October 29, 2011

سياسي آڪهين ۾ فاٿل ننڊي کنڊ جي سياست


سياسي آڪهين ۾ فاٿل ننڊي کنڊ جي سياست


پوئين هفتي سنڌ مان شايع ٿيندڙ هر هڪ اخبارءَ ۾ هڪ ناڻءُ چاهيل هو سو هو بيگم نصرت ڀٽو جو. جيڪا دبئي ۾ هڪ ڊگھري بيماري سبب لاڏاڻو ڪري وئي. جيتوڻيڪ سندس بيماريءَ جو سلسلو ع1882 کان سروع ٿيو جڏهن ڪينسر سبب جڏهن نصرت ڀٽي کي لنڊن لڏڻو پيو. پر جيتائين  سندس موت جو سبب آهي ته اخبارن موجب سندس موت پاڪنگسنس جي بيماري جي هليندي ٿي جنهن  سبب اڳين ئي بيگم نصرت ڀٽي جي ياداست ڪمذور ٿي وئي هئي. ان بيماريءَ جو هڪ سبب سندس سڪلندي پٽ مرتاضا ڀٽو جو ڪراچيءَ ۾ ڪتل به ٻڌايو پيو وڃي جنهن لاءَ بيگم پنهنجي پءِ جي سياست سياسي وراست جو وارس پئي ڏسڻ چاهيون. پر کير اهو ٿي ڪون سگھون ڇاڪاڻ ته بيناظير ۽ پ پ پ جي ڪارڪون ايئن ٿيئڻ ڪون ڏنو وري ذلفقار  ۽ نصرت کان پوءِ جيڪر ڪو ڀٽي خاندان جو ڀاتي پ پ پ جي ڪاروڪن جي ويجھو هو ته اها هئا بيناظير.  پر ان سڀن جي باوجود ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته بيگم نصرت ڀٽو بيناظير ۽ پ پ پ جي هر مصيبت جو ساٿ ڏنو جيستائين سندس وس پڳو.


جيستائين ڳاله ڪجي بيگم نصرت سياسي ڪردار جي ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ايم آر ڊي جي وجود ۽ سنڌ توڙي پاڪستان ۾ جموريت جي جاکڙي جي نسبت سندس ڪم جسُ لهڻو. ان جاڪڙي ۾ پ پ پ  کان سواءِ ٻيو به ڪي سياسي تنظميون هئون جيئن مسلم ليڳ (جيڪا ان تهريخ سبب ٻن ڀاڱي ۾ ورهائيجي پڻ وئي هئي)، خان عبدل والي خان جي عوامي نيشنل پارٽي، رسول بخش پليجي جي عوامي تهريخ ۽ ڪي ٻيو ننڊيون پارٽيون جن مان ڪي اسلامي پارٽيون پڻ هئيو. جيتوڻيڪ ايم آر ڊي جي تهريخ جو مقصد هو مارشل جو کاتمو ۽ آزاد چونڊيون ڪرائڻ پر اها ڳاله به وسارڻ جي ناهي ته اهو ان تهريخ جو ذور ئي هو جنهن سبب ضيا ال حق ڪنهن ڪدر چونڊيون ڪرائون ڀلي ئي اهي سياسي پارتين جي تهت ڪون ٿي هيون. جيتوڻيڪ ان هلچل کي پوري پاڪستان ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اها به هڪ سچائي آهي ته ان جو هيڪلو مرڪج سنڌ ئي رهيو. اهو ئي نه پر قومن جي نسبت به ڏسجي ته ان تهريخ ۾ سنڌين جي ڀيٺ ۾ پنجابين ۽ مهاجرن جو ڪردار به جي برابر هو. پر ان سڀبن جي باوجود بيگم نصرت ڀٽو جي همت ۽ سگھ جسُ لهڻي ڇا ڪاڻ ته بيگم جيڪا سياسي سوچ ڏيکاري سان تمام گھٽ سياستدانن ۾ هئي. ڪنهن به ضائيفان لاءَ اها ڳاله ڪنهن به ريت ننڊي نه مڃڻ کپي.


جيڪر سنڌ ۾ ڏسجي ته ڀٽن کان سواءِ ٻيو به چڱيو  سياسي آڪهيون ٿي گذريون آهن جن ۾ اهم آهن سومرو آڪهين، جتوئي آڪهين يا وري تالپورن جي آڪهين پر ان جي باوجود سنڌ ۾ جيڪو مان آهي ڀٽن جو سو ان سڀنن آڪهين کان مٿي آهي. اها ڳاله وسارڻ جي ناهي ته ڪا به ضائيفا ۾ ڀلي ڪيترو به حرسُ ڇون نه هجي پر ان لاءَ پنهنجي مردن جو قرنابيون ڏيئڻ ڪا به ننڊي ڳاله نه ٿيندي آهي. اهي سندن جاکڙو ئي هو جنهن سبب ڀٽي خاندان کي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين به مان ۽ ازت ڏني آهي. اڄ جڏهن نه بيناظير آهي نه نصرت ڀٽي سو پ پ پ جي به اها حالت ناهي. اها ڳاله پ پ پ  جي جڙ جي ڪاروڪن کي ضرور پريسان ڪندي ايندڙ ڏينهن ۾.


جيستائين ڳاله ڪجي سياسي آڪهين جي ته پوري ننڊي کنڊ ۾ سياسي آڪهين جو بول بالو رهيو آهي. بنگليديش ۾ ٻنهن سياسي جمايت ۾ آڪهينواد حاوي آهي مثلن عوامي ليڳ (شيخ حسينا) يا بنگلاديش نيشلن پارٽي (بيگم کاليداه ضيا.. جنهن جو مڙس جو به ڪتل پڻ ٿيو هو) سيياسي آڪهيون ئي ليکبيون آهن. هندستان ۾ کوڙ ايڙهيون پارٽيون آهن جيڪي پنهنجي هيئنر ڪنهن ڪدر سندس اڳواڻن جي آڪهيون جون تنظميون ٿي رهنجي ويو آهن مثلن پنجاب ۾ اڪالي دل، تملناڊ ۾ درموڪ، مهاراشٽر ۾ سيو سينا يا اين سي پي يا وري ڪشمير ۾ نيشنل ڪارفرينس يا پي ڊي پي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪير ٿو وساري سگھي ڪانگريس پيرٽي کي.




جيڪر ڀٽي يا وري ايڪڙ ٻيڪڙ پارٽيون کي ڇڏي به ڏئون (جيڪي شروعات کان ئي آڪهيون جون پارٽيون رهيون آهن ) ته اهو چٽي ريت نظر ايندو ته آڪهينواد انهن پارتين ۾ پکتو ٿيون آهن جنهن مارٽين جي ڪنهن هڪ اڳواڻ جو ڪد پارتين جي ٻين اڳواڻن کان ڪنهن ڪدر مٿي ٿي پيو آهي جنهن سبب هو پنهنجي هر ڳاله پارٽين ٿي مارڻ ۾ قامياب تا ٿي وڃن. جيڪر هندستان ۾ ڪانگريس پارٽي کي ڏسجي ته آزاديءَ کان ڏهاڪن ٻن بعد به اها ڪا آڪهين واري پارٽي ڪڏهن ڪون هئي. سري ڦرينڪ مارائي (1904 کان 1974) جنهن جوهارلعل نيهرو جي آتم ڪٿا لکي آهي ۽ نهرو توڙي ڪانگريس کي ويجھڙائيءَ سان جاچيو هو، تنهن به هڪ هند لکو آهي ته “جيڪڏهن ڪانگريس ۾ آڪهينواد مڙيو ويو ته اهو نه ڪانگريس ۽ نه ئي نهروءَ جي شخضيت موجب هوندو” ساڻ ساڻ اها به ڳاله ڏاڍي اهم مڃڻ کپي ته ع1960 کان پوءَ سري فرينڪ موري نهرو ۽ ڪانگريس جي سکت کلاف ٿي ويو ۽ ڪانگريس ۾ هوريان هوريان آڪهينواد هاوي ٿي ويو. جيتوڻيڪ اندرا گانڌي 1960 ۾ ڌاري هڪ ڀيڙو ڪانگريس جي سدر پڻ ٿي پر ان جي باوجود پنهنجي سدر وارو وقت پوري ڪري پارٽي ۾  ڪا گھڻي دلچسپي ڪون ڏيکاري ۽ پنهنجي گھر ڏانهن وڌيڪ پئي ڌيان ڏنو. نهرو جي گزاري وڃڻ جي يڪدم بعد به اندرا تڏهن وزيرات ۾ آئي جڏهن نهرو بعد پرڌان منتري لعل بهادر شاستري ٺهيو جنهن اندا گانڌي تي ذار ڀريو. اڳتي هلي ڪانگريس ۾ آڪهينواد تڏهن وجود ۾ آيو جڏهن اندرا گانڌيءَ جو رطبعو ڪانگريس ۾ ڪنهن ڪدر وڌي ويو خاص ڪري 1971 جي پاڪستان سان لڙائي بعد جڏهن جن سنگھ وارا به اندرا گانڌي جي همت جي نيڪي ڪرڻ لڳا. اهو ان سڀ جو ساهد آهي ته ڪانگريس ۾ آڪهينواد اندرا گانڌي جي سبب ئي آيو، نه ڪي نهرو جي سبب.


آڪهينواد تي اندرا گانڌي جو چوڻ هوندو هو ته کيس ايڙهي سخص جي ضرورت هئي جنهن تي هوءَ ويساءُ ڪري سگھي. ان جو هڪ سبب اهو ٿي ٿو سگھي ته جنهن وقت اندرا گانڌي هندستان جي وڏي ۾ وڏي سياسي اهدي تي ويٺي تنهن وقت ڪانگيس ۾ تنهن مهل جي دِگجن مثلن وائي به چوهاڻ يا مرارجي ديسائي يا چرن سنگھ جو راجيه هلندو هو جنهن سبب سندن اندرا گانڌي کي اهو آزادي ڪون ڏني جيڪا کين کپندي هئي. هن کي گھٽ تجربي جي باوجود اهي اهدو مليو ڇاڪاڻ ته هو پاڻ مان ڪنهن کي مٿي تي نه ڏسڻ چاهيو، پر اها به هڪ سچائي آهي ته کيس ڪن اڳواڻن جو به ساٿ مليو خاص ڪري 1977 کان پوءَ مثلن پرڻو مُکرجي ۽ ٻين جو . اهو  کيس ان وقت مليو جڏهن هوءَ ڪانگريس ۾ بلڪل هيڪلي ٿي پئي هئي چڱن ساٿُ ڇڏي ڏنو هوس پر ان جي باوجود ڇو ته اندرا پنهنجي آڪهين تي ٻئي ڪنهن کان وڌيڪ ويساءُ ڪرڻ جو فيئسلو ڪري ورتو هو سو ڪانگريس ۾ آڪهيواد جو زور به وڌي ويو. اهو به ڪن جو مڃڻ آهي ته ايمجنسي به اندرا گانڌي پنهنجي پٽ جي چئي ئي لڳائي جنهن سبب اخرڪار سندس سڪست ٿي هئي چنڊن ۾.  


جيڪا ڪار اندرا گانڌي ڪئي سي هندستان جي چڱن سياست دانن ڪئي.هندستان ۾ ڪشمير کان تملباڊو تائين ساڳيو منظر وجود ۾ اچي ويو. ڪشمير ۾ عبدلاه آڪهين ته پنجاب ۾ بادل، ته مهاراشتر ۾ سيو سينا سڀنن پنهنجي پنهنجي پارٽين کي پنهنجي آڪهين جي ملڪيت ٺاهي چڏي. اهو انهن سان وڌيڪ ٿيو جٿي ڪا پارٽي پنهنجي اڳواڻڻ جي مان ڪنهن ڪدر گھڻو ڏنو.



اهي منظر به نظر آيا آهن ته اهي سياستدان پنهنجي آڪهين جي ڪڏ ايترا ته انڌا توڙي ٻوڙا ٿا ٿي پون جي پنهنجي رت کان سواءَ ڪنهنجو ڪدر نٿا ڪن. سنڌ ۾ جيڪو اڄ فاطما يا شهيد ڀٽي جي ننهن غنوا ڀٽو سان ٿي رهيو آهي سو اهي منظر جي جھلڪ آهي. ساڳي ريت هندستان ۾ به اندرا گانڌي مينڪا گانڌي کي سياسي جاءَ نه ڏني پر پنهنجي پٽ کي گِهلي آهي جنهن کي سياست جو ٽڪي جو به تجربو ڪون هو. وري سيو سينا ۾ تمام گھڻي سياسي سوچ رکندڙ راج ٺاڪري کي نيٺ پنهنجي ڌار پارٽي ٺاهڻي پئي.ڪيتري نه عجيب ڳاله آهي جي هو ان سان پنهنجي پارٽي کي به هيٺ ڪرندي ڏسي ٿا سگھن پر پنهنجي رت تي وساءُ ڪمي نٿا آڻين.



هندستان ۾ ان آڪهينواد تي چڱن سالن کان بهس پئي هلي. اهو ئي نه پر هر  وڏي چونڊن بعد ان مسئلي تي بهس ضرور ٿي ڇا ڪاڻ ته هر چوڊن کان پوءَ ان جي ڳڻپ گھٽبي ناهي پر هاٿيون وڌندي آهي. جيتوڻيڪ ڪي سياسي سنظميو ان مسئلي کي سياسي مسئلو ٺاهن جي ڪوشش ڪئي پر ان جي باوجود هي مسئلو ڪڏهن به رواجي ووٽرن لاءِ مُددو ڪو ٿيو آهي. وري جن پارٽيون ان تي هل ڪيو مثلن بي جي پي يا ڪموُنيسٽ پر  انهن  ته جا به سڄڻ پارٽيون ڇو ته ان آڪهينواد جون جھامي رهيون آهن سو مثئلو ڪنهن عام سياسي مسئلو ڪو ٿي سگھو. 2009 جي چونڊن ۾ به ڪانگريس چڱو هل ڪيو هو ان نئين ٽيهي بابت پر ان ۾ به اهو ڏٺو ويو ته ان نوجوان سياستدانن ۾ به گھڻائي انهن جي آهي جنهن جا مٽ مائيٽءَ اڳين ئي سياسي سگھ وارا آهن. اهي سياستدان هميساه ئي پنهنجي بڇاءُ ۾ اها ڳاله ضرور دهرائين ته جيڪر سندن ڪو مٽ مائيٽ سياست ۾ آهي ته ان ۾ سندن جو ڪيڙهو ڏوه ؟ . ڇو سندن جي مائيٽن جي ڪري سندن واٽ پئي روڪي وڃي ؟ ڳاله بلڪل واجب آهي پر هو اهو نه مڃڻ چاهيند آهن ته چوڊن ۾ ٽڪيٽ سهولائين سان ملڻ ۽ ان کان پوءِ جنهن سهولاءَ سان هو پارٽي ۾ اڳتي ٿا وڌن سان به ڪا ننڊي ڳاله ناهي ؟  اهي سهولتيو به ڪڏهن رواجي پارٽي جي ڪاروڪنن کي نٿي ملي. پارتين لاءَ مسئلا تنهن مهل ٿا اچن جڏهن سندن نئين ٽيهي جا ڪنهن سبب هيڪلا تا ٿي پون جيئن  اندرا گانڌي کان پوءَ راجيو گانڌي جي ارصي ۾ ڪانگرياس پارٽي يا هينئر پ پ پ ۾ پيو ڏسڻ ۾ اچي.



ايڙهي ڳاله ناهي ته ننڊي کنڊ جي پارٽيون آڪهينواد کان سواءَ وجود ۾ نٿيو رهي سگھن. هندستان ۾ بي جي پي يا ڪمونيشٽ پارتيون ان جا مثال آهن. بي جي پي ۾ جيڪر ڏسجي ته رام مندر جي جاکڙي مهل لعل ڪرشن آڏواڻيءَ جو راج هوندو هو پارٽي ۾ پر ان جي واوجود بي جي پي يا آڏواڻي پاڻ به آڪهينواد کي ڪڏهن به پنهنجي پارتي تي هاوي ڪون ٿيئڻ ڏنو. گجرات جي گانڌينگر جي تڪ تي به سندس جوڻس ۽ پٽ چڱو ڪم ڪندي  ڏٺو ويوهو. سندن نياڻي پرتيڀا به پنهنجي پڻس جي رٿ ياترا ۾ ڏٺي ويندو هئي  پر ڪڏهن به آڏواڻي توڙي ٻئي ڪنهن به اڳواڻ آڪهانواڌ جي همايت ڪون ڪئي . آڏواڻي پنهنجي جوڻش بابت پڇڻ تي چيو هو ته جيڪر ڪنهن ڏنهن ڪملا سياست ۾ آئي ته اهو سندس پنهنجي جاکڙي سبب ئي ايندي ۽ ان ۾ منهنجو ڪو به ڪردار نه هوندو. اهو ٿي ٿو سگهي ته ان لاءَ ڪنهن ڪدر آر اسي اسي به جميوار هجي پر ان ڪو به شڪ ناهي ته بي جي پي آڪهينواد کي سياست مان ڌار رکڻ جي مثال رکي آهي. ڪانگريس کي هڪ معڪو ملو هو راجيو گانڌي جي گزاري وڃڻ کان يڪدم پوءِ جڏهن سونيا گانڌي پاڻ کي سياست کان پري رکڻ جو فيئسلو ڪيو هو. پر ان جي باوجود مارٽي ٽڪر ٽڪر ٿيئڻ لڳي ۽ اهو سلسلو تڏهن بند ٿيو جڏهن سونيا گانڌي پنهنجو رايو مٽيو. ان جو هڪ سبب اهو ٿي ٿو سگهي ته 1960 کان 1990 تائين گانڌين جي هيٺ رهڻ سبب اڙهو ڪو اڳواڻ رهيو ئي ڪون هو جنهن به ايڏي وڏي پارٽي کي سنڀاري سگھجي. وري گانڌين سياست ئي اڙهي ڪئي جي ڪو به سياستدانن  تڏهن ئي رهي ٿو سگھي جيڪو پنهنجي وفاداري پارٽي لاءَ به پر گانڌين لاءَ رکي. ساڳيا منظر ڪانگريس ۾ ئي نه پر ننڊي کنڊ جي لڳ ڀڳ سڀن سياسي پارٽين جو آهي.



اڄ ننڊي کنڊ جي سياست لاءِ سوال اهو آهي ته ڪيئن ان آڪهينواد مان نجاد پائينجي جيڪا جموريت جي مول اصولن جي اڀتر آهي. سوال اهو نه آهي ته ڇو عوام ايڙهين پارٽين کي چونڊي ٿو جيڪي غلط اسولن تي هلين ٿيون. ان کان به وڌو سوال اهو به آهي جي ڇو پڙهل گھڙهيل ان جو وروڌ نٿو ڪن . ان جو هڪ سبب اهو ٿي ٿو سگھي ته پارٽي ۾ اڳواڻ لاءِ اڙهي پارٽي ۾  ترڪي ڪرڻ سهولائي ٿيندي آهي جنهن ۾ هڪ آڪهين جو راج هجي جيئي پارٽي جي هرتا ڪرتا جي سڃاڻڻ ۾ ۽ سندس سان ڪم ڪرڻ ۾ سهولاءَ ٿي. پر جيڪر هر پنجي سالن يا ڏهين سالن ۾ سدر پٽبو ته اه کي سڃاڻڻ ۾ به وقت لڳي ويندو. اهو ممڪن آهي ته اسين ننڊي کنڊ جا ماڻهو لياڪت کان وڌيڪ چاپلوسي ۾ ويساءُ رکندا آهيون. وري اهو به ممڪن آهي ته اسين مان گھڻا اڃا به اڳگريزن يا ان کان اڳ واري راج جا ڏنهن کان نڪتا ناهيون.


ان مسئلي ۾ چاهي عام رواجي انسانن جو ڪيڙهو به رايو هجي پي هڪ ڳاله ته پڪ آهي ته جيستائين آڪهينواد رهندو سياست ۾ اڳواڻيپ يا ليڊرشپ ڪڏهن به پکتي به ٿيندي.
مسئيلو يقينن سوچڻ لائيڪ آهي..........................   

1 comment: