May 2, 2011

هند جي سنڌين جي نئين نساني

منهنجي سداءَ اها ڪوشش رهي آهي ته سنڌين بابت هندستان جي ميڊيا ۾ شايع ٿيندڙ خبريون سنڌ ۽ هند جي سنڌين اڳيون رکجن،  جيئن سٺ ورهين جي وڇوٽيون  جيڪي اڳوپو کتم ته ڪون ڪري سگهبيون پر گهٽائي پڪ سگهجن. ان مقصد جي ڳولهه مونکي هندستان (اجمير)راجسٿان) مان شايع ٿيندڙ   “دينڪ جاگرڻ” جي هڪ آرٽڪل منهنجي نظر  ڇڪائي. خبر دلچسپ هئي سو مون فيسبوڪ ۾ ونڊايم. سنڌ ۾ سن سنڌين کي جيئن ته هندي نٿي اچي سو هينئر ارٽڪل سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿم. هن مضمون جو لکندڙ اجمير سنڌي سينٽرل پنچائت جو مکي سائين نريش شاهاڻي ڀگت آهن.
 


ميحنت جي زور  تي واڻيج سان ڳڏ ٻين  صنفن  ۾ اهم مقام حاصل   ڪرڻ وارا 
سنڌي قوم جي سُڃاڻپ هينئر “سنڌو نشان” سان ٿيندي. هي سنڌو نساني جل (پاڻي)، 
امريت ڪلش، اوم، ٻه طِرشوُل،سائو رنڱ، ڪسنسر  رنڱ ۽ جوتي (ٻاهه) کي ڳڏائي 
ٺايوي ويو آهي. اهو نسان اکل ڀارتيه سنڌو سماج پاران  جاري ڪيو آهي. هاڻي ان کي 
ڏيه پرڏيه ۾ رهندڙ سماج جي دوستن ۾ ونڊايو وڃي ٿو.


اُلهاس نگر ۾ سري اکل ڀارتيه سنڌو سماج جي اڪٽوبر 30 31 2010 وارا قومي جلسي 
۾  ان نشاني ءَ کي پهرون ڀيرو جاري ڪيو ويو. ان جي سمجهئ ۽ بيان سماج جي 
قومي  سنتن پاران ڪيو آهي.


سنڌي قوم جي سُڃاڻپ سندن  آرپيل ديوتا ۽ ڀگوان ورُڻ جو اوتار ڀگوان جهولي لعل 
سان ٿيندي رهي آهي. سري اکل ڀارتيه سنڌو سماج جا احديدار ۽ هري شيوا  ڌام ڀيِلواڙا 
(راجسٿان) جي مهنت هنسرامجي اوُداسي، سنڌ سماج اندور (مڌيه پرديش) جا قومي سدر 
سوامي سنتوش داس جي سوڌو  ملڪ جي جدا جدا سنتن هميشاهه اڳتي وڌندڙ ۽ 
مهنتي قوم جي سُڃاڻپ کي ڏسندي نئيون نشان ٺايو آهي.


سنڌو نساني جا وچوڙ ڪجه هن ريت آهن 

جل (پاڻي) :   سنڌو سروور جو نيرو پاڻي جو ڪو نرملتا (ڪوملتا) جو ساهيد آهي.

امريت ڪلش :  ساڳي سروور ۾ امريت ڪلش کي ڏيکاريو ويو آهي. ان سڄي ائنات ۾ امريت جي روپ جي علم جي گنگا ٻڌائي وئي آهي.

اوم :    هي سڄي ڪائنات جي وجود يا روپ کي ڏيکاري تو.

ٻه طرشوُل:   ان ۾ هڪ تهشوُل شِو ۽ ٻيو ماتا هنڱلاج جو پرتيڪ آهي.

جيوتي   :  جوتي (ٻاهه) سجه واڱر سوجهرو ديندڙ آهي. ، اڻ علم کي پري ڪندڙ آهي.

سائو رنڱ  :    سائي رنڱ جي ڇٺا خوسڪسمتي ءَ ۽ هريالي جو ساهد آهي.

ڪسنسر  رنڱ:  ڪسنسر رنڱ جي ڇٽا وشو جي اهڙي جوتي جي روپ ۾ مڃي وئي آهي جيڪو هندو ۽ سنڌو سنسڪرتي کي مهفوج ڪرڻ ۾ اهم آهي.

سنڏي قوم جو مرڪز آهي اجمير:

اجمير شهر کي سڄي ملڪ (هندستان) ۾ سنڌين جو مرڪز مڃيو ويو آهي. شهر ۾ 
لڳ ڀڳ 37 حزار سنڌي گهر رهن ٿا. سنڌي قوم جي  لڳ ڀڳ ڏيڍ لک آدمشماري 
اجمير ۾ ئي آهي. سنڌ جي نسرپور درٻار مان انديل اکنڊ جوت اڃا به اجمير ۾ روشني 
فيئلائيندڙ  آهي. هتون جي چيٽي چنڊ جي جلوس کي  سنڌي سماج جي قومي 
جلوس  جو مانُ ڏنوويندو آهي.پريم پرڪاش آشرم، سنت ڪنوررام منڊل، جيو سيوا 
سميتي سوڌا چڱيون تنظميون سماج سيوا جو ڪم ڪن ٿيون.

تالعم ۾ به آدرش سيڪشا سميتي سوڌي چڱيو ٻيون تنظميون ڪم ڪري رهيون 
آهن. ڌنڌي ۾ به سنڌي سماج اڳيو جاءِ والاري ٿو. چڱن ڌنڌن ۾ سنڌي سماج جو 
پنهنجو جور آهي. 


مالي، سماجڪ، ديني ۽ واڻيجڪ ۾ سنڌي سماج جي پنهنجي ڌار سُڃاڻپ آهي. 
مهنت جي زور  تي قاميابي ماڻڻ ۾ سنڌي قوم ڪڏهن به پوئيتي ڪين رهيو 
آهي. مايوس ڪندڙ  ماحول ۾ همت نه وڃائڻ واري سماج جي سُڃاڻپ کي 
انڳت ڪرڻ جو ڪم هي نساني ڪندي. اکل ڀارتيه سنڌو سماج ان کي جاري 
ڪيو آهي. سماج جا ماڻهون ان ڪم ۾ لڳي ويا آهن. ان کي سنڌي سماج 
جي گهر گهر تائين پڄائو ٿو وڃي. 

سڀنن قومن ۽ سماجن جا پنهنجا پنهنجا شخشيتون يا نشان ٺيل آهن. سنڌي 
سماج جي سنتن هي نساني جاري ڪري سماج کي پنهنجي قابلييت ۽ سُڃاڻپ 
جي اسائ کڻڻ  ڏني آهي. ان اسائ کڻڻ  جي واٽ تي هلڻ لاءِ هي نساني هميشاهه 
مدد  ڪندو. چڱن قومي دوستن ان جي سروئيت ڪري ڇڏي آهي  

ليکڪ ڳريش شاهاڻي ٿڳت، اجمير سنڏي سينٽرل پنچايت
  

No comments:

Post a Comment