اسين هندستان جا سنڌي ڏهين اپريل سنڌي ٻولي توڙي سنڌيت جو ڏوهاڙو ڪري مڃائون.
سنڌي ٻولي ڏوهاڙو ان لاءِ جي اڄ جي ڏنهن 1967 ۾ نيٺ هندستان ڪي مرڪجي حڪومت سنڌي
ٻوليءَ کي هندستان جي سنويڌان جي اٺين سيڊول ۾ جاءِ ڏني، ۽ سنڌيت ڏنهن ان لاءِ جي
هندستان ۾ رهندڙ اها ٻولي ئي آهي جنهن جي ذور تي اسين کي هڪ ريت ٻهر جنم ڏنو.
ٻوليءَ جي نسبت ٻهر ڄڻن جي ڳاله ان لاءِ ٿي اچي ڇا ڪاڻ ته ورهانڱي بعد هند توڙي سنڌ جا سنڌي
پنهنجي پنهنجي ڌار راه ڏنهن وڌياسين. سنڌ
جا هندو ڌارين ۾ اچي وسيا ته سنڌ جا سنڌين ۾ ڌاريا اچي وسيا. اسان تي وڏي ۾ وڏو
وار ٻوليءَ جي نسبت ٿيو ۽ اٿئون ئي شروع ٿيو ٻوليءَ جو پنرجنم . هند ۾ سنڌي وهن
سالن جي جاکڙي بعد نيٺ ڪاميابي ماڻي ته سنڌ ۾ جوتوڻيڪ دفتري ٻوليءَ جي ڏس ۾
ڪاميابي ته ملي ته سنڌي اهو فيسئلو ڪڏهن عمل ۾ ڪون آڻي سگھيا.
هندستان ۾ جيتوڻيڪ سنڌي کي طمليم ڪيو ويو پر اهو سفر به ايترو سهُلو ڪون هو.
وارهاڱي بعد نهرو سنڌي ٻوليءَ کي طسليم ڪرڻ جي گھُر کي سري کان ناڪاري ڇڏيو هو . سندس ليکي سنڌي ٻولي
ڳالهائندڙن جي تعداد تمام ٿوڙي آهي سو جيڪر سنڌي کي طسليم ڪيو ويو ته سنڌي واڱر
(ڳالهائندڙ جي تعداد جي مدينظر) هر ٻوليءَ کي طسليم ڪرڻو
پوندو. دراصل نهرو ان ڳاله کي نظرانداز ڪيو ته ٻوليون جو ميار رڳو ڳالهائندڙ جي
ڳڻپ تي ئي رڳو دارومدار نٿو رکي . سنڌي ڀلي ڳڻپ ۾ ٿوڙا هئا پر ٻولي جي ميار
جي نظر سان سنڌي جو هندستان جي ڪنهن به
وڏي ٻوليءَ کان گھٽ نه آهي
نهرو جي غلط هو ان جو وڏي ۾ وڏو مثال ڪاشميري ٻولي ءَ ڏنو جيڪا چوڻ لاءِ ته
جمعو ڪاشمير جي مول ٻولي آهي پر صوبي جي دفتري ٻولي اردو آهي. وائيڙو ڪندڙ ته اها ڳاله
آهي جي اها ٻولي جمعو ڪاشمير جي صوبي ۾ ڪنهن جي به مادري ٻولي ناهي. ڪاشميري ٻولي
لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته اها ٻولي تعليم جي لايڪ ناهي مطلب ان جو ميار اردو
جيڙهو ناهي. اجيب جيڙهي ڳاله اها آهي جي ڪشميري ٻوليءَ کي 1947 ۾ ئي طسليم ڪيو ويو جڏهن ته سنڌي کي 20 سالن تائين جاکڙو ڪرڻو
پيو.
جڏهن سنڌي ٻوليءِ جي نسبت جاکڙو ڪرڻ شروع ڪيو تنهن مهل سنڌ جو ڪانگريسي اڳواڻ
سري جيرامداس دولترام جو چوڻ هو ته ٻوليءَ جي سڌي سهين واٽ انسانن سان ٿيندي آهي نه نڪي ڪنهن الائيڪي سان ، اسين سنڌي چو ته
هندستان جي ڪنڊڪُرچ ۾ ٽريل پکريل آهيون سو سنڌي ٻوليءَ کي طسليم ڪيو وڃي ڇا ڪاڻ ته
سنڌي ٻولي لڏي آيل سنڌين جي ٻولي آهي. اڄ سنڌ کان ٻاهر رهندڙن سنڌين لاءِ اهو تمام
ضروري آهي ته اسين جيرام داس دولترام جي چول ڳاله کي سمجھئون. هڪ لڱي ڏسجي ته اڄ
دنيا ۾ ايڙهيون جام ٻُليون آهن جيڪي پنهنجي الاڪي کان ٻاهر پنپن ٿيون مثال جي طور ڏکڻ اميريڪا ۾ اسپينيش، ايلجيريئا ۾ فرانسسي يا
وري هندستان ۾ انگريزي. وڏي ڳاله ته اها آهي جي اهي ٻوليون اڄ به پنهنجي پوري زور
تي آهي جڏهن ته ان ٻوليون کي فهلائڻ وارا ڏڪاڪن اڳ لڏي پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن
هليا ويا.
ورهاڱي بعد چيو ويندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي طسليم جو جاکڙو “سنسار سماچار”
نالي جي اخبار پارا شروع ٿيو جنهنجو جو سمپادڪ شري ٺاڪرداس اڳناڻي هئا. جيڪو سلسلو
شري ٺاڪرداس جي سنسار سماچار پارا شروع ٿيو سو نيٺ ٻوليءَ جي طسليم سان وڄي نبرو
جڏهن سنڌي ٻولي 10 اپريس 1967 ۾ هندستان جي سنوڌان ۾ پنهنجي هاڻوڪي جاءِ والاري. اهي
لڙائي ڀلي هيئر عام لڙائي لڳي پر ان لڙائي ، ان جاکڙي جي اهميت ان لاءَ جام وڌيڪ
آهي ڇا ڪاڻ ته ان وقط نه رڳو سنڌين کي هندستان ۾ ڪو خصوسي الاڪو نه هو پر اسانجي
وڏي تعداد ڪيپن مان هڪ هڪ ويلي لاءِ ڳڻتيون ڪندي هئي.
سنڌي ٻوليءَ جي طسلم ٿيئڻ جي خوشي
لپيءَ جي ڳوڙءَ ناس ڪئي. اهو لپيءَ جو مسئلو ئي آهي جيڪو اڄ به هندستان ۾ ٻوليءَ
جي واڌاري جي نسبت روڙو بڻيو پيو آهي. ورهاڱي بعد جڏهن لپيءَ جو مسئلو اٿيو ته اهو
چئي ان مسئلي کان منهن موڙيو ويو ته جيئن سنڌ ۾ حالتيون عمن واريون ٿينديون سنڌ
موٽي وڃبو. ڪجه سالن ۾ ان ناري کي ڪجه فيرائي چيو ويو ته سائين اسين ڀلي هند ۾ ٿا
رهئون پر سنڌ وارن سان اسان کي واٽ رکڻي آهي جنهن ۾ ان لپيءَ جو وڏو ڪردار رهندو. اهو
ترڪُ يا سوچ به غلط سابت ٿي ڇو ته سنڌي سرهد جي ٻنهن پاسي سنڌي اها ڪون رهي آهي جيڪا ورهاڱي کان اڳ هئي. اڄ جي سنڌي ۾ جام فيرو آهي
جيڪو ڪنهن ڪدر هندي اردو جي ڀيٽ کان به گھٽ ناهي. اڄ سنڌ ۾ سنڌي جي اها حالت آهي
جي هندستان جي سنڌين کي سنڌ واري سنڌي سمجھڻ لاءِ هڪ اردو لغت جي سکت ضرورت پئي
ٿي.اڄ جي سنڌي اردو جي رڱ سان رڱيل آهي.
ٻئي پاسي ديوناگري وارن به ڪي گھٽ ويل ڪون ڪيا. ديوناگري لپيءَ کي هندوتَوَ
ساڻ ڳنڍي ايڙهو ته منهن ڪارو ڪيو وري اها ٻولي ورهاڱي کان اڳ واري موز ڪون ماڻي
سگھي. ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيڪر لپيءَ جي نسبت ڪنهن ڪدر سنجيدگي سنڌي
ڏيکارن ها ته سايد هالت ايتري خراب ڪون ٿئي ها. 1967 ۾ جڏهن سنڌي هندستان جي سنويڌان ۾ پنهنجي جاءِ والاري تنهن مهل حڪومت
پنهنجي بيهترين سمجھ ڏيکاريندي ان لپيءَ بابت فيسلو سنڌين تي ڇڏو. حڪومت جو نظريئو
بلڪل صاف هو ته ٻولي سنڌين جي آهي سو سنڌين کي ئي ان ۾ آخري فيسلو وٺڻ جو حق آهي.
حڪومت اهي غلتيون نه پئي ڪئي جيڪا انگريزن سنڌ ۾ ڪئي هئي. ورهاڱو هڪ بيهترين موڪعو
ڏنو هو لپي جي مسئلي جي نبري جي نسبت. اسين جيڪر تنهن مهل واڻيڪي کي به مول سنڌي
لپي طسمليم ڪيون ها ته به سايد هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حالت ڪنهن ڪدر سٺي هجي
ها. گھٽ ۾ گھٽ رومن رومن وارا رڳڙا ڪون اچن هان جيڪي اسين هينئر ڏسئون پيا.
جيڪر پڇاڙيءَ جي 40 سالن ڏانهن ڌيان ڏجي (جان کان هندستان ۾ سنڌي ٻولي طسليم
ٿي آهي) ته لپيءَ جو مسئلو هاٿئون وڌيو آهي ڇاڪاڻ ته هينئر ان فهرست ۾ ٽهن لپي رومن
اچي سيڙجي بيٺي آهي. رومن لاءَ اهو ٿو چوڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌي سٺ ملڪن ۾ ٿا رهن، جن کي نه ته ديوناگري
۽ نه ئي وري عربي پئي اچي سو رومن اپڃائڻي کپي هاڻي سوال اهو آهي ته جڏهن گجراتي
يا پنجابي (سک) جيڪي سنڌين واڱر دنيا جي ڪنڊ ڪُڙچ ۾ رهن ٿا سي جيڪر پنهنجي ٻولي
پرڏيه ۾ لکي پڙهي سگھن ٿا ته اسين ڇو نه ؟؟ اهو ڇو آهي ته سنڌين جي پيٽ ۾ سور ٿو
پوي؟؟. وري وائيڙو ڪندڙ اها ڳاله آهي جي ان جو پرچار به هندستان ۾ جام پيو ڪيو وڃي
جٿي هر ڪنهن سنڌي کي ديوناگري اچي ٿي!!!!
لپيءَ جي نسبت مسئلو آهي جي اسين هندو سنڌين سڀ ڪجه ڄاڻيندي به ڪڏهن ٻوليءَ جي
جڙن کي احميت ڪون ڏني. ورهاڱي بعد به واڻيڪي اسين سنڌين کي اوتري نڄ يا سيڪولر ڪو
لڳي جيتري عربي لپي جڏهن ته اها لپي مسلمانن کي به ايندي هئي. جيڪر صحيح وقط تي
صحيح فيسئلا ورتا وڃن ها ته سايد سنڌي به هڪ پکتي ٻولي ٿي پوي ها جيئن گجراتي يا
پنجابي آهي هندستان ۾. لپي ته هندستان
گجراتي ۽ مراٺي به پئي مٺيون آهن پر جڏهن ته هو ان سان اهي ٻوليون اڳتي
وڌنديون ويو، پر سنڌي پوئيتي ٿيندي وئي.
اها ڳاله ته هندستان جا عربي لپيءَ جا حمايتي به مڃندا آهن ته سنڌي جو هڪ اٽوٽ
رستو رهيو آهي سنسڪرت سان پر جڏهن لپي جي ڳاله ايندي آهي هو پڇاڙيءَ جي ستر سالن
کان اها طوطي واڱر سٽ دهرائيندا آهن ته سائين اسان کي سنڌ سان واٽ رکڻي آهي جڏهن
ته سنڌ مان هندون جي لڏپڻ 1947 کان ڪڏهن بند ئي ڪون ٿي آهي. چيو ويندو آهي ته 1950
۾ 13 سيڪڙو هندو سنڌ ۾ رهندا هئا پر هينئر مس جيڙها 1 يا 2 سيڪڙو. جيتوڻيڪ سنڌين ۾
(هند توڙي سنڌ) ۾ ٻوليءَ جي نسبت ڏي وٽ کان انڪار نٿو ڪري سگھجي پر جيڪر هندن کي ئي
لپي جي نسبت سمجوتا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو
ويندو ته ان سان هند ۾ سنڌي ٻولي کي نڪصان پُجيندو جيئن پڇاڙي ءَ جي 40 سالن ۾ پيو
آهي. ٻوليو ليکڪن جي زور تي نه پر عوام جي
زور تي پکتيون ٿينديون آهن. جيڪر ايئن ٿئي ها ته سنسڪرت به سندس ليکڪن سبب هڪ وڏي
ٻولي سابت ٿئي ها. اها مرل ٻولي ڪون ليکي وڃي ها.
هڪ لڱي ڏسجي ته انگريزي هر ڀارتيه ٻوليءَ جي چيله ڀڃي آهي. هندستان ۾ ايڙهي ڪا
به ٻولي ناهي جنهن کي انگريزي نڪسان ڪون رسايو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر هندي جيڪا هن ملڪ جي اڌ آبادي ۽ دنيا جي ٻئي
نمبر جي ٻولي ڳڻي ويندي آهي سان به ان انگريزي جي دٻائو کي پل پل مهسوس ڪندي آهي. مطلب
صاف آهي ته سنڌي کي به ٻئي هندستني ٻولي واڱر ئي جاکڙو ڪرڻو آهي. جيڪي سنڌي
هندستان ۾ صوبي جو نه هجڻ سبب ٻوليءَ کان پاسيرو ٿيئڻ جا سبب ٻڌائيندا آهن تن کي
اها ڳاله بلڪل نه وسارڻ کپي ته هندستان ۾ صوبا مس جيڙها 25 آهن جڏهن ته ٻوليون سَوَن
۾آهن سو جيڪر صوبن کان سواءِ اڻ سنڌي ٻوليون پنهنجو وجود سوگھو ڪري ٿيو سگھن ته
پوءِ سنڌي ڇو نه ؟؟
ٻوليءَ جو طسليم هڪ پڙاءُ هو سنڌي
ٻوليءَ جي جاکڙي جي نسبت. پر ان سان اهو بلڪل نه سمگھڻو کپي ته سنڌي هينئر پنهنجي
مڪام تي پڳي آهي. سنڌين کي ياد هوندو ته جڏهن ميٿَلي (يو پي ۽ بهار جي ٻولي) جڏهن
پنهنجي لڙائي شروع ڪئي ته انهن جي ڪن حمايتن سنڌي ٻوليءَ تي وار ڪيا بلڪل انهن ريت جنهن ريت هندستان جي
قومي تراڻي مان سنڌ لفظ ٻاهر ڪڏهن مهل وار ٿيا هئا. هي اهي ساڳيا هئا جن چيو ته
سائين سنڌي ته پاڻ ۾ به سنڌي ڪون ڳالهيائن ته ٻولي ٻولي جي قومي ٻوليءَ جو درجو
ڇو. اهي سڀ وار تيستائين ٿيندا رهدا جيستائين اسين سنڌي ٻوليءَ جو مانُ نه
ڪنداسين.
ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هندستان ۾ سنڌين کي پنهنجي ملڪ جيڙهو مانُ مليو
آهي ، اهو ئي سبب آهي ته اسين نئين ٽهي کي ڪڏهن به سنڌ جو وڇوڙو ياد نه ايندو آهي،
ها صوبي هجي ها ته يقينن خوشي ٿئي ها. هندستان جي مهانتا رڳو ان ۾ ناهي جي سنڌ جي
هندو برادري کي ڏکي وقط ۾ آسيرو ڏنو پر لاءِ جي سنڌي جيڪا هندستان جي مول آبادي جا مس جيڙها
0.25 سيڪڙون آهن مطلب هڪ سيڪڙي جو چوٿو حصو تن جي ٻوليءَ کي به قومي ٻولي ڪرار ڏني.
سايد ئي ڪو ملڪ هوندو جنهن پنهنجي ٿوڙائي واري قوم جي ٻولي کي ارترو مانُ ڏنو
هوندو. اسان جا ڪي ليکڪ برادري ڀلي هائي سنڌ گھوڙا هائي سنڌ گھوڙا سنڌ ڪن پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هت سنڌين
کي مسئلن هجڻ جي باوجود سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي هندو برادي کان جام گھڻو سک آهي.
هندستان جي سنڌين کي ڪو به صوبو ناهي پر ملڪ آهي. اها ڳاله ته نهرو به ڇوندو
هو ته “سنڌين کي سڄو هندستان آهي، جتي وڻن اتي وسن” جيڪر اسين ڪچڇ ۽ جيسلمير ۾
وسيون ها ته سايد اتي سنڌي ٻولي به دفتري ٻولي هجي ها. پر اسين سنڌي ايئن ڪون
ڪيوسين. سايد هندستان ۾ تڪڙ ۾ وسڻ جي چاه اسان کي ايئن ڪرڻ ڪون ڏنو. پر ان سڀني جي
باوجود سنڌي کي اها ڳاله بلڪل نه وسارڻ کپي ته اسان جو وجود ٻولي سبب آهي ۽ جيڪر
اسانجي ٻولي محفوظ رهي تڏهن ئي اسين محفوظ رهنداسين.
اڄ اهو تمام ضروري آهي ته اسين سنڌي اڄ جي ڏنهن ان سنڌين توڙي اڻ سنڌين جا ٿوڙا مڃئون جن جي
جاکڙي سبب اڄ هندستان ۾ سنڌي ٻولي هڪ قومي ٻوليءَ جي جاءِ ٿي والاري. اسان کي ان
هندي ليکڪ جا به ٿوڙا مڃڻ کپن جن جي همايت سبب اڄ هندستان ۾ سنڌي ٻولي کي اهو درجو
حاصل آهي جيڪو سنڌ ۾ به سنڌي ٻولي کي ناهي.
اچو ته سنڌي ٻوليءَ جي ان عاشڪن کي ياد ڪئون جن جي سبب 10 اپريل 1967 جو ڏنهن
ياد ڪيو ويندو آهي.
No comments:
Post a Comment