October 27, 2011

اچو ته سنڌي ڏئاري مڃائون


راڪيش لکاڻيءَ پاران سڀن سنڌين توڙي اڻ سنڌين کي ڏئاريءِ جي ڏڻ جون لک لک واڌايون.

اڄ ڏئاري آهي. يعني روشنيءَ جو ڏڻ. هندو خاص ڪري هندستان ۽ دنيا ڀر  ۾ رهندڙن سنڌين لاءِ هي هڪ ڏاڍو وڏو ڏڻ آهي. جيتوڻيڪ اسين پاڻ کي درياهپنٿي ڪوٺائون پر ان جي باوجود ڏئاريءَ جو ڏڻ سنڌين لاءَ خاص احميت رکندڙ آهي. سنڌي خاص ڪري مرد اڄ به جڏهن به گڏجن ته مان ۾ رام رام چئي ضرور  کيڪارن. اها ان ڳاله جي ساهد آهي ته اسين سري رام کي ڪيترو مانُ ڏيندا آهيون پنهنجي نجي ذندگيءَ ۾. هند ۾ ڏئاري هڪ ڪومي ڏڻ آهي پر ان باوجود جدا جدا قومن ۾ اهو مکتليف نمومن مڃايو ويندو آهي.


 سنڌي ۾ ڏئاريءَ جون ڪي کسوسيتون آهن جيڪي هيٺ بيان ڪجن ٿيون

ست ڀاڄيون رڌڻ جو رواج 

سنڌين ۾  ڏئاريءَ جي ڏنهن پنهنجي گھرن ۾ ست ڀاڄيون جي رڌڻ جو آهي جيڪو اڄ به ڪن گھرن ۾ نيت نيئم سان هلي پيو.


ميلوُڙا ٻارڻ

 هي رواج هوليءَ جي اڳين رات هولي ٻارڻ جيڙهو آهي. ان ۾ آڪهين يا گھر جا مرد ماڻ ۾ ڳڏجي سرڪوڊو تي لٺو بنڌي ، ان تيل وجھي ٻارڻ جو رواج آهي. ان جي ٻئين ڏنهن تي آڪهين جا مرد سنان مهل ان کي پير هيٺيون رکن ۽ سنان بعد ان کي نندي يا کوه جي ڪپ تي رکي اچن. ان رواج موجب هڪ لڪڙ کي ٻئي لڪڙ سان ٻارڻ جو رواج آهي آهي جنهن جو مطلب آهي جوت سان جوت ٻري.


ڏئاري ماتا کي پوُڄڻ جو رواج

سنڌين ۾ ان رسم کي تمام اهم مڃي ويندي آهي. ان رواج موجب ڏئاريءَ جي رات ان تي جنداه مردن جي تسوير ٺاهي ۽ ان تي “ڏئاري ماتا ڀلي ڪري آئي” لکڻ جو رواج آهي خاص ڪري واڻڪي لپيءَ ۾. ان تسوير کي اسين سنڌي ۾ “پتر” ڪري ڪوٺهن. ان رواج موجب ڪٽوريءَ ۾ ڪچي کيرءَ منجھ هِنگوُل (سندور) ڳڏائڻ بعد سونءَ يا چانديءَ جا سِڪا ٻوڙي ڳڻيش لکمي ماتا کي پوڄيندا آهن. ان کان سواءِ گھر جا ڀاتي پوڄا بعد ان سڪن کي پنهنجي دندن ۽ سرير جي ٻين حصن کي ڇوئائڻ جو رواج آهي. پڇاڙيءَ ۾ گھر جا سڀ باتي ڏئاري ماتا کي کير مٺائي کارائن. پوڄا جي نبرڻ کان پوءَ گھر جا ننڊا وڏن کي پيري پون (سواءِ نياڻين جي جن کان سنڌي پيري نه پوائين). وري ڏئاريءَ جي ٻئي ڏنهن سبوه جي چئين لڳي در کوليا ويندا آهن ۽ ورهانڊي ۾ ڏئو ٻاري من ئي من ۾ “لکمي آئي، ڏک ويا” جپندي سڄي گھر جا چڪر لڳايا ويندا آهن ۽ پوڄا جي هند رکيل هٽرن جي هند ڏئو رکيو پويندو آهي جيڪو سانده ٽي ڏنهن ٻاريو ويندو آهي. ان ٽن ڏنهن جي پڇاڙي ۾ ان هنڱل پيل کير ۽ ٻين شئين کي ڪنهن نندي يا کوه ۾ موڪلائيبو آهي.


سنڌي واڻين جي ڏئاري

ڏئاري سنڌي واڻيون لاءِ تمام وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي ڀلي اهو سنڌي هجي، گجراتي هجي يا مارواڙي. سنڌي واڻين جي گھرن ۾ هٽرا ٺاهيا ويندا آهن. ٻار ان هٽرن منجھ مٺايون رکن ۽ ڏئاريءَ جي رات پنهنجي وڏن کي کارئن جنهن تي کين وڏن وٺان کرچي به ملي (مان ان ڏنهن جو انتظار سڄو سڄو سال ڪندو هوس) ان کان سواءَ واڻيا ان ڏنهن پنهجا کاتن جي به پوڄا ڪن ڇاڪاڻ ته ڏئاري بعد سنڌن نئون واڻيون سال سروع ٿيندو آهي.


بدقسمتيءَ سان ورهاڱي هندو سنڌين کي ئي نه پر سندن رسمن کي به ڪاپارو ڌڪ لڳو جنهن سبب مٿي ڏسيل رواجن جو مڃڻ جيڪر اڳپو بند ڪون  ٿيو آهي ته گھٽجي ضرور ويو آهي. اسين نئين ٽيهي جي سنڌين لاءِ ان رواجن کي جنداه رکڻ يقينن ڪنهن چيلينج کان گھٽ ناهي.  جيتوڻيڪ ورهاڱي کان يڪدم پوءِ جي ڏهاڪا يڪينن ڏکن ڀريا هئا جڏهن سنڌي رواجن تي مهڻا ڏنا ويندا هئا. پر هيئر اهي ڏنهن ناهن. اڄ جا سنڌي توڙي اڻ سنڌي هندستان ۾ پاڻ کي هاٿيون چڱي ريت سڃاڻن پر ان جي باوجود اسين نئين ٽيهي جي سنڌين کي ان رواجن جي جنداه رکڻ لاءِ جاکڙو ڪرڻو کپي. اسين جيڪر ايئن نه ڪيوسين ته اسانجي ايندڙ ٽڪي ان نڄ سنڌي رواجن کان مهروم رهنجي ويندي. سوال سنڌين جو پنهنجي وجود جو آهي. سوال سنڌي ثقافت جو آهي.

اچو ته اسين سنڌي ڏئاري مڃائون.

نوٽ
1.   هي ليک لکڻ جي نسبت اجين مڌيه پرديش ۾ رهندڙ سري گوورڌن ڪرشناڻي ۽ احمدآباد مان شايع ٿيندڙ روزاني اخبار “هندو” جا ٿوڙا ٿا مڃيا وڃن.
2.   ان ليک ۾ سنڌي دليت بابت ڄاڻ ڪون ڏني وئي آهي جنهن جي وڏي تعداد سنڌ ۾ رهي ٿي. جيئن ئي ان بابت وچوڙ مليندا ته يڪدم بلاگ ۾ شايع ڪيا ويندا. جيڪر ڪنهن پڙهندڙ وٽ  ان بابت وچوڙ هجن ته مهيباني ڪري ليکڪ سان رابطو ڪري. ليکڪ اڙهن صخس جا شڪرگزار رهندو.  



1 comment:

  1. Bhau Rakesh lakhani ji tawhan khe diyari In naye saal joon lakh lakh wadhayun hujan..diyari manjayoon khaan bahitar akhar malhayoon ya manayoon hujan ghurje...mahirbani...

    ReplyDelete