪين لڳياسين ته پاڪستان جي وجود بعد حالتيون ڪيئن فري ٿيون سگھن؟

هندستان ۾ لڏي آيل سنڌين جي ذهن ۾ اهو سوال  هميشاه ئي رهيو آهي ته هندن لاءَ سنڌ اها ڪين رهي جيڪا اڳين هئي. سنڌين لاءِ حالتيون تمام ڪتڙيون فرڻ لڳيون هئون. ان جو هڪ وڏو سبب جن يو پي سي پي جي مسلمانن.  جن کي  پنجابين تائين ساٿ ڪين ڏنو (ان جي باوجود جي پنجابي ۽ هندستان مان لڏي آيل مهاجر ساڳي ٻولي جو استعمال  ڪندا هئا) تن کي سنڌ جا مسليم ليڳي سياستدان مٿي تي چاڙهي ويهارو. مهاجرن کي وسائڻ لاءِ هر شهر کولي ڏنا ويا. ايڙهي ڳاله ناهي جي سنڌ ۾ سنڌي قوميپرستي ڪا گھڻي ڪمذور هئي پر الاهه بخش جي شهادت بعد سنڌ جي سياست جي جي ايم سيد جيڙا اڳواڻ سنڌ کي ڌارين جي هٿ ۾ ڏئڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪين ڇڏي.  ان سبب سنڌ وري ان حالتيون کان اڀري ڪين سگھيون.(هينئر يو پي سي جا اهي ڀئيا ايترا ته سگھرا ٿي پيا آهن جي سنڌ جي وهاڱي جا خواب پيا ڏسن ).


مهاجرن به ان مهمان ناوازيءَ جو پورو فائيدو ورتو. تن ڏنهن ۾ هو بنا ڪنهن ڊپ مان ئي جوندي ئي ٻڌٻا هئا ته “ اسين سڀ ڪجه ڇڏي آيا آهيون سو اسين هت هندن کي فرڻ جي حق ٿا رکون”  ۽ سندن ڪيو به ايئن ئي. دل کولي جيترو پڳن ان ريت فساد ڪيا جڏهن ته پليس ۽ ٻيون سرڪار ي تنظميون مڙئي تماشو ڏنسديون رهيون جڏهن ته هندن جي لڏپڻ ڏنهنهون ڏنهن ويئي تيز ٿيندي. ڇوندا آهن جان آهي ته سڀ آهي ۽ هندن ايئن ئي ڪيو. ورهاڱي بعد  حڪومت پاران خاص ڪري مرڪجي حڪومت پارا سکت هدايتون پڌريون ڪيو ويو جيئن فسادئين تي ڪا به ڪارواهي نه ڪ.ي وڃي. هندن جي اڳوپوءِ سنڌ واندائي اڙهي به ڳاله ناهي. هندن جي اها لڏپڻ سانده 5 سالن تائين هلي. هندن جي ان لڏپڻ کي ذور  وٺائڻ لاءَ حڪومت ڪا به ڪسر ڪين ڇڏي. قانون ٺاهيا ويا هندن جي ملڪيت کريد ڪرڻ غيرڪانوني آهي .مطلب هندن کي هٿن  واندن ئي لڏڻو هو. ان جا ٻه وڏا فائدا هئا. هت ته هندو  پنهنجون ملڪتيون ڇڏي ڀجڻ لاءِ مجبور ٿيا ۽ ٻيو ته ان ملڪتيون تي ڪبجعو مهاجرن ڪيو  ڇا ڪاڻ ته هندس ڪانون ئي ايڙهي ڊنگ سان ٺاهيو هو جيئن اهي ملڪتيون سنڌين جي هت ۾ نه پر مرڪجي حڪومت جي هت اچن. ان حالترون جو فائدو هٿ ڪرڻ ۾ به سنڌ جا نئان سردارن دير ڪين ڪئي. سنڌي هندن جي هٿن ۾ جيڪا مسليت 70 سالن ۾ مهنت سان هئي سا مهاجرن جي هٿن ۾ لوٽي ماري توڙي فٻائي ڇه منهن جي اندر هٿ ڪئي. هڪڙي پاسي مهاجرن ته ٻئي پاسي پنجابي ٻنهن قوميون ان لوٽمار جا هڪ جيڙها ڀائيوار ٿيا.
جيتوڻيڪ سنڌ جي مسليم ليڳ سياستدانن  يو پي سي پي يا پنجاب جي مسلمانن جي ڪڏ اکيون ٻُٽي هان ۾ هان ملائيندي سنڌ جي قرباني ڏني. پر ان جي واوجود اڙها جام سنڌي مسلم سياتداد هئا جن تنهن مهل جي سنڌ اسلمبلي کي پاڪستان سان ڳڏجي رهڻ کان آڳاه ڪيو هو . ايڙها جام سنڌي سياستدان هئا جيڪي مسلمان هوندي به تن ڏنهن ۾ سنڌ جي هڪ آزاد رياست پئي ڏسڻ چاهي. مارچ 1943ع تي تڏهوڪي سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي صدر جناب جي ايم سيد سنڌ ليجسليٽِو اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ هڪ ”غير سرڪاري“ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي پيش ڪرڻ وقت پاڻ ”پاڪستان جو ٺهراءُ“ سڏيائون. اِن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته جي ايم سيد پاران پيش ڪيل ٺهراءَ جي متن ۾ ڳالهه جي فرقيوارانه رنگ هو . ان بحث جي جي شروعات ڪندي سنڌ جو تنهن مهل وڏو وزير  سري غلام حسين هدايت الاه  بحث ۾ حصو وٺندي چيو: “ ايم سيد جي پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ فقط هڪ ڳالهه کي بحث هيٺ آندو ويو آهي، جيڪا اِها آهي ته هندستان ۾ مسلمان ڪنهن به هڪ مرڪزي حڪومت جي ماتحت رهڻ نٿا چاهين، پر اُهي پنهنجي لاءِ آزاد رياستون يا وحدتون (States or Units) گهرن ٿا.“

بحث ۾ حصو وٺندي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ چيو: ”سنڌي مسلمان بلڪل ڀرپور انداز ۾ صاف ڪن ٿا ته کين ڪوبه اهڙو حڪومت، جنهن ۾ کين ڪنهن به اهڙيءَ هڪ مرڪزي حڪومت جي هيٺ رهڻو پوي، جنهن ۾ ڪا ٻي قوم غالب هجي، قبول نه هوندو. بيشڪ اسين ڪنهن به اهڙي مرڪزي حڪومت هيٺ رهڻ نٿا چاهيون. هتي اسان وٽ سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڪي تڪرار هلندڙ آهن، مثال طور سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي تڪرار وغيره...اُن تڪرار جي نبيري لاءِ هڪ امين (Arbitrator) مقرر ڪيو ويو هو، ۽ مسئلي جي نبيري کان پوءِ ٻنهي صوبائي حڪومتن بادشاهه سلامت کي اپيل ڪئي آهي....قدرت سنڌ صوبي کي سامونڊي ڪنارو عطا ڪيو آهي، انهن سامونڊي سرحدن جي حفاظت لاءِ اسان کي بحري فوج گهرجي، هوائي ۽ پيادل فوج پڻ اسان جي ضرورت آهي. هندستان ۾ انگريزن جي راجيه کي کاتمي بعد صوبن جي   مثئلن جي نيبري جي سسبت  ڪميشن (Inter State)  جي ضرورت پيدا ٿيڻ کي آئون ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه نٿو سمجهان. هر صوبي کي پنهنجا قدرتي وسيلا حاصل آهن، ۽ سنڌ کي ڪراچيءَ ۾ سمنڊ جهڙي قدرتي نعمت مليل آهي. رڳو ڪسٽمس جي مد ۾ اسان جي حاصل ٿيندڙ آمدني ساليانو 8 کان 9 ڪروڙ رپيا آهي.(تن ڏنهن ۾ اها به هڪ وڏي قيمت هئا)  انهيءَ کان علاوه اسان جي ٻِي آمدني پڻ آهي، جيڪا انڪم ٽئڪس، ريلوي ۽ ٽپال کاتن مان حاصل ٿئي ٿي. اِها آمدني (هندستان جي) مرڪزي حڪومت کنيو وڃي ٿي. اسان کي پنهنجي اُن آمدنيءَ مان ڪو به حصو پتي نٿو ڏنو وڃي. هن وقت اسان جي مالي صورتحال اِها آهي جو اسان جي صوبائي حڪومت صوبي اندر ٻارن لاءِ لازمي تعليم ڏيئارڻ کان قاصر آهي، بيمار ماڻهن جي علاج ۽ دوا درمل لاءِ ضروري انتظام ڪرڻ لاءِ اسان وٽ پيسا ناهن، ڇو ته اسان جي مالهي  حالت ڪمزور آهي. اسان جي آمدنيءَ جو وڏو حصو مرڪزي حڪومت کنيو ٿي وڃي. اسان کي پنهنجي آمدنيءَ جي وسيلن مان مرڪزي حڪومت جهڙو ’سفيد هاٿي‘ پالڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي....“

ان بهث ۾ جناب محمد عثمان سومري (سنڌيءَ ۾ تقرير ڪندي) چيو: ”اسان وٽ سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمان جو ڪو به جهڳڙو ناهي. هر ماڻهو سنڌ جي آزادي ڏسڻ لاءِ ماندو آهي. پر آزاديءَ مان اِها معنيٰ به هرگز ناهي ته ڪو اسان جو سنڌ صوبو بلوچستان، پنجاب يا ٻين صوبن سان شامل ٿيندو. ائين ڪرڻ جو مطلب سنڌ کي ڪنهن اونداهي کڏ ۾ ڌڪڻ جي برابر ٿيندو، ڇو ته اهڙيءَ صورت ۾ اسان تي سنڌ کي آمدنيءَ جا پنهنجا وسيلا ڪافي آهن ۽ تنهن ڪري جيڪڏهن اسين ٻين کان ڌار رهنداسين ته اُهو اسان لاءِ وڌيڪ فائديمند ٿيندو.“

خانبهادر محمد ايوب کُهڙي بحث ۾ حصو وٺندي چيو: ”مسٽر جناح 1940ع ۾ لاهور ۾ پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو هو ته مسلم ليگ قومن لاءِ حق خود اراديت جي گهُر ڪئي آهي. اسين به اُها ئي ڳالهه ڪريون ٿا ته برطانوي حڪومت مسلمان قومن....سنڌ ۽ ٻين صوبن جو اِهو مڪمل حق، خود اراديت وارو حق، تسليم ڪري، ۽ نه اُهو درجو جيڪو هينئر آهي، جنهن کي صوبائي خودمختياري، آزاد صوبا ته چيو وڃي ٿو، پر ڪيترين ڳالهين ۾ اسين مرڪزي حڪومت جا تابعدار آهيون.

اسين مرڪزي حڪومت کان مڪمل آزاديءَ جي گهُر ڪريون ٿا. نين حالتن تحت مڪمل آزادي! اُن کان علاوه باقي جيڪو مسئلو رهي ٿو، سو آهي پيادل فوج، هوائي فوج ۽ بحري فوج جو. اُهي معاملا مرڪزي نوعيت جا آهن، جن کي ڪنهن گول ميز ڪانفرنس ۾ بحث هيٺ آڻي سگهجي ٿو، جتي ڪانگريس، مهاسڀا جا نمائندا ۽ سڀئي صوبائي ڌريون موجود هونديون ۽ اُهي سڀئي گڏجي ڪنهن نه ڪنهن قبول جوڳي حل تي پهچي ويندا.“

راءِ گوڪلداس جيڪو تمام ٿوڙن هندو ميمبرن مان ان اسلمبلي ۾ موجود هو ته جو چوڻ هو “  جي ايم سيد چٽي ريت صاف ڪري ٿو ته مسلمان مجموعي طور جدا قوم آهن، ۽ اُنهن لاءِ ڌار رياستون (States) هجڻ گهرجن. آئون سمجهان ٿو ته اِهو اُن وقت تائين ناممڪن آهي، جيستائين هندستان ۾ آزاد وحدتون قائم نه ٿيون ٿي وڃن. جيڪڏهن آئون انگريزيءَ ۾ چوان اِڪاين يا وحدتن جي فيڊريشن (Federation of Units) ته اُن فيڊريشن لاءِ هونئن ئي آزاد اِڪاين جو هجڻ لازم ملزوم آهي...آئون اِهو چوڻ ۾ سرهائي محسوس ڪريان ٿو ته جي ايم سيد هندن جي نمائندن کي پڪ ڏياريندي ۽ اِهو چوندي ته کيس (يعني جي ايم سيد کي) هندو ڌرم تي ڪنهن به قسم جي اَجوڳ ٽيڪا ٽپڻي يا تنقيد ڪرڻ جي ڪا نيت يا ارادو ڪونهي، ان کان پوءِ اِن مسئلي  کي ختم ئي سمجهڻ کپي. جيستائين پاڪستان جي نظام جو تعلق آهي، يا جيئن جي ايم سيد پاڻ چيو آهي، آئون اُن بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ چاهيندس. هُو چوي ٿو ته گڏيل هندستان ۾ هڪ مذهبي فرقي وارن جي اڪثريت هئڻ سبب اُتي استحصالي راڄ قائم ٿيڻ جو انديشو آهي.اُن ۾، جيستائين آئون سمجهان ٿو، سندس اشارو هندن جي اڪثريت ڏانهن آهي. پر آئون پڇان ٿو ته سنڌ ۾ صورتحال ڇا آهي؟ هِتي هندو نه، پر مسلمان اڪثريت ۾ آهن. ساڳيءَ ريت ڪجهه ٻين صوبن ۾ پڻ مسلمان گهڻائيءَ ۾ آهن. اُهي پنهنجي لاءِ ڌار صوبن جي گهُر ڪن ٿا (جيئن سنڌ ۾)، جنهن ۾ سندن حاڪميت هوندي...تنهن ڪري اِنهن ڳالهين مان فقط اِهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته هِن اسيمبليءَ ۾ هيءُ ٺهراءُ محض اِن ڳالهه جي آڌار تي پيش ڪيو ويو آهي ته جيئن ته هِن ايوان ۾ مسلمانن کي واضح اڪثريت حاصل آهي، تنهن ڪري کين پڪ آهي ته اِن قسم جو ٺهراءُ پاس به ٿي ويندو. اُهي جيڪڏهن اڪثريت ۾ آهن ۽ ٺهراءُ پاس ڪن ٿا ته اسان کي اُن تي ڪوبه اعتراض ڪونهي. پر آئون پنهنجي معزز دوست کي اِهو ضرور ياد ڏياريندس ته هڪ طرف ته پاڻ هندن تي اِهو بهتان رکي، چوي ٿو ته جيئن ته اُهي اڪثريت ۾ آهن، تنهن ڪري گڏيل هندستان ۾ ٻين تي به حاڪميت ڪندا. ٻئي طرف مسلمانن جي فائيدي  خاطر هُو اِها ئي ساڳي ڳالهه اسان جي صوبي سنڌ ۾ دهرائڻ گهري ٿو. کين انهيءَ تي ڪجهه ويچار ڪرڻ گهرجي. يعني اِهو ته جنهن ڳالهه کان پاڻ هندن کي جهلي ٿو، يا اُن تي اعتراض ڪري ٿو، اُها ساڳي ڳالهه هتي مسلمانن جي مفاد خاطر سنڌ ۾ ورجائڻ جو خواهشمند آهي، جيڪو هندن توڻي مسلمانن جو گڏيل وطن آهي.“

ان بثس جي پُڄاڻيءَ ۾ جي ايم سيد انديشي موجب ان سڀني الزامن کي خارج ڪندي سنڌي مسلمانن لاءَ هڪ جنت جي اميديون ڏيکاريون. جيستائئين سنڌ جي خوداري جو سوال آهي ته سيد جو جوڻ اهو فيسلو ايندڙ نثلن يا ٽيهي تي آهي . دراسل جي ايم سيد پنهنجي پوري سياست گھٽ ۾ گھٽ 1945 کان اڳ هندن تي ذهر اڳلندي ئي ٺاتي. تنهن مهل سندس دل او دماغ ۾ مسلم ليڳ جا پروپاگينڊا هن تي ان اسلمبلي جي اجلاس ۾ ڏنل هندو توڙي مسلمان ميمبرن جون ڏنل تڪريرئون جو ڪو به اصر ڪين پيو ڇا ڪاڻ ته تنهن مهل تائين مسلم ليڳ جو سنڌ جي سياست تي پورو اختيار  تي چڪو هو. هڪ ٻئي ڳاله جيڪا تمام گھڻو دلچسپ ته جيتوڻيڪ سنڌ اسلمبلي جي تعداد 60 هئا پر ان اجلاس ۾ رڳو 24 ميبرن ئي پاڪستان جي ٺهراءُ جي هڪ ۾ ووٽ ڏنا، جڏهن ته ٽن ميمبرن جي وروڌ ۾ ووٽ ڏنا ۽ ٽن هندو ميمبرن ان پرستاءُ جي ووٽنگ ۾ حصو ڪين ورتو. ان ڳاله ۾ ڪي به شڪ ناهي ته ان پرستاءُ جو وقط به جي ايم سيد تمام سوچي سمجھي ان جو وقط چونڊو هو ڇو ته ان پرستاءُ جي مکاتليف ڪندڙ هندو ميمبرن جو وڏو حصو  ڀارت ڇوڙو ايتجاج سبب جدا جدا جيلن ۾ بند هئا.
پر اسڀني کان وڏي ڳاله ته اها آهي جي سنڌ نيٺ پاڪستان ۾ سامل ٿيو، هندن کي لڏڻُ پيو ۽ سنڌ قوم نه چاهندي به پاڻ کان ڌار ٿيا جيڪو سلسلو اڄ تائين هلي پيو. جيتو ڻيڪ ٻئن صوبن جي ڀيٺ ۾ سنڌ ۾ هندو مسلمانن جا فساد مسجد منجلگاد کان سواءِ نه جي برابر ٿيا ، پر ان جي ڪمي سنڌ ۾ مسلم ليڳي مسلمان پورا ڪيا. سندن سياسي اميديون عام هندو توڙي مسلمان چڪائون.

ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ورهاڱي سنڌين جي چيله ڀڃي ڇڏي. هڪ سکيون سابتو ملڪ جي ماڻهون لاءِ وڏي ۾ وڏي لڙائي پنهنجي وجود جي لرڙڻي پئي جيڪا اڄ تائين نبري ناهي. هڪ لڱي ڏسجي ته ڪنهن به قوم جي وجود ئي سوگھو ڪرڻ جي نسبت ٻوليءَ جو وڏو ڪردار هوندو آهي ۽ ان کان به وڏو ڪردار  ان ٻوليءَ جي خصوسي الاڪي جو هوندو آهي جتي اها ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. اهو ضروري ناهي ته  هر ٻولي ڳالهائندڙن کي پنهنجو صوبو هوجي ، ڇا ڪاڻ ته جيڪر هر ٻوليءَ کي هندستان ۾ پنهنجو صوبي هجي ها ته هندستان ۾ 22 نه 2200 صوبا هجن ها پر ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ٿوڙائي وارن ٻوليون جي ڳالهائندڙن سان ڪنهن ڪدر  ماٽيلو ونهوار ڪيو ويو هو. مثلن هندي ڳالهائندڙن کي اڄ جي تاريخ ۾ 7 صوبا مليل آهي جڏهن ته ٻئين ٻوليون کي اهو حق ڪين ڏنو ويو آهي.
هندستان ۾ صوبن جي وراست ورهاڱي کان پوءَ صروع ٿي. ان وراست جو کيال  انگريجن جي ڏنهن ۾ جام وڌيو جڏهن هندستان ۾ ڏيهي ٻوليون تي ڪنهن ڪدر بندش کڄي. جيتوڻيڪ هندي اردو جو مسئلي ان تي ڪنهن ڪدر  ضرور رسايو پر ٻوليون جي اڳتي وڌڻ جو رواج جيترو انگريزن جي ڏنهن ۾ ڏٺو ويو سي اڳين ڪڏهن ڪين ڏٺو ويو. وري انگريزن جي ڏنهن ۾ ئي ڪانگريس ٻوليءَ جي آڌار تي صوبن جي وراست جي ڳاله مڃي  چڪي هئي. پر ان سڀني جي باوجود جييتائين ٻوليءَ جي آڌار تي صوبن جي وراست جو مسئلو آهي ته ڪانگريس جا ڪي اهم اڳواڻ ان تي ڪا خاس دلچسپي ڪين ڏکاري. نهرو ۽ سردار پٽيل ته ان جي سکت کلاف هوندا  هئا. سندن ليکي جيڪر ٻوليءَ جي آڌار تي صوبن جي وراست ٿي ته اهو ممڪن آهي ته ملڪ ۾ ورهاڱي جيڙهيون حالتيون وري ٿئي. گانڌيجي جو جيتوڻيڪ اهڙو ڪو به رايو ڪين هو. سندس جي سنجدگي ان ڳاله ۾ لڳائي ٿي سگھجي ٿي جي گانديجي هڪ خت پڻ لکو هو  ان مسئلي جي جلد نپٽاري جي نسبت. جيتوڻيڪ نيٺ صوبن جي وراست جي نسبت ڪميشن ويهائي وئي پر  ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي  ڪانگريسي سياستدانن ۾ ان مسئلي ۾ سنجديگي نه هئڻ سبب اهو  مسئلو ڪڏهن به پوري طرح نبري ڪين سگھيون. اڙهي ڳاله ناهي جي هندستان جا ماڻهو  هڪ ٻئي جي پُٺان مڙئي ريس پئي ڪئي .دنيا ڀر ۾ جيڪر ڪو فرڪ مختليف قومن ۾ رهيو آهي ته سو آهي ٻولي جو. اها ڳاله جيتري سچي يوروپ ۾ آهي اوتري سحيح ننڊي کنڊ ۾ آهي.

هندستان ۾ رهندڙ سنڌين ۾  هميشاه ئي هڪ وهم ويٺل رهيو آهي ته ڄڻ هر ٻولي جي ڳالهائندڙ کي صوبو لازمي طور مليل آهي. پر ايڙهي ڳاله ناهي. هندستان ۾ سکن جي تعداد سنڌين کان تمام گھڻي آهي پر  ان جي باوجود سکن کي صوبو 1966 مطلب آزاديءَ جي  ٻن ڏهاڪن کان پوءِ وڃي مليو، وري ڪونڪڻي يا وڌرڀ (مڪاراشٽر) کي ته اڄ تائين صوبو ڪين مليو. جيتوڻيڪ صوبن جي ڪميشن تمام گھڻن قوم کي سندس هديون جو رڳڙو نبري ڏنو  پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڄ به سنڌ واڱر ايڙهيون تمام قوميون آهن جن سان انصاف ڪون ٿيو. اهو ئي سبب آهي جي ڄ به اهو  مسئلو زندوه آهي.

جيستائين ڳاله ڪجي سنڌي صوبي جي ته اهو چٽي ريت صاف آهي ته سنڌي صوبي جي لڙائي  سنڌين ڪڏهن شروع ڪون  ڪئي. جيتوڻيڪ ڌانڌيڌام جو وجود 1948 ۾ ٿيو پر ان جي باوجود اسين سنڌي ڪڏهن به وڏي تعداد ۾ ڪچڇ ڏانهن لڏپڻ ڪين ڪئيسين. ڀائي پرتاپ ديالداس جنهن گانڌيڌام ۾ سنڌين وسايڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي پر اڙهي ڳاله ناهي جي سنڌين ڪا گھڻي لڏپڻ ڪئي جڏهن ته يهودي اسان کان بدتر حالتيون ۾ يوروپ کان ايشئا تائين لڏپڻ ڪئي ڪچڇ جو ڇونڊڻ بلڪل واجب هو ڇاڪاڻ ته ڪچڇي سنڌي ٻولي جو لهجو هئڻ سبب ، ڪچڇي سنڌين جي تمام ويجھو آهن وري  آب هوا جي لهاج کان به ڪچڇ جو ماهول سنڌ جيڙهو آهي.
ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي  ته جڏهن هندستان ۾ صوبن جي وراست پئي ٿئي ته سنڌي ٻن ويلن جي ماني لاءَ به ڳڻتيون پئي ڪندا هئا. سو ايڙهي حالتيون ۾ صوبي جو جاکڙو اهو به هڪ پرائي ملڪ ۾ سنڌين کي اجيب لڳندو هو. وري تن ڏنهن تائين سنڌين جي سنڌ موٺي وڃڻ جي آس اڃا به برڪرار هئي. سو سنڌين  صوبن بابت ڪجه خاص ڌيان ڏنو ئي ڪون، پر جڏهن جاڳيا ته تمام گھڻو دير ٿي چڪي هئي. وري ڌانڌيڌام ۾ به جيڪا سنڌين کي وسائڻ جو جاکڙو ٿئو سو الاڪي بابت هو نه ڪي صوبي بابت. ايڙهي به ڳاله ناهي ته ڪچڇ بابت تمام ٿوڙن سنڌين کي ڄاڻ هئي پر ان جي باوجود اسين پاڻ کي وسائڻ جي ايترا ته منجھي پياسين جي ان ڳاله جي تات ئي نه رهي جي ڪڏهن ڪچڇ کي گجرات ۾ سامل ڪيو ويو . (ڪن جو مڃڻ آهي ته گجرات کي ڪچڇ ۽ سوراشٽر ڏئي پرچايو ويو هو ڇو ته گجراتي بمبئي تان هٿ کرڻ لاءِ تيار ڪين هئا)
بامبي پريسڊنسي ۾ تمام گھڻيون قوميون جو وجود هو  مثلن ڪچڇي (۽ سنڌي)، ڪونڪڻي، وڌرب، ڪاٺياواڙي، مراٺي ، گجراتي وغيراه پر جڏهن بامبي پريسڊنسي جي وراست جو فيئسلو ٿيو ته رڳو گجراتي ۽ مراٺين کي ئي ڌيان ۾ رکي ڪيو ويو. گجراتين ڇو ته بامبي ۾ جھجھو پيسو سيڙهائو هو سو هو بامبي شهر کي مراٺين جي هٿن ۾ نه پئي ڏسڻ  چاهيو وري ٻئي پاسي 1900 کان مراٺين جي سياست جو مرڪز مامبي شهر رهيو آهي  وري جنهن شهر ۾ مراٺي گھڻائي ۾ هجن تن کي هو گجراتين جي هٿ ۾ ڏين اهو  مراٺين قوميپرستي ۾ ٻاهه منجھ گھيه جو ڪم ڪيو. سوچڻ  پر ان جي باوجد گجراتي تنهن مهل جي ڪانگريس ۾ پنهنجي نمائيندگي جي ذور تي نهرو کي ڪنهن ڪدر  مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿي پيا جي بامبي شهر کي مرڪجي حڪومت جي هيٺ آڻيجي جيڪو مهاراشٽر کان ٻاهر رهي. اڃا اهو فيئسلو ڪيو ئي وڃي پيو جي ڪانگريس کي ڀاري سڪست ملي بابمي شڊر جنهن سبب نيٽ  نهرو اندرا گاندي جي چئي مامبي کي مراٺين جي هٿ ۾ ڏيئڻ لاءِ مزبور ٿيو.
جڏهن صوبن جي وراست جي ڪميشن پنهنجي ڪم ۾ منجھيل هئي ساڳي وقط گجراتي ۽ مراٺي ڳالائندڙ قوميون پنهنجي پنهنجي سگھ وڌائڻ جي نسبت پنهنجن الاڪن ۾ سنيوڪت مهاراشٽر ۽ مها گجرات جي جاکڙي جون تهرقيون پئي هلائون جنهن سبب ڪميشن جو پورو ڏيان گجراتين ۽ مراٺي قومن ڏانهن ٿي ويو. ان سبب ئي  مهاراشٽر جي پاسي ڪونڪوڻي ۽ وڌرب سان بيانصافي ٿي. وڌرب کي ته صوبي جو وائيدو تائين ڪيو ويو هو پر نيٺ اهو صوبو وجود ۾ ڪين آيو. وري گجرات جي پاسي ڪاٺياواڙي کي سوراشٽر هو جيڪو ڌار صوبو هو. پر ان کي گجرات ساڻ گڏايو ويو . صوبن جي وياست  ۾ وڏا ويلءَ ڪچڇ ساڻ ٿي جنهن کي هڪ ڌار ٻولي هئڻ سبب به ڌار صوبو ڪين مليو
ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيڪر سنڌ پاڪستان جو حصو نه ٿئي ها ته اڄ سنڌ ۾ نه ته مهاجرن وارو مسئلو ٿئي ها ۽ نه ئي هندن جي لڏپڻ ٿئي ها پر اه کان وڏي ڳاله جي سنڌ ۾ ڪچڇ ۽ جيسلمير هجن ها جيڪي تاريخي سنڌ جا الاڪا ٿي رهيا هئا . پر ٿئو ان جو اڳوپوءِ اڀتر . اهو ئي نه پر  جن صوبن ۾ سنڌين جا الاڪا هٿ ڪيا تن ۾ سنڌين سڀني کان ڏکن جا ڏنهن ڏٺا. راجستان ۽ گجرات (ڪچڇ کان سواءِ) ۾ اڄ به سنڌين سان وهنوار  ڏکائيندڙ آهي. اهو سڀ ان جي باوجود جي 1947 کان اڳ سنڌ ۾ جام گجراتي هندو رهندا هئا ۽ ڪن آڪڙن موجب هندو سنڌين کان وڌيڪ تن ڏنهن ۾ گجراتي ڪراچي ۾ وڌيڪ  وسيل هئا. جيڪر ڪچڇ جي ڳاله ڪجي ته هندستان جي آدمشُماريءَ ۾ ڪچڇين کي سنڌين ساڻ گڻيو ويندو آهي. پر ان جي باوجود اسين سنڌي توڙي ڪچڇي هڪ سياسي پليٽفارم تي ڪين اچي سگھيا آهيون. هندستان ۾ سنڌي جيڪر ڪنهن قوم جي ويجھو رهيا آهن ته سي آهن ڪچڇي برادري. ڪچڇين ۾ ۽ گجراتين ۾ فرڪ ان ڳاله سان لڳائي ٿو سگھجي جي گجرات ۾ هڪ ڊگھو اتهاس ۾ هندو مسلمانن جي فسادن جو جڏهن ته ڪچڇ ۾ اڙهو ڪو مسئلو آهي ئي ڪين . اهو سڀ ان جي باوجود جي پوري گجرات ۾ 9 سيڪڙو مسلمان آهن جڏهن ته ڪچڇ ۾ 25 سيڪڙو.

ع1948 ۾ ڌانڌيڌام  جو پايو وڌو ويو. تن ڏنهن ۾ ان شهر جي آڏائڻ جي پُٺيان سوچ اها ئي هئي ته سنڌ مان لڏي آهيل سنڌين  کي هڪ ايڙهي الاڪي جي ضرورت آهي جيڪو ڪنهن ڪدر سنڌ جيڙهو هجي. ان ڏس ۾ ڪچڇ مان سٺو الاڪو ٿي نٿو سجھي. اهو ئي سبب هو جي ڀائي پرتاپ ديالداس جي مهنت ۽ مهاتما گانڌيجي جي آشرواد سان ڪچڇ جي تنهن مهل تائي مهاراجا وجيه راج جي کينگرجي جڏيجا ڪچڇ ۾ 15000 ايڪڙ جي ذمين لڏي آيل سنڌي کي وسائڻ لاءِ ڏني. ان کان سواءِ هندستان جي سرڪار ڪنڊلا جو بندر آڏائڻ لاءِ به ڪوششيون شروع ڪيون. ڀائي پرتاپ رايه جي خوواش  هئي ته ڪراچي ٻهر وسيايو وڃي پر سنڌين جي هندستان ۾ تڪڙ ۾ وسڻ جي خووائيش ڀائي پرتاپ رايه جي ڪوششن تي اڳي پوءِ پاڻي فيري چڏو. وري ڀائي پرتاپ جي سندس ڪن دوستن ۽ ڪن سنڌين ۾ ايترو تنگ ڪيو تنگ ڪيو ڪورٽن جي ڪيسن سان جي پڇاڙي جي ڏنهن ۾ جام ڏئي ڪيو. مٿون وري سرڪاري ڳاڙهو ٽيپ سبب ڪنڊلا جو بندر جو ڪم به تمام گھڻو وقت کڻي ورتو جنهن سبب سنڌين جو خواب رڳو خواب ئي رهنجي ويو.

جيتوڻيڪ صوبن جي وياست جي وقت ڪچڇن ۾ گجرات کان ڌار ٿيئڻ جي خوائيش ڪين ڏيکاري پر ان جي باوجود ايڙها به موڪعا آيا آهن جڏهن ڪچڇ ۾ ڪچڇيون پاران پنهنجي لاءِ ڌار صوبن جي گھر ٿي آهي. اها گھر ورجھڙائيءَ  ۾ 2001 جي ڀوڪنپ جي وقط تيز ٿيو جڏهن ڪچڇ جي ماڻهون کي لڳو ته ڀونڪنپ جو وڏي ۾ وڏو نڪصان سهڻ جي باوجود ڪچڇ ساڻ ماٽيلو وهنوار پيو ٿئي. اهو ئي نه پر ڌار صوبي جي گھر  رهي رهي ڪچڇن پاران ٿيندي رهي آهي. پر ڏک جي ڳاله ته اها آهي ته جن کي ان ڌار صوبي جو وڏو فائيدو پڄڻو آهي يعني سنڌي قوم ، ان مسئلي ته ڪڏهن به ڪو هل ته پري ذڪر تائين نه ڪندا آهن. اهو ئي نه پر  ڪچڇ کي ڪڏهن به سنڌين ڪا به وڏي  اهميت ڪين ڏني آهي . اها ڳاله ان مان پڌري آهي جي سنڌي ثقافت جي نسبت  سايد ئي ڪو وڏو جسلو ڪچڇ ۾ ڪرايو  ويندو آهي جن ۾ ڪچڇي به شامل هجن.

سنڌين جي وڏي بدقسمتي اها رهي آهي جي اسين هندستان ۾ به اچي جام غلطيون ڪيوسين جيڪي 1947 کان پوءِ نه ٿيئڻو کپنديون هيون. سنڌ ۾ اسين ٽريل پکريل هئاسين پر سنڌ جي ٽريل پکريل رهڻ ۽ هند ۾ ٽريل پکريل ۾ وڏو فرڪ آهي. ٻولي توڙي ثقافت وارا مسئلا هندستان ۾ تمام وڏا ٿي بيٺا آهن. هندستان ۾ ڪچڇ اسان کي هڪ معڪو ضرور ڏنو جنهنجو جو فائيدو اسين هٿ ڪين ڪري سگھياسين. اهو سڀ ان جي باوجود جي سنڌ موٽڻ ڪنهن به هندو کي خواب ۾ به ايندو آهي. اسين سنڌ ته وڃائيسي پر ساڻ ساڻ هند ۾ جيڪا سنڌ وسيل آهي تنهن کان به پري ٿيندا وياسين.
سنڌين ۾ سنڌ لاءِ سڪ هميشاه ئي رهندي پر ان جو اهو مطلب نه ٿيئڻو کپي جي ان سنڌ جي سڪ  جو پٺيان اسين هند ۾ وسيل سنڌ جي وساري ويهئون. هي هڪ ايڙها سوال آهي جنهن جو جواب سنڌي ڳولهڻ نه چاهندا آهن سايد اسين ڪنهن جاکڙي کان ئي هار مڃڻ جي چاه رهندا آهيون.
هي سوال يقينن سوچڻ لائيڪ آهي.....