اها ڳالهه 50 جي ڏهاڪي جي آهي جڏهن پيار ڪرڻ ڪنهن بغاوت کان گهٽ نه هوندو هو، جڏهن جوان دلين جي ملڻ تي سماجي پابنديون هونديون هيون. . اِهو اُهو وقت هو جڏهن هر جوان عاشق ۽ سندن محبوبائن جي چپن تي هڪڙو ئي گيت گونجندو هو “ ”دکيا جيئا بلائي، پريتم آن ملو“ . هي محض هڪ رواجي گيت ئي نه پيار ڪرڻ وارن جي دلين جو آواز هو. اهو گيت حيدرآباد ڄائي سي ايڇ آتما ڳاتو هو.
”دکيا جيئا بلائي، پريتم آن ملو“ ڪو فلمي راڳ ڪونه هو. هي راڳ 1945ع ۾ وجود ۾ آيو . هي راڳ او پي نئير جي زال سروج موهيني نئير لکيو هو جيڪا تنهن زماني جي مشهور راڳ لکندڙ هئي . ان راڳ جو سنگيت هندي فلمن جي مهان سنگيت ڪار او پي نئير تيار ڪيو هو.ان راڳ کي ايتري ته مقبوليت ملي هئي جو هندي فلمن جي مهان هدايتڪار گرو دت پنهنجي فلم “مسٽر ۽ مسز 55 ” ۾ ان راڳ ۾ هڪ گيت شامل ڪيو. هن راڳ او پي نئير کي پڻ هندي فلمي دنيا ۾نه فقط پنهنجا پير پختا ڪرڻ جو موقعو ڏنو پر فلم فيئر انعام پڻ ڏياريو. ان مقبوليت جو نتيجو اهو نڪتو جو ٻنهي جي جوڙي تنهن دور ۾ بالي ووڊ ۾هڪ اهم جوڙي طور سامهون آئي.اڳتي هلي سي ايڇ آتما فلمي ۽ غير فلمي ٻنهين ۾ پنهنجي ڳائيڪي جو جادوجاڳايو.
سي ايڇ آتما جو جنم سنڌ جي دل حيدرآباد ۾ 1923ع ڌاري ٿيو. حيدرآباد شهر سنڌي موسيقيءَ ۾ هڪ اهم جاءِ والاري ٿو. اهو ڪو محض اتفاق ناهي ته سي ايڇ آتما جا ٽئي ڀائر ڪنهن نه ڪنهن ريت موسيقيءَ سان ڳنڍيل رهيا آهن. مشهور سنڌي اديبا پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي پنهنجي آتم ڪٿا “منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق” ۾ لکي ٿي ته ”سندن گهر ۾ ڳائڻ وڄائڻ جو رواج هو“.
سنگيت سان سي ايڇ آتما جو عشق ننڍپڻ کان ئي هو. ڪاليج جي ڏينهن ۾ هو تنهن دور جو مشهور هندي ڳائيڪ ڪي ايل سهگل کان متاثرٿيو هو. راڳ جي عشق ۾پهريائين هو لاهور ۽ پوءِ بمبئي ويو. جنهن وقت سي ايڇ آتما هندي فلمن ۾ قدم رکيو تنهن دور ۾ڪي ايس سهگل، طلعت محمود ۽ مڪيش ڇانيل هئا پر ان جي باوجود سي ايڇ آتما سنگيت جي ميدان ۾ پنهنجي ڌار سڃاڻپ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو.کيس پهريون ڀيرو فلم نگينا ”1952ع“ ۾ ڳائڻ جو موقعو مليو.جنهن جو گانو“ روئون مين ساگر ڪِناري” . هي گانو ڪامياب ٿيو . بالي ووڊ ۾ موسيقي ءَ جي ڄاڻ رکندڙن موجب هن گيت آتما صاحب کي سهگل جو اصلي وارث طور مڃرايو، جيڪا ڳالهه اڳتي هلي سچ ثابت ٿي.
سي ايڇ آتما کي جيڪڏهن اسان کي سمجهڻو آهي ته اڄ کان ڇهه ڏهاڪا اڳ واري هندستان کي سمجهڻو پوندو. مان جنهن دور جي ڳالهه پيو ڪريان اهو يقيني طور ننڍي کنڊ جوڇڪتاڻ وارو دور هو. هڪ پاسي ورهاڱي جو درد هو ته ٻئي پاسي هڪ آزاد قوم جون اميدون هيون. ان دور ۾ هندستان ۾ سنڌي موسيقيءَ ۾ جيڪو ڪم ڀڳونتي ناواڻي، ماسٽر چندر ۽ رام پنجواڻي ڪيو سو ڪم هندي فلم ۾ سي ايڇ آتما ڪيو. سندس راڳن جنهن ۾ گيت، غزل ۽ ڀڄن شامل هئا تن ورهاڱي سبب ڏکوئيندڙماحول ۾ اميدون ڏيکاريون.اتفاق سان تن ڏينهن ۾ آتما جي ملاقات هندي فلمن جون ٻن مهان هستين سان ٿي.ان ٻن مهان سنگيت ڪارن ۾ پهرين هستي هئي او پي نئير، هو 16 جنوري 1926ع تي پنجاب ۾پيدا ٿيو. هو لاهور ۾ پليو ۽ وڏو ٿيو ۽ ورهاڱي سبب ڪجهه ڏينهن هندستان جي پنجاب صوبي جي امرتسر شهر ۾ رهيو، جنهن کان پوءِ وري هندي فلمن جي سنگيت کيس بمبئي جو رخ ڪرڻ تي مجبور ڪيو. هو سي ايڇ آتما جو هم ڪلاسي هو. جيتوڻيڪ ٻنهي جي بالي ووڊ ۾ راهه ڌار ڌار هئي پر مشهورهڪ ئي گيت وسيلي ٿيا. ٻئي پهريون ڀيرو “ دکيا جيئا بلائي، پريتم آن ملو” وسيلي گڏ ٿيا. ٻنهي هندي فلمي دنيا کي جيڪي سدا بهار گيت ڏنا تن مان ڪجهه هن ريت آهن؛
1. اِس بيوفا جهان مين (1952ع)
2. رات سهاني هنستي تاري (1952ع)
3. ڪڇ سمجهه نهين آيا (1952ع)
4. ديئا تو جلا (1952ع)
جنهن ٻئي سنگيت ڪار سان سي ايڇ آتما گهڻي وقت تائين گڏ رهيو ، سو هو محمد ظهور هاشمي، جنهن کي هندي فلمي دنيا ۾”خيام“ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي.خيام جو جنم پنجاب جي جالنڌر ضلعي ۾ ٿيو هو. ننڍپڻ کان ئي کيس موسيقيءَ سان لڳاءُ هو.اهو سندس عشق ئي هو جنهن هن کي دهلي پنهنجي چاچي جي گهر وڃڻ تي مجبور ڪيو، جنهن هن ٻار جي فن کي سڃاتو ۽ خيام کي موسيقيءَ جي تعليم ڏياري.خيام پنهنجو سنگيت ڏنل غزل آتما کان ئي ڳائرايا.ان جو سبب اهو هو ته سي ايڇ آتما فلمي ۽ غير فلمي غزلن ٻنهي ۾ ماهر هو ۽ هن تنهن دور جي سمورن چوٽيءَ جي موسيقارن سان گڏ ڪم ڪيو.
جيتوڻيڪ آتما هندي فلمن ۾وڏي شهرت ماڻي هئي پر ان جي باوجود سندس مادري ٻوليءَ سان به بي حد لڳاءُ هوندو هو پنهنجي هڪ ريڊيو انٽرويو ۾ ڳالهائيندي هن چيو هو ته هڪ ڀيري بمبئي جي ڪجهه سنڌي ڀائرن چيو ته توهان ايترا هندي گانا ٿا ڳايو، ڇو نه ڪجهه گيت پنهنجي سنڌي ۾به ڳايو؟
ان بعد سي ايڇ آتما هندستان جي تنهن مهل جي سنڌيت جي رهبر پروفيسر رام پنجواڻي جي مدد سان سسئي پنهون بابت هڪ راڳ ڳاتو. ان کان سواءِ سي ايڇ آتما ڪيترائي ڊوئيٽ (دوگانا) سنڌين جي ڪوئل ادي ڀڳونتي ناواڻي سان گڏ ڳاتاهئا.
آتما نه رڳو موسيقي ءَ ۾ نالو ڪمايو پر ٽن اهم هندي فلمن ۾ اداڪاري به ڪئي. ان ٽن فلمن ۾ پهرين فلم ”ڀائي صاحب“، اها فلم 1954ع ۾پڙدي تي آئي . ٻي فلم هئي ”بِلوا منگل“ جيڪا ساڳئي سال رليز ٿي پر جيڪا فلم سي ايڇ آتما جي سـڃاڻپ ٿي اها هئي مشهور هندي فلم”گيت گايا پٿرون ني“ جيڪا 1964ع ۾ رليز ٿي.
موسيقيءَ سان نه رڳو سي ايڇ آتما کي ئي نه پر سندس ٻنهي ڀائرن چندرو ۽ اندرو کي به بي حد لڳاءُ هو. سي ايڇ آتما جي ڀيٽ ۾ چندرو تمام گهڻا سنڌي گيت ڳايا.
اسان سنڌين لاءِ اها ڏاڍي فخر جو ڳالهه آهي ته ايڏو وڏو فنڪار اسان جي قوم مان هو. پر افسوس رڳو ان ڳالهه جو آهي ته جڏهن ته ٻين قومن پنهنجي فنڪارن جوقدر ڪيو آهي پر اسين سنڌي پنهنجن کي وساري ڌارين کي پسند ڪريون ٿا.
(آوامي آواز، ڪراچي ۾ شايع ٿيئل)
No comments:
Post a Comment