March 26, 2012

ڇا تڏهن به سنڌ صوفي ڪوٺبو ؟؟؟؟؟..........



جان کان سنڌ (توڙي سنڌ کان ٻاهر ) ۾ رنڪل ڪماريءَ جو مسئلو ميڊيا جي صُرکيون بڻيو آهي سنڌ جا هندو توڙي سيول سوسائيٽي ايتجاجن ۾ آهن.  هڪ لڱي ڏسجي ته سنڌ ۾ ايڙهيون وارداتيون  مثلن نياڻيون جو اغوا ڪرڻ بعد جبرن دين ڌرم مٽائي راتون رات پنهنجي چاه جو پرڻو جو نالو ڏئي پرڻائڻ،  مردن کي اغوا ڪرڻ بعد ڪتل ڪتل ڪرڻ يا ڪو به ڪو منهن ڪري هندن جي الاڪي ۾ ڪاهي اچڻ.ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي انگريزن کان اڳ ايڙهيون وارداتيون جام ٿيون. تنهن مهل اڄ جيڙهي ميڊيا ته هئي ڪونه جي اهي وارداتيون ريڪارڊ ڪيو وڃي . انگريجن جي ڏنهن ۾ به اهي وارداتيون اڳو پوءِ جي ختم ٿي پيون ايڙهي به ڳاله ناهي. ڪورٽن ادالتيون  ۾ ايڙها ڪيس ايندا رهندا هئا.  پر وڏو سوال ته اهو آهي ته هاڻ امالڪ اترو هل ڇو ؟  ايئن ڇو آهي جي امالڪ ته پوري سنڌ ۾ هندو رستن تي لهي اچڻو پيو آهي. ان مسئلي نه رڳو عام هندو پر  پ پ پ  جا هندو اڳواڻن کي به جاڳڻو پيو. ( اها ٻئي ڳاله آهي ته سندن جي وفاداري پ پ پ سان اڄ به اوتري آهي جيتري رنڪل جي واڪعي کان اڳ هئي)


جيئن جيئن اندروني سنڌ ( معاف  ڪجو مان هي لفظ استمعال ٿو ڪيا) ۾ سنڌي هندون تي ظلمن بابت وچوڙ پڌرا ٿيندا ويا وايڙو ڪندڙ حقيقتيون سامهون اچڻ لڳيون . جيڪر پاڪستان جي انساني حقن جي تنظيم جي ڳاله تي ڌيان ڏئون ته سندس چوڻ آهي هر مهني 20 هندو نياڻيون اغوا پيو ڪيو وڃن، لوٽ مار ڪتل ۽ ٻيو وارداتيون سو ڌار. رنڪل جي 12 مارچ جي پيشي مهل ماروي ميمڻ به مڃيو ته هندون سان ويل پيا ٿين. ڳاله رڳو سنڌ ۾ هندون جي ئي ناهي. بلوچستان ۾ به هندن تي ويلن جي ڳاله جام ٻڌبي آهي. بلوچستان جي هندن لاءِ چيو ويندو آهي ته هنن سنڌ ڏانهن لڏپڻ ڪري ويا آهن. وري جن کي پُڳو سي هماشاه لاءِ پاڪستان مان لڏي هندستان لڏي ويا. ڪجه  مهنن اڳ ايڙهي هڪ ٽولي دهلي اچي مڙي ٻيٺي. اها ٽولي ايتري ته هراس پئي نظر آيئي جي هو جيلن ۾ وڃڻ لاءِ تيار هئا پر موٽي پاڪستان وڃڻ لاءِ يڪدم تيان  ڪون هئا.
ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڻ مسلمانن تي ظلمن ۾ 1947 کان پوءِ زبردست واڌ ٿي آهي. ڪانگريس هندستان جي ورهاڱو قبول ڪرڻ سرت ئي جڏهن الاڪن جي وراست بابت مسلم ليڳ ساڻ ڳاله ٻولي شروع ڪئي تنهن مهل ڌيان رڳو ايترو ئي ڏنو ويو ته سرهدن ۾ ڪيڙا الائيڪا مسلم گھڻائي وارا آهن. ان ڳاله بابت ڪڏهن به ڪانگريس ڌيان ڪون ڏنو ته جيڪر اهي الائيڪا  توڙي صوبا پاڪستان جو حصو بڻبا ته  تن ۾ ٿوڙائي واري قومن جو ڇا ٿيندو؟ جيڪر پاڪستان ۾ هندن توڙي اڻمسلمانن بابت ڪنهن سنجدگيءَ سان سوچيو وڃي ها ته سايد اهي منظر اسان نه ڏسئون ها جيڪي بنگلاديس ۾ هندن ۽ ڪنهن هد تائين اڄ به هندو سنڌي ، سنڌ ۾ ڏسي رهيا آهن. ممڪن آهي ته ڪانگريس جي ليکي پاڪستان ۾ به هندن کي اوڙهي ازت ۽ مانُ ملندو جيڙهي ريت اسين هندنستان ۾ مسلمانن کي تحفوظ ڏينداسين. اڄ تائين جي حالتن کي ڏسي اهو ئي ٿو لڳي ته يقينن اها ڪانگريس جي غلطي ئي نه پر چرياپ هئي جنهن جو نُڪسان اڄ سنڌين ۽ ڪشميري پنڊتن کي پنهنجي پنهنجي مادري وطن کان دربدر ٿي چڪائڻو پوي ٿو.


پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ شرت ئي جناح پنهنجي تڪريرن ۾ پاڪستان جو سيڪولر هئڻ جي ڳاله جام ڪئي. پر ان جي باوجود پاڪستان  ۾ ڪٿي به انساني حقن جي تهظوج ڪون ٿي سگھي. سندس حيات رهندي ئي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هندو سنڌين کي هيڪالي ڪڏهن جي منصوبي سان وڏا فساد ڪرايا ويا پر اڄ تئين ڪنهن  ڪو بيان ڪون لکيو ويو آهي ته جناح ڇا ڪيو ان فسادن کي روڪڻ لاءِ. اڄ تائين اها خبر ڪون پوي آهي ته ان فسادن ۾ ملوس مسلم ليڳي مهاجرن ڪاروڪن تي ڪيڙهي ڪاروائي ڪئي وئي.
جيڪر 1945 جي چونڊن جي نتيجي ڏانهنن ڌيان ڏجي ته ان چونڊن ۾ مسلم ليڳ جي 85 سيڪڙو مسلمانن ووٽ ڏنا. ڪانگريس کي تنهن مهل ئي سمجھڻو کپندو هو جڏهن مسلمانن ۾ هندن لاءِ ايتري ڪاوڙ آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هندن تي ڪهر نه ٿيندا. ڪانگريس کي پنهنجي غلطي جي احساس لاءِ ڪو گھڻُ وقط به ترسڻو ڪون پيو. ورهاڱي کان ٻن اڍائي سالن جي اندر ئي اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) ۾ جام فساد ڪرايا ويا جنهن سبب لکن جي تعداد ۾ هندو بنگالي پاڪستان واري بنگال مان لڏپڻ ڪئي. تنهن مهل جي آڪڙن موجب لڏ پڻ ڪندڙ جي تعداد 20 لک ٿي ٻڌائي وڃي. نهرو جڏهن هندستان ۽ اوڀر پاڪستان جي سرهد بنگاءُ ۾ سندس ڌيءَ  اندرا گانڌي جي ساڻ ويو ته  سندس هوش ئي اڏامي ويا. ان وچ ۾ حالت ايتري ته خراب ٿي چڪي هئي جي نهرو تي فوج کي طلب ڪري اوڀر بنگال موڪڻ لاءِ ذور وڌڻ لڳو. اهو ئي سبب هو جي نهرو ڪنهن ايڙهي تريعڪي جي حمايت ۾ هو جنهن سان ٻئي ملڪ وارهاڱي جون رنجشيون کان اڳتي وڌي پنهنجي  پنهنجي ٿوڙائي واري ڪومن جي حفاذت ڪن. سندس ليکي جيڪر هندستان ايڙهي ڪا رٿا جي همايت ڪري  ته سايد پاڪستان ۾ اڳتي وڌي اچي . اهو سڀ ان جي پس انظر جو ئي سبب هو جي نهرو ۽ لياقت علي خان چهن ڏنهن جي ڍگھي ڳاله بوله بعد پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ لڏ پڻ روڪڻ ۽ ٿوڙائي واري قومن کي تهفوظ ٿيئڻ سبب هڪ سمجھوتو ڪيو جنهن کي دهلي سمجھوتو يا  نهرو لياقت سمجوتي جي نالي سان مشهور ٿيو.

ان سمجھوتي موجب ڪي ڳالهيون تي پڪ بيٺي جيڪي ڪجه هن ريت آهن
1                    ٻئي ملڪ پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ ٿوڙائي واري قومن ۾ اها دلجاءِ ڏيئاريندا ته هو مهفوظ آهن.
2                    فسادن سبب لڏي ويل ماڻهون کي ٻهر ساڳي الاڪي ۾ وسائڻ
3                    گھڻائي ۽ ٿوڙائي پاري ڪومن ۾ ميل ميلاپ وڌائڻ جي نسبت ڪم ڪرڻ .
4                    هڪ ايڙهو ماهون پيدا ڪرڻ جيئن ٻنهن ملڪن ۾ رستا سڌري سگھن

هي سمجھوتو ڪڏهن ٻه هندستان ۾ هڪ رايه وارو سمجھوتو ڪون ٿي سابت ٿيو. سمجھوتي جي وجود ۾ ايندي ئي ان تي تمام گھڻي تنقيد ڪئي وئي خاص ڪري هندستان ۾. تنهن نهڪ جو قوميپرست ۽ هندو (بنگالي) اڳويڻ شري شياما پرساد مُکرجي ان جي وجود ۾ ايندي ئي نهرو جي حڪومت مان استيفعو ڏنو. سردار پٽيل پڻ ان سمجھوتي تي خوش ڪين هو پي نيٺ هون نهرو جو ساٿ ڏنو. ڪن جو مڃڻ آهي گانڌي جي ڪتل بعد هو آر ايس ايس کان ڪنهن ڪدر پري رهڻ ئي شروع ڪيو هو. ان سمجھوتي جي وڏي مجاق تنهن مهل لياقت علي ڪري ڏيکاري جڏهن هن پنهنجي سياست کي سنڌ ۾ ذور وٺائڻ لاءِ مهاجرن کي وڏي تعداد ۾ هندستان مان ڪراچي ۽ هيدآباد (سنڌ) لڏائي وسايو. کين هندن کان هٿ ڪيل ملڪتيون ۽ نڪريون ڏنيون. غلط ڪليم ڀرايا وغيراه. ان سمجھوتي جي رهيل ڪسر 1970 جي ڌاري نڪتي جڏهن بنگالين کي دٻائڻ جي نسبت هندو بنگالين جو ڪتل، بنگالي ضائيفائون جو اڙهو وهشي  لڄلُٽ جو شڪر بڻايون ويو جنهن جو مثال سايد ئي هندستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ملندي. اهي وارداتيون ايڙهو ته گهرو اصر ڪيو بنگالين هندن تي جي وري هو پنهنجي اباڻي الائيڪي ڏانهن ڪون موٽي ويا. اهو ئي نه رهندجي ويل بنگالي به سانڌيه هندستان واري بنگالي ڏانهن لڏڻ جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي ۽ اڄ جي تاريخ ۾ جتي هڪ وقط لکن جا هندو رهندا هئا اڄ اتي آنڱريون تي ڳڻيندڙ جيترا هندو وڃي بچيا آهن.
نهرو لياقت جي سمجھوتي جو فائيدو جيڪر ڪنهن ورتو ته هندستان مان لڏي ويل اسام جي صوبي جا مسلمان جيڪي اوڀر پاڪستان مان ان سمجھوتي جي تهت واپس موٺي آيا جنهن آسام جي صوبي لاءِ اڄ به هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي.. شيخ مجيب به کولي عام چوندي ٻڌبو هو ته آسام بنگال (پاڪستان وارو) جو هڪ وستار (Extension) آهي. ڪل ملائي جيڪر ڏنجي ته نهرو لياقت ڪو ڪرار مڙئي نهرو جي چرياپ کان سواءِ ٻيو ڪجه به نه هو. ڪن جو ايستائين مڃڻ آهي ته نمهرو اهو سڀ مسلمانن ۾ پنهنجي ازت ۽ سڄي دنيا ۾ پاڻ کي هڪ سيڪولر ڪرار ڏيئڻ لاءِ ڪيو.

سنڌ ۾ جيتوڻيڪ حالتيون هندستان جي ٻئي ڪنهن صوبي جي ڀيٽ ۾ ڪنهن ڪدر اُڀتر رهيون آهن  ، گھٽ ۾ گھٽ انگريزن مهل ته يقينن هئون. جڪر مسجد منجلگاه کي ڇڏي ڏجي ته سنڌ ۾ ڪو به وڏو فساد ڪون ٿيو.  سنڌي هندو ننڊي کنڊ جي ان ٿوڙن قومن مان آهي جيڪي مسلمانن جي تمام گھڻي ويجھو رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جي سنڌ مان لڏي آيل هندن جي ان نئين ماهول ۾ وسڻ ۾ شروئات جي ڏنهن ۾ جام لڪليف ٿي. هڪ ته اڻ ڄاڻ ملڪ وري ورهاڱي سبب مسلماڻڪا ويش ڀوشا.. ساڳي ريت سنڌي  مسلمانن کي پڻ هندنستان مان لڏي آيل مسلمانن ڪڏهن به سچو مسلمان ڪري ڪون ليکو آهي. ڇوندا آهن مهاجر ڇوندا هئا (ڪجه سالن اڳ تا.ئين يا سايد هاڻي به ) ته سنڌي مسلمانن هندن جي مُٽرءَ مان ڄاوا آهن.
 هند ۽ سنڌ جي سنڌين ۾  واٽ رکڻ جي هڪ جو هڪ ماڌيم يا ضرعو سنڌي ادب رهيو آهي جنهن سبب هندن توڙي سنڌ جا سنڌي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهن ٿا. اڃا مهيني کن اڳ جي ئي ڳاله آهي جي هندنستان مان ٽي ساهتيهڪار مثلن هيرو ٺاڪر، دادي اندرا پوناوالا ۽ ادي ومي سادانگاڻي سنڌ ٿي آيا آهن. پر اجيب  جيڙهي ڳاله ته اها آهي جي نه ته هاڻوڪي ساهتيڪارن جي ٽولي ۽ نه ان کان اڳ هندستان مان سنڌ ايندڙ اهي ٽولين ڪڏهن به ان ڳاله جي سُس ئي لڌي ته آخر رهجي ويل هندو برادري ڪنهن ريت رهي ٿي ؟؟ هند جا سنڌي ليکڪ جيڪي  به سنڌ ۾ ويا سي پنهنجي پنهنجي اٻاڻي گھر يا الاڪي يا سندن ميجباني ڪندڙ تائين ئي پاڻ کي  محدود رکيو . اهو ئي نه جان کان اهي ليکڪ سنڌ مان ٿي آيا آهن تان کان رڳو  دادي اندرا پونيوالا کان سواءِ ڪنهن به ان معملي ۾ لفظ ڪون ڳالهائو آهي. دادي اندرا نه رڳو ان جبرن ڌرم مٽائڻ جي تنقيد ڪئي آهي پر ان سنڌي ليکڪ جي به تنقيد ڪئي آهي جيڪي ايئن ته سنڌ ۾ پاڻ کي  صوفي ڪوٺائيندا آهن پر اڙها مسئلا اچڻ تي پنهنجا چپ کي ٺاڪو ڏئي ماٺ ٿي تماشو پئي ڏسن . رنڪل ڪماري ۽ ٻين سنڌي نياڻيون بابت ايتجاج مهل هي ته ضيفائون جي آلمي ڏنهن اچي ويو جي ڪي سنڌي اديٻائون نڪتيون نه ته اهي سڀ ڪڏهن به نظر  نه اچن ها.


سنڌ ۾ هندن تي ظلم 1947 جي لڏپڻکان شروع ٿي.  جيڪي بناظير جي وقط مان ٿيندي اڄ ّزرداري جي حڪومت ۾ گھٽڻ جي بجاءِ هاٿئون  وڌيا آهن. عام طور سان جڏهن به ان ڳاله تي سنڌي هندو هل ڪن ته هميشاه ئي ان کي سنڌ جي گھڻن سورن مان هڪ ڪري ليکيو وڃي يا نه ته پنجاب جو الام ڪري. پڇاڙيءِ جي ڪن سالن ۾ ان ظلمن ۾ پ پ پ  جو به اوترو ئي هٿ پئي ڏسڻ ۾ آيو آهي جيترو ٻئي ٻئي ڪنهن به پارٽي جو مثلن مسلم ليڳ وغيراه جو. پڇاڙيءَ جي پنج ڏهاڪن کي جيڪر سنڌي هندن جي لڏپڻ کي باريڪيءَ سان ڄاچيجي ته اها ڳاله چٽي پئي ٿئي ته اڙهو ورلي ئي ڪو الائيڪو بچيل هوندو جٿون هندو برادري لڏپڻ نه ڪئي هوندي. اهي سڀ ڳالهيون ان حڪيقت جي شاهد آهي ته پوري سنڌ ۾ هندن لاءِ سنڌ جي مٽي سُسي پئي. هو سنڌ جي ڪنهن به الاڪي ۾ مهفوظ ناهن.
هند سنڌ جي سنڌين ۾ ڀلي اهي هندو هندو هجن يا هندو مسلمان هجي هڪ رابطي جي ڪمي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي ته سوائي ليکڪن جي اسين عام سنڌي ٻن ملڪن جي سياست واڱر هميشاه ئي هڪ ٻئي کان ونڊيل رهيا آهيون. هندوستان ۾ رهندڙ سنڌي به سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين بابت ڄاڻ تمام مهدود رهي آهي. اها ڳاله انٽرڀيٽ جي ايجاد کان اڳ به جيڪري سچي آهي اوتري اڄ.  وري سنڌين ۾ هڪ ٻئي جي لپي سبب اهي مسئلا هاٿيون وڌا آهن. چوڻ لاءِ ته پنجابين ۾  به پاڻ ۾ رابتا مهدود رهيا آهن پر جڏهن جڏهن ته پنجابين ۾ هڪ ٻئي سان ويجھو اڄڻ جون ڳاليون هميشاه ٿيو آهن (جڏهن به هندوستان پاڪستان جي رستن ۾ سڌارو آيو آهي ) پر سنڌين سان ايئن ڪين ٿيو آهي.

ع1947 جي لڏپڻ يقينن لڏي آيل سنڌين لاءِ ڏکن جو هڪ وڏو داستان کڻي آيو هو. ڇا غريب ڇا شاهوڪار سڀ رستن تي هئا. اهي ڏه پندراه سال سايد ئي هندوستان جو سنڌي قوم ڪڏهن وساري سگھندو پر ان جي باوجود هڪ پيائي ملڪ ۾ سنڌين کي ساٿ به ملو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي طسليم مهل هندي ٻولي جي ليکڪن به ساٿ ڏنو.  اڄ سنڌي هندستان جي هڪ اڳتي وڌيل قومن مان هڪ ڳڻي ويندي آهي گھٽ ۾ گھٽ مالهي طور ته سوءُ سيڪڙو. نڪسان رسيو آهي سياسي طور ۽ ڪنهن حد تائين سنڌي ٻولي يا ثقافت جي دائيري ۾. پنهنجي زمين وئي ته ساڻُ ساڻُ سياسي زمين به هٿن مان کسڪي وئي. ان جي باوجود لڏي آيل سنڌين کي ڪڏهن به اهي نظارا ڪيون ڏسڻا پيا جيڪي هينئر سنڌ جي هندو برادري پئي ڏسي. دين ڌرم جي نالي تي نياڻيون جو  اغوا ٿيئڻ، جبرن ڌرم مٺائي پرجائڻ ۽ ان بعد ان سڀ ظلم جو وڪالتون پاران پُٺڀرائي ۽ پنهنجي چاه جو پرڻو ڪرار ڏيئڻ ، جوان پُٽن جو اغوا ٿيئڻ يا ڪتل ٿيئڻ ڪڏهن به هندستان جي سنڌين ڪون ڏٺو.  
هندستان ۾ سنڌين سان ڪن خاص قومن مثلن گجراتي جين يا راجستان جا مارواڙي سان رنجشيون رهيون آهن پر اهي به هڪ هد تائين ئي محدود رهيون آهين. اسين  ڪڏهن به کولي عام هڪ ٻئي جا ويري ڪون ٿيا آهيون . اڄ هندستان جي سنڌين ۽ اتر هندستان جون قوميون اڳتي وڌي ويو آهن. اسين هندستان جي سنڌين کي هند  ۾ هڪ پنهنجي سڃاڻپ آهي. اهي سڃاڻپ ڪنهن هد تائين فڪي ضرور ٿي آهي پر اڳوپوءِ کتم ڪون ٿي آهي. اها ڳاله هميشاه ذهن ۾ رکڻي کپي ته سنڌي ڪو هيڪلوقوم ناهي جيڪو صوبي کان سواءَ آهي. سنڌين واڱر ڪشميري پنڊت به آهن جيڪي ڪشمير مان هيڪالڻ کان پوءِ سڄي اتر هندستان ۾ ٽري پکرجي ويا آهن. هنن کي به هندستان ان ريت ئي  قبولو آهي جيئن سنڌين کي.

سنڌ ۾ هندن جي اها امتهانن جي وقط آهي. رنڪل ڪماري ۽ ٻين سنڌي نياڻيون جو اغوا ٿيئن کان وڌيڪ صوفي مت جي مالا جپيندڙ سنڌي مسلمانن جي ماٺ هندن کي مايوس ڪيو آهي . هندن کي اڄ به نه ته سنڌي ميڊيا (سواءِ اوامي آواز) ، نه ته سنڌي ليکڪ ۽ نه ئي سنڌي سياستدانن جو ساٿ ملي ٿو. اجيب جيڙي ڳاله آهي ته سنڌي قوميپرست جيڪي سنڌ جي مٽي يا سنڌوپتي مهاراجا ڏاهن ساه جي وارث ٿيئڻ جي ڳاله ڪندا آهن سي به ماٺ آهن. چيو ٿو وڃي ته قوميپرست اڳوان بشير خان قريشي رڳو ان لاءِ ماٺ رهيو چا ڪاڻ ته سندس اڪهين برچنڊي پير جا مريد آهن. اهو سڀ ان جي باوجود جي سنڌي نياڻيون جو مسئلو جبرب اغوا جو آهي. انساني حقن جو آهي، عورتون جي مانُ ۽ ازت جو آهي.

سنڌ جي هندو برادري ايتري ته مايوس ٿي پئي آهي جي ورلي ئي ڪو هندو هوندو سنڌ ۾ جيڪو لڏپڻ بابت ڪون سوچندو هوندو. ايڙها جام سنڌي هندو جي واتان  مون ٻُڌو آهي ته  47 وارن ۽ اڄ حالتون ۾ ڪو به فرڪ ناهي، سوائي ان جي ته 47 ۾ جيڪو ڪم ڌارين ڪيو ڪيو سو هاڻي پنهنجا پئا ڪن.

سنڌ ۾ هميشاه ئي هندن جي لڏپڻ سنڌ ڏانهن ڌوکي جي نضريئي سان ڏٺو ويو آهي. اها ڳاله جيتري سيخ اياز جي ڪلمءَ مان لکي وئي ويئي آهي اوتري اڄ به لکي ويندي آهي. سنڌ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو صدر قادر مگسي ته سنڌي هندو جي  همٿ نه هجڻ ۽ ڏڪڻا ٿين جو الزام پئي هئون پر سايد سايد کيس اهو ڪڏهن به ڪون ٻڌايو ته جڏهن هندو نياڻيون جي ازت سريعام ٿئي ته ڪير مائي جو لعل آهي جنهن جي دل نه ڌڙڪندي.؟؟؟ جيڪر ڪياچي شهر کي ئي ڏسنجي ته 1947 کان اڳ نه رڳو سنڌي هندو رهندا هئا پر پارسي، گجراتي (هندو) ۽ سک به هئا پر سڀ ڪياچي واندائي ويا، ان جو سبب اڻ مسلمانن جو ڏڪڻ نه پر سنڌي مسلمانن سياستدانن جو سرينڊر هو.

سنڌ ۾ هندن جي حالت امر جليل تمام سٺي ريت پيش ڪئي جڏهن هون چيو ته “جيڪر رنڪل ڪماري جي مائيٽ جي گھر ذلفيقار ڀٽي جي جاءِ تي الطاف حُسين جي تسوير هجي ها ته مزال آهي جي ڪنهن مائي جو لعل جيِ جي ڪنهن هندو جي گھر مان سندس نياڻي کي اغوا ڪري.؟” اهي بيان ان ڳاله جي ساهد آهن ته سنڌي هينئر ستر سالن جي غلامي جي باوجود هڪ ٻئي کي تهفوظ ٿيئڻ ۾ ناڪام ٿي پيا آهن. اها ان ڳاله جي به ساهد آهي سنڌ ۾ يقينن ايڙهيون حالتون هونديون جنهن سبب نائومل پيدا ٿيو.
هندن جي تهفوظ جو مسئلو هينئر سنڌين جو مسئلو آهي. هي مسئلو مهاجر يا پنجابين جو ناهي. اها ڳاله  گھڻائي ۾ رهندڙ سنڌي مسلمانن کي  پڪ ڪرڻي آهي ته هو ڪيڙو سنڌ ٿا گھرن. سندن ماٺ يقينن هڪ طاليباني سنڌ پيدا ڪندو. اسين هندستان جا سنڌي جيڪي هندستان ۾ ڄاوا آهيون جن ورهاڱي کي رڳو ڪتابن ۾ پڙهو آهي ، اڄ پنهنجي اڳين اڳيون ساڳيو منظر پيا ڏسوئون. ع1947 ۾ يقينن ساڳيا منظر هوندا جڏهن سنڌي پنهنجي لڄ جي خاتر سنڌ کان موڪلائي ويا هوندا. تنهن مهل به سنڌي اهو چيو هوندو ته ادا هي مهاجرن لاءِ هندو لڏي ويا جيئن اڄ ٿو چئون وڃي ته ان سڀ جو زميوار ميان مٺو آهي.

هندستان ۾ دليتن لاءِ جيڪر ڪو غلط لفظ به استمعال ڪندو آهي ته قانون جي تهت کيس جيل جي سڄا ملندي آهي پر سنڌ ۾ ميرپور ماٿلي توڙي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ بدچنڊي پير جا پوئيلڳءَ ريليو ٿا ڪڏن ۽ ڌمڪيون ٿا ٿين ته جيڪر هڪ رنڪل جي آزاد ڪيو ويو ته هڪ جي بدران ايڙهيون چار رنڪل کي اغوا ڪنداسين پر سندن تي ڪا به ڪاروائي نٿي ٿئي. هندستان ۾ اسين ڪٿي به ڪون ٻڌو هوندو جي اغوا ڪندڙ به سري عام ريلي توڙي جلسا ڪندا آهن. اڙهي حالت ۾ جيڪر ڪو هندو پنهنجي حفاظت جو انتجام نه ڪندو ته نيٺ ڪري ڇا.

ڪو به انسان ڀلي ڪيترو به قوميپرست يا ديشڀڳت  ڇو نه هجي هو ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي نياڻي جي ازت جو سودو ڪڏهن ڪون ڪندو. سنڌ ۾ هندن جي لڏپڻ جيڪر بند ٿيئڻي آهي ته اها رڳو دلاسن سان نه پر کين تهفوظ جي پکتن سبوت سبب ٿيندي پر سوال اهو ئي ته ڇا سنڌ ان لاءِ تيار آهي ؟ پر ان کان به وڏو سوال اهو آهي ته ڇا هندن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ هجارن سالن جي سنڌي صوفيمت جو ڇا ٿيمدو ؟؟؟؟

ڇا تڏهن به سنڌ صوفي رهندو..........  

    

No comments:

Post a Comment