اڄ جڏهن هي ڪالم ويٽو لکان ته سنڌ ۾ هڪ ڀيڙو ٻِهر سنڌي ٻوليءَ جي جدوجهد “سنڌي ٻولي قومي ٻولي” جي نالي تي شروع ٿيل آهي. سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي هڪ دفتري ٻولي جي حسيست ڏيرارڻ جي جدجهد کي لڳ ڀڳ ڇه ڏهاڪن کان هلي پئي. پر اهو مصلو اڄ به اتي ئي آهي جتي 1947 ۾ هو. 1973 ۾ جڏهن سنڌ اسلمبي ۾ سنڌي ٻولي بابت بل پاس ڪيو ويو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ دڱا ڀڙڪايا ويا. هيئنر جڏهن بل هڪ ڌار شڪل ۾ پيش ڪيو ويو ته ان بل کي قومي اسلمبي ۾ پيش ٿيئڻ کان اڳ ئي رد ڪيو ويو. اهڙي ڳاله ناهي ته ان بل جي تئاري ۾ ڪا کوٽ رهي آهي. سنڌي لينگويج آٿارٽي چڱن مهنن کان ان بل جي ڪم تي لڳيل هئي. اهو چوڻ ته ان بل ۾ ڪا ڪمزوري رهنجي وئي يقينن غلط ڳاله ٿيندي. هاڻي ڳاله اها آهي ته ان بل ۾ آهڙو ڇا آهي جنهن لاءِ اردو ڳالهائندڙن کي ان بل کي رد ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي. جيڪڏن اسان پاڪستان جي ٻوليو جو هاڻيڪي حالت ڏسنداسين ته اهو اهو چٽي نموني نظر ايندو ته سنڌي کي چڏي اهڙي سائد ئي ڪا مڪاني ٻولي آهي جنهنجو پنهنجو ڪو ساهته موجود هوجي. ورهاڱي کان اڳ پنجاب جا هندو توڙي مسلمان اردو جو ئي ايستمعال ڪندا هئا. ورهاڱي کان پوءِ جيڪر پنجابي چاهن هان ته هندستان ۾ رهندڙن سکن واڱر پنجابي جبان کي ڪبولي سگهن ها پر ايئن ٿيو ڪون. پنجابي اردو سان اڄ تائين اوترا ئي وفادار آهن جيترا هندستان ۾ راجسٿاني هندي سان. جنهن نموني جي سنڌ ۾ اتساه ۽ جوش وري ٻئي پاسي پنجاب جي قولي اسلمبي ميمبرن جي بيروکي سان اهو ئي ڀاسجي ٿو ته پنجاب ۾ ان تي ڪا سنجدگي ڪونهي.
جيتوڻيڪ پنجابين ۾ پنهنجي ٻوليءَ بابت ساجاڳ ٿيا آهن پر ان جي باوجود سندن وڏو حصو اڄ به اردو سان وفادار آهي. اهو ئي سبب آهي جي هو پنجابي ٻولي ءَ کي هڪ قومي ٻولي جو درجو ديئاڻڻ لاءِ ِ تيار ناهن. اهو سبب آهي ته پنجابين کي قومي ٻولي جو بل رد ڪرڻ ۾ ڪو به مونجهارو ڪون ٿيو. جيڪڏن هندستان ۾ رهندڙن پنجابين کي ڏسنداسين ته اهو چٽي طرح ڏسڻ ۾ ايندو ته هندو پنجابي ۾ ورهاڱي کان ۽ پوءِ فرڪ رڳو ايترو آهي ته جي سندن ٻولي ءَ بابت هب اردو کان فري هندي ٿي ويو آهي. هو اڄ به پنجابي کي هندي جو هڪ لهجو ئي مڃِندا آهن. جيستائين ڳاله ڪجي سِکن جي ته يقينن سندن هب پنجابيءَ لاءِ ڏسڻ جيڙهو آهي. سندن پنهنجي ٻولي لاءِ چڱي جدوجهد ڪئي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جي هو دهلي ۾ پنهنجي ٻولي کي ٻئي نمبر جي دفتري ٻولي ڪرار ڏيئاڻڻ ۾ قامياب ٿيا. سندن جنهن نموني پنهنجي گروئن جي مانُ ڪيو آهي ساڳي ريت پنهنجي ٻولي سان پيار ڪيو.
ڪومي ٻولي سان اهي مصلا هندستان ۾ به ساڳيا آهن. هندستان جي آزاد ٿيئڻ بيد ٻوليءِ جا ڪي اهم مسلا سامهون آيا. هندستان جي آزادي بعد ڪنسٽوينٽ اسلمبلي جي دائري ۾ صوبن جي ٻولي بي هئي. جنهن جنهن قومن کي پنهنجا خسوسي الائڪا هئا ۽ پنهنجي ٻولي هئي تن جون ٻوليون کي سنوِڌان جي اٺين سيڊيول ۾ پنهنجي جوڳي جاءِ ملي. ڪنسٽيوئنٽ اسلمبي ۾ ان ڳاله تي ته به ڳاله ٻوله ٿي جنهن بيد 13 ٻولين کي سندن صوبن جي دفتري ٻولي تسليم ڪيون ويون.(سنڌي تنهن مهل تسليم ڪون ٿي هئي جيتوڻيڪ ان ڪستوئيٽ اسليمبلي ۾ ٽي سنڌي هئا مصال طور آچارهه ڪرپلاڻي، جيرامداس دولترام ۽ نارائڻ داس ملڪاڻي موجود هئا. اهو ممڪن آهي ته سندن سنڌي کي ايترو مانُ ڪون ڏنو، جيڪر ڏين هان ته سايد سنڌي جي حالت ڪنهن ڪدر بهتر هجي ها)
هندستان ۾ سنڌي ٻولي جي جدوجهد 1949 ۾ سروع ٿي “سنسار سماچار” جي مارفت جنهنجو سنپادڪ سائين ٺاڪرداس اڳناڻي هو. ان رسالي ۾ سنڌي ٻولي جي جدوجهد نوزوان ليکڪن، تعليمدار پنهنجي هت کئين هئي. ان بعد ساڳي وقط بمبئي جا ڪي سنڌي ساهتڪار جيئن ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اتتم، پروفيسر ملڪاڻي “سنڌي ساهته منڊل” نالي سان هڪ ادبي سنسٿا برپا ڪئي جنهن مارفت سنڌي ٻولي کي هندستان جي سنوڌان جي اٺين سيڊول ۾ سامل ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي. ان ئي سنسٿا اڳتي لهي هڪ قومي سنسٿا جوروپ ڏني ويو جيڪا اسين “اکل ڀارتيه سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا” جي نالي سان سڃاڻون ٿا. ان کان سواءِ ٻيون به چڱيون تنظميون هيو جنهن ان جدوجهد ۾ ڳڏ ٿيون جيئن سنڌو سماج دهلي، سنڌو سيوا سنڱ اجمير، سنڌو سيوا سنڌو سيوا سنڱ اندور وغيراه. انهن سنسٿايون جي جلسن ۾ هندستان جي تنهن مهل جي قومي هستيون کي ننڊ ڏئي گهرئي اهي سنميلن شروع ڪرايا ويندا هئا جيئن آڻ سنڌين کي به سنڌي ٻولي جي جدوجهد بابت ڄاڻ هجي. 1957 ۾ اهڙي هڪ سنميلن ۾ ڊاڪٽر سروپلي راڌاڪرشنن کي به ننڊ ڏئي گهرائي سنڌي ٻولي ءَ جدوجهد بابت آگاه ڪيو ويو. ڊا راڌاڪرشنن هندستان جي ڏکڻ صوبي مدراس (هاڻي تمِل ناڊ) ۾ ڪانگريس پارٽي جو اڳوان هو جنهن قومي ٻولي جي جهيڙي مهل تمِل جو ساٿ ڏنو هو ۽ اڳتي هلي سندستان جو صدر پڻ ٿيو. ڪيڙهو ته اتفاق آهي جي سنڌي بولي تسليم جي ڪانون به ڊاڪٽي راڌاڪرشنن ئي سهي ڪيو هو. اها ڳاله اسان کي بلڪل به وساڻڻ نه گهرجي ته سنڌي ليکڪن ۽ سنسٿائون تنهن مله ان جدوجهد ۾ لڳي ويا جڏهن ته عام هندو هنڌي ورهاڱي سبب هڪ پناگرهي ٿي هڪ ڪيمپ کان ٻي، هڪ شهر کان ٻئي شهر، هڪ صوبي کان ٻئي صوبي تائين ٿاٻا کائي رهيا هئا.
سنڌي سنسٿايون جي سنڌي ٻولي بابت جدوجهد جو تريقو بلڪل سِڌو هو. هندستان جي انهن سنسٿا ڏاهن پنهنجي آواج پڄائڻ جنهن جي واٽ يا ته ٻولي واري ڪميشن سان هجي يا ته قومي اسلمبلي سان هجي. ان سنڌي سنسٿائون پاران هندستان جي صدر، پرڌان منتري، پالاميبٽ ميمبر، ٿيرائي واري ٻولي ڪميشن جي اڳيون سنڌي ٻولي جو مصلو رکيو ويو. اها موهِم ايتري ته زبردست هئي جي پنڊت نهرو جيڪو سنڌي ٻولي جي سنوڌان جي اٺين شيڊول جو مخاتليف هو ، چڱن ڀيرن پارلامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر سنڌي ٻولي جو ذڪر ڪيو هو. اهو ئي نه نهرو قومي ساهيته آڪاڊمي ۾ سنڌي کي به جاءِ ڏني هئي جيئن سنڌي ساهته به ٻين هندستان ٻوليون واڱر اڳتي وک وڌائي سگهي. اڙهن حاصليتن جي باوجود سنڌي ماٺ ڪون رهيا ۽ تيستان ٻولي جي جدوجهد هلائيندا رهيا جيستان سنڌي ٻولي جو بل قومي اسانمبي ۾ پاس ڪون ٿيو جنهن جو دل سان سري اٽل بهاري باجپئي ساٿ ڏنو.
پر بدقسمتيءَ سان هندستان جي سنڌين جو نظرئو خاص ڪري هنديءَ ڏانهن ڏکڻ جي دراودن کان اڀتر ئي رهيو آهي. اسان ڪڏهن به ان ٻولي ءِ جي مکاتليف ڪون ڪئي جنهن سبب اسان کي چڱو نڪسان ٿيو. سنڌي چاهي هندستان جي ڪنهن به صوبس ۾ رهن، سنڌي ڳالهائن يا نه پر هندي ضرور ڳالهائن. هندي ئي هڪ ٻولي آهي جنهن سنڌي پاڙهندڙ سنڌي کان ڳهلي پاڻ ڏاهن ڪيا. اڄ چڱن سنڌي سنسٿايون جا احديدارءَ پاڻ ۾ هندي ۾ ئي راتبو ڪن. جنهن ٻولي جو دل سان مقابلو ڪرڻو کپندو هواسان تنهن جي اڳيون پنهنجي ٻولي جي قرباني ڏئي ڇڏي. وري ديوناگري لپي سبب ان بربادي کي ڄڻ هاٿيون سگه ملي وئي. جيڪر اسين ديوناگري جي جاءِ تي پنهنجي واڻڪي جي همتائون ها ته سايد اهڙي قياس جوڳي حالت سنڌي جي نه ٿئي ها.
اهڙي ڳاله ناهي ته اتر هندستان ۾ هندي جو ڪو به مکاتليف ڪون آهي. پنجابين ۽ گجتارين جي ٻولي به هندي سان ملندي جهلدي آهي، ان جي باوجود سندن ٻوليون پنهنجو وجود ڪائم دائم ڪري ويٽون آهن. اهو ئي نه“ ميٿلي” (يو پي ۽ بهار جي ٻولي) جيڪا هندي اردو ٻولي جي جدوجهد مهل هڪ ڌار ٻولي جو وجود وڃايو هو، سا به پنهنجو وجود ٻهر ڪائم ڪيو آهي. پر پڇاڙي جي 20 30 ورهين ۾ سنڌي پنهنجا پاٺڪءَ تمام تڪڙا هندي کي وڃايا آهن. اها يقينن ڏک جي ڳاله آهي ته اسان ڪڏهن به هندي سنڌي جي اسين ڪڏهن به ان ڪسمسڪ بابت ڪو به بيان يا هُلُ ڪون ڪيو آهي. هندي جو اسر ته سنڌي تي ايئن به پوي ها پر لپي جي رڳڙي ان مصلي کي هاٿيون وڌائي ڇڏو. اسان ايتري ته تڪڙ ڪئي لپي مٽائڻ جي جدوجهد ۾ جي ان ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي ئي داو کي تي رکي ڇڏو. ٿيئڻو ته اهو کپندو هو ته اسان لپي بابت ٿوڙي سنجدگي ڏيکاڻون ها. اسين واڻيڪي کي بنا ڪنهن سوچ جي کارج ڪري ڏنو جڏهن ته واڻيڪي ئي اهو لپي هئي جنهن ۾ اسان جا وڏا سنڌ ۾ رهندي سنڌي لکندا هئا. ان ۾ سنڌي لکڻ جو جواج نه رڳو هندن ۾ پر مسلمانن ۾ پڻ هو. ورهاڱي بعد پنڊت ڪشنچند جيٽلي هڪ سنسڪريت جو ودوان هجڻ جي باوجود واڻڪي لاِ چڱا مضمون لکيا هئا. هن سائينءِ چڱي ڪوشس ڪئي جيئن اسان واڻڪي کي سنڌين جي مول لپي ڪري مڃون، پر سائين ءَ کي تمام گهٽ سنڌين ڪن ڏنو. ڪيتري نه اجيب ڳاله آهي ته اسان ڪيئن رومن جي نالي ڪه ٻي چُڪ ڪرڻ لاءِ به تيار آهيون اهو جاڻيدي به جي ساڳيا تجربا ڪشميري ۾ ٿي چڪا آهن.
سنڌي ٻولي جي ساڳي لڙائي اڄ اڌ سدي ءَ کان سنڌ ۾ لڙي پئي وڃي. چڱن مهاجرن ۽ ٻين اردو جي حمايتن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي هقيقت ۽ اردو جو پاڪستان جي قومي ٻولي ٿيئڻ جي ڳاله سنڌين کي هينئر دل و جان سان مڃي وٽڻ کپي. سندن جي حميشاه اها ڪوشس رهي آهي ته اهڙو هڪ مايول تيار ڪجي جيئن هر مسلمان سندن واڱر سوچي. هندستان ۾ به ميٿلي ٻولي ساڳي ريت ٿي. ماٿلي ڳالهاندڙ مسلمان اردو ڌانهن ڇڪيا. هو ان ڳاله کي اڄ تائين سمجهڻڻ نٿا چاهين ته ڪيئن هڪ ميار واري ٻولي امالڪ هڪ ٻئي جي ٻولي ءَ کي پنهنجو سمجهي ان سان دل و جان سان جا پيار ڪندا جيتوڻيڪ سنڌين ۾ اهڙا به ڪي آهن جن کي لکي ٿو ته هڪ ڏينهن اهڙو به اندو ته اردو وارا سنڌي لاءَ وڙهندا. مونکي اڄ تائين اهو سمجه ۾ سون آهو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي. سايد کين 1973 جي نارا وسري ويا آهن“زنازا نڪلي اردو ڪا جرا ڌوم ڌام سي” وسري ويا آهن. سنڌي ٻولي جي لاءِ راه يقينن اوکي اهي. پاڪستان ۾ ماڻهو هندستان واڱر ڪون سوچندا آهن ۽ جيڪي سوچڻ چاهيندا آهن تن کي ملڪي دشمن ڪرار ڏنو ويندو آهي.
سنڌين کي ته ون يونٽ مهل ئي ڳاجڻو کپندو هو پر هو ڪون جاوڳيا. جڏهن ڄاڳيا ته اڄ تائين ٻولي جي ٺهراءٌکي امل ۾ ڪون اڃي سگهيا. مونکي ته ان سنڌي ٻولي قومي ٻولي وارو نارو سمجه ۾ ئي ڪون آهو. سنڌي جڏهن سنڌ جو دفتري ٻولي ڪون ٿي تي سگهي ته پوءَ قومي ٻولي ڪيڙهي ڪم جي. قومي ٻولي به ڪنهن سان ٺهي....پنجابي .....جنهن جو ساهتي يا ادب ته ڳولهڻو پوندو، پستو، ٻالٽي سان جنهن جو ته لپي جو به ڪو ٺڪاڻو ڪونهي، سرائيڪي جنهن جو هڪ ٻولي جي روپ ۾ وجود تي سندن ئي ڳالهائندڙن کي شڪ هجي. هڪ سنڌي سڄڻ مونکي چيو ته اهو ماروي ميمڻ جو ڊرامو آهي. ڪيو ليڳ جا پير پکتا ڪرڻ جي هڪ ڪوشس آهي. هڪ سياسي راند آهي.
ورهاڱي کان پوءِ جي حالت جيڪر ڏسنجي ته سنڌي سان ٻولي ءَ جي مصلي تي نه ته ڪانگريس ساٿ ڏنو نه وري مسلم ليڳ. اهو ئي سبب آهي ته سنڌيين کي هند ۽ سنڌ ۾ ٻولي جي لڙائي لڙڻي پئي جيڪا اڄ تائين ضاري آهي. جيتوڻيڪ ورهاڱي کان اڳ جي هندي اردو جي جدوجهد ۾ سنڌي جو ڪو به نسصان ڪون ٿيو پر ورهاڱي کان پوءِ ته ڄڻ هندي اردو سنڌي ءِ کي پنهنجي وجود جي لڙائي لڙڻ لاءِ مجبور ڪيو. اسان اهو وساري ويٺا آهيون ته جڏهن سڄو اتر هندستان هندي ۽ اردو جي سالي سان ورهايل هو اسان سنڌي پنهنجي ٻولي جو مانُ مٿي ڪيو هو. ان زماني ۾ چڱيون ڪوشسيون ٿيو هون جيئن سنڌ جي هندن کي هندي ۽ مسلمانن ۾ اردو جو فيلاو ڪيو وڃي پر اهڙي ڪا به ڪوشس قامعاب ڪون ٿي سگهي.
جناه وانڱر نهرو جو به رخ ڪنهن نموني ساڳيو ئي هو. ان جو هڪ سبب اهو به ٿو ٿي سگهي ته بنهن جي جيڪا ووٽ بينڪ هئي سا گهڻو تڻو اردو ۽ هندي ڳالهائيندڙ ئي هئي. جڏهن ته نهرو جي وقط ۾ هندي کي ڏکڻ جسي صوبن ۾ ئي نه پر اتر ۾ سکن (پنجابي ٻولي جي سبب) جو به چڱو ردڪد کي منهن ڏيئڻو پيو. اهو رد ڪد ايترو ته زبردست هو جي نيٺ نهرو کي ٽن ٻولن جي واٽ اخريار ڪرڻي پئي. نيهرو جي وقط ۾ 1950 جي سنوِڌان موجب هندي سان ڳڏ انگريجي کي قومي ٻولي ڪرار ڏني وئي. اها به پڪ ڪئي وئي ته انگريجي هندي سان ڳڏ 15 سالن تائين رهندي جنهنکان پوءِ هندي ئي هندستان جي هيڪلي قومي ٻولي ٿيندي. هي هڪ اهڙو فيسلو هو جنهن تي ڏکڻ جا دراود ڀڙڪي پيا. سندن کي لڳو ڄڻ هندي جي قومي ٻولي ٿي پوڻ سان مرڪج جون نوڪرين جي لاءِ سندن کي هندي پڙهن لازمي ٿي ويندي. سندن ڪاوڙ کي ڪنهن نموني ٿدو . لاءِ نهرو ٽن ٻوليون جي فالمولي جو ساٿ ڏنو جنهن موجب جتي جتي هندي بلڪل نٿي ڳالهائي وڃي اتي مڪاني ٻولي سان ڳڏ انگريجي جو استمعال ٿيندو (جئن ڏکڻ ۾) ۽ جتي مڪاني ٻولييون سان ڳڏ هندي جو به رواج اهي اتي مڪاني ٻولي سان ڳڏ هندي ۾ پڻ سرڪاري ڪم ٿيندو.
ان فيسلي سان ڏکڻ وارن جي هندي جي ڪاوڙ ته گهٽ ٿي پر بلڪل کتم ڪون ٿي. نهرو کان لعل بهادر شاستري پرڌان منتري ٿيو. جيئن ته 1950 واري سنوِڌين کي 15 ورهه پورا ٿيا ته هڪ پاسي هندي وارن هندي جي ڳاله رکي ته ٻئي پاسي ڏکڻ واري ان جو وروڌ ڪيو. ان کان پوءِ لڳ ڀڳ هر پرڌان منتري جي قوسشن جي باوجود هندي هيڪلي قومي ٻولي ڪون ٿي سگهي آهي. هندي جي پرکار جو به نڪصان ڪانگريس کي سٺڻو پيو آهي جي 1965 کان پوءِ ڪانگريس تمِل ناڊو ۾ پنهنجي هڪومت ڪون ٺاهي سگهي آهي.
دراودءَ خاص ڪري تمِل ٻولي ڳالهائندڙ اها ڳاله مڃڻ لاءِ راضي ناهين ته 5000 ورهين جي ٻولي ڪن سدين جي ٻولي اڳيون ڳوڊا ٽيڪي. دراودن جو اڄ به مڃڻ آهي ته هو سڄي هندستان جا والي هئا ۽ پوءِ آريه آيا. اها ڳاله ڪيتي سچي آهي سا اڄ تائين سابت ڪون ٿي آهي پر ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته تمِل هڪ آڳوٽي ٻولي آهي. سنڌس اتهاس سنڌي ءَ واڱر اڳوٽو آهي. اهو ممڪن آهي ته تمِل ۽ ٻيون دراود ٻوليون سان سنڌي ۾ به ڪا هڪجيڙائي هجي. ڀيرومل ميرچند آڏواڻي جي ڳاله مڃجي ته يقينن سنڌي ۽ دراود ٻولين ۾ ڪهجيڙائي آهي. سندس لکيل “سنڌي ٻولي جي تاريخ” ۾ ڪن دراود لفظن جو زڪر ڪيو ويو آهي. ڪن جو مڃڻ آهي ته موهن جو دڙي جي ڏهي وڃڻ کان پوءِ ماڻهو ڏکڻ هندستان جو رک ڪيو هو. هڪ نظرئي سان ڏنجي ته اسان منجه ۽ هندو ماٿري (گنگا جمنا جي تٽ تي رهندڙ) وارا ه ۾ هڪ وڏو فرڪ آهي جيڪو اڄ تيئين هلندو ٿو اچي. فرڪ آهي هندو جاتيواد جو. اسان هميساه هر قوم کي دل کولي پڃاه ڏني آهي جيتوڻيڪ اڄ ٿلي ڪن سنڌين کي اها سنڏين جي سڀنن کان وڏي ڪمزوري ڀاسي. جيڪڏهن سنڌي جو واستو آهي ته ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسين هندستان کي سمجهڻ ۾ هڪ وڏي چڪ ڪئي آهي. ٿيئڻو ته ائين کپندو هو جي اسان به سنڌي ٿي هندستان جي پنهنجي نظرئي سان ڏسون. جيڪر تمِل پنهنجي اڳوٽي بوليءَ لاءِ جدوجهد ڪري ٿا سگهن ته اسان ڇون نه؟ ٿي ٿو سگهي ته هندستان جي ڪن صوبن ۾ اسان سان ويل ٿيا آهن، پر ان جي باوجود اڙها به صوبا آهن جتي اسان کي پنهنجي نموني حياتي گزاري سگهون. سنڌي جي جيڪر قياس جوگي حالت ٿي آهي ته ان لاءِ جنميوار اسان ئي آهيون. رڳو اسان......۽ اسا.