سڀني سنڌين کي راڪيش لکاڻيءَ جي بلاگ ۾ تهدل ڀليڪار
سنڌ مان سايع ٿيندڙ روزاني اخبار عوامي آواج ۾ هندستان ۾ هلندڙ سنڌيت بابت ڪجه احوال پئي پڙهو. اهوال دلچسپ پئي لڳو سو سوچيوم پيوته ان مسئلي تي پنهنجا ڪامينٽس لکان.
احوال موجب سهيوگ فائونڊيشن پاران ڪوٺايل ايواڊ فنگشن بابت هو. ايئن ته .سنڌين ٻولي ۽ ثقافت ۾ ميدان ۾ ان سنسٿا جو اهم ڪريدار رهيو آهي. جيتوڻيڪ سندس ڪم ڪرڻ جو دائيرو گھڻو تڻو ممبئي ئي رهيو آهي پر ايڙها به چڱا ڀيڙا ٿيوآهي جڏهن سهيوگ فائونديشن بمبئي توڙي مهاراشٽر کان ٻاهر چڱا ثقاتي جلسا ڪيا آهن، پر جنهن جلسي جو پيو مان ذڪر ڪيا تنهن بابت پڙهي مونکي يقينن ڏک رسيو آهي. اهو ڏک ان لاءِ پيو پيئدا ٿئي ڇاڪاڻ ته ان جلسي ۾ جيڪي مهمان ٿي سِڙجي آيا هئا سي ڪنهن کي به تپرس ۾ وجھڻ لاءِ ڪافي هئا. ان مجلس ۾ سري رام جھرواڻيءَ کان سواءِ موجود هئا هندي فلمي توڙي هينئر هندستان جي صوبي بهار جي راجڌاني پٽنا مان چونڊيل لوڪسڀا جا ميمبر سري ستروگھن سِنها، سندس سنڌياڻي جوڻس پونم سِنها ۽ سندن ڌيئڻس سوناڪشي سِنها گرايا ويا هئا. ان کان سواءِ منچ تي هاجوري پئي ڏني هندستان جا به واندا سنڌي نصل جا اڳواڻءَ مسلن سائين لعل ڪرشن آڏواڻي ۽ سائين رام جيٺملاڻي.
احوال موجب سڀنن جي نظر هئي سوناڪشي سِنها تي هئي جنهنجي جي پهرين فلم “دبنگ” باڪس آفيس ۾ هٽ ٿي آهي. اها ٻئي ڳاله آهي ته ان فلم جي هٽ ٿئڻ جي ڪريڊٽ پوري ساري سلمان خان ۽ سندس ڀاجائي ملائيڪا اروڙا هٿ ڪئي. ايئن ته عام جام ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ڪا فلم جنهن ۾ ڪو مشهور سومرو اداڪار طور ڪم ڪيو هجي ۽ اها فلم هٽ ٿي هجي ته ان جي ڪريڊٽ به نئين اداڪار يا اداڪريا کي ڪون ملي آهي. پر سلمان سان مسئلو اهو آهي جي هن سان جڏهن به ڪا نئين اداڪريا ڪم ڪيو آهي ته ان نئين اداڪاريه جي ته ٻيڙي ٻوڏي وئي آهي. ان هقيقت جا به وڏا مسال آهي ڀاڳيه شري (ميئني پيار ڪيئا) يا ۽ ڀوميڪا ڇاولا (تيري نام) اڄ سايد ئي ڪو هندي فلمن جو چاهڪ کين ياد ڪندو هوندو. وري شورت حاصل ڪيل سورميون جي ڳاله ڌار آهي. اها حقيقت ان ڳاله جي شاهد آهي ته نئين سورميون لاءِ سلمان سان اداڪري سان ڪسُ ئي ٿي پوي. اها ڳاله ڀلي ئي ڪو منهن سامهون مڃي يا نه پر ان جو احسان چڱن کي آهي. پر ان جي باوجود ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سوناڪشي سنها جي اداڪاري عام فلمي چاهڪن کي وندرايو آهي ۽ اسين اميد ٿا ڪيون ته مستقبل ۾ به پنهنجي سدي سهولي ننڌڪڙي اداڪاريءَ سان وندرائيندي، وري پڻس جي ساٿ سبب اسين اميد ٿا ڪيو ته کيس ڀاگيه شري يا ڀوميڪا چاولا واڱر وسارڻو نه پوندو. اميد ته موناڪشي ڪاميابي جون چڱيون ڏاڪڻيون اورانگھدي.
اهو عام جام ڏٺو ويو آهي ته هي سنستا يا تنظيم پنهنجي جلسن ۾ ڄاتل سوڃاتل شخستيون کي پنهنجي جسلن ۾ گھرائيندي آهي جيئن رواجي ماڻهن توڙي ميڊيا ۾ ڪنهن ڪدر ڪوريز ملي. اها هرو ڀرو ڪا غلط ڳاله به ناهي پر مسئلو تڌهن ٿو پيئدا ٿئي جڏهن اهي سخستيون پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ حجاب ڪن عوامي اواز موجيب شتروگھن سنها جي جوڻس پونم سِنها سنڌينت سان ڳاٽو لڳائو آهي پر نه ڄاڻ ڇو مان هندستان ۾ رهندي به اها ڳاله نه ڄاڻي سگھيون آهيان ؟ مان ڪٿي به اڄ تائين ڪون ٻڌو جتي سنڌيت جي ڪمن سانڱي پونم منها جو ذڪر آيو هجي. ٻيو ته ٺهيو سندس وڳو به بهارن ضائيفان واڱر نظر ايندو . جيڪر باليووڊ ۾ ڏسجي ته ايڙها چڱا مسال ملندا جڏهن چڱن “اڌ سنڌين” قاميابي ماڻي آهي مثلن ڪريشما ۽ ڪرينا ڪپور (رنڌير ڪپور جون نياڻيون) ، سونل ڪپور (انل ڪپور جي ڌيءَ) يا وري جيتيندر جي جا ٻار ( توشار ۽ ايڪتا ڪپور) پر ساڻ ساڻ اهو به نه وسارڻ نه گھرجي ته اهي اڌ سنڌي ڪڏهن به پاڻ کي سنڌي ڪري ليکڻ ۾ فڪر نه ڪندا آهن هند ۾ ڪنهنکي به ان ڳاله تي فڪر نه ڪرڻو کپي چاڪاڻ ته جڌهن اسانجا سنڌي ئي پنهنجيد ڪوم کي هيٺ ڪرڻ ۾ دير نه ڪن ته ڌاريون جي ڇا ڳاله ڪجي.
جيڪڏهن باليوڊ ۾ جدا جدا قومن جي ڳاله ڪجي ته سنڌين واڱر بنگالين، پنجابين (خاص ڪري هندو)، گجراتي يا مراٺين جو جھجھو يوگدان رهيو آهي. پر جڏهن ته اهي اڻ سنڌي قوميون هندي فلمن ۾ پنهنجي ثقافت کي پيش ڪرڻ ۾ فڪر مهسوس ڪن، گد گد ٿين اتي اسين سنڌي هندي فلمن ۾ پيسو به سيڙاهي پنهنجي ثقافت کي عام هندستانين جي اڳيون پيش ڪرڻ کان پاسيرو ڪيون. اها ڳاله سمجھ کان پري آهي ته جڏهن هندي فلمن جا چاهڪ گجراتي، بنگالي يا پنجابي توڙي مراٺي ثقافت تي ٺهيل فلميون ڏسي ٿا سگھن ته پوءِ سنڌين تي ڇون نه. اها ڳاله سنڌين قوم لاءِ انتهائي ڏکائيندڙ آهي ته اسين پنهنجي ثقافت تي فڪر ڪرڻ ته پري نڄ سنڌي نالي توڙي سنڌين جي ڳالهائڻ تي تريڪي تي نه تنج برداست ڪندا آهيون. اهو ورلي ئي ڏٺو ويو آهي جي سنڌين ان بيهودي هرڪتن تي اواج اٿاتي آهي.
ان جلسي ۾ هند جو نه اهم سياسي سخستيون کي به گرايو ويو هو.... لعل ڪرشن آڏواڻي ۽ رام جھيٺملااڻي . هي ٻئي نالا سنڌين لاءِ نيان ناهن. پر جيڪر ڳاله ڪجي سندن سنڌي ۽ سنڌيت جي نسبت ڪيل لمن جي ته انهن ٻنهن مايوس ئي ڪيو آهي هڪ لڱي ڏسجي ته انهن ٻنهن مان آڏواڻيءَ وٽ سگھ هئي سنڌين جي نمائيندگي ڪرڻ توڙي هند جي سياست ۾ سنڌين جي اواز ٿي بيهڻ جي . پر بدقسمتيءِ سان ايئن ٿي ڪون سگھو.هو تمام ڏگھي ارصي ڪان سياست ۾ آهي پر ان جي باوجود سندس يوگدان سنڌ توڙي سنڌيت جي نسبت نه جي برابر آهي. ڀاجپا هڪومت ۾ رهي يا حڪومت کان ٻاهر سندس رتبعو هميشاه .ئي بي جي پي جي ڪنهن به اڳواڻ کان وڌيڪ رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جي جناح واري بيان بعد هون رڳو بسي جي پي جي سدر کان ئي رڳو استيفعو ڏيئڻو پيو جڏهن ته ٻين کي پارٽيءَ مان ئي ڪڍي ٻاهر ڪيو ويو. اڄ به جڏهن ڀاپپا ۾ ٽيهيءَ جو بدلاو پيو ٿي سندس ڪنهن به ڳاله کي پتٿر جي لڪير سمجھيو ويندو آهي. پر ايترو ڪجه هجڻ جي باپجود سنڌين جي نمائيندگي پي جي پي ۾ ڪون وڌي آهي. اڄ به سنڌين کي رڳو اهي ئي تڪيو چونڊن ۾ ڏنيو وينديون آهي جنهن ۾ سوڀر ٿيئن جي اميد نه نه جي برابر ئي هوندي آهي. ان سان ٿئي اهو ٿو ته چونڊين لڙڻ واري پنهنجا پيئا به سيڙاهي ڪجه به هٿ نٿا ڪري سگھن ۽ پارٽي جي ٽڪيٽ گھرڻ وارا به مايوس.ئي ٿا رهن
جيٺملاڻي به آڏواڻيءَ لاءَ پنهنجي پاڻ لاءِ ئي سياست پئي ڪئي آهي. جڏهن جڏهن ڀاجپا حڪومت ۾ آئي آهي جيٺملاڻيءَ کي ڪو نه ڪو اهدو ضرور مليو آهي پر ان جي باوجود وزير جي هيسيت ۾ سندس ڪم سنڌين جي لاءَ نه جي برابر ئي ڪيل آهي. هو ڌار به ٿيو ته سولي سرابجي سان وڙهندي ٿيو، ڪنهن سنڌين جي مسئلي تي هون اها بهادري ڪون ڏيکاري.
سنڌي ٻوليءِ جي نسبت به سندن ساڳيا ئي منظر ڏيکارا آهن. ورهاڱي بعد جٿي سنڌي ليکڪ، سنڌي ماستر يا سماجڪ ڪارڪونن ٻوليءِ لاءِ هڏ پئي ههان اتي ان ٻهن اڳوانن جو ڪو به ذڪر نٿو ملي. وري بي جي پي جي سوبن توڙي مرڪج ۾ حڪومت ٺهڻ جي باوجود سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪا به رٿا تيار ڪون ٿي جنهن سبب اسين انهن جا ٿوڙا مڃئون. اانهن جي ڀيٽ ۾ باجپيئي جو ڪردار کيڻ لهڻي. باجپيئي اڻ سنڌي هوندي به سنڌي ٻوليءَ جي جيڪا همايت ڪئي اها ٻين اڳواڻن لاءَ اڄ به هڪ مسال آهي.
اڄ سنڌي قوم جي اڳيان سوال اهو آهي ته ڪنهن کي اهميت ڏجي ؟ اسان کي اها پڪ ڪرڻي پوندي ته ڪنهن کي اسين پنهنجي ڪوم جو مهانڊرو ڪري پيش ٿا ڪرڻ چاهيون.ڇا اسين انهن کي اڳيان ڪيون جيڪي لپ سروس ڏيئڻ لاءِ سنڌي جلسن ۾ اچن يا انهن کي جيڪر گمنامي ۾ هوندي به سنڌيت جي سيوا پئي ڪئي. اسان اڄ ڀلي ئي اسين انهن ڏنهن کي ياد نه به ڪيون پر ٻوليءِ جي لڙائي به ڪا ننڊي لڙائي ڪون هئي. سنڌي هندستان ۾ اٺي ۾ لوڻ هئڻ جي باوجود پنهنجي ٻولي ءَ کي هندستان جي وڏيون ٻولين جي ڪتار ۾ شامل ڪيو آهي اها به هڪ وڏي قاميابي ليکڻ کپي. سنڌين جدوجهد تنهن مهل ڪئي هئي جڏهن سنڌي ٻن ويلن ماني لاءِ به ڳڻتيون ڪندا هئا.
سنڌي سنسٿائون کي اها ڳااله اصول ئي نه وسارڻ کپي ته اهي گمنامي ۾ ڪم ڪندڙ سنڌين جي وڏي احميت آهي. ڀلي ان گمنامي ۾ رهندڙ سنڌين ۾ گلامير نه هجي، ڀلي ميڊيا ۾ سندن ڪوريج نه به هجي پر جيڪر رواجي سنڌي هڏ نه هڻن ها ته سايد سنڌي ٻولي ڪڏوڪو لپت ٻوليون ۾ شمار ٿي وڃي ها.
اڄ فيئسلو سهيوڳ فائوڊيشن کي پڪ ڪرڻي آهي ته هو ڪنهن کي سنڌي برادري جو موهانڊرو ڪري پيش ٿي ڪرڻ چاهي ڇاڪاڻ ته کين اهو ياد رکڻ کپي ته جيڪر رواجي سنڌيت جي ڪاروڪنن کان پري ٿياسين ته قوم کان به پري ٿيندا ويندا سين.......
No comments:
Post a Comment