July 23, 2013

سنڌ لڏيل هندو -- “ننڊي کنڊ جو ننڌڪڻو قوم”


 
پهتاسين ڪيڙهي ماڳ وڃي ڇاپُڇي ڪندي
هان، ڏس ته هن سفر ۾
لنگھياسين ڪٿئون ڪٿئون
سنڌ کي ڪون ڇڏائي ڪو سگھي
سنڌين کان
سنڌُ سنڌين ۾ وسي
سنڌُ هتي، سنڌُ هُتي

هي سٽيون مهان سنڌي ڪوي شري نارائڻ شام پاران هڪ ايڙهي وقط لکي ويون هئون جڏهن سنڌ جا شهرءَ هندن کان کسيا ويا هئا ۽ هو پنهنجي ئي ملڪ مان جلاونتي ٿي هندستان ۾ ڌر ڌر جا ٿاٻا کائڻ لاءِ مجبور ٿي پيا هئا. هي سٽيون ان لاءِ به احمِيت ٿيون رکن ڇا ڪاڻ ته اهي سٽيون ڪوي پنهنجي آجمودي سان لکيون هئيون. ورهانڱو سنڌي هندن ۽ خاص ڪري لوهاڻيون جي هر تبڪعي کي ڄڻ جڙ کان جھنجھوري ڇڏيو. دلچسپ ڳاله ته اها آهي جي ايڙهي رايا وچار رڳو ليکڪن يا ڪوين جا ئي نه پري عام سنڌين جا پڻ هئا. ورهانڱي جو ڌڪ سنڌي هندن لاءِ  ايترو جبردست هو جي کين نه ته سنڀلڻ جو معڪو ملو ۽ نه ئي وقط. اهو هڪ وڏو سبب هو جنهن جي هلندي هندو سنڌي هر شيءِ ۾ هڪ سنڌ کي ساريندا هئا .

سنڌ مان هندن جي لڏپڻ نسبت هڪ اهم ڳاله اها به آهي ته جڏهن هندنستان جي مسلمانن 1954 ۾ ئي پنهنجي لڏپڻ نمبيري ڇڏي هندن لاءِ اهي اڄ به ڪنهن نه ڪنهن سورت  ۾ موجود رهي آهي. هندن جي لڏپڻ نسبت اهو گور ڪيو ورو آهي ته ع1947 کان ع1954 تائين واري لڏپڻ جي ڀيٽ ع1965 کان پوءِ واري لڏپڻ ۾ ايڙها ججبا ورلي ئي نظر ايندا آهن. اهي به ڌيان ۾ رکجي ته جيئن جيئن وقط گزريندو هو سنڌ جي هندون جو هُبُ سنڌ سان گھٽي نه گھٽي هندستان سان ضرور وڌيو آهي. ممڪن آهي ته پڇاڙِ جي 65 سالن کان هلندڙ سنڌي هندون سان ظلم سنڌي هندن ٿوڙي مسلمانن ۾ وڇاٽيون وڌايون آهن جيڪي وقط سان گھٽڻ بجاءِ وڌيون ئي آهن.

هندستان ۾ جيڪر سنڌي ساهته جي پسمنظر سان ڏسجي ته ع1947 کان ع1954 جي لڏپڻ جي ڀييٽ ۾ ع1965 جي لڏپڻ بابت نه جي برابر لکيو ويو آهي. ع1947 جي لڏپڻ مهل جيتوڻيڪ سنڌ جي شهرن ۾ رهندڙ هندن جي نشانو بڻيايون ويو جنهن ۾ وڏو ڪردار مهاجرن ۽ سنڌي مسلمانن سياستدانن جو هو. پر 1965 کان پوءِ هندن جي هر تبڪعي لڏپڻ ڪئي آهي.

دلچسپ ڳاله ته اها آهي ته ع1965 کان پوِ واري لڏپڻ نه ته مهاجرن سبب ٿي ۽ نا ئي ان لڏپڻ ۾ رڳو لوهاڻن پارا ٿي. ان لڏپڻ ۾ وڏو ڪردار سنڌ جي مير پير وڏيرن ڌاڙيل جي مدد سان ادا ڪيو  جنهن جي مار سنڌ جي لڳ ڀڳ هر هندو تبڪعي پئي سٺي  ڇا لوهاڻا، ڇا ڀيل، ڇا ميگھوار ته ڇا سوڍا راجپوت. ع1965 جي لڏپڻ ۾ ٻه اهم نالن ۾  اڳوڻي نائب ريل وزير لڇپڻ سنگھ سوڍا ۽ ڪوي هري دلگير شامل هئا. مطلب ته سوڍن کان لوهاڻن تائين ۽ لاڻڪاڻي کان ٿر پرڪار تائين ڪنهن کي ڪون بخشيو ويو. جڏهن ايڏيون ويو شخشتيون کي لڏڻو پوي ته عام سنڌي هندن جي ڪيڙهي ميار آهي.

۽ ٿيو به ڪجه ايئن ئي. ع1971  (جڏهن هندستان جي فوج ٿر ۾ ري آئي) ۾  ڪچڇ ٿوڙي جيسلمير ۾ لڳ ڀڳ لک کن سنڌي هندو لڏپڻ ڪري پهتا  . هنن کي تنهن مهل جي اندرا گانڌي جي حڪومت  جام دڙڪا ڏنا ته جيڪر اوهان موٽي ڪون ويا ته اوهان کي جيلن ۾ پوڙيو وينندو ۽ ايتجاج ڪيو ته اوهان تي ڳوليون تائين هلائي ٿيون سگھجين . پر ان جي باوجود ع1971 ۾ لڏي آيل هندو سنڌ ڪون موٽي ويا . سنڌ ۾ موٽي وڃڻ جو خوف کين موٽڻ نه ڏنو. سندن لاءِ موٽي وڃڻ ممڪن به ڪون هو. مهينن بعد هندستان حڪومت نيٺ ان لک کن هندن کي ناگريڪتا ڏني جيڪي نيٺ راجسٿان ۽ ڪچڇ ۾ هميشا لاءِ  وسيا.

بهرآل جيستائين ڳاله ع1971 کان پوءِ جي لڏپڻ جي اچي ٿي ته سنڌ لڏيل هندو ايترا خوش قسمت ناهن رهيا. شهريت ملڻ اوکي ٺاهي وئي. شهريت جي ڪانون ۾ اجايا فيربدل ڪيا ويا جنهن جي مار لڏندڙ هندو پيو سٺي.

ع1971 کان پوءِ واري لڏپڻ جي نسبت هڪ نالو جيڪو سڀنن کان اڳواٽ ٿو اچي سو آهي سيمانت لوڪ سنگھٽن ۽ سندس سدر هندو سنگھ سوڍا جو. سيمانت لوڪ سنگھٽن (يا پاڪ وسٿاپت سنگھ) جو وجود 1990 ڌاري سنڌ جي ٿر پرڪار مان اڳوڻي نايب ريل وزير لڇمڻ سنگھ سوڍا جي ڀائيٽي هندو سنگھ سوڍا  وڌو . ع1990 کان اڄ تائين سيمانت لوڪ سنگھٽن شري هندو سنگھ سوڍا جي سربراهي ۾ هجارن جي تعداد ۾ ڀيل، ميگھوار، سوڍن کي هندستان ۾ وسڻ ۾ مدد ڪئي آهي. اهو ئي نه پر سنڌ جي پوئيتي پول جاتيون کي ناگريڪتا ڏيئارڻ، ڊگھي ارسي جا ويزا ۾ مدد ڪرڻ وغيرا شامل آهن .

سمانت لوڪ سنگھٽن وقط بي وقت پبليگ هيئريگ جو بندوبست پڻ ڪرائيندي رهي آهي جنهن ۾ هندستان ۾ ڄاتل سڃاتل هستيون کي گھرائيو ويندو رهيو آهي جيئن کين سنڌ لڏيل پاڪستاني هندن بابت پڻ ڄاڻ هجي ته هو ڪيڙهي تڪليفيون ۾ آهن يا سنڌ ۾ کين ڪيڙهي نموني جا ظلمن کي منهن پيو ڏيئڻو پوي .

پر مهيني جي ويهين تاريخ عالمي پناگري ڏنهن هئڻ سبب جوڌپور ۾ ايڙهي هڪ عام سڀا يا پبليڪ هيئريگ جو بندوبست ڪيو ويو جنهن به شرڪت ڪندڙن ۾ راجاستان بار ايشوشيئشن جي ايديدارن کان سواءِ راجستان جي سماج سيوي سنسٿا جي ايديدار ڪويتا شري واستو پڻ موجود هئي جنهن ويجھڙائي ۾ سنڌ مان ٿي آئي هئي.


ان عام جلسي ۾ اڳواٽ سنڌ لڏيل پاڪستاني هندن پنهنجي تڪلفيون جو پيان ڪيو جيڪي ڪجه هن  ريت هئون

1.     راجسٿان جو ويزا نه ملڻ
ان جلسي ۾ گھڻن ان ڳاله جون ڏانهنيون ڪيون ته سائين اسان جٿي جي ويزا ۾ ڄاڻي واني شاجش تهت راجسٿان جو ويزا نه پيو ڏنو وڃي. اسين راجسٿان لاءِ ويزا جون منٿا ڪيو پر ملي هريدوار  جو. هاڻي اسين نيا هن ملڪ ۾ وري سنڌ مان اچڻ کان اڳ اسان وٽ ڏيئي وٺي تمام ٿوڙا روڪ هجن. اسين غريب هارين وٽ ايرترو ته پيسو ناهي جي اسين هندستان ۾ ڪنهن به هند وسي سگھئون. اسان جا مٽ مائيٽ سڀ راجسٿان ۾ ۽ اسين اتر هندستان ۾ ٿاٻا کائون !!!

2.     لڏندڙ هندن جي ٻارن جي تعليم بند ٿي وڃڻ
ان جلسي ۾ ايڙها به واڪعا ٻڌڻ ۾  آيا جتي هندستان ۾ لڏڻ سبب ڀيل، ميگھوار وغيراه جي بارن جون پڙاهيون اڌ ۾ ئي بند ٿي ويون. هڪ سنڌ لڏيل شاگردياڻي جو چوڻ هو ته هندستان سرڪار پوئيتي پول هندو جاتيون لاءِ نوڪرون ۾ تڪيون مهفوظ ٿي رکي. اسڪون ٿوڙي ڪاليجن ۾ امر ٿوڙي فيسن جي لهاز کان سهولتيون پئي ڏي پر اهو سڀ اسان کي تيستائين ڪون ملي جيستائين  اسان کي هندستان جي شهريت نٿي ملي. شهريت ملڻ ۾ ته ڏه ڏه سال ٿا لڳن تيستائين ته اسان جي پڙهائي جي امر به نبري وڃي. اسين هندو ڇوڪريون سنڌ ۾ اغوا ٿيئڻ جي ڊپ کان تعليم ڪون وٺي سگھئون  ۽ هت هندستان جي ڪانون سبب اسين تعليم کان مهروم رهجي وئون. اسان جي منٿ آهي ته حڪومت اسان جي مدد ڪري. اسان جي ڏکن کي سڏُ ڏي.

3.     لڏندڙ هندن لاءِ گھمڻ  فرڻ جي باپنڌي
ان عام جلسي ۾ ايڙها به پاڪستاني هندو هئا جن جو چوڻ هو اسين هندو اهو سمجھي هندستان لڏي آياسين جي هندستان اسان جو ملڪ آهي. اسان کي جتي وڻيندو اسين اتي وسي سگھنداسين ، پر هت اچي ڏسئون ته حالت يڪدم اڀتر آهي. اسان کي پنهنجي الاڪي جي ويه (20) ڪوه پري به وڃڻ لاءِ حڪومت کان موڪل ٿي پئي وٺڻي پوي ۽ جيڪر اسين ايئن ڪنهن مجبوري جي تهت ته  اسان کي جيلن ۾ پوڙهيو پيو وڃي. (ايڙها مسئلا هڪ نه پر جام هئا  جن ۾ ڪو هندو پنهنجي مٽ مائيٽ وٽ گمي شادي سانڱي سندن رهائيش جي شهر کان ٻاهر وڃڻ سبب هراست ۾ ورتو ويو هو. ايڙها مسئلا لوهاڻن لاءِ به مسيبت جا سبب بڻجن ٿا پر جتي لوهاڻي پيسن جي ذور تي نجات پائن ٿا اتي پيسو نه هجڻ سبب هو ڀيل ، ميگھوار هوالات جا چڪڪر ٿو کائي. !!!!)

4.     سنڌ ۾ هندن سان ٿيندڙ ڪهر
ان جلسي ۾ سنڌ مان ويجھڙائي ۾ 171 هندن جو جٿو (جن ۾ ڀيل توڙي ميگھواڙ هئا) هندستان گني ايندڙ  شري چيتن داس سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن جي ڳاله ڪئي جنهن سبب اها لڏپڻ ٿئي پئي.

چيتن داس ٻُڌايو ته ڪيئن اندروني سنڌ ۾ هندن تي ظلم پيا ڪيا وڃن. هو خاص ڪري ان ڳاله جو ذڪر ڪيو ته هيئن هندن کي پنهنجي درم موجب گزاري ويلن جو اگني سنسڪار به ڪون ٿا ڪرائي سگھن . جنهن سبب هو  لاشن کي دفنائن ٿا. لاشن جي دفنائڻ لاءِ به کين ڌر ڌر جا ٿاٻا ٿا کائڻا پون. هون ان ڳاله جو به ذڪر ڪيو ڪيئن هڪ نائين ورهيون جي نينگر جي دفنائل لاش کي مٽي اندران ڪڏي ٻاهر فٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مطلب ته هندن سان وير نه رڳو جيتي جيءُ پئي ٿئي پر هن دنيا کان گزاري وڃڻ کان پوءِ به!!!!. هنن ان ڳاله جو به ڏس ڏنو ته ڪيئن ڀيلن جي ٻارنر کان سنڌ جي اسڪولن ۾ ماستر تعليم ڏيئڻ ته پري ساڻس اسڪولن جا ڪاڪوس ساف ڪرائيندا آهن. هو ڇون ته ڀيل ٿي تون پڙهي ڇا ڪندي !!!

(اسان کان جيڪر وسري نه ويو هجو  ته چيتن داس ڪجه مهينن اڳ ٽينڊي الهار مان 171 جو جٿو سنڌ مان پنهنجي رهبري ۾ لڏائي آهو هو. لڏپڻ ڀلي ئي لوهاڻن جي ٿئي يا دليت سنڌين جي ڪڏهن به سهولي ناهي ٿيندي آهي. هڪ پاسي پير مير وڏيري جا ظلم ته ٻئي پاسي لڏو ته سنڌي مسلمانن جون اقليت ٿي وڃڻ جو کوف سبب لڏپڻ ۾ تڪلفيون.)


هندستان پاڪستان جون سرهديون 1954 ۾ نهرو لياڪت جي ٺاه سان بند ڪيون ويون. ان کان اڳ 1950 ۾ بنگلاديش واري الائيڪي ۾ ٿيئن فسادن اهو ثابت ڪري ڇڏو ته پاڪستان ۾ هندن جي عزت آبري سلامت ناهي رهندي. ۽ ٿيو به ڪجه ايئن. 1950 جي فسادن مهل لڏي آيل هندو ڪڏهن موٽي ڪون ويا. وري ع71 جا هندن تي ڪتلي عام اهو پڌرو ڪري ڇڏيو ته هندن جو پاڪستان ۾ حياتيو ڪنهن به سورت ۾ مهفوظ ناهن. ع1971 جو ڪهر ته ع1947 کان به وڏا هئا. !! ٻي پاسي پاڪستان پاسي لياقت علي خان کان جيترو پڳو هون هندنتان ۾ مسلمانن سنڌ وسايا ۽ اهو سلسلو تيستائين جيستائين لياقت کي ان ڳاله جي دلڄاءِ ڪون ٿي. هڪ پاسي هندستان مان مسلمانن ڀئيا وسايا ويا ٻئي پاسي هندن کي سنڌ مان حيڪالي ڪڏڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪون ڇڏي وئي. هندن جون مسلڪتيون تائين وڪرڻ غير ڪانوني ڪيو ويو !!!

بهرآل هن جلسي ۾ ڪنهن به نهرو لياقر ٺاه جي ڳاله ڪون ڪئي جنهن جو مقصد ئي هو هند ۽ پاڪ ۾ ٿوڙائي واري قومن جي عزت توڙي آبرو کي مهفوظ رکڻ. جيڪي به مهمان موجود هئا تن جي ناراجگي پاڪستان کان وڌي  هندستان سرڪار سان هئي جيڪا سندن ليکي سڀ ڪجه ڄاڻي به ماٺ آهي.

سچ پچ جيڪر ڏسجي ته ايڙهي به ڳاله ناهي جي هندستان حڪومت کي سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن جي ڄاڻ ناهي.جا کان هندستان پاڪستان جون سرهديون بند ٿيو آهن تان کان هندستان سنڌ مان لڏي آيل هندن جا ويزا رڳو ان شرت تي وڌايا آهن جي هندن تي پاڪستان ۾ هڪ هندو هئن سبب ظلمن جو شڪا پيو بڻايو وڃي. پر ان سڀ حقيقتن جي باوجود ناگريڪتا جي ڪانون ۾ فير بدل ڪيو ويو. ناگريڪتا ڏيئڻ جو ارصو پنج سالن کان وڌائي 7 سال ڪيو ويو. ناگريڪتا جي فيس پڻ وڌائي وئي. سنڌ جي ٿر پرڪار جا هندو جن جا مٽ مائيٽ جيسلمير، باڙميڙ، ڪچڇ ۾ ٿا رهن تن کي سرهد الاڪي ۾ وسڻ کان روڪيو ويو. جيستائين ناگريڪاتا ملي تيستائين سندن رهائيش جي شهر کان 20 ڪوه پري وڃڻ لاءِ به ڌار موڪل وٺڻ جيڙها اجايا ڪونون ٺاهيا ويا. وري جيڪر ڪنهن مجبوري ۾ به پنهنجي شهر کان ٻاهر ويو ته پوليس جو ڏچو سا ڌار آفت
هندستان حج تي ويندڙ مسلمانن لاءِ سبسڊي ڏي. لکن جا لک مسلمانن ان جو فائيدو وٺي حج تي وڃن پر پاڪستان جا هندو ويزا لاءِ سالن جا سال ترسن ايئن ڇو ؟ عام رواجي ويزا ته هندستان حڪومت مسڪين ماڻهو جي وس کان ٻاهر اڳي کي ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي هندو يا ته ظلم سهي يا وري ان کان نجات پائڻ لاءِ مجبور ٿي اسلام ڌرم  اپنائي.!!!

هندستان پاڪستان جو ورهانڱو دين ڌرم ۾ ٿيو. هندستان جي حڪومت ڀلي ان جو ڪيڙهو به نانءُ ڇون نه ڏي پر هقيقت ته اها ئي آهي ته دين درم جي نالي هن ملڪ جا ٻه ٽڪر ڪيا ويا. وري زمين جو به ورهانڱو هڪ جيڙهو ڪون ٿيو. آسام توڙي بهار  ۾ جڏهن ته مسلمانن ايلائيڪا به هندستان ۾ رکيا ويا  سنڌ جنهن به 30 سيڪڙو آبادي هندن جي هئي تنهن  کي پاڪستان جي هوالي ڪئي وئي. هاڻي هندستان ۾ مسلمان کي ته ڪا به تڪليف ڪون ٿي پر سنڌ جا هندو اڄ تائين رت جا ڳوڙها ويٺا هارن . هندستان ۾ نبا ڪنهن صوبي جي ته سنڌ ۾ هندو هئڻ جي سڄا پيا سٺن . ورهاڱي مهل هندستان جا اڳوان  مسلمان الائيڪا هندستان ۾ رهجي وڃڻ کي  پنهنجي وڏي قاميابي ڇون نه سمجھن سنڌ جي هندن جي ته نثل ئي تباه ٿي وئي.

ان جلسي ۾ موجود مهمانن پڻ پنهنجي ويچار رکيا جنهن ۾ اهم هئا شري شريواستو جو ڪي راجستان بار ايشيشن جا سدر پڻ هئا. سندس ويچار بلڪل صاف هئا ته پاڪستان ۾ هندو ڪون رهي سگھندا ڇا ڪاڻ ته حالتون اتي هندن جي رهڻ جيڙهو نان. وري پاڪستاني هندن لاءِ مسئلو اهو آهي ته هندستان جا ڪانون به سندن ساٿ ڪون ٿا ڏيئن سو ان لڏي آيل هندن لاءِ واٽ هڪڙي ئي آهي ته هو ڪانون جي دائيري کان ٻاهر جي لڙائي لڙن ، ڪانون کي فيرڻ لاءِ جدوجهد ڪن. اسين اوهان کي پوري مدد ڪنداسين. پر لڙائي ته اوهان کي لڻڙي آهي. اوهان جو ساٿ هندو سنڌ سوڍا به ڏيندو ته مان به ڏيندس. اوهان وڏي لڙائي لاءِ تيار هجو.

ان جلسي جي پڇاڙيءَ ۾ سوال جواب جو به سلسلو هليو جنهن ۾ سنڌ لڏيل هندن موجود مهمانن کا سوال جواب پڇيا . ڇو ته مان به ان جلسي ۾ ڪوٺايل هوس سو مون کان به هڪ اهم سوال ڪيو ويو جيڪو مان سمجھاٿو ته ضروري پڻ هو . سيمانت لوڪ سنگھٽن جي هڪ ڪاروڪنن پارا سوال اهو هوته “اسين ته سنڌ جا آهيون، سنڌي پڻ آهيون، سنڌ ۾ هر ڪو پيو هڪ جيڙها ظلم سهي پوءِ ايئن ڇو آهي ته اسان جي سار لهڻ هندستان جو به سنڌي اڳوان ڪون پهتو؟ جڏهن اڻ سنڌي اڳوان اسان جي سار لهي ٿا سوال سگھن ته پوءِ هندستان جي سنڌي اڳوانن جي ڪيڙهي مجبوري آهي؟”


ان سوالن جو جواب دراصل مون وٽ به صحي  ريت  ناهي ته اسان لوهاڻن سنڌين جو ايڙهو وهنوار ڇو آهي ؟ ڇو اسان ۾ پنهنجي پوئيتي ويل جاتيون بابت ايڙهي بيروکي آهي ؟ دليت ته هر هندو قوم ۾ آهن پوءِ سنڌ لڏيل ڀيل ميگھواڙ ٿوڙي ٻين جاتيون سان ايڙهو وهنوار ڇو ؟ مان ڀانيان ٿو هندستان ۾ سنڌين جي اها وڏي ۾ وڏي چنوتي آهي ۽ جيڪر اسان ان جاتيواد جي گجرات جي سلجھاءِ وياسين ته اسان سنڌين جي هندستان ۾ ايتري ته تعداد ضرور ٿي پوندي ته هتئون جا سياسي اڳوان چونڊن مهل اسان جي درن تي هوندا ۽ جيڪر اسين گڏ نه ٿي سگھياسين ته يقينن اسان لوهاڻا سنڌي سياسي پارٽيون جي اڳيان پنهنجي حقن جون منٿان ڪندي رهجي وينداسين هت ڪجه نه اچڻو آهي ڇا ڪاڻ ته جموريت ۾ ووٽن جي سگھ سڀني کان وڏي ٿيندي آهي. ووٽ آهن ته حق آهن....نه ته ڪجه به ناهي. بدقسمتي سان اسان ان لاءِ اڃا به تيار ناهيون  

June 2, 2013

واڻيڪي هڪ وسري ويل سنڌي لپي


سنڌ جي اصلوڪي برامڻي ڪرت لپي جي ڳوله گھڻو تڻو واڻيڪي توڙي خودابادي تائين اچي نبرندي آهي . جيتوڻيڪ ال برني عربن جي ڪاهي کان اڳ ٽن ليپيو مثلن هندوي مالواڙي ۽ ارڌناگري جو ذڪر ڪيو هو پر سنڌ ۾ لپيون جا پکتا ثبوت ڪون لڌا ويا آهن ته آخر آهي لپيون جو برامڻو سان ڪيئن ۽ ڪنهن ريت فيرو آيو. ان جو هڪ وڏو سبب اڳوٽين لپين جو اتهاسڪ ثبوت نه ملڻ ئي آهي . ع1958 ۾ ڪراچي کان 40 ڪوه پري ڀنڀور جي کدائيءَ مان جيتوڻيڪ ڪي اڳوڻي لپي جا ثبوت ضرور مليا آهن پر اهي ثبوت توڙي نمونا ايترا ته ٿوڙي تعداد ۾ هٿ آيا آهن جي ان جي مدد سان لپي جي پکتي ڄاڻ نٿي ملي. سنڌ ۾ برامڻي لپي جو ڪو به نشان نه هجن جا وڏو سبب ٿي ٿا سگھن . هڪ نه مهاراجا ڏاهر سين جي شهادت کان پوءِ سنڌ ۾ ساڌو ٿوڙي ريشيون جو ڪتل ڪيو ويو هو. اتهاس غواه آهي ته اهو رڳو هڪ اڌ جو نه پر پوري ساڌو سماج جو ڪتل ٿيو هو. ان ڪتلن جو ڌڪ ايترو ته زبردست هو جي سنڌ مان سمورو ساڌو سماج جو سفايو ٿي پيو. جڏهن تعليم ڏيندڙ ، تعليم جي رهنومائي ڪندڙ ساڌو توڙي رشين جو وجود ئي نه رهندو ته لپي ڪٿئون پنهنجو وجود ڪايم رکي سگھنديون ؟؟؟لپيءَ جي نسبت سنڌ ۾ اتهاس ٻن ڀاڱن ۾ ورائي سگھجي ٿو. هڪڙو عربن جي ڪاهي کان اڳ ۽ ٻيو ان ڪاهي کان پوءِ. عام طور سان اهو ڏٺو ويو آهي ته هندستان جون ٻيون اڻ سنڌي لپيون جو برامڻي کان فير گھار نا نمونا ايتهاسڪ ثبوت جي ساڻ موجود آهن ۽ قاميابي سان پيش ڪجن ٿا پر سنڌ ايڙهي خوشقسمت ناهي رهي. ان جا ڪي اهم سبب به آهن مثلن

1.  عربن جي ڪاهي مهل يا ان کان ٿوڙو وقط پوءِ سنڌ ۾ رشيون جو وڏي پيماني ۾ ڪتل ٿيئڻ. جڏهن مڙهيل گھڙهيل رشي مني نه رهندا ته گيان جو رواج توڙي ٻوليون لپيون جو نڪسان ٿيئن لاذمي آهي ۽ ايئن ئي ٿيو


2. عربن جي ڪاهي بعد سموري هندو ثقافت جو وجود مٺائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي


3. ڪشمير ، پنجاب ، ڏکڻ ڪشمير (جمعو) ۾ جٿي جٿي هندو وري حڪومت هت ڪئي اهي هندو لپي جو واهيپو وري کان وڌو ويو پر سنڌ ۾ ايئن ڪين ٿيو. هت جيڪي هندو به اسلام قبولڻ بعد حڪومت هٿ ڪئي تن ڪڏهن به سنڌي ٻوليءَ کي تائين ڪين همتايو، لپي جي ڳاله ته ڏاڍي پري ٿي.


4. سنڌي هندن ۾ پنهنجي ايتهاسڪ ثقافت جي بچائڻ جي دلچسپي نه جي برابر رهي آهي


5. سنڌي مسلمانن ايئن ته موئن جي دڙي تي فڪر ڪن پر عربن جي ڪاهي کان اڳ واري ثقافت کي سانڊي رکڻ ۾ هو به دلچسپي تمام گھٽ ئي وٺندا آهن.

ڀاشا جي عالمن ۾ هاڻي هيڪلو رايه آهي ته نه رڳو ننڊي کنڊ جون پر سموري ڏکڻ ايشيا جي لپيون جي ماءُ برامڻي لپي آهي. جدا جدا ليپن انهن برامڻي لپي ءَ جي فير گھار مان ئي نڪتيون آهن. سنڌ ۾ لپيون جي واٽ انهن ڀاشا جي ماهرن موجب ڪجه هن ريت آهي



برامڻي کان سنڌي واڻڪي جي راه 



ع1958 ۾ ڪراچي کان 40 ڪوه پري ڀبڀور مان جيڪي لپي جا نمونا نڌا ويا تن سان ان ڳاله جي ته پڌرائي ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ به برامڻي لپي لکي ويندي هئي پر ان مثال ڳڻپ ۾ ايترا ته ٿوڙا آهن جي لپي بابت پوري ڄاڻ ڪون ٿي ملي. اسان کي اڄ به ان ڳاله جي پڪ ناهي ته سنڌ ۾ برامڻي لپي ديوناگري واري واٽ ورتي يا ڪشمير جي شاردا واري. ان جو مطلب اهو نڪتو ته 712 کان ڏهي سديءَ تائين سنڌ ۾ لپي جي راه اڄ به اسان لاءِ هڪ وڏي گجھرات ئي بڻيل آهي. ع1843 ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته سندن ڌيان نه رڳو سنڌي ٻوليءَ ڏنهن ويو پت لپي ۾ به سندن دلچسپي ورتي. انگرجن جي ڏنهن ۾ سنڌي لپي ۾ وڏي ميهنت ڪيپٽن جارج اسٽيڪ ع1849 ( سنڌي گرامر توڙي شبد ڪوش) ، گيريسن (لنگسويسٽڪ سروي آف انڊيا) ۽ ويليئم ليٽنر ( ع1882 A collection of specimen of commercial and other Alphabets) ۾ ڪئي .گيريسن پاران سنڌ ۾ لپيون جا نمونا ڪجه گن ريت هئا




گريسن موجب سنڌي لنڊا جا هلجا 1 






گريسن موجب سنڌي لنڊا جا هلجا 


گريسن پاران سنڌ ۾ برامڻي لپي جا ڪل 13 لهجن جو ذڪر ڪيو ويو پر وڏي ڳاله ته اها هئي ته اهي سڀئي لهجا هڪ ٻئي سان ملندڙ جھلندڙ هئا. سنڌ ۾ واڻڪي جي ايترا وڌيڪ نمونا هجڻ جا هڪ کان وڌيڪ سبب ٿا ڀائينجن1. ع712 کان پوءِ واريون حڪومر پارا سنڌي ٻولي جي نسبت ڪا به دلڇسپي نه وٺڻ. سنڌي عربن جي ڪاه بعد بلڪل نڌڪڻي ٿي پئي.2. واڻين پارا لپي جي تمام گھڻي فير گھار ڪرڻ ( ممڪن آهي هو پنهنجا هساب جا کاتا ڳجھا رکڻ نسبت ائين ڪيو هجي )3. ٻانڀڻ پاران يا استادن پاران واڻڪي ۾ ماترائون جون چڪن کي سڌارڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي وئي هوندي4. هندن پاران ساهته ان لپي نه هجڻ سبب ان ليپي ۾ غلطيون بابت ڪنهن جو به ايترو ڌيان نه ويو هجيسنڌ ۾ انگريزن کان اڳ دفتري ٻولي عربي توڙي فارسي هئي. جيڪي هندن مان جن کي نوڪريون ڪرڻيون هجن سي عربي فارسي پڙهن. رهيا واڻيا ته هن لاءِ واڻڪي ئي سٺي . ايئن به سندن لاءِ لپي جيتري ڳُجھي هجي اوترو ئي سٺو. پر جڏهن سنڌ ۾ مسلمانن جو راجيه کتم ٿيو ۽ سنڌي ٻولي طسليم ٿئي ته صحيح لپي جي ضرورت مهسوس ٿي. تن ڏنهن ۾ سنڏ سنڪار سڀا پاران سنڌي واڻيڪي بابت جام جدوجهد ڪئي وئي. سندن پاران اها ڪوشش ڪئي وئي ته واڻڪي کي ئي سنڌي ڀاشا جي ٻولي طسليم ڪجي. ع1867 ۾ جڏهن سنڌ اڃا بمبئي پريسيڊينسي جو حصو هئي ته انگريج سرڪار پاران هڪ لپي پڻ تيار ڪئي وئي هئي جنهن کي هندو سنڌي يا هندي سنڌي جو نالو ڏنو ويو هو. ان لپي جي جوڙائيندڙ شري نارائڻ جگرناٿ ويديه هو جو ڪي حڪومت ۾ تعليم وڀاگ ۾ نايب انسپيڪٽر هو. هون سائين سنڌي واڻيڪي جي خدابادي ۽ شڪارپوري لهجي جي مدد سان هڪ لپي به تيار ڪئي جنهن سان سنڌي صحيح ريت لکي سگھجي.






هندو سنڌي يا هندي سنڌي جو نمونو

سنڌ ۾ ان لپي ۾ نه رڳو ٻاراڻي تعليم ڏيئڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو پر ادالت جا رڪارڊ يا دستاويز تائين رکجڻ لڳا. ان بعد هوريان هوريان ان لپي ۾ سنڌي ادب پڻ شايع ٿئڻ لڳو. ان لپي ۾ سڀن کان اڳواٽ دودو چنيسر جي لوڪ ڪٿا شايع ٿي. ع1899 ۾ سنڌي ادب جي پهرون ادبي رسالو سُکڙي پڻ شايع ٿي، اهو ئي نه پر اسائي ڌرم وارا پنهنجي ڌرمي پرچار لاءِ به واڻڪي جو استمعال ڪيو.





بدقسمتيءَ سان واڻڪي جا سُنهرا ڏنهن ڪو گھڻو وقط ڪون هلي سگھيا. ڪشمير جي اصلوڪي لپي شاردا جو جنهن ريت اتئون جي مسلمانن وروڌ ڪيو ساڳي ريت سنڌ ۾ به مسلمانن پڻ واڻڪي جي خلاف هئا. عجيب جيڙهي ڳاله ته اها آهي ته ٻنهن صوبن ۾ هندو لپي جو هڪڙي سبب ئي وروڌ ڪيو ويو ته مسلماننڪا اکر ان لپي سان نٿا لکي سگھجن !! مطلب ته ڪشميري مسلمانن واڱر سنڌ جي مسلمانن به لپي جي نسبت دين ڌرم کي ئي اهميت ڏني.

يڙهي ڳاله ناهي جي واڻڪي توڙي خدابادي رڳو هندن جي لپي هئي. سنڌ ۾ اسمائلي برادري جي مسلمانن واڻڪي جي لوهاڻڪي لهجي کي ٿوڙي فير گھار ڪري خوجڪي جي نالي سان جام استمعال ڪيو. پر ان کان به وڏي ڳاله ته هونن ان کي ڌارمڪ ڪتابن لاءِ استتمعال ڪيو !! ڇا ڪاڻ ته اهي اسمائلي مسلمانن جا پوئيلڳ ڪچڇ، ڪاٺياواڙ، سنڌ ۾ جام هئا ان لپي کي هڪ وڏي الاڪي ۾ پنهنجا پير پرارڻ جو معڪو ملو.


خوجڪي هڪ سنڌي لپي هئي جيڪا واڻڪي جي لوهاڻڪي جي فير فار سان تيار ڪئي وئي هئي. ان ۾ هر اکر ٿوڙي مترائون جو پورو ڌيان رکو ويو هو. ڪل ملائي اها سنڌي لپي جي سنبت هڪ نهايت بيهترين لپي هئي يا آهيهيٺ پڙهندڙن جي سمجھاڻي لاءِ خوجڪي، گرمکي، واڻڪي ۽ ديوناگري لپي جي ڀيٽ ڪئي هئي آهي،مٿي ڄاڻايل ماترائون کان سواءِ خوجڪي جو ڪي ڌار ماترائون توڙي نشانيون پڻ هئيون جيڪي هو عربي توڙي فارسي لفظن کي انهن جي اسلوڪي روپ ۾ لکڻ لاءِ استمعال ڪيا ويندا هئا. اهو ڌيان ۾ رکجي ته خوجڪي هرو ڀرو عربي سنڌي واڱر هر عربي فارسي اکر جي ڪڏ ڪون پيا پر رڳو ان عربي فارسي اکر کي ڌار نشاني ڏني وئي جيڪي ننڊي کنڊ جا ماڻهو صحيح صحيح اچاري سگھن. ڪل ملائي خوجڪي سنڌي جي هڪ سهڻي ۽ صحيح لپي ٿي اڀري پر ڇو ته سنڌ جا هندو مسلمان پنهنجي ڌير ڌرم کان اڳتي وڌي ڪون سگھيا سو خوجڪي سنڌي جي لپي طسليم ڪون ٿي سگھي.










خوجڪي لپي 


جيستائين واڻڪي جي مول جڙ جي ڳاله ڪجي ته اهو مڃيو ويو آهي ته واڻڪي لنڊا مان نڪتيل آهي جنهنجا ٻه لهجا بُڌايا پيا وڃن. هڪڙي پنجابي لنڊا ۽ ٻئي سنڌي لنڊا. پنجاب ۾ سکن سورهوي سديءَ ۾ جڏهن ته لنڊا کي فيري گھرمکي ڪيو پر سنڌ ۾ لنڊا لڳ ڀڳ پنهنجي پهرون ڏاڪڻ تي ئي رهجي وئي. دلچسپ ڳاله ته اها آهي جي لنڊا ، جمعو ڪشمير ، هماچل پرديش ۽ ڏکڻ ڪشمير جي جبلي (پهاڙي) ٻوليون لاءِ استمعل ٿيندڙ ٽڪري لپي سان وائيڙو ڪندڙ هڪجيڙهائي پئي رکي. اها به ڳاله وسارڻ جيڙهي ناهي ته مهاراجا ڏاهر سين جي ڏنهن تائين سنڌ جي سرهد ڪشمير تائين فليل هئي ۽ ملتان جي سنڌ هو حصو هو. ممڪن آهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ لنڊا ۽ ڏکڻ ڪشمير ۾ ٽڪري هڪ ئي وقط شاردا لپي مان ڌار ٿيا هجن.

پڙهندڙن جي سمجھاني لاءِ هيٺ واڻڪي، لندا ، گرمکي ۽ ٽڪري توڙي شاردا لپون جا نمونا ٿا پيش ڪيا وڃن جنهن مان سندن ۾ واٽ صاف نظر پئي اچي.







واڻڪي، شاردا، ٽڪري ۽ لنڊا لپين 




هاڻوڪي سنڌ عربن جي ڪاهي کان اڳ واري سنڌ کان بلڪل ڌار آهي . اڳوڻي سنڌُ ملتان، ڪچڇ ۽ ڪاٺياواڙ سوڌو سنڌ سُوير ڪوٺبو هو. اڳوڻي زماني ۾ خوجڪي ڪچڇ جي به پڻ لپي هئي ۽ ملتان ۾ استمعال ٿيل لنڊا ۾ ۽ سنڌ ۾ استمعال ٿيندڙ واڻڪي ۾غزب جيڙهي هڪجھڙهائي پسبي آهي. هيٺ مثال ان ڳاله جي شاهد آهن






ملتاني ۽ سنڌي لنڊا جي ڀيٽ 


12جيستائين هندسستان جا سنڌي سنڌ ۾ رهيا هو واڻڪي (يا خوجڪي) کي هڪ سنڌي لپي جي روپ ۾ طسليم ڪون ڪرائي سگھيا. ايئن ٿيئڻ به مشڪل هو. سنڌي مسلمانن ڪڏهن به ان کي طسليم ڪون ڪرڻ ڏين ها. جيڪر انگريج حڪومت سنڌي واڻڪي کي طسليم به ڪري ڪري ها ته به مسلمانن پنهنجي بگڙيل عربي فارسي لپي جو ئي استمعال ڪندا رهن ها يا اهو به ممڪن آهي ته هو به بنجابي توڙي ڪشميري مسلمانن واڱر اردو کي هڪ وڏي ميار جي ٻولي طسليم ڪندي ان کي سنڌ ۾ به دفتري ٻولي طسليم ڪرڻ جي گھر ڪن ها ۽ ان ۾ مسليم ليڳ به پورو ساٿ ڏين ها. کير جيستائن سنڌ جي هندن جي ڳاله آهي ته سنڌ ۾ حاليون سندن جي وس کان ٻاهر هيون . هو ڪڏهن ۾ مسلمانن کي واڻڪي تي مڃائي ڪين سگھن ها. پر غلطي هندن هندستان ۾ اچي ڪئي. اسين هندستان ۾ پنهنجي لپي کان پاڻ جي پاسيرو ڪندي هڪ ڌاري لپي عربي تي فڪر ڪرڻ ۾ ڪا به شرمندگي ڪون محسوس ڪئي.!!!!


لپي جي نسبت سنڌ توڙي پنجاب ۾ فرڪ نه جي برابر هئا. هڪ پاسي جڏهن ته پنجاب جي لنڊا گھرمکي جو روپ اختيار ڪيو سنڌ ۾ سنڌي پنهنجي پهرين ڏاڪڻ تي ئي فاسي رهجي وئي. عجيب جيڙهي ڳاله ته اها آهي ته سنڌي هندو لنڊا مان نڪتل گرمکي ۾ به سنڌي لکڻ ۾ هجاب ڪون ڪندا هئا پر واڻڪي کي به اها احميت ڪون ڏئي سگھيا جيڪو مانُ سکن گرمکي کي ڏنو.


سنڌي هندن جو هندستان لڏي اچڻ بعد هڪ ايڙهو معڪو ڏنو لپي جي نسبت جنهن سان سندن کي لپي بابت صحيح فيئسلو ڪرڻ کان ڪو به روڪي نه پيو سگھي. مهاراشٽر جي پڻي شهر جا رهواسي پنڊت ڪشنچند جيتلي واڻڪي ته وڏي ميهنت ڪئي جيئن اها سنڌي جي لپي ڪري طسليم ڪري سگھجي. هنن جي ڪوشش هئي ته سنڌي ٻوليءِ کي به لپي جي مارفت هڪ ڌار سڃاڻپ هت اچي. ان ڪم جي نسبت پنڊت ڪشنچند جيتلي نه رڳو واڻڪي مان غلطيو کي سڌارو پر واڻڪي جي واٽ مئن جي دڙي جي لپي سان به ثابت ڪئي.







پنڊت ڪشنچند جيتلي جي واڻي لپي 

اهو ياد رکڻ گھرجي ته هندستان جي ڪن ڀاشا وگيانيون مثلن شري سنتي ڪمار چيٽرجي موجب برامڻي جا اکر اڳوڻي هندن مئن جي دڙي واري لپي مان ئي ورتا آهن. اهو ان لاءِ ممڪن مڃيو ويندو آهي ڇا ڪاڻ ته مئن جي دڙي جي سڀيتا وڏي الائيڪي ۾ فليل هئي ۽ ان سڀيتا تمام گھڻا پڙاءُ پار ڪيا هئا. ممڪن آهي ڇو نه آريه سڀيتا به سنڌو سرسوري ننديون جي ڀڪ ۾ پنپڻ سبب اهو ممڪن آهي ته پرامڻي جا شروعاتي اکر مئن جي دڙي جي اکرن جا نڪل هجن !!! ڀلي ٻنهن سڀيتائون ۾ سون سالن جو فرڪ چون نه هجي. اهو ممڪن آهي ته اڳوڻا هندن کي ڪٿي نه ڪٿي اهي اکر هٿ ضرور آيا هوندا !!! بدقسمتي سان هندستان جا سنڌي ليکڪ ان ڪم کي ميار ڏيئڻ لاءِ اصل ئي تيار ڪون ٿيا ۽ پنڊت جيتلي جي ميهنت اجاءِ وئي !!!


جيڪر اسين سنڌي واڻڪي اپڃايو ها ته سايد هندو سنڌين لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اهي لپي جا ڳوڙ هميشاه لاءِ نبري وڃن ها. اسين چئي سگھئون ها ته واڻڪي ئي اسلوڪي ئي سنڌي لپي آهي. پر افسوس اهو ممڪن ٿي ڪين سگھو!!. اسان هندو سنڌي ئي پنهنجي لپيءَ جا ويري ٿي بيٺاسين. ان لپي کي هيٺ ڪري ڏيئارڻ جو ڪو به معڪو پنهنجي هٿن مان وڃائڻ ڏوه پئي سمجھوسين.

ويجھڙائي ۾ ايڙهيون ڪوششيون ٿين پيون ته سنڌ جو اڳوڻيون لپيون به ڪمپيوٽر جي مارفت لکي سگھجن. اميرڪا جي رهواسي شري انگشومن پانڊي جام ڪوششيون ڪري پيو ته ننڊي کنڊ جي اڳوڻي لپيون کي يونيڪوڊ جي دائري ۾ آڻينجي. خوشي جي ڳاله اها آهي ته ان ڏس ۾ خوجڪي ۽ واڻڪي جو خدابادي لهجو يونيڪوڊ جي پنج ڏاڪڻن مان چار ڏاڪِون پار ڪري چڪيون آهي . اميد پئي ڪجي ته جلد ئي واڻڪي ۽ خوجڪي پڻ يونيڪو ۾ تسليم ٿي وينديون.

سنڌ ۾ هندن پاران ديوناگري استمعال ڪئي ويندي هئي ڇاڪان ته هندن جا سڀ ڌارمڪ گرنٿ سنسڪرت جي لپي ديوناگري ۾ هئا. سنڌ ۾ هندو ڌارمڪ ڪتاب سنڌي ڀاشا ۾ لکڻ جو رواج پرءِ پيو. سنڌ ۾ ديوناگري جي ميرفت سنڌي لکڻ جو رواج انگريزن وڌو. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ديوناگري سنسڪرت جي لپي هئڻ سبب ان سڀني ٻوليون لاءِ هڪ بيهترين لپي آهي جن جي واٽ پراڪرت سان رهي آهي. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته پنهنجي لپي وسارجي. لپيون رڳو ٻولي لکڻ جو هڪ ذريئو ئي نه پر ٻولي جو سڃاڻپ پڻ ٿينديون آهن. هڪ لڱي ڏسجي هندي توڙي اردو جي لڙائي لپي ئي هئي نه ته ٻنهن ٻوليون ۾ ورلي ئي ڪو فرڪ آهي. وري 1950 ڌاري هندي لاءِ به سجھاءُ ڏنو ويو هو ته هندي به رومن ۾ لکجي پر هندي ڳالهائندڙ ان سجھاءُ کي مڃڻ کان ختو جواب ڏنو هو. هنن پنهنجي سنسڪرتي ٿوڙي ثقافت سان ڪو به سمجھوتو نه پئي ڪرڻ چاهيون

بدقسمريءَ سان سنڌين ڪڏهن به لپي جي مسئلي تي سنجدگي ڪون ڏيکاري آهي. جڏهن به سنڌين ۾ لپي جي ڳاله آئي آهي اسين ثقافت کي نه پر لپي جي واهپي کي احميت ڏني آهي. اهو ئي سبب آهي جي مس جيڙهي اسان جي جند عربي کان اڃا ڇُٽي به ناهي جي رومن جو ڏچي کي منهن ٿا ڏئون.






ايڙهي ڳاله ناهي جي ٻوليون جون لپيون ڪون مٽبيون آهي. هندستان ۾ مراٺي توڙي گجراتي جو مثال آهي اسان جي اڳيان . هنن لپيون مٺايون پر اهو به ڌيان رکيو ته ان سان نڄ اکرن تي ڪو به اثر نه پوي. عربي توڙي رومن پنهنجي پنهنجي ٻوليون لاءِ هڪ ميار جي لپيون ٿي ٿيون سگھن پر سنڌي لاءِ ان لپيون جي ڪا به احميت ناهي.


سنڌين لاءِ مسئلو اهو آهي ته ڇا اسين پنهنجي ثقافت سان ڳنڊڻ لاءِ تيار آهيون ؟ ڇا اسين پنهنجي اتيت (ماضي) کي سوگھو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ؟ هندستان ٿوڙي پرڏيه ۾ سنڌين جي وهنوار کي ڏسي ايئن ٿيدي ڏسڻ جي زري جي به اميد ته نٿي نظر اچي........اسان جو لپي ڏانهن وهنوار سان بلڪل به نٿو لڳي ته اسين دين درم کان اڳتي وڌي به ڪجه ڪرڻ جي خوائيش تائين به رکئون ٿا !!!


May 9, 2013

ڪڏهن ٿينداسين پنهنجي ديش جا !!!




سنڌ توڙي پاڪستان جا هندن هڪ ايڙهي چڪرويو فاهي چڪا آهن جنهن مان نجات پائڻ ايترو به سهولو ناهي جيترو هندستان مان سمجھيو ويندو آهي. هندستان جي ڪنڊ ڪرچ ۾ رهندڙ اسان جي ٽهي جنهن ڪڏهن سنڌ ڪين ڏٺي، سنڌ جي عام هندن جي منجھ وقط ڪين گُزارو، سنڌ ۾ هڪ هندو ٿيئڻ جو احسان ڪين ماڻيو، پنهنجي ئي رت پاران زليل ٿيندو ڪون ڏٺو هي هڪ اڻ ڄاتل آجمودو آهي جنهن جو احساس اسان جي وس کان ٻاهر آهي.


سنڌ ۾ جيتوڻيڪ هندن جي ظلم نيان ناهن ، اهي سڀ ته سدائين ٿيندا رهيا آهن. پر جنهن صورت ۾ پڇاڙيءَ جي 65 سالن کان پنهنو ڀئوائيتو روپ ڏيکارو آهي اهو ان کان اڳ ورلي ئي ڏٺو ويو هو. سنڌ ۾ هندو ڀلي ڪنهن به تبڪعي جو ڇو نه هجي، ڪنهن به ڄمار جو چون نه هجي، سنڌ جي ڪنهن به الائيڪي سان واسطو ڇون نه رکندو هجي هڪ هندو ٿيئڻ جي احسان کان پوري ريت واڪيف رهي ٿو.


اندروني سنڌ ۾ سنڌي هندن سان ڪيڙهو سلوڪ پيو ڪيو وڃي ؟ سنڌ ۾ هندن جي ساماجڪ ٿوڙي سياسسي ڪيڙهو ڪردار رهيو آهي ؟ سنڌ ۾ رواجي هندو ڇو لڌپڻ لاءِ ماندا نظر ايندا آهن ؟ رياستي ايدارن جو ڪيڙهو سلوڪ رهيو آهي ؟ عام سنڌي مسلمانن جو ڪيڙهو سلوڪ رهيو آهي ان مسئلي نسبت ۽ وڏي ڳاله ته هندستان جي حڪومت ڪو ڪيڙهو ڪردار هجڻو کپي پاڪستاني هندن بابت ؟ هي سڀ اهي سوال آهن جنهن جو جواب سنڌ جو هندو تڏهن ٿو ڏئي سگھي جڏهن هو بي ڊپ هجي جيڪو فقط تڏهن ممڪن آهي جڏهن هو سنڌ کان ٻاهر هجي ٿو. سنڌ ۾ هندو ڪيڙهي دهشد ۾ ٿا رهن ان جو اندازو ان ڳاله مان ڪڏي  سگھجي ٿو جي  سوشل ميڊيا جتي گھڻو ڪجه ئي بيڊپ چيو ويندو آهي ، ڪو به هندو پنهنجو وات کولي ڪچڻ لاءِ تيار ناهي !!!


اهو ڏٺو ويو آهي ته عام، طور سان سنڌي لوهاڻا (جن کي سنڌي مسلمان واڻيا ڪوٺن) هندستان ۾ لڏي اچڻ جي باوجود پاڻ تي ٿيل ظلمن بابت خاموش ئي رهندا آهن، سايد کين هندستان ۾ پليس يا سرڪاري ارادن پاران پاڪستاني هئڻ سبب تنگ ٿيئڻ جو ڊپ رهندو آهي، سندن ڊپ به بي سبب ناهي. اڙها ٿوڙا واڪعا ٿيا آهن جڏهن سنڌ لڏيل هندو ان سرڪاري ارادن پاران تنگ ٿيا آهن جن مان نجات تڏهن ٿي ملي جڏهن کين روڪڙن جي زور تي خوش پئي  ڪيو وڃي !!. کير احميآباد ۾ اتفاق سان مونکي هڪ ايڙهو گھر ملو جيڪي پڇاڙي جي ٻن ڏڪاڪن کان شهريت لاءِ ڄار پيا ڪن ۽ وڏي ڳاله ته هو سنڌ ۾ ساڻس ٿيئل ظلمن بابت ڳالهائندي ڪو به حجاب ڪون ڪيو.


پنهنجي بابت شري نرملداس ڳالهائندي چيو “ آئون سنڌ جي لاڙڪاڻي شهر جو آهيان،  (ڳوٽ رتوتلِ) لاڙڪاڻي ۾ منهنجو ڪاروبار هوندو هو. اندروني سنڌ ۾ هندن لاءِ ماهول ع1960 کان فرڻ لڳو . منهنجي حياتي ۾ فيرو اڄ کان 25 سال اڳ تڏهن آيو جڏهن پنهنجي ٻن سالن کي ڏنهن تتي وڏي بيرهمي سان ڪتل ڪيو ويو. ٻئي فوه جواني ۾ هئا. ٻنهن جي امر 20 کان 25 جي اندر جي هئن. هڪ اتي ئي دم ٿوڙيو ۽ ٻئي کي ڪراچي کڻائي وياسين. 21 ڏنهن سانديه موت سان هون لڙائي ڪئي پر نيٺ پُڄي ڪين سگھيون. ڳاله اتي ئي ختم ڪين ٿي. منهن جي سهري کي اغوا ڪيو ويو جنهن لاءِ نسٺ اسان کي ڀوڱ ڏئي آزادي ڪرائڻو پيو. مون کي به اغوا ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي وئي پر آئون ڪنهن ريت ڀڄي نڪتس. اسان هيڪلا ناهيون جن سان اهي ظلم پيا ٿين. سنڌي هندو ۽ خاص ڪري واڻين کي  ان اعوائون جو نشاڻو بڻايو ويندو آهي. اسين گھرن کان ٻاهر نڪرئون ته ان ڳاله جو پورو کيال رکئون ته متان ڪو اسان جي ڪڏ ته ناهي !!! رات جي اونڌاري ۾ گھر کان ٻاهر نڪرڻ جو ته سوال ئي نٿو اچي. اسان جي به اها ڪوشش هوندي هئي ته ويش ڀوشا توڙي لٽن ڪپڙن سان جيترو ٿي سگھي ته اسين مسلمان لڳئون متان ڪنهن کي اهو ڇڊرُ نه پوي ته اسين هندو آهيون .”




جڏهن هندستان لڏي اڇڻ سانڱي پُڇيومانس ته سندس چون هو ته  “مان لڏڻ کان اڳ ٽن مهينن لاءِ هندستان آيو هوس. وري پنهنجو ويزا وڌائي ڇه مهينا رهيوس. هت احميآباد ۾ امن چين آهي ۽ مونکي بيهد وڻيو سو لڏڻ جو ويچار ڪيو. مان 1998 ۾ لڏيس ۽ ٻن سالن ۾ پوري آڪهين لڏپڻ پوري ڪئي . مان هيڪر واگھا بارڊر تي افسر کي به چيو هو اوهان مسلمانن سنڌ ۾ اسان جو رهڻ بيزار ڪري ڇڏيو آهي نه ته ڪير آهي جي پنهنجي سنڌ ماءُ کان ڌار ٿيئڻ چاهندو ؟ پر مان وري  سنڌ موٽي ڪين ويندوس . سنڌ ۾ هندن لاءِ رڻ ٻاري وئي آهي. هندن جو سنڌ ۾ رهڻ ڏکيو آهي”
اسان هندستان ۾ ڄاول سنڌي جن ننڊپڻ کان پنهنجي مائيٽن پارا سنڌ ۾ سيڪولرزم جا وڏا وڏا مثال ٻُڌا شري نرملداس جا بيان يقينن وائيڙو ڪندڙ هئا . پر ان کان به ڏک جي ڳاله اها جي اهو سڀ ان الاڪي ۾ پيو ٿئي جتي جتي سنڌين جي گھڻائي آهي !! شري نرمل داس مونکي چيو ته هڪ وقط هوندو هو جڏهن جام هندو رهندا هئا لاڙڪاڻي پر هينئر ڳڻ جيترا وڃي بچيا آهن. جڏهن هندن تي ظلم ڪندڙن کي ڪو ڊپ ئي ڪون رهندو ته پوءِ ڪنهن کي هتر ٿيئڻ ڳاله ڪٿئون تي پيدا ٿئي!! ؟. سنڌ ۾ اسان ته خُلي ريت ايتجاج به ڪون ڪري سگھئون متان مسلمانن کي ايئن نه لڳي ته اسان کين خيار ٿا ڪيون،!!  انصاف جي اميد ڪرڻ ته تمام پري جي ڳاله آهي.”


ايئن چوڻ لاءِ ته هڪ ٺاه اڳي ئي  هندوستان توڙي پاڪستان منجھ جيئن هڪ ٻئي ملڪن ۾ ان مسئلن ڏانهن ڌيان ڏئي گھجھي پر نه هندنستان حڪومت ان ڏانهن ڌيان ڏنو آهي ۽ نه ئي هندوستان جو سنڌي سماج. احميدآباد جي سرادارنگر يا نروڙا ۾ جتي ڀلي ڪو ڪيترو نه وڏو اڳوان هجي سنڌين جي ساٿ کان سواءِ ڪو به اها تڪ ڪين ٿو کٽي سگھي اتي به سياسي طور سنڌ لڏيل هندو جو مسئلو آيو ئي ڪونه !! پر سال هت عالمي سنڌي سنميلن به ٿيو جتي به هن مسئلي تي ذري به سس پس ڪين ٿي ان جي باوجود جي ان جلسي ۾ آڏواڻي ، جيٽملاني جيڙها اڳوان موجود هئا. !!


لڏپڻ ڪڏهن به سهولي ڪين ٿيندو آهي. نه ته 1947 واري لڏپڻ سهولي هئي ۽ نه ئي 1954 کان پوءِ واري لڏپڻ. جيتوڻيڪ 1971 ۾ هندستان 90000 سنڌ لڏيل هندن کي ناگريڪتا (شهريت)  ڏني پر ان بعد ناگريڪتا هڪ وڏو مسئلو آهي. لڏندڙ هندن کي 7 کان 10 سالن تائين ترسڻو ٿو پوي ناگريڪتا لاءِ. 2005 تائين تڏهن به ناگريڪتا ملنديون هئون پر ان بعد جا کان ناگريڪلتا ڏيئڻ جا حق مرڪجي هڪومت پنهنجي هٿن ۾ کيان آهن عام طور سان 12 12 سالن ٿا لڳن ناگريڪتا ۾. جيتوڻيڪ هر صوبي ۾ ساڳي ڳاله ناهي پر گجرات ۾ ته 20 25 سالن تائين ناگريڪتا ڪون ٿي ملي. مٿئون وري سرڪاري آفسرن جو ڏچو سو ڌار.



گجرات ۾ لڏندڙ هندو هٿئون جي سرڪاري ملازم لاءِ روڪڙ اڳارڻ لاءِ هڪ وڏو زرئو آهي. اها ڳاله لڳ ڀڳ هر هڪ لڏيل سنڌي چئي . ڊاڪٽر  ري موهب “مس جيڙها 20 يا 25 سنڌ لڏيل هندو ڇا گڏ ٿيا آفيسرن جون فونا اچڻ شروع ۽ پوءِ سوالن جي برسات . جيڪر ڪو ڪچچي نسن وارو هجي ته هو تيستائين مٿي تي بيٺا هجن جيستائين سندن کيسا نه ڀريا وڃن !! ”


ان ڳاله جي پُٺڀرائي احميآباد جي جام سنڌين ڪئي ته گجرات جي افسرن جو وهنوار ڏکائندڙ  رهيو آهي. شري نرملداس جي پُٽ جو به چوڻ هو ته اسان کي سڄو سڄو ڏنهن ، اسان جي ٻارن ، ضائيفائون ۽ ايستائين ته اسان جي گيرينٽر کي به سڄو سڄو ڏنهن ويهارو ويندو آهي. هر ننڊي ڳاله تي دٻ پٽڻ، بي عزت ڪرڻ ڄڻ ان افسرن جو نت نييم هجي. عزب جيڙها ڳاله ته اها آهي ته اهو سڀ هڪ ايڙهي صوبي ۾ پيو ٿيندو اچي جنهن کي هندوتو جي پريوگشالا تائين ڪوٺيو ويندو آهي !!! لڏندڙ سنڌين جا جيڪر آڪڙا ڏسجن ته اهو سمجھندي دير ڪون لڳندي ته گجرات هيڪلو صوبو آهي جتي سنڌين 20 کان 30 سالن تائين رهڻ جي باوجود ناگريڪتا ڪون ٿي ملي. اهو ئي پر گجرات هيڪلو صوبو آهي هندستان جو جٿي ڪي لڏي آيل سنڌي پنهنجا ويزا نه وڌڻ سبب سنڌ موٽي تائين ويا آهن.!!!  ايترو ناحق ٿيئڻ جي باوجود احميدآباد جي سنڌي اڳوانن مان هڪ رڙ تائين ڪون نڪتي نه ته هي اهي ئي اڳوان آهن جيي هندوتو لاءِ زمين آسمان هڪ ڪرڻ ۾ منٽ جي دير ڪون ڪن !!


سنڌ توڙي پاڪتان مان لڏندڙ هندن لاءِ اهو مسئلو اهو به آهي ته هڪ ٻئي به لڏپڻ پئي ٿئي هندستان ڏانهن ، بنگلاديش مان بنگالي مسلمانن پاران جيڪا نه رڳو سلهائي سان پئي ٿئي پر بنا روڪ ٺوڪ جي پئي هلي. ڇو ته بنگلاديش جي سرهد اڳوپوءِ سيل ناهي اهي پناهگري تمام گھڻي سهلائيءِ سان هندستان ۾ گري اچن ٿا. وري ووٽ بينڪ جي سياست ان لڏپڻ کي هاثئون همٿايو آهي. سنڌ مان لڏندڙ لاءِ مسئلو اهو آهي ته هڪ پاسي بنگلاديشيئن جي گيرقانوني لڏپڻ ۽ سک (ڇا ڪاڻ ته حڪومت کي خبر ئي ناهي ته ڪير آيو ۽ ڪير ويو)  ۽ ٻئي پاسي هندن جي قانوني لڏپڻ ۽ ناگريڪتا جا مسئلا  ۽ مٿئون وري افسرن جو ڏچو !!


ع2005 ۾ هندستان جي حڪومت صوبي آسام جي قوميپرستن جي دٻاءُ ۾ ناگريڪتا ڏيئڻ جا حق ضلعي جي ڪليڪٽر کان کسي مرڪجي گھر وزير کي ڏنا. ان سان بنگلاديشين کي ته ناگريڪتا ملڻ مشڪل ٿي وئي پر سنڌ لڏي آيلن لاءِ مسيبت بڻجي وئي. هاڻي سنڌين جو فائلون دهلي ۾ ٿيون وڃن. جيڪا ناگريڪتا 7 سالن کان پوٰ پئي ملي هاڻي اها ساڳي ناگريڪتا 20 سالن ۾ به ڪون پئي ملي.


ع2011 ۾ دهلي هائي ڪورٽ جي فيئسلي بعد هندستان جي حڪومت جيڪو پڌرنامو ذاري ڪيو تنهن ۾ صاف صاف لکيل هو ته پاڪستان ۾ رهندڙ هندن سان ظلم پيا ٿين. ان پڌرنامي ۾ ايستائين لکيو ويو هو ته حڪومت ان ڳاله جي تحقيق ڪئي آهي ۽ ان ظلمن جي وارداتن کي صحيح پاتو آهي پر ان جي باوجود جڏهن ناگريڪتا جي ڳاله ٿي اچي پاڪستاني هندو ۽ افريڪا ۾ لڏي ايندڙ ڪنهن به انسان ۾ ڪو به فرڪ ناهي ؟؟ اهو ڪيئن ممڪن ٿي ٿو سگھي ؟ ايڏي وڏي ٻيائي پئي ٿئي پاڪستاني هندن سان پر هندستان جو سنڌي سماج خاموش. سنڌي اڳوان ڀلي هو ڪنهن به پارٽي جو چون نه هجي ايڏي وڏي مسئلي تي آواز اٿارڻ جي ڪڏهن ضرورت ئي ڪون مهسوس ڪئي.

ايڙهي ڳاله ناهي ته سنڌين وٽ ايڙهي ڪا به سنسٿا ٿوڙي تنظيم ناهي جيڪا ان مسئلي تي جاکڙو نه ڪري سگھي. پڇاڙي جي ٽن ڏهاڪن کان جوڌپور جي سيمانت لوڪ سنگھٽن لڏي آئيل ڀيل، ميگھواڙ، ڪولي وغيراه جاتيون لاءِ جاکڙو ڪري پئي. ان سنسٿا جي رهبر شري هندو سنگھ سوڍا کي جام سنڌي سڃاڻن پر جڏهن مدد جي ڳاله اچي ٿي ته امالڪ سنڌي لوهاڻ کي پنهنجي جاتي پئي ساري. پر ها هو پنهنجي نڄي فائدي لاءِ ان سنسٿا کي پنهنجو ڪرڻ ۾ منٽ  دير ڪون ٿو ڪري پر سندن ڪم ڇا نڪتو ..هو هڪ هند ۽ سنسٿا ڪنهن ٻئي هند.


احميدآباد ۾ جيترا به لڏي آيل هندو سنڌي لوهاڻڻ جا اڳوان گڏيا تن مان گھڻائي انهن جي هئي جيڪي چاهن ته اٿا ته پاڪستاني هندون جي مسئلي تي لڙائي ٿئي، جدوجهد ڪجي پر ان لاءِ هو رستن تي اچڻ لاءِ اصل ئي تيار ناهي.  ٻيو ڪو ڪري اسين رڳو ساٿ ڏئون.


مطلب صاف آهي ته انگريزن جي ڏنهن ۾ جيڪا موڪعا پرستي ۽ پيٽ پرستي سنڌي لوهاڻن ۾ هئي سان اڄ به پنهنجي پوري زور تي آهي. پنهن جي حقن لاءِ لڻڻ لاءِ اڄ به سنڌي هندو تيار ناهي. سنڌي اڳوانن جي اها ئي موڪعا پرستي هئي جنهن سبب هندو سنڌ جا 30 سيڪڙو هجڻ جي باوجود سنڌ جو هڪ انچ به پنهنجو ڪون ڪري سگھيا ۽ اڄ در در جو ٺوڪر پيا کائين !!!
جيستان جدوجهد ڪرڻ جي چاه سنڌين ۾ پيدا ٿئي تيستائين لڏي آيل سننڌين لاءِ هندستان جي ناگريڪتا هڪ سهڻي سپني کان سواءِ ڪجه به ناهي. ايڙهي حالت ۾ لڏي آيل سنڌين لاءِ هي سوال ايندڙ ڏنهن ۾ به هڪ سوال ئي ٿي رهنيو ته “ڪڏهن ٿينداسين پنهنجي ملڪ جا ، آخر ڪڏهن ؟؟؟


March 11, 2013

ڪوڙو سچ يا سڌو سهون حساب



هي مضمون مان هڪ بنگالي گروپ ۾ پڙهي. هي ليک ڀلي بنگالاديش جي  هندن بابت هجي پر مونکي لڳو ته اسين سنڌ ۾ رهندڙ  سنڌي هندن  جي حالت ان کان گھڻي فريل ناهي . مان اميد ٿو ڪين ته بنگلاديش جي حالتون بابت هي ليک تمام اهميت وارو ثابت ٿيندو



ڪوڙو سچ يا سڌو سهون حساب


اهو ته پاڻيءَ جي ريت چٽو صاف آهي ۽ ڪنهن کي ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي بي اين پي (خاليداه ضيا جي پارٽي)  توڙي جمات اسانجا اڳوڻا ويري آهن سو انهن بابت ڇنڊو ڇاڻ ڪري اڳوڻيون ڳالهئون ورجائڻ جي ضرورت ناهي . پر عوامي ليگ بابت ڇا چئجي ! جيڪر اسين اهو چئون ته عوامي ليڳ اسان جو ئي سوکتو پليل زهريلو نانگ آهي ته غلط نه ٿيندو. چڱو ته پوءِ هيڪر ان بيان تي اوک ڏوک ر ڪيون؟ .اتهاس ڏسو چڱي ريت . ملڪ آزادي ٿيندي نه ٿيندي ئي “بنگ بنڌو”  شيخ مزيبور رهمان ڪٽرپنٿي آئي او سي جي ميمبرشپ هٿ ڪرڻ نسبت ڊڪ پاتي هئي ۽ قابياب پڻ ٿيو هو. جيڪي بنگالي هندو هندستان لڏي ويا سندن ملڪتيون “ويري ملڪتيون” ڪرار ڏني ويون . بنگالي قوميپريستي جي نالي تي ملڪ آزادي ٿيئڻ تي ئي تنهن مهل هلندڙ طالمي پالسي ۾ وڏو فيرو  آڻيندي مدراسا بورڊ جو وجود وڌو ويو جيئن اسلامي وچارڌار توڙي سوچ جي مارفت  هڪ اسلامي قيادت لاءِ سپاهي تيار ڪري سگھجن. “رومنا ڪالي باڙي” ۽ “آنندوموئي آشرم” کي بولڊوجرن سان ڊاهي اها سڄي ملڪيت رياست پنهنجي نالي ڪئي ۽ رهيل قسر بانگالي قوميپرستي جي دهائي  ڏئي بنگلاديش جي اقليت کي ڏنل ريجرويشن نبيري وئي. کير جيئن به هجي هو (بنگبنڌو شيخ موجب ار رهمان ) اسان جا رهبر هو  راشٽرپتا هو . سندس کنيل  قدمن کي اسين غلط نٿا ڪرار ڏئي سگھئون. شايد اسين هندن کي اهو سڀ لهڻو هو. ان بعد آيا 1995 جا ڌل ڏهلائيندڙ ڏک جنهن جي هڪ ڏهاڪي بعد آگمن ٿيو شيخ حسينا جو. اها ئي ڄاتل سڃاتل شڪل ۽ هن جي ساڻ اسان هندن جي آواز اقليت جو آواز ٿيئڻ . اها ئي ڳاڙهي فال واري ٺنگائل ساڙي ۽ جيجل جيڙهو نماڻو مهانڊرو. هسينا عوامي ليڳ ۾ توفاني تريعڪي سان آئي. پيار سان هندن کيس اپنايو ، ساڻس بيٺا پنهنجو سمجھي. 90 جو ڏهاڪو ايندي ايندي ئي شهيد جنني جهانارا امام جي شهرت اڀ تي هئي. هڪ عوامي رهبر جي ريت عام انسانن ۾پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي هئي. اسانجي پياري شيخ هسينا لاءِ سايد اهو مُساوات (سمِڪرڻ) جي غلطي هئي ۽ هن جي هڪ لوڪپريه عوامي اڳوان بڻجڻ جي واٽ ۾ سڀن کان وڏي رنڊڪ. ان وقط سيخ حسينا پنهنجي نجي مُساوت (سمِڪرڻ) جي تهت ان وقط جي مشهور نالاري  ليکڪ  “موتيئور رهمان  رينٽو” جي لکيل ڪتاب “آمرا ڦاشي چائي” (اسين فاهي ٿا گھرون ) ۾ ڌرج ڪيل سچائي کي دٻائڻ ۾ ڪوئي قصر ڪو ڇڏي. ان ڪتاب جي ذرئي اسين ڄاڻئون ٿا ته ڪيئن اسان جي پياري شيخ هسينا هندستان ۾ بابري مسجد جي ڊهڻ کان پوءِ پنهنجي نجي فائدي لاءِ پنهنجي پيسي جي ذور تي راجٿاني ڊاڪا ۽ بنگلاديش جي ڪنڊ ڪرچ ۾ هندن جي گھر ۽ مندرن کي ٻاه لگائڻ لاءِ ماڻهون کي همٿايو  ۽ ٿيو به ڪجه ايئن ئي هو. پوري بنگلاديش ۾ هندن جا گھر توڙي مندرن کي ٻاهيون ڏنيون ويون هئون . هڪ ٿرٿلي فيلائي وئي هئي. هسينا تنهن مهل هندن سان گڏ بيٺي هئي ۽ اهو سمجھايو هو ته جيڪر عوامي ليڳ جي حڪومت آئي ته اهو سڀ بند ٿيندو. ان راند ۾ هو قامياب پڻ ٿي هئي. ( ڪتاب آمرا فاشي چائي تي 1996 ۾ پرتيبنڌ  لگايو ويو جڏهن عوامي ليڳ حڪومت ۾ هئي ) شهيد جھاهانارا امام اسان جي اڳوان ڪين ٿي ، هو ڪون ٺهي سگھي، تا  کان هوءَ سان جو فڪرُ ۽ اسان جي اڳوان رهي آهي. 1996 کان 2001 تائين هوءِ حڪومت ۾ رهي . ڇا هندن کي مليو ۽ اسان ڇا وڃايو ان سان اسين سڀئي واقيف آهيون . 2008 ۾ جڏهن وري هوءَ حڪومت ۾ آئي تڏهن به هوءِ اسان جي رهبر رهي. خاليدا ضيا ۽ ايرشاد اسلام کي بنگلاديش جو قومي ڌرم ڪرار ڏنو ۽ اسان جي هسينا ان جي بيدرو ڀرو. مطلب ڪو به هاني ان کي مٽائي نٿو سگھي. ان جي وروڌ ۾ آواز نٿا اٿاري سگھن. ديش ڊوهي ڪوٺباسين . بنگلاديس لاءِ اسلام جو دفتري دين ڌرم ٿيئڻ سيڪولريزم لاءِ اڳوپوءِ موت ثابت ٿي. هندو ڀلي ڪيترو نه بنگالي قوميپرستي يا آزادي جي جاکڙي وير گھاٿا جي نسبت  فڪر ڪندا هجن پر سندن قسمت ۾ بس رڳو ٻوڙي (شونه، 0) ئي آهي . مونکي ته مُوڪتي جي سوچ توڙي  وچارڌارا مان وڌيڪ ڏک ٿيندو آهي. 1971 جي آزادي جا ٻڄ هندون پوکيا هئا. هندو سو سيڪڙو آزادي ڪا همايتي هئا. هن ملڪ جي سنويڌان اسان کي ٻئي ڌرجي جا شهري ڪرار ڏنو !!! اسين مڃئون يا نه اها سڀن جي نڄي رايه آهي. مدراسا بورڊ ۾ بي اين پي توڙي جمات کان پوڌيڪ مالي مدد هسينا جي هيٺ عوامي ليڳ حڪومت  ڏني. ان مدسرن مان پڙهي  نڪتيل شاگردءَ ڇا هڪ سيڪولر  سماج  جي نمائيندگي ڪندا ؟؟ ع2012 ۾ ڀاٿگھاٺا، هاٺجابي، باگيرهاٺ، ديناج پور ، چِچِر بندر ۾ بنا ڪنهن جي هسائڻ جي هندن جا گھر، مندر ڊاها ويا پر هسينا ڪوڙي دلجاءِ تائين ڪون ڏني.!!! رامو معملي ۾ هوءَ جبلن پهاڙن تائين ڊڪندي وئي ڇا ڪاڻ ته اتي عوامي ليڳ لاءِ پيسن جو معملوهو. هندن سان ڀلا هوءَ ڇو بيٺي هجي. هندن ۾ آخر آهي ڇا ؟ وشوجيت داس جو وڏي بيرهمي سان ڪتل شاگردن ڪيو. اسانجي هسينا جاچ پڙتال ته ڪئي ڪونه ، ڪڏهن مري ويل بِشوجيت جي مائيٽن واٽ به ڪون وئي همدردي جا به لفظ ڳالهايا . ڇا اهو سڀ ان لاءِ جي بِشوجيت هندو هو ؟ هندو مرن سان به ڇا ۽ جيئڻ سان به ڇا. بلاگر راجبير جي مائيٽن وٽ وڃڻ جو وقط ٿئي ٿو ڇا ڪاڻ ته هو اڳواٽ هڪ مسلمان آهي ۽ پوءِ هڪ ديش پرمي بلاگر ۽ وشوجيت ته اڳواٽ هڪ هندو ۽ پوءِ هڪ مهنت ڪري جيئڻ وارو بدقسمت. هڪ ڳاله جيڪا اسان جي پياري اڳوان هميشاه ئي دهرائندي رهندي آهي ته “پنهنجن جي وڇوڙي جو ڏک آئون مهسوس ڪري سگھندي آٿم ” ٿي ٿو سگھي هوءَ سمجھندي هوندي پر پنهنجا گھر بار، مندرن جي سڙڻ جو ڏک نه سمجھندي هوندر، پنهنجي ماءُ، ڀيڻ يا ڌيءَ سان ٿيئل جنسي بيئزتي يا بلاتڪار جو ڏک هون ڪون سٺيو آهي . ع2001 کان 2006  تائين ٿيل اقلتين تي ظلمن سان انساف ڪرڻ جي ڳاله هون ڪئي هئي پر ڇا ڪڏهن به اهو ممڪن ٿيو. جيڪر انساف ٿئي ها ته اڄ جيڪي هندن جا گھر توڙي مندر ڊاهن ٿا تن کي ان ڳاله جو اهساس ِرور هجي ها ته اسان جي به ڪمن جو هساب ورتو ويندو!! . ڪڏهن نه ڪڏهن قانون به اسان جي ڪڏ پوندو . هي هڪ سڌو سهون سمِڪرڻ آهي نه سمجھڻ جي ڪا به ڳاله ناهي. هڪ وڏي سياسي راند وئي کيڏي وڃي.
هندو جيڪر مارا به کائن ته ساڻس به واٽيو آهن
هڪ ته پنهنجو مٿو هيٺ ڪري سڀ ڪجه سهندا رهن اهو مڃن ته هو ڪنهن پرائي ملڪ ۾ ٿا رهن ۽ ٻيو  ته پاڻي جي اگھن تي پنهنجيون ملڪتيو وڪڻي هندستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ لڏي وڃن .
جيڪر پهرون وڪلپ (آپشن) هندو هٿ ڪرن ته فائيدو عوامي ليک جو ئي آهي. پنهنجي حڪومت هوندي به هندن تي ايترو ظلم؟؟؟ !!!!! جيڪر بي اين پي جمات حڪومت ۾ اچڻ ته اسان جا ته ڳترا ڳترا ڪيا وينداسين  .!! ان لاءِ سائين ووٽ اوامي ليگ کي ئي ڏيئڻو آهي ، ڪنهن به حالت ۾ اوامي ليگ کي حڪومت ۾ آنڻو آهي
جيڪر هندو ٻيو ولڪپ ٿا هٿ ڪن ته به فائدو عوامي ليگ جو ئي ٿيئڻو آهي. پاڻي جي قيمت تي ملڪتيو وڪامبيو يا وري جيڪي اوامي ليگ جا اڳوان  هندن کي رات جي اونڌاري ۾ بارڊر پار ڪرائيندا ، ان ملڪتيون تي هڪ ان ئي اومي ليگ جي اڳوان جو حق ٿيندو. اتهاس به ڪجه ايئن ئي ٿو چوي. نه ته جيڪر هڪ ڀيڙي ڏسجي ته لگ ڀگ هر وارڊ ۾ اوامي ليڳ جو ايڪائيون آهن . حڪومتي ارادن سان گڏ هو ڇون ٿا بيهي سگھن.!!  چو نه رات جي اونڌاري ۾ هندن جي مندرن ٿوڙي گھرن کي باه ٿيندڙن کي سري عام ڪُٽيو ٿو وڃي !!. ڪنهن آڌار تي ملڪ جو گھر منتري اهو ٿو چوي ته حالتون عام آهن . !!!! اڄ اسان کي سنجدگي سان پنهنجي بابت سوچڻو پوندو . اسين هر پاسي پنهنجي ويرن کان وڪوڙيل آهيون . کٻي پاسي ، سڄي پاسي ، سامهون پُٺيان . رڳو اشور تي ئي ڀروسو آهي. بنگلاديش ۾ اڄ جي تاريخ ۾ ٻه  ڪڙوڙ هندو رهن ٿا . اها به پنهنجي پاڻ ۾ ڪا ننڊي آبادي ناهي. جيڪر اسين هڪ ڀيڙو هڪ ٿي وڃئون . پنهنجا فرڪ توري وڇوٽيون  وساري پنهنجي وجود جي لڙائي ۾ هڪ ٿي سگھئون ۽ اها ڳاله سري عام ڪري سگھئون ته هر ڪا سياسي تنظيم ڀلي اها جمات هجو، بي اين پي هجي يا وري عوامي ليگ توڙي ايرشاد جي جاتيه پارٽي هجي سڀئي اسان جا پادر چومينديون . اسان جي اڇا شڪتي، اسان جو وشواس کي ڪم تي لگائڻو پوندو. اسان ۾ جيڪو سچو ديشپريم آهي، اسان ۾ جيڪا سچاءِ آهي تنهن کي ڪم ۾ آنڻو پوندو. جيڪر ايئن ٿيو ته اشور جي ديا اسان تي هوندي. پر ان کان اڳ اسان کي اهي انتهائي مشڪل ڏنهن پار ڪرڻا پوندا . جمات هجي، اوامي ليگ هجي يا وري بي اين پي جيڪو اسان جا گھر ساڙندو، اسان جي مندرن کي ڊاهندو اهو اسان جي وجود جو ويري ڪوٺبو. اسان کي انهن جي وروڌ جو ڪو تريعڪو ڳولهي ڪڏڻو پوندو. انهن کي پڌرو ڪرڻو پوندو. جيڪر سوءُ ماڻهو اسان جي گھرن کي ٻاه ٿا ڏيئڻ ڪاهي اچن ته انهي ٻاه ۾ انهن جي هڪ کي ساڙي وجھڻو پوندو. به ته اسان لاءِ پوليس جي ڪجه ڳوليون کان سواءِ ڪجه به هٿ به نه هوندو. بانس جو لٺيون ۽ اسان جي گھر کي ڏنل ٻاه ئي اسان جا هٿيار آهن. اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ سکڻو پوندو . اٿو ڀائر اٿو . جيڪر مرڻو ئي آهي ته لڙي مرئون ۽ جيئون ته عزت سان جيئون ...........هري اوم
(نوٽ؛ انڌي عوامي ليڳ همايتن کان معفي ٿو گھران. ڀِت سان پُٽي سٽجي وئي آهي. پيٽ ۽ پُٽي هڪ ٿي وئي آهي ، اڳتي ٻيو بنداست ڪين پيو ٿئي سو سڀ ڪجه اوڳوڙي ڇڏيوم )  

March 8, 2013

رنڪل جون منٿان


سُڌير موريه “سُڌير” هندي ڀاشا جو ڪوي ٿوڙي ليکڪ رهيو آهي. سندس اٺ ڏه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جا کان اسين رنڪل ٿوڙي اغوا ٿيئل هندو نياڻيون جي نسبت جاکڙو شروع ڪيو هو اسان سان برابر جو سنڳتي رهيو آهي.


پيش آهي سندس تازي ڪويتا جيڪا ضائيفائو جي عالمي ڏنهن جي معڪي تي رنڪل ڪماري تي سمرپت آهي



رنڪل جون منٿان

اڄ جي رات پڻ
ڪاري ئي نڪتي
ڀنڀ ڪاري اُنڌهي
ڇو لکي ڏِنئي
منهنجا سائين
نصيب ۾ منهنجي
آئون ته ٻُڌو هو
اُڀ جي ڀونءِ تي
سرهديون نه هونديون آهن
اتي ڪو
هندو مومن ناهي
سِنڌُ يا هِندُ ناهي

تون مٿي آهين
ان رواج کان
آخير تون
اڀ وارو آهين

وري ڇا ٿيو
جي منهنجو سڏُ
تونهنجي ڪنن تائين
دستڪ نه ڏئي سگھيو
اڙي منهنجا سائين

اڙي منهنجا اِشور
آئون اڃا به
توکي
اڀ واري ئي ليکندي آهيان
پر تون ڇو
ننڌڪڻي ڪون سمجھوئيِ
اڙي اڀ وارا
نانءُ  ياد اٿي نه منهنجو
آئون رنڪل ڪماري آهيان
يا وري
 تون پڻ
منهنجو ڪوئي
ٻيو نانءُ رکي ڇڏيو آٿئي. 


ڪوي سُڌير موريه “سُڌير”