ننڊي کنڊ ۾ سنڌي ان ٿوڙن قومن مان آهن جڪي جدا جدا ثقافتن ۽ دين ڌرم کي مڃندڙ آهن. آهو ئي نه پر ورهانڱي بعد سايد ئي ڪو ڪوم هوندو جيڪو هڪ ٻولي ڳالهائندي به هندستان توڙي دنيا ڀر جي ڪنڊ ڪُرچ ۾ انهن مُلڪل جي مڪاني ماڻهن جي کاڌي پتي جي تريقن کي اپنايو هجي. اڙهو قوم ننڊي کنڊ ۾ ورلي ئي لڀندو جنهن ورهاڱي بعد هالتيون کي تمام ٿوڙي وقت ۾ پاڻ کي ٿائينڪو ڪيو. اها ڳاله سنڌين جي هر ڪوم هندو توڙي مسلمانن بابت چئي ٿي سگھجي
ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ورهاڱي جو وڏي ۾ وڏي ڪسُ سنڌين سٺي. سنڌين هندن ۾ ان جو اسر تمام گھڻو ٿيو چاڪاڻ ته کين پنهنجي ڌرتي ئي به قربان ڪرڻي پئي. ورهاڱي سبب جنهن ڪوم کي ان بدليل هالتيون جو اسر پيو سو آهن سنڌي سک يا کڻي چئجي نانڪ پنٿي. سنڌين ۾ اڄ تائين ان ڳاله تي هڪ رايه ڪون بيٺي آهي ته سنڌي ڪيئن ۽ ڪيڙهي سببن سک ڌرم اختيار ڪيو . ڪن جو مڃڻ آهي ته پنجاب ۾ مهاراجا رنجيت سنگھ پنهنجون حڪومتيون جون سرهديون سنڌ تائين پئي وڌائڻ چاهيون ۽ ڪي سنڌي ان لاءَ سک ڌرم اختيار ڪيو ڇاڪاڻ تي هو ان بدلندڙ هالتيون ۾ پاڻ کي ٿائينڪو پئي ڪرڻ چاهيو. اڄ ڀلي ئي اها ڳاله ڪيتري به عجيبُ لڳي پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيڪر مهاراجا رنجيت سنگ کي انگريزن جو ڊپ نه هجيس ها ته هو پڪ سنڌ تي ڪاهي اچي ها . وري ڪن انگھريز ليڪن خاص ڪري رچرڊ برٽن تي جيڪر ويساءُ ڪجي ته هندو سنڌي اهن ئي پنجاب جا سو اهو لاجمي آهي ته سک درم ۽ گرمکي جو واهپو هندن جي پنجابين رستين جي سبب آهي. سندس ان رايه جي همايتن موجب سنڌي هندن جي ڪي نک مثلن ماکيجا، ڪڪريجا، آهوجا وغيراه به پنجاب جي رستن سبب ئي آهي. وري جيڪر پنجابين جي خاص ڪري سکن جي ڳاله جيڪر مڃجي ته گرو تيگ بهادر جي جي ڏنهن ۾ جڏهن سکن ۽ پنجابي مسلمانن ۾ رستا سٺا نه رهيا ته ڪي پنجابي سنڌ لڏي آيا جنهن سبب سنڌ ۾ سک ڌرم جو فئلاءُ ٿيو. وري ان ڳاله کي به نظرانداز نه ڪرڻو کپي ته گرو ارجن ديو جيِ جي زماني ۾ سک ڌرم جي پرچار لاءَ چڱا گروءَ جا پوئيلڳ به سنڌ، افگانستان روڙي ڪشمير موڪليا ويا جيئن سک ڌرم جو هرچار ٿي.
ڀلي سنڌ ۾ سک ڌرم ڪيئن به وجود ۾ آيو هجي پر ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌين ۾ گروُ نانڪ ۽ ٻين گرون لاءِ تمام گھڻو ماڻ ۽ ازت رهي آهي. جيتوڻيڪ سک ڌرم جو پرچار پنجاب کان ٻاهر گرو ارجن ديو جي ڏنهن تائين سنڌ، پکتونواه ۽ افگانيسٿان تائين ٿيو پر سنڌ هيڪلو صُبو آهي جتي سک ڌرم تمام گھڻو مڃيو ويو. پر بدقسمتيءَ سان ڳرو ارجن کان پوءِ ۽ خاص ڪري گرو تيگ بهادر جي سهادت بعد سکن لاءِ حالتيون يقينن ڏکائيندڙ ٿي ويون. ان ڪوم خو ذور گھٺائڻ جون کوڙ ڪوششيون ٿيئڻ لڳيون جنهن سبب پنجاب توڙي ان جي اڻ سنڌي پاڙيسي صوبن ۾ سک ڪنهن ڪدر سمٽجڻ لڳا جنهن جو پورو فائدو ڪٽر سک جو تبعڪو ورتو. سک پاڻ ۾ هلڻ لڳا جيڪا گھيرابنڌي اڄ تائين هلين پئي. جيستائن ڳاله آهي آپريشن بلواسٽارجي ڪجي ته اهو آپريشن جي جڙ به ڪنهن ڪدر پنجاب اڪالي سياست سبب ئي هئي.
ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته گرو تيڳ بهادر جي جي ڏنهن کان سکن کي چڱا ڏکن جا ڏنهن ڏسڻا پيا ۽ جيڪر گرو ڳوبند سنگ جي ڏسيل راه تي سک هڪ لشڪري روپ تي نه هلن ته سايد سکن جو هڪ وڏو تبعڪو مسلمان ٿي وڃي ها. اهو لشڪري روپ ئي هو جنهن سکن کي هڪ ٿي پنهنجي وجود لاءِ جاکڙي ڪرڻ جي سگھ ڏڃي. اها ڳاله ان لاءِ اهميت تي رکي ڇا ڪاڻ ته جيڪر تنهن مل جي منجاب کي ڏسنبو ته سک پنجاب ۾ مس جيڙها 13 سيڪڙو ئي هئا.
هڪ لڱي سک ڌرم جي فهلاءُ کي باريڪيءَ جي ڏسنجي ته پنجاب کان ٻاهر جيڪر ڪنهن قوم ان کي پوري دل او جان سان اختيار ڪيو ته اهو آهي سنڌي هندو قوم. اڄ به جڏهن سنڌين ۾ هي ڌرم ٿوڙو ڪمذور ٿي پيو آهي تڏهن به ورلي ئي ڪو سنڌي گھر لڀندو جيڪو شاديون مراديون يا وري غمين تي گرو گرنٿ ساهب جو پاٺ نه ڪرايو هجي يا ڪنهن گرودواري تي مٿو ٽڪرڻ نه ويو هجي. اڄ به سنڌي هندو سک گرون کي اوترو ئي مان ۽ ازت ڏيندو آهي جيترو سنڌين جي اسٽ ديو ڀگوان جھوليلعل يا ڪنهن هندو ديوي ديوتائون کي. اها ڳاله هندستان ۾ جتري پڪ سان چئي تي سگھجي اوتري پڪ سان ننڊي کنڊ کان ٻاهر علاڪن ۾ رهنددڙ سنڌين بابت جتي جتي سنڌي هندو وسيا آهن. اهو ئي نه پر جتي جتي سنڌي ٽڪاڻا اڏايا ويا آهن اتي هندو ديوي ديوتائون سان گڏ گرو گرنٿ ساهب جو اکنڊ پاٽ به ضرور ٿئي. سنڌ ۾ سک ڌرم جي فئلاءُ جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته جئن سنڌي مُرتي پوڄا نه ڪن ساڳي ريت سکن ۾ به ان جو رواج ڪونهي. اها ڳاله سنڌ جي مسلمانن ۾ به ڏٺي وئي آهي ته هو به پيرين کي به تمام گھڻو مانُ ڏين. اهو به هڪ سبب آهي ته سنڌ ۾ سوفي مت ايترو پکتو ٿيو.
ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هڪ به جا پاريسي ٿيندي به سنڌ توڙي پنجاب ۾ تمام گھڻا فرڪ به رهيا آهن. اهي وڇوٽيون نه رڳو هندن ۾ پر مسلمانن ۾ به ڏسڻ ۾ اچن. سنڌ ۾ هندو گرو گرنٿ ساهب کي اوترو ئي مانُ ڏين جيترو ٻئين ديوي ديوتائون پر ايئن پنجابي سک اصولي نه ڪن. وري پنجابي سکن وارو ڪٽيپڻو سنڌين ۾ ڪڏهن به ڪون آيو. سنڌي ۽ پنجابي مسلمانن ۾ به ساڳي ريت تمام گھڻا فرڪ آهن، جيڪي پڇاڙيءَ جي ستر سالن ۾ اوڀري آيا آهن. هي فرڪ ايترا ته گھڻا ٿي ويا آهن جي جيڪر ڪو ڏهن سنڌين کان پنجابين بابت ڪجه ڳالهائندا ته انهن نو انپنجابين جي ڳلا ئي ڪندا ۽ بڇيل هڪڙو به سندن لاءِ ڪا سٺي رايه ڪون رکندي لڀندو. وري هندن ۾ جيڪر ڪي سک به ٿيا ته انهن ۾ به هندن مان ڌار ٿي رهڻ جا ڪو به مثال ڪو ملندو آهي جڏهن ته پنجاب ۾ خاص ڪري انگريزن جي ڏنهن ۾ اڙها چڱا مثال لڀندا جتي اڙهيون چڱيون تنظميون اڀري آيون هئيو جنهن جو مقصد ئي هوندو هو سک ڌرم کي زور وٺائجي ۽ هندو ريتو رواجن کي سک ڌرم کان ڌار ڪجي.
جيتوڻيڪ سکن ۾ گرو گوبند سنگ جي ڏنهن ۾ هڪ وڏو فيرو آهي جڏهن سک امرت ڌاري ٿيا يعني پنج “ڪ” کي مڃڻ شروع ڪيو پر وقت سان ڪي سهيجڌاري به ٿيا. انهن مان ڪي هئا جيڪي ان ڌرم ۾ پوءَ سامل ٿيا يا وري ڪنهن سبب سندن اولاد وار ۽ ڏارهيون لاواهڻ لڳا. انهن اسلوڪي روپ وارا جن کي سهيجڌاري چون. ايئن چوڻ لاءِ ته سهيجڌارين کي سک ڌرم ۾ امرتڌارين ٿيڻ جي هڪ راهه ئي مڃي وئي آهي، پر ساڻ ساڻ اها به ڳاله وسارن جيڙهي ناهي ته گرو گوبند سنگ کان اڳ سڀ سک هڪ نموني سهيجڌاري ئي هئا. اهو ممڪن آهي ته سڀ سک اڪال تکت جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ امريتڌاري نه ٿيا هجن. وري سکن ۾ ڪٽرپڻو اچڻ سبب، ٿي ٿو سگھي ته سهيجڌارين کي سکن ۾ هڪ تبعڪو سچو سک نه پيو مڃي. اهو سڀ ان جي باوجود جي کاليستان جي جاکڙي مهل چڱن سهيجڌارين هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اهي فرڪ ان سبب به آهي جي سکن ۾ اڪال تکت کي ضرورت کان وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي يا کڻي چئجي سک ڏرم ۾ سنسٿاپڻو اچي ويو هجي.
1959 ۾ هندستان سرڪار جيڪو گرودوارن بابت ڪانون وجود ۾ آندو هو، تنهن ۾ شرومڻي گرودوارا پرڀنڌڪ ڪميٽي جي چونڊن ۾ امريتڌاري ۽ سهيواڌاري کي هڪ جيڙها هڪ ڏنا ويا هئا. پر ان جي باوجود جيئن هندو جي پوئيتي پيل جاتين سان ٿيو ۽ سهيجهداري سکن کي به مول سک ريتي روجن کان پري رکيو ويو. ايڙهن مسئلن آزاديءَ بعد ذور ورتو آهي جنهن سبب سکن ۾ به چڱو بهس پيو هلي. اڙهو ئي هڪ مسئلو 2003 ۾ چنڊِڳڙ ۾ آيو جڏهن ڪن سهيجيڌارين ساگردن کي سرومڻي گرودورا پرڀنڌڪ ڪميٽي پارا هلندڙ ڪاليجن ۾ سک ڪوٽي ۾ داکلو ڪون ڏنو ويو. ڳاله ڪورٽن تائين وڃي پهتي. ان جي وچ ۾ اڪالي دل پنهنجي سگه جو فائيدو وٺي تنهن مهل بي جي پي جي حڪومت مان جنهن ۾ اها ڀائيوار هئي، هڪ آرڊينينس ذاري ڪرايو جنهن موجب سهيجڌارين کي سک ڪوٺي مان مهروم ڪيو ويو.جيتوڻيڪ ڪورٽن ان تي سيواڌارين جي حڪ ۾ فيئسلو ڏنو ان مسئلي وري سابت ڪيو ته هي مسئلو اڄ به سکن ۾ هڪ اهم مسئلو آهي.
پڇاڙيءَ جي ڪن ڏهاڪن ۾ هندستان ۾ سک قوم جي ڳڻپ ڪنهن ڪدُرُ گھٽي آهي . جيتوڻيڪ ورهاڱي کان اڳ سک پنجاب ۾ 13 سيڪڙو هئا جيڪي ورهاڱي کان پوءِ 30 سيڪڙو ٿيا، وري هاڻوڪي پنجاب صوبي جي وجود کان پوءِ 65 سيڪڙو ٿيا. مطلب جيئن جيئن پنجاب جي سرديون مٽيون آهن پنجاب جي آدمشماري ۾ واد آئي آهي پر هقيقت ايئن ناهي. وائيڙو ڪندڙ ڳاله اها آهي جي 2001 جي آدمشماريءِ ۾ سکن جي ڳڻپ 3 سيڪڙو گھٽي آهي يعني 62.95 کان 59.9 سيڪڙو ٿي آهي. مطلب 3 سيڪڙو گھٽي آهي جڏهن ته هندستان جي صوبي ڪريلا ۾ ڪرسچنن جي ڳڻپ رڳو 0.32 سيڪڙو ئي گھٽي آهي. ان جو سبب امريتڌاري توڙي سهيجڌاري جي پاڻ ۾ جاکڙي کان سواءِ سک ڌرم جو پنجابي ٻوليءَ تي ضرورت کان وڌيڪ ذور به ذميوار آهي . اهو ڏٺو ويو آهي۾ هر ڪوم جو پرچار مڪاني ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي. ڀلي اهو هندو هجي، مسلمان هجي يا وري ڪرسچن هجن. جيستائين ايڙهو حال رهيو ته سک ۽ پنجابي ڳالهائندڙ ۾ فرڪ نه رهندو. جيتوڻيڪ گرو گرنٿ ساهب جو ترجمو سنڌي ۾ به ٿيو آهي پر اهو سنڌين جي سبب ئي ٿيو آهي نه جي اڪال تکت جي چاه موجب. وري سنڌ ۾ ڏسجي ته امرتڌاري سکن جي ڳڻپ وڌي آهي. ان جو سبب اهو بلڪل ناهي ته سنڌي سک ڌرم ڏاهن چڪيا آهن پر اهو ان لاءَ جي سنڌ ۾ هندن جي ليکي کالسا ٿي رهڻ وڌيڪ مهفوج آهي. ( اڄ عيد جي ڏنهن جڏهن مان هي ڪالم ويٺو لکا ته سکارپور ۾ ٽن هندو ڊاڪٽرن کي قتل ڪيو آهي. يقينن چڱن هندن کي لڳي ٿو ته جيڪر هندو کالسا ٿيندو ته ڪاه ڪندڙن جي هانءُ ۾ ڪنهن ڪدر سکن جو ڊب رهندو.)
هندستان نانڪ پنٿين جي ڳڻپ تمام تيزي سان گھٽي آهي. جيستائين هندو يا نانڪپنٿي سنڌ ۾ هئا ته هو پنهنجو سک ڌرم پنهنجي ريت پئي هلايو. سنڌ ۾ ڪڏهن به ايڙها امرتڌاري ـ سيواڌاري وارا مسئلا ڪون آيا ۽ اڄ به ڳاله ساڳي ئي آهي، سنڌ ۾ توڙي هند ۾ سنڌ ۾ ته هڪ رواج ئي هوندو هو ته پنهنجو پهرون ڄڻيل پٽ کي کالسو ٺاڪيو ويندو هو. هندستان ۾ خاص ڪري اڪالين جي سياست سبب جيئن سهيجڌارين تي ويل ٿيا آهن ٿئي نانڪپنٿين سان به. اڙها چڱا واڪيا ٿيا آهن جڏهن سنڌي ٺڪاڻن مان گري گرنٿ ساهن هٺايو ويو آهي جنهن سبب هندو سنڌي سک ڌرم کان پري تا ٿين. ان جو سبب اهو ٿو چيو وڃي ته سک ڌرم ان جي موڪل نٿو ڏي ۽ سو هندو گيتا ۽ گرو گرنٿ ساهب جو اکنڊ پاٺ نٿو ڪري سگھجي هڪ ئي هند تي. اڙهو هڪ واڪعو هندستان جي راجڌاني دهلي ۾ ٿيو جٿي رام نومي جي ڏڻ تي دادا چيلارام جي ٺڪاڻي مان گھرو گرنٿ ساهب هٽايو ويو اهو چئي ته هي سک ڌرم جي اسولن جي کلاف آهي. ان ڪم کي ايس جي پي سي جي دهلي جي ايڪائي انجام ڏنو جنهن تي اڪالين جو ذور ڪنهن کان ڳجھو ناهي. اها ڳاله به وسارڻ جيڙهي ناهي ته ان ٺڪاڻي جو پايو دادا چيلارام وڌو هو جنهن گھڻا ڀيڙا نانڪ ساهب ۽ امرتسر جي گرودوارن ۾ گرون بابت سبت ڪيرتن ڪيو هو ۽ هو پاڻ به سک ڌرم بابت تمام گھڻي ڄاڻ رکندڙ هو. جيتوڻيڪ ايس جي پي سي سان دادا چيلارام آشرم جون ڪي ڳڏجاڻيون ٿيو پر ايس جي پي سي جا اڪالي همايتي نيٺ ڪون مُڙيا ۽ ان سنڌي ٺڪاڻي کي گرو گرنٿ ساهب ڪون موٺائي وئي.
هندستان ٻاهر به ايڙهيون ساڳيو ڪوششيون ٿيون آهي پر ان اڪالي همايتن جي دال ڪون ڳري آهي. پاڪستان جي ڪورٽن اڪالي همايتن سکن جي ايڙهي ڪنهن به ڳاله کي ڪون مڃيو آهي ته جيجڌاري ۽ امرتڌاري ۾ ڪو به فرڪ آهي. وري پرڏيه ۾ به سنڌين جا جھجھا ٽڪاڻا اڏايل آهن ، جيتوڻيڪ اڪالين پارا ڪوششيون ٿيون آهن پر ڇو ته اتي حڪومتيو اڙهي ڪنهن به ساجشيون کي ڪامياب ڪون ٿيئڻ ڏنو آهي سو اهي ٽڪاڻا برڪرار آهن. اهو ئي نه پر فرانس ۾ پڳڙيون تي روک لڳي ته روچيسٽر ، انگلينڊ جي هڪ گرودواري ۾ ڪرپان تي پرتيبنڌ لڳو جنهن کي هر کالسو سک به پئي مڃي ٿو. ان کان سواءَ اڙها چڱا ڀيڙا ڏٺو ويو آهي ته پرڏيه ۾ کاسلن به پنهنجون ڏاڙهيون ۽ وار ڪٽايا آهن پنهنجي ضرورتن موجب پر ان تي ڪنهن به اڪالي هل ڪون ڪيو آهن، ڪا به هائي گھوڙا ڪون مچي آهي.
مشهور سک ليکڪ خوشونت سنگ جو رايو آهي ته سنڌيين ۾ خاص ڪري هندستان ۾ رهندڙن سنڌين ۾ هينئر سک پڻو ڏاڍو گھٽجي ويو آهي ۽ جيڪر هيڙي حالتيون رهيو ته سنڌين ۾ ڪو به سک بچيل نه رهندو. ڳاله بلڪل صحيح آهي پر سايد خوشونت سنگ کان وسري ويو هوندو ته جيڪر سنڌي ٺڪاڻن ۾ گري گرنٿ ساهب جو اخنڊ پاٺ ڪرڻ ڏوه مڃيو ويندو ۽ جيڪر اڪال تکت منهن تي انڱر وڌون ماٺ ڪري تماشا ڏنسدو ته ان ۾ سک ڪوم جو به جھجھو نڪسان ئي ٿيندو. اڙهي ڳاله ناهي ته پنجابي سکن کان انڌين سکن تي ٿيندڙ ويلن جي ڄاڻ ناهي پر سندن ماٺ يقينن ڏکائيندڙ آهي.
اڄ ان جي سکت ضرورت آهي ته سنڌي سنسٿائون اڳتي وڌي اچن جيئن سنڌي سک ۽ سنڌي ٺڪاڻن جي فنا ٿيئڻ کان بچائي سگھجي. سنڌي ٺڪاڻي اسين سنڌين جي ثقافت جي اهم ڀاڱا آهن. اڄ ان جي تمام گھڻي ضرورت آهي ته سنڌي پنچايتون ننڊن مان سُڄاڳ ٿين ۽ سنڌي سکن لاءَ جاکڙو ڪن جيئن سنڌي سک ٿيڻ ۾ فڪر ڪن چاڪاڻ ته گرو ڪنهن خاص ڪوم جا نه ٿيندا آهن، گرو ته هر ڪنهن جا ٿيندا آهن.....
No comments:
Post a Comment