February 19, 2012

آرڪشڻ ۽ هند ۾ سنڌين جي نمائيندگي





هن سال جون اُتر پرديش جو صوبائي چونڊيون ٻئي ڪنهن سبب ياد رهن يا  نه پر هندي  ڳالجهاندڙ مسلمانن لاءِ يقينن ياد ڪيون وينديون خاص ڪري آرڪشڻ يا ريجرويشن جي نسبت. ان جي شروعات چونڊن جي تاريخ جي پڌرائي کان ڪن ڏنهن اڳ ٿي جڏهن مرڪجي حڪومت جي يو پي اي سرڪار مسلمانن مسلمانن لاءِ چار سيڪڙو آرڪشڻ جي نسبت نوٽيفيڪيشن پڌري ڪئي. ايڙهي ڳالهن ناهي ته مسلمانن لاءِ آرڪشڻ جي ڳاله ڪا امالڪ اڀري آهي. ڪن سالن کان مسلمانن جي اها گھري رهي آهي ته کين به آرڪشڻ ڏنو وڃي. جيتوڻيڪ هندستان ۾ ڪي صوبن مسلمانن توڙي ڪريسچنن کي رجرواشن ڏني آهي پر مرڪجي ستهيه تي هي پهرون ڀيڙو آهي جڏهن ايڙهي رجويشن جي ڳاله ڪئي وئي آهي.

ڪانگريس جي هن قدم تي اڃا هل ماٺ مس جيڙهو ٿئو هو جي  ڪي سيڪولر ڪوٺائيندڙ پارٽيون مسلمانن سان پنهنجا پنهنجا آڪڙا پيش ڪيا. سواءِ ڀارتيه جنتا پارٽي ۽ ڪمونيسٽن جي سڀنن هڪ ٻئي جي ريس ۾ آڪڙن جي ڄڻ ڪا جنگھ ڇڙي حجي. ان سڀني جي وچ ۾ جيڪو سوال هندستان جي ميڊيا توڙي عام انسانن جي چپن تي رهيو سو ڳو اهو  ته “اها حمدردي ڇونڊن جي وقط ئي ڇو؟”  هندستان جي حڪومت پاران جيڪا مسلمانن جي مالي هالت سُڌارڻ جي نسبت جيڪا ڪميٽي جوڙائي وئي هئي يعني سچل ڪميشن جون به شفارشيون هئون ته مسلمانن ئي به نوڪرويون ۾ آرڪشڻ ملي. پر تنهن ڪميشن پاران رپورٽ کي ته ڀريا ڇه مهنا، پر ان ڇهن مهنن ۾ نه ته ڪانگريس کي نه ئي ڪنهن ٻئي سيڪولر پارٽين کي ان جي سار ستايو. ايڙهي به ڳاله ناهي ته جي اننا واڱر ڪو مسلمانن جا اڳواڻ ٻُک هڙتال تي بيٺا جي حڪومت وٽ ڪا مزبوري هئي.  

آرڪشڻ بابت سوچ نئين ناهي. آزاديءَ کان اڳ انگريجءَ پڻ  دليتن لاءَ آرڪشڻ جي چاه رکندا هئا پر ڪڏهن قامياب ڪين ٿي سگھا ڇاڪاڻ ته گانڌيجي ۽ ڪانگريس ايئن ٿيئڻ نه ڏنو. ڪڏهن پنهنجي انشن جي ذور تي ته ڪڏهن مسلمانن کي ڳول ميج ڪانفرينس ۾ رياتون ڏئي پاڻ ساڻ ڪري . ان مسئلي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گانڌيجي نه پئي چاهيو ته دليتن کي تنهن مهل ايڙهي ڪا ريئايت ملي  جنهن سبب هو هندن کان ڪنهن ڪدر ڌار پئي نظر اچن. سندس موجب ان سان هو مسلمانن واڱر ڌار ملڪ ڏانهن وڌي ٿا سگھن.

آزاديءَ بعد نيٺ دليتن کي  آرڪشڻ مليو. جيتوڻيڪ نه ڪو نهرو ۽ نه ئي بابا ڀيمراءُ امبيدڪر ان آرڪشڻ جا ڪنهن ڪدر حمايتي رهيا هئا پر عام دليتن ۾ آرڪشڻ بابت چاه ڏسي هنن به ڪو خاص وروڌ ڪين ڪيو گھٽ ۾ گھٽ منهن سامهون ته ڪڏهن به نه . سندن مڃڻ هو ته ايئن ڪرڻ سان ڪمزور جو واهيپو ٿيندو جيڪو اڳتي حلي ملڪ لاءِ نڪسان  وارو فيسلو سابت ٿيندو. پر ان جي باوجود ان آرڪشڻ جي سروع ۾ ڏهن سالن لاءِ عمل ۾ آندو ويو سوچ سان ته جيئن جيئن دليتن جا مکتليف جاتيون اڳتي وڌنديون وينديون ، آرڪشڻ جو دائيرو گھٽندو رهندو ۽ نيٺ اهو پورو سلسلو بند ڪيو ويندو. پر ايئن ٿيو ڪون. هندستان جي سپريم ڪورٽ به ايڙهو رايو جاري ڪيو هو ته ڪريمي ليئر يعني اڳتي وڌي ويل  جاتيون کي ان دائيري کان ٻاهر ڪيو وڃي پر سياسي پارٽيون جي ووٽ بينڪ جي سياست ايئن ٿيئڻ ڪين ڏنو.

رجرويشن توڙي آرڪشڻ تي هندستان جي سياست ۾ وڏو توفان وي پي سنگھ جي وقت ۾ آهيو جڏهن اندرا گانڌي پارا جوڙايل دليتن بابت ڪميشن “منڊل ڪميشن” جي شفارشيون کي لاڳو ڪرڻ جو فيسلو ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ان ڪدم جو  ڪنهن منهن سامون وروڌ ڪين ڪيو پر ان ڪو به شڪ ناهي ته اهو هڪ سياسي داءُ هو. وي پي سنگھ جي ليکي اڙهي قدم سان هو پنهنجي پارٽي جنتا دل کي اها جاءِ ڏيئارڻ ۾ ڪاميان ٿينو جيڪا 1970 ۾ اندرا گانڌي جي چونڊن ۾ شڪست جي مهل هئي ۽ ان کان وڏي ڳاله ته هو بي جي پي جي وڌندر سگھ جي ڪنهن ڪدر گھٺائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. ٿئون به ڪجه ايئن ئي بي جي پي ساٿ ڇڏيس، حڪومت ڪري پئي  پر ان جو فائيدو کيس ڪون مليو ڇا ڪاڻ ته بي جي پي ڪنهن ڪدر منجھي ضرور پئي پر نيٺ ان مسئلي کان اڀري پڻ آئي.  جيتوڻيڪ سندس تنهن مهل جا ڪي پوئيلڳ ڪن سالن تائين يو پي ۽ بهار ۾ دليت توڙي او بي سي ڪارڊ تي دم تي پنهنجي پنهنجي سياست چمڪائي جيڪا ڪنهن هد تائين هينئر بهوجن سماج پارٽي يو پي ۾ پئي چمڪائي.

پر ان سڀني ڳالهئون ۾ هڪ ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هندستان ۾ شهرن ۾ خاص ڪري دليتن جي حالت ڪنهن ڪدر سُڌري آهي. هو پنهنجي حڪن جي نسبت سُجاڳ ٿيا آهن. آرڪشڻ ۾ دليتن کي ڪجه رئاتيون ڏنيو ويو آهن مثلن سرڪاري نوڪريون (صوبائي توڙي مرڪجي حڪومتي) ۾ تڪيو مهفوظ رهڻ، سرڪار پارا پڪ ڪيل اُمر ۾ رياتيون، سرڪاري امتهانن جي فيس ۾ رياتئون، ڪاليج توڙي يونيورسٽي، ميڊيڪل۽ انجنِئرنگ ڪالج ۾ تڪيون محفوظ ڪرڻ، صوبائي اسلمبلي توڙي لوڪ سڀا ۾ تڪيو مهفوظ ڪرڻ تائين شامل آهن. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته مسلمانن کي اهي سڀ رئاتيون لُڀائين ٿون ۽ سياستدانن کي مسلم ووٽ جيڪو اڄ به هندستان ۾ تمام گھڻو احميت ٿا رکن. ساڳي ريت ڪرسچن ۾ به  مسلمانن واڱر دلتن جي وجود جو  مِنهون ڪري ساڳي رئايتون  جي گھر ڪندا رهيا آهن خاص ڪري انهن صوبن ۾ جتي هو گھڻائي ۾ آهن.

هندستان جي سنويڌان ۾ رڳو هندن ۾ ئي دليتن جي وجود کي قبول ڪيو ويو آهي. هندستان جي سنوڌان کي جوڙائيندڙن جو مڃڻ هو ته اڳوڻي زماني کان دليتن تي ويل ٿيندا آيا آهن. جيڪر هندو گرنٿن جي ڳاله ڪجي ته رامايڻ توڙي مهاڀارت ۾ ان جو ذڪر صاف ۽ چٽي ريت بيان ڪيل آهي. جيتوڻيڪ ڌرم مٺائڻ جو سلسلو دليتن ۾ گھڻو ٿيو آهي پر جيڪي مثال دليت هندن ۾ ملن ٿا  سي ڪرسچنن ٿوڙي مسلمانن ۾ نٿا ملن. وري جڏهن لڳ ڀڳ  هڪ سدي اڳ هندستان ۾ بابا ڀيم راءُ  امبيدڪر دليتن لاءِ جاکڙو ڪيو ، تنهن مهل ڪو به مسلم يا ڪرسچن دليد سندس اڳيان ڪين بيٺو. اهو ئي نه پر مسلم ليڳ به گانڌيجي سان ڳڏ هڪ ٿي بيٺا پنهنجي فائيدي کي ڌيان ۾ رکندي،  اهو ڄاڻندي به گانڌيجي دليتن جي حڪن سان پورو ايمانداري نه پيو ڏيکاري.

ايڙهي ڳاله ناهي  جي هندستان ۾ هندن ۾ رڳو دليت پيا آرڪشڻ جي گھُر ڪن. پڇاڙيءَ جي ڪن سالن ۾ جاٽ، گرجر به ساڳيون رياتون جي ساڱي ايتجاج پئي ڪيا آهن. پر سال راجسٿان جي گرجر جاتي واري پنهنجي آڪهين سُڌا اچي ريل جو پٽريون پئي والاريون ته جيستائن کين دليتن جي ريت آرڪشڻ نه ڏنو ويندو تيستائين هو ريلن جي اچ وڃ بند ڪندا. ان سبب هندستان جي ريل وڀاڳ کي جام نڪسان سٺڻو پيو. وري رواجي ماڻهون کي جيڪا تڪليف تي سو ڌار. اهي ايتجاج تڏهن ڍرا ٿيا جڏهن ڪورٽن حڪومت توڙي ايتجاج ڪندڙڻ کي هندستان جي ڪورٽن فٽڪار لڳائي.

سياسي پارٽيون لاءِ دراصل مسئلو اهو آهي جي سنويڌان موجب آرڪشظ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ نٿو ٿي سگھي سو هينئر جيڪر ارڪشڻ ڏنو به ويو ته هاڻوڪي ڪوٽي مان ئي ڏيئڻو پوندو. هينئر جيتوڻيڪ اهو آرڪشڻ او بي سي جي 27 سيڪڙو ڪوٺي مان ڏيئڻ جي ڳاله پئي ڪئي وڃي پر اهو ممڪن ناهي ته او بي سي (ادر بيڪورڊ ڪلاس) وارا جو گھڻا ڏنهن ماٺ رهندا. پنهنجي حڪن جي لڙائي سندن اڳي به لڙي آهي ۽ ان جو ڪو به سبب ناهي جي هو هينئر ڪين وڙهندا.

جيستائين سنڌين پارا رجرويشن جي آهي ته پڇاڙيءَ جي ڪن سالن ۾ ان جي گھر ڪنهن ڪدر وڌي آهي. پر سنڌين پارا آرڪشڻ جي گھُرن ۾ جاٽن يا گرجر جي پاران گھُر ۾ فرڪ آهي. سنڌي ڪڏهن به سرڪاري نوڪريون يا تعليم سنسٿائون ۾ تڪيون مهفوظ ڪرڻ لاءَ ڪا آرڪشڻ جي گھر ڪين ڪئي آهي. مُمبئيءَ ۾ جتي سنڌي تمام گھڻا تعلمي سنسٿائو ڪايم ڪيون آهي جيتوڻيڪ ڪنهن حد تائين  سنڌين لاءِ ڪي تڪيون مهفوظ رکيون ويو آهن پر سرڪار کان ڪڏهن به ايڙهيون گھريون سنڌين ڪين ڪيون آهن. ان جو هڪ سبب اهو آهي ته هندستان ۾ سنڌي هٿ ڪين فهلايا آهن . مول طرح ان کي غلط سمجھيون ويندو آهي سواءِ ان مسئلن جي جتي مسئلو سنڌين جي وس کان ٻاهر آهي. جيستائين ڳاله اجويڪا جو سوال آهي ته اهو جام ڀيڙا لکيو ويو آهي ته ٻين قومين جي ڀيٺ ۾ سنڌين حمومت کان ساٿ نه جي برابر ورتو آهي. وري ورهاڱي بعد ڌنڌن ۾ وڌيڪ چاه وٺڻ سبب اسين نوڪريون تمام گھٽ ڪيون  جنهن سبب آرڪشڻ سبب ڪو خاص نڪسان پيو ٿئي ايڙهو به ڪڏهن مهسوس ڪين ڪيو ويو  آهي.

پر جيستائين ڳاله آهي سنڌين جي نمائيندگ جي ته يقينن پڇاڙيءَ جي ڪن سالن ۾ ان جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي ته سنڌين جي نمائيندگي جي نسبت ڪنهن ريت جو ارڪشڻ ٿيئڻو کپي. ان جا سبب ڳولهي ڪڏهڻ به ڪو گھڻا ڏکيا به ناهن. هندستان ۾ سنڌين گھڻائي وارن مختليف الائيڪا ڪجه هن ريت آهن بمبئي جي ڀرسان الهاسنگر (سنڌو نگر)، ڪُبيرنگر (احمد آباد)، بيراگھرڙ (ڀوپال)، گانڌيڌام (ڪچڇ). ان ايلاڪن ۾ جيتوڻِڪ صوبائي اسلمبلي چونڊن ۾ سنڌي ووٽ اهميت ٿا رکن پر جيستائين لوڪ سڀا جي ڇونڊن جي ڳاله آهي اڄ به اسين هڪ به تڪ کٺڻ جي حالت ۾ ناهيون. ان جو مطلب اهو ئي ٿيو جي جيڪي به مرڪجن ستح تي سنڌي اڳواڻ رهيا آهن تن جو سياسي وجود سنڌين کان وڌيڪ اڻ سنڌين تي دارومدار ٿو رکي. اهو سبب آهي ته هو سنڌين جي حڪن جي لڙائي ئي اڄائي ڪري ليکندا آهن جڏهن ته اڻ سنڌين جي ننڊي ۾ ننڊي ڳاله کين پريشان ڪندي آهي. ان جي هڪ مثال رام جنم ڀومي جي تحريق مهل ڏسڻ ۾ آئي هئي جڏهن لعل ڪرشن آڏواڻي سومناٿ کان ايوڌيا تائين پنهنجي رٿياتراجي  داحميد آباد  مان گھزرندي مهل  ڪن سنڌين جي جسلي يا ميراڙڪي لاءِ ٻه لفظ ڳالهائڻ واجب ڪين سمجھيو جڏهن ته گجراتين لاءِ جدا جدا الاڪي ۾ پنهنجو ڀاشڻ ڏنو. وري صوبائي اسلمبلي ۾ به سنڌي اميدوار الهاننگر يا ڪبيرنگر کان الاوا سايد ئي ڪو الائيڪو آهي جتي اميدوار سنڌين جي مسئلن کي  سنجدگي سان ٿا ڌيان ڏين.

ايڙهي ڳاله ناهي ته سنڌين سياسي پارٽيون ۾ پنهنجي نمائيدگي واڌائڻ لاءِ سياسي تنظميون تي ڪو ذور ڪين ڏنو آهي. پر ان جي باوجود چونڊن ۾  ٽڪيٽان ايڪڙ ٻيڪڙ تڪيون تي ئي ڏنو ويو آهن اهو به تڏهن جڏهن جيت جو آسيرو تمام گھٽ هجي. ايڙهي هڪ مسال ڇتيسگڙ ۾ رايپور جي ڀرسا راجنند گاءُ ۾ ڏٺو ويو ته جڏهن ڀارتيه جنتا پارٽي جي خٽڻ جي اميد نه جي برابر هئي ته سنڌيءَ کي ٽڪيٽ ڏني وئي ،جڏهن ڀاجپا جي حالتن ناڻي جي موٽ ۾ سنسد ۾ سوال پڇڻ تي جي ڳوڙ ۾ سندس  ويٺل سانسد کي استعفو ڏيئڻو پيو. جيڪو سنڌي اميدپوار ٿي بيٺو سو به اندازي موجب کٽي ڪين سگھيون. وري جتي سنڌي چونڊجي ٿا به اچن اتي سنڌي اڳواڻ به ڪو سنڌين جي مسئلي تي ڌيان نٿا ڏين. سڀاوڪ آهي ته ان سان ان سنڌي اڳواڻ کي ڪو به سياسي نڪسان نه پيو ٿئي ڇاڪاڻ ته هو سنڌي ووٽن تي نٿا چونڊجن. اهو ئي سبب آهي جي سنڌين کي اهو مهسوس ٿيئڻ لڳو آهي ته جيڪر سنڌي قوم کي هڪ يا ٻه نمائيندا محفوظ ڪيا وڃن ته گھٽ ۾ گھت اهي ته قوم لاءِ ئي ڪم ڪندا ڇا ڪاڻ ته کين ان نڳاله جو ڊپ رهندو ته جيڪر سنڌين جي مسئلن تي نه ڌيان ڏنو ويو ته يقينن ٻهر سنڌي ڪوٽي ۾ ٽڪيٽ به ڪين ملندي.

ايڙهي ڳاله ناهي جي هندستان ۾ ايڙها مثال ناهي. اينگلو انڊين قوم کي اڳي ئي ايڙهيون رياتيون ڏنو ويو آهن جنهن جي حالت هينئر ڪنهن ڪدر سنڌين جيڙهي آهي. سنڌي اها گھر گھڻ سالين کان ڪن پيا. سنڌين سان مسيبت آها رهي آهي ته جن کي ان ڳاله تي هل ڪرڻو کپندو هو سي خاموش آهن. اڄ تائين ورلي ئي ڪو سنڌي سياستدان ان مسئلي تي ڪجه ڳاليائو هوندو. اهو ممڪن آهي ته ان سياستدانن کي به ڪٿي نه ڪٿي اهو ڊپ رهيو ئي آهي ته جيڪر سنڌين لاءِ تڪيون لوڪ سڀا ۾ مهفوظ ڪيو ويون ته سندن سياست جو ڇا ٿيندو؟. ايئن ته نه ٿيندو جي اينگلو اينڊين واڱر هو رڳو سنڌي ڪوٽي ۾ لوڪ سڀا ۾ گھُري سگھندا.

ايڙهي ڳاله ناهي جي هندستان ۾ رڳو لوڪ سڀا جي تڪيون مهفوظ رکڻ جي رواج ناهي. اينگلو انڊين قوم کي آزاديءَ بعد کان ئي اها سهوليت ڏني پئي پڃي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌين کي وقط بي وقط اها ڳاله ذهن ۾ پئي اندي رهي آهي ته جيڪر اينگلو اينڊين ته پوءِ اسين ڇو نه ؟ سنڌين پاران جتي پُڳو آهي اتي ان مسئلي ڏانهن پنهنجي قوم توڙي ميڊيا جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. ايڙهي گھر رام جنم ڀومي جي جاکڙي وقط سري ڪي آر ملڪاڻي کي اڳيان رکي وئي هئي وري مشهون سنڌي واڻيڪو گھراڻو هندوجا جي سربراه شريچند هندوجا ان ڳاله کي لڳ ڀڳ هر سنڌي جسلي ۾ اٿاريندا رهيا آهن ته سنڌين کي به مرڪجي ستهيه تي ڪنهن ڪدر لوڪ سڀا ۾ تڪيون مهفوظ ڪيون وڃن جنهن کي هندستان جي ميڊيا خاص ڪري انگريزي ميڊيا به جام ڪوريج ڏنو.
هندستان ۾ سنڌي حقن جي نسبت هڪ ٻئي ڳاله جيڪا هميشاه ئي اڳيان ايندي رهي آهي سو آهي ايتجاجن جي. اهو جملا جام ٻڌبا آهي ته سائين حقن جي نسبت ايتجاج ڪرڻ جو وقط ڪٿي آهي سنڌين کي ؟ اسين مان گھڻا آهن جيڪي پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي بند ڪري ايتجاج ڪندا رستن تي ؟ اسين ته ناڻي ڪمائڻ ۾ ئي پورا آهيون وغيراه وغيراه. دراسل اهي سڀ ڳالهيون ان لاءِ ٿيو اچن جي اسين سنڌي هندستان ۾ ساڳيا منظر پيا ڌسئون جدا جدا قومن ۾، جتي جتي سنڌي وسيل آهن. ۾ثلن هڙتالين ڪرڻ، ريل يا رستا روڪڻ وغيراه وغيراه وري هندستان ۾ جنم ورتل ٽهي کي سنڌي ٻوليءَ جي جاکڙي نسبت ڄاڻ تمام ٿوڙي رهي آهي. ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڇو ته اسين ٻوليءَ کان ڪنهن ڪدر پري ٿيندا ويا آهيون سو ٻوليءَ جي طسليم جي نسبت ڪيل جاکڙي سان به اڻ واقيف آهيون. جڏهن سنڌين هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جو جاکڙو شروع ڪيو هو نعني 1948 ۾ تڏهن سنڌين جو هڪ وڏو تبعڪو پنهگري ڪيمپن ۾ رهندوهو. اهو ئي  نه  پر نئين ملڪ ۾ اسين تن ڏنهن ۾ ٻن ويلن جي سُکي ماني لاءِ به ڳڻتيون ڪندا هئاسين. پر ان جي ٻاوجود اسين استجاج ڪياسين. سنڌين ڪو ان لاءَ ريل ڳاڍيو ڪين روڪيون يا هٽ بازاريون بند ڪيايون يا حڙتاليون ڪيو. سنڌي رڳو جلسا ڪيا. ميڊيا ۾ پنهنجي ڳاله رکي، هندستان ۾ ٻوليءَ توڙي حڪومت جي ڳليارن ۾ سگھ رکندڙ کي پنهنجي جلسن ۾ گھرائي مکيه مهمان ڪري پيس ڪندا ڪئاسين جيئن کين سنڌي قوم توڙي سنڌي ٻولي بابت ڄاڻ هجي. هندستان جي سنسد ۾ جيڪي به سنڌي هئا سي ٻوليءَ جو مسئلو زور شور سان سنسد ۾ اٿاريندا هئا. سنڌين رڳو سنڌين جي نه پر اڻ سنڌين سياستدانن ۽ هندي ٻوليءَ جي لکڪن جي به مدد ورتي، اهو ئي سبب آهي جي نهرو جي سکت وروڌ جي باوجود سنڌي ٻوليءَ جو جاکڙو ڍرو ڪين ٿيو ۽ نيٺ هندستان ۾ سنڌي ٻولي تسليم تي اهو به تنهن مهل جڏهن هندستان ۾ قومي ٻوليون ۾ رڳو 12 ٻوليوون هئون جيڪي هينئر 22 ٿيو آهن.

سنڌين جي نمائيندگي جو مسئلو تمام اهم مسئلو آهي جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. پر ان منجھ هڪ ٻئي به ڳاله آهي جن کي اسين نظرانداز ڪيو آهي سيستائين مثلن ووٽ بينڪ جي سياست. عام طور سان ووٽ بينڪ جي سياست جي جموريت جي اصولن جي کلاف  مڃيو ويو آهي ڇا ڪاڻ ته ووٽ ڏيئڻ هڪ نڄي مسئلو آهي پر سايد ئي ڪو ان ڳاله کي نظرانداز ڪندو ته جيڪر اهي دليت ووٽ نه هجن ها ته نه ئي اندرا گاندي اها منڊل ڪميشن برپا ڪري ها ۽ نه اهي وي پي سنگھ منڊل ڪميشن لاءِ پنهنجي حڪومت کي داءُ تي لڳائي ها ۽ نه ئي وري هندستان ۾ مسلمانن لاءِڪي سياسي پارٽيون اهو رجرويشن جو ڊرامي ڪري ها. سندن اهو ڊرامو ان جي باوجود کيڏي ڏيکارو جي هندستان ۾ سنويڌان ۾ ڌيم جي نالي تي آرڪشڻ يا رجرويشن طسليم ڪين ٿي ڪري سگھجي. جيڪر ايڙهو ڪو فيسلو ڪيو به ويو ته به عمل ۾ ڪين ايندو ڇا ڪاڻ ته ڪورٽ ان فيسلي کي رد ڪري ڇڏندو.
سنڌين جي هندستان جي ڪن الاڪن ۾ سٺا ووٽ آهن. مثلن مڌي پرديس جي ڀرسان وارو صوبو چتيسڳڙ ۾ 90 تڪيون مان 10 ايڙهيون تڪيو آهن جتي سنڌي ووٽ هار جيت جو فيسلو ڪري ٿا سگھن پر ڇو ته اسين سنڌي انڌن واڱر بي جي پي ڏانهن مائل آهيون سو انجو فائيدو ڪين وٺي سگھندا آهيون. جيڪر سنڌي هڪ ٿي ووٽ ڏين ته اهي ڏنهن به پري ناهن ته لڳ ڀڳ هر سياسي پرٽي سنڌين کي به اها احميت ڏيندا جيڪا ٻين قومن کي ڏين پيو.

هي فيسلو اسان کي ڪرڻ آهي ته ڇا اسين پي جي پي جا پوئيڳ تي رهڻ ٿا چاهيون يا پنهنجي حقن جي جاکڙي لاءِ ڪنهن ڪدر سُجاڳ ٿا ٿيئن چاهيون.
هي مسئلو انتهائي وڏو آهي.
  





     

No comments:

Post a Comment