November 12, 2012

سنڌ مان لڏي آيل 219 هندن کي ڏيئاري جو سوڳات ، کين ايل ٽي وي ملندي



·       راجستان صوبيئي حڪومت مرڪز کي موڪليو خط

رپورٽ راجستان پرتيڪا جوڌپور پريم پاٺڪ
ڌارمڪ ويزا ۾ آيل 219 هندون جو ويزا وڌائڻ ۽ کين ڊگھي ارصي وارا ويزا ڏيئڻ ۾ ڪو به ايتراج ناهي. صوبائي حڪومت (راجسٿان رياست) پارا ان نسبت اين او سي مرڪز کي حوالي ڪيو ويو آهي.



پاڪستان جي سنڌ صوبي ۾ انتها پسندي جا ظلم سهيندڙ 219 هندو جيڪي جوڌپور لڏي آيا هئا تن موٽي نه وڃڻ جي خوائيش زاهر ڪئي هئي. ان لاءِ هو اڳي ئي ايف آر او کي پنهنجون درخاستيون جما ڪرائي چڪا هئا. راجسٿان حڪومت پارا گهر وزارات (گروپ 4) جا اسپشل افسر ۽ جيل خاتي جا افسر شري جي ڪي شرما پارا 30 آڪٽوبر ۾ ئي هڪ خط مرڪزي حڪومت ڀارت سنڪار جي گھر وزارات کي هڪ خط لکو ويو هو جنهن ۾ 219 هندن جي آيل ٽي وي ڏيئڻ جي شفارش ڪئي وئي هئي ۽ ساڻ ساڻ اهو مطالعو ڪيو ويو هو ته لڏي ايندڙ هندن يقينن ظلم سٺل عام ماڻهو آهن ۽ سندن سان ملڪ کي ڪو به خترو ناهي.

اها خبر ملندي ئي جودپور جي ڊالي ٻائي مندر جي ڀرسان رهندڙ سنڌ لڏي آيل هندن جنهن ۾ گھڻا ڀيل ۽ ڪي ميگھواڙ آهن  ڏئي ٻاري خوشيون مڃائون. سندن لاءِ بنا روڪ ٺوڪ جي جوڌپور شهر ۾ هو رهي سگھندا . سندن لاءِ  هنيءُ ڏئاري ٻڻي خوشي کڻي آئي.

جوڌپور جي ڪليڪٽر شري گورو گويل  جو چوڻ هو ته جيڪو به سرڪاري ڪانون تهت ڪيو ويندو آهي سا ڪارواهي ڪئي پئي وڃِي. 

http://epaper.patrika.com/c/503668

   

October 22, 2012

سُر پنهنجن جا




سُر پنهنجن جا

“سائين هندستان وارا اسان کي پاڪستاني هئڻ جا ميهڻا ٿا ڏين، پاڪستان وارا ته هميشاه ئي اسان هندوستان جو اجيٽ پئي ليکندا آهن وري سنڌي (هند جا) ته وارا ته اسان سنڌي ڪري به ڪون ٿا ليکن!!.”


اهي لفظ هئا مالي جاتي جي سنڌ لڏي آيل هڪ نوجوانءَ جا جيڪو هينئر جوڌپور ۾ رهي ٿو. ۽ سنڌ مان لڏي آيل هندن جي تنظيم سيمانت لوڪ سنگھٽن جي جو اهم ڪارونن مان هڪ آهي.


ان نوجوانءَ جي لفظن جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ مونکي ڪو گڻو پري نه پر جوڌپور ۾ ئي ان جي مثال ملي جڏهن مونکي لوهاڻن جي هڪ  سنڌي پنچايت جي هڪ اهم احديدار بي حجاب چئي ڏنو ته سايئن “اسين کين (ڀيل، ميگھوار، مالي وغيراه) کي سنڌي ڪري ڪون ليکندا آهيون”. دلچسپ ڳاله ته اها هئي ته  سندس بيان جو ڪنهن به موجود پنچايتي مکاتليف ڪون ڪئي. اهو سڀ ان جي باوجود جي اهي جاتيون سنڌ مان لڏيل آهن ۽ ڊاٺي (سنڌي جو هڪ لهجو) پئي ڳالهائندا آهن. وري جيستائين ڳاله لڏي آيل جي مارواڙي جو به ڳالهائڻ جو آهي ته راجستان  ۾ سنڌي ۾ مارواڙي پئي جام ڳالهائن پر پنهنجن کي پنهنجا ڪري ليکڻ لاءِ اصل ئي تيار ناهن !!!


اها ڳاله مونکي سيمانت لوڪ سنگھٽن جي سدر شري هندو سنگھ سوڍا به واجيه ڪئي ته “سنڌ مان لڏندڙ ڀيل ميگهوار ٻن ڪسمن جا آهن مثلن هڪڙا اهي جيڪي سدين اڳ راجسٿان مان سنڌ لڏي ويا (مارواڙي ڳالهائندڙ) ۽ ٻيا اهي جيڪي سنڌ مان ئي مون ڀيل ۽ ميگواڙ آهن (سنڌيءَ جو ڍاٺي لهجو ڳالهائندڙ)”. پر دلچسپ ڳاله سوچڻ جي ڳاله ته اها آهي جڏهن ته ورهاڱي مهل ايتري لڏپڻ تي پوءِ هو ڇون نه لڏيا ؟، سندن جي ڇڪ ته هندنستان ڏانهن ٿيئڻي کپندي هئي. وري هتئون جا هم جاتي هندو به سندن بابت ايڙهي ڪا به هلچل ڪين ڏيکاري آهي ، ڇا اها ڇِڪ هڪڙي پاسي ڏانهن آهي؟.


ٻيو ته ٺهيو اڄ به جڏهن سنڌ ۾ ڌرتي ڌڻي هندو لاءِ زمين تنگ پئي ڪئي وڃي ته به هٿئون جي هندن ۾ ايڙهي ڪا به هلچل ڪون پئي نظر آئي آهي سنڌ مان لڏندڙ پنهنجي مارواڙي ٻائرن لاءِ . راجستان جي صوبي ۾ جيڪر ڏسجي ته تمام گھڻيون حستيون آهن جن جا سنڌ سان لاڳاپا آهن. مثلن اڳوڻو پرڏيه وزير شري جسونت سنگھ جا ناناڻي سنڌ جي ٿر پارڪار جا آهن. وري هاڻوڪو راجسٿان صوبي جو وڏو وزير پاڻ به مڃيو آهي هو به سنڌ جو ئي آهي ۽ هو 1965 ۾ لڏي آهيون هو.


 جيڪر هندو جاتيون جي ڳاله ڪجي ته جيڙهي ريت گجرات يا راجسٿان ۾ جاتيو آهن ساڳي ريت سنڌ ۾ به آهن پر مسئلو سنڌين سان اهو ئي ٿي پيو آهي ته لوهاڻن ايڙهي ريت پاڻ کي سنڌي سماج ۾ هاوي ٿيو جي پنهنجي هم جاتيون کان ئي پري ٿي ويو آهي. جڏهن ته گجرات ٿا راجسٿان جا ڀيل، ڪولي يا ميگھوار پنهنجي پنهنجي صوبي جا ڪوٺائيندڙ آهن پر سنڌين ۾ اهي ساڳي جاتي وارا پاڻ کي اڻ سنڌين ڪوٺائڻ لاءِ ئي ماندا ٿا ڏسجن..!!!!
مول ڳاله ته اها آهي جي ايئن ڇو آهي جي سنڌ مان لڏيندڙ سنڌي دليت (شڊول ڪاسٽ) لڏڻ بعد اڻ سنڌين ۾ پنهنجي سڃاڻپ پئي ڳولهڻ ۾ ماندا نظر ايندا آهن ؟ ڇو هندنستان جو سنڌي سماج 4 لک سنڌي دليتن کي پنهنجو سمجھڻ ۾ پاسيرو ٿيندو رهيو آهي.؟ هڪ ايڙهو قوم جنهن ۾ همسشاه جاتيون جي وجود کان ئي انڪار ڪيو ويندو آهي سي پنهنجي ئي برادري  جي پوئيتي پول جاتيون  بابت ڪيئن خاموشي ڪري سڀ نظارو پئي ڏسندو رهيو آهي . هندستان ۾ ڄاول ٽهي بابت ته سمجھي ٿو سگھجي پر ايئن ڇو جي سنڌين بابت ورهاڱي کان اڳ ڄاول ٽهي ڪيئن خاموش رهي !!!


کير، جوڌپور واري تاجي دوري جي پهرين ڏنهن مونکي ٻُڌايو ويو ته سرڪِٽ هائوس پُڄڻو آهي . مون ساڻُ دهلي مان ايل هڪ رِسرچر پڻ هئي جيڪا پاڪستان مان لڏي آيل هندو تي ريسرچ پئي ڪري. سرڪيٽ هائوس ۾ اسان جي پڄڻ کان اڳ ئي ڪي ماڻهو اڳي ئي موجود هئا. اتي موجود ماڻهون جي ان ۾ خاص دلچسپي هئي ته اسين اخبار نويس ته ناهيون. ؟ ان مان هڪهڙي ته وڏي چاه سان جوڌپور جي هڪ هندي اخبار مان  هڪ احوال پڙاهيو جنهن ۾ سندس ۽ سنڌيس رهبر جي جوڌپور ۾ پُجڻ جو احوال هو. ان بعد ڳاله ٻوله جو سلسلو شروع ٿيو. دهلي جي رسيچر ته پنهنجي واڪفيت ڏني پر هميشاه واڱر مونکي هڪ بلاگر جي روپ ۾ سڃاڻپ ۾ جام تڪليف ٿي. موجود ماڻيون مان هڪ ڄڻي سندن بابت ڳالهائدي چيو ته اسين آديواسي (اڳوڻا رهاڪو يا مول رهاڪو) جي سنسٿا پاران  آهيون. اسين آديواسين لاءِ آواز بلند ڪندا آهيون. سائين جن (پنهنجي رهبر ڏانهن اشارو ڪندي) ته آديواسين جي تنظيم جا پوري هندستان جا سدر آهن ۽ آئون راجستان اِڪائي جو. سائين جن جو ته پوري مهينو ئي هندستان جي ڪونڊ ڪُرچ جي سير سفر ۾ پئي ئي گجرندو آهي، آديواسين جي مسئلن سانڱي. سائين سومڀائي  اٺ ڀيڙا گجرات جي داهود مان سانسد ( ايم پي) رهيا آهن جيتوڻيڪ پڇاڙيءَ جي ڇونڊن ۾ قامياب ڪين ٿي سگھيان پر سندس واڪفيت هندنستان جي هر پارٽي توڙي سياسي اڳوانن سان آهي. اسين نه رڳو هندستان پر پوري دنيا جي آديواسين لاءِ جاکڙو ڪندا آهيون. اڃا هو پنهنجي رهبر بابت ڳالهائي ئي رهيو هو سمانت لوڪ سنگھٺن جي سدر شري هندو سنگھ اچي پهتا ۽ اسين سنڌ مان لڏي آيل ڀيلن ۽ ميگھوارن جي هڪ ڪيمپ ڏانهن رواڃا ٿياسين.


اها بستي جوڌور شهرءَ جي هڪ ڪونڊ ۾ هئي. الاڪو پورو ويران پئي لڳو. نه ته ان بستي ۾ ڪا بجلي هئي ۽ نه ئي واٽيون پڪيون هئون. گھر به سڀ جوپڙيون وارا هئا جڏهن ته بستي جو هيڪلو اسڪول ئي امارت پڪي ڇت واري هئي. هندو سنگھ سوڍا موجب ان اسڪول جي آڏاوت  لاءِ به جام ميهنت ڪئي وئي آهي. هن اشارو ڪندي چيو ته ڀيڪ ۾ جيڪا گوشالا اڏائي وئي آهي جنهنکي پنهنجي ڇت آهي باڪي لڏي آيل انسانن کي ٽڪر زمين ڏئي ڄڻ حڪومت ٿوڙو لاٿو آهي.


ان جسلي جي رٿا موجب  اسين ان بستي ڏانهن وڃڻو هو جتي اديواسي اڳوان جي موجودگي ۾ هڪ ريت جي عام جلسو يا پبليڪ هيرينڱ جو انتجام ڪيو ويو. ايئن ته اهو ميڙارڪو ڏهين لکي شروع ٿيئڻو هو پر ڇاڪاڻ ته اڳوان پهتا ئي ٻارهين لڳي سو ڪلاڪ ٻن جي انتظار نيٺ اها نيٺ شروع ٿي. هي پهرون ڀيڙو هو جڏهن مان ڪنهن ڀيلن جي ميڙاڙڪي ۾ موجود هوس. ڀيلن ۾ هڪ رواز آهي ته هو پنهنجي مهمانن کي ڊول نگاڙن سان آجان ڪن. ان بيد ان پبليڪ هيئريڱ شروع ڪئي وئي.


هڪ وائيڙو ڪندڙ ڳاله ته اها هئي ته جيتوڻيڪ آديواسي اڳوان پوري دنيا ۾ اصلوڪن ماڻهون جي حقڻ جي ڳاله ر ڪئي پر کين سنڌ ۾ رهندڙ دليتن بابت ڄاڻ نه جي برابر ئي. جڏهن ته راجستان صوبي جي سدر پنهنجي رهبر جي نالي ايتري ته ڊگھي تڪررير ڪئي جي نيٺ کين اشارو ڪيو ويو ته ابا هينئر بس ڪيو. رهجي ويل وقط سائين ڀيل بابت ڪجه ڳالهائون جن ۾ ڀيلن تي ٿيندڙ ظلمن جي ڳاله ته پري بس مڙئي هدايوتون ئي هئون ڄڻ هو ڪو دارميڪ اڳوان هجي. مثلن ڀيلن کي مهنت ڪرڻي کپي، دارون نه پيئڻو کپي، پنهنجي ٻارن ٻچن ڏانهن ڏيان ڏيئڻو کپي وغيراه وغيراه. سندس رهبر جيتوڻيڪ کين  ڪي مثال ڏنا ته ڪيئن سنڌي (لوهاڻا) مشڪل حالتون ۾ 1947 بعد گجرات ۾ پاڻ کي وسايو ۽ ڪک مان لک ٺاتا. سندس چوڻ هو ته سرڪاري زمين عوام جي آهي. اوهان کي جيڪا زمين صحيح لڳي سا والارو اسين به ڏسنداسين ته ڪيئن حڪومت اوهان کي ان زمين اوهان کان واندائي ٿي.  هون جيتوڻين ان جي دلجاءِ ڏني ته هو دهلي ۾ جدا جدا سيڊول ڪاسٽ جي سرڪاري سنسٿئون ساڻس سنڌ مان لڏي آيل سيڊول ڪاسٽن بابت ضرور ڳالهائندو جيئن سندن بابت ڪجه سرڪار به ڪري.


سيمانت لوڪ سنگھٽن جي ڪاروڪنن موجب جيتوڻيڪ سومجي ڀائي هي پهرون ڀيڙو اسان ڏانهن آيا هئا پر سندس پوئيلڳ ته راجسٿان ۾ رهندي به ڪڏهن سنڌ مان لڏي آيل ڀيلن جي ڏکن سُرن کي سمجھڻ جي ضرورت ڪون مهسوس ڪئي. سالن اڳ هو ڀيلن جي ڪنهن جسلي ۾ آيو هو ان بعد سائين غايب ئي رهيو آهي. جلسي کان اڳ به هندو سنگھ سوڍا به ان ڳاله واجيه ڪئي هئي ته سندس اها ڪوشش رهي آهي ته جيئن سماجي طور اڀري آيل ڀيل ۾ سنڌ مان لڏي آيل ڀيلن جي جسلن ۾ اچن جيئن سنڌي  ڀيلن کي به اهو مهسوسو ٿئي ته سندن جاتي وارا به ڪيترا ترڪي ڪئي آهي پر ان ۾ ساڻس ڪا به وڏي ڪاميابي ڪون ملي آهي.


سنڌ ۾ سنڌي ڀيل يا ميگھوار رواجي سنڌين کان به وڌيڪ ستايل ٿو هجي. جبرن جوان نياڻيون جو اغوا، هر سرڪاري توڙي سرڪاري مهولتيون کان مهروم ۽ ڪنهن به انساني حقن کان پري هو هڪ ضليت جي جندگي گاريندڙ آهي. ايئن ته سنڌ ۾ هندو هئڻ ئي وڏو ڏوه آهي ۽ وري جيڪر ڪو دليت ٿو ٿئي ته اهو ٻٽو ڏڇو تو ٿئي پوي.


جسلي ۾ اها ڳاله ڀيلن به قبول ڪئي ته سنڌ مان لڏڻ سبب سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلم  توڙي تڪليفيون  ته نبري ٿيون وڃن پر ٻيون مُسبتيون اچي ٿيون وڃن. اسان جي اها نماماڻي منٿ آهي حڪومت اسان تي به رهم ڪري. ان ميڙاڙڪي ۾ هندو سنگھ سوڍا ڪن ايڙها خُلاسا ڪيان جن بابت سايد ئي هندستان جي سنڌين کي به ڪا خبر هئي، هنن چيو ته ڀيل  سنڌ مان سان جي هڏ هڻڻ بعد جڏهن سنڌ مان لڏڻ جو معڪو به ملو ته کين پاڪستان جي بارڊر ته پاڪستاني فوج ته اچڻ ڏنو پر هندستان جي بي ايس ايف سندن تي ڳوليون هلايون جن سبب ڪي لڏندڙ ڀيل مارجي ويا، جن مان هڪ ضائيفا پڻ هئي جيڪا پنهنجي بچڙي کي کير پيئاري جڏهن کيس ڳولي لڳي. اسين اهي ڏک وساريا ناهين ۽ اسين انهن ڪاتيلن کي سڄا ڏيئاري ئي  ماٺ ٿينداسين. اها ڪيتري نه شرم جي ڳاله آهي ته اهو سڀ ان ملڪ ۾ پيو ٿئي جتي جيڪر ڪو پکيون جو به جهنڊ به پرڏيه مان لڏي ايندو آهي ته ان ضلعي جو ڪليڪٽر ان پکيون جا فوٽو کيچي گدگد ٿيندو آهي پر هت انسان آهي، تڏهن به ڪو وائي ٻُڌڻ وارو ناهي!!”


ان ميڙاڙڪي بعد هڪ پريس ڪانفرينس ٿيئڻو هو پر پوءِ اهو ٻڌايو ويو ته سومجي ڀائي شهر کان نڪري چڪا آهن .  سيمانت ڪول سنگھٽن جي ڪاروڪن موجب  راجسٿان واري ايهديدار اهو نه پئي چاهيو ته موجود حڪومت جي ناڪامي جي ڳاله هندو سنگھ سوڍا ڪري. مايوس ڪندڙ ڳاله ته اها هئي ته اهو سڀ هڪ ايڙي اڳوان  پاران ڪيو ويو جيڪو پاڻ به هڪ ڀيل جاتي جو فرد ڪري پاڻ کي پيش ڪندو رهيو آهي!!!


سومجي ڀائي ته پنهنجي تڪرير ۾ ايستائين چيو ته لڏي ايندڙ ڀيلن کي واندي سرڪاري زمين والارڻ کپي پر جيڪر ڀيلن ايئن ڪيو ته هو سائين ڪوڙهو ڪردار ادا ڪندو اهو چوڻ يقينن ڏکيو آهي، پر اهو ممڪن آهي هو ڪجه ڳالهائندو خاص ڪري ِانهن  جسلن ۾ ٿوڙي ميڙارڪن ۾ جتي پوئيتي پول جاتيون بابت هجي


هڪ لڱي ڏسجي سنڌ توڙي پاڪستان ۾ لڏي ايندڙ ڀلي ڪو رواجي لوهاڻو هجي يا ڪو دليت سنڌي،  سندن مسئلا ساڳيا ئي آهن ته کين ست سال بعد ناگريڪتا ٿي پئي ملي (جيڪر هو 1947 کان اڳ جاول آهن يا نه ته 12 سال) پر وڏي ڳاله ته جيستائين کين ناگريڪتا يا شهريت ملي کين هڪ ئي شهر ۾ جي 20 ڪلوميٽر جي دائيري کان ٻاهر بنا حڪومتي موڪل جي نٿو وڃي سگھي. ڪانون کيس پين ڪارڊ يا ڪو به سڃاڻپ ڪارڊ نٿو ملي سگھي. هر سال ايل ٽي وي پئي وڌائڻي پوي، وري ٻارن جي اسلوڪن ۾ دڪت، پڇاڙيءَ ۾ پاڪستان مان لڏي اچڻ جو ٺپو سو ڌار ڏچو. وري جيڪو جو غريب دليت هجي ته سو ته ڳاله ئي ٻئي آهي. هندستان ۾ جيڪو به سرڪاري سهُلتيون دليت يا سيڊول ڪاسٽ هئڻ سبب ڪا به سرڪاري مددن  کان سنڌي دليت مهروم ٿو رهجي.


پرسال 1100 ماڻهون جو هڪ جٿو سنڌ مان هندستان لڏي آيو جن مان 200 يا 300 سنڌي باگڙي برادري جا هئا. ٻيا ته اندور ۾ وسايا ويا باڪي باگڙي برادري دهلي تائين رک ڪيو. انهن دهلي ۾ جام ڏک ڏٺا ان هد تائين جي کين ڊسبمر جي ٿدي رات ۾ يومونا جي ڪناري سٽيو ويو، جيئن پاڪستان جبرن واپس موڪلڻ سگھجي. نيٺ  هندو مهاسڀا  پارا جاکڙي سبب معملو دهلي هائي ڪورٽ پهتو جتي ٽن پيشيءَ بعد نيٺ حڪومت پڻ کين جٿي جا ويزا هجڻ جي باوجود ايل ٽي وي (ڊگھي ارسي لاءِ ويزا) ڏيئڻ جو فيئسلو ڪيو. دلچسپ ڳاله ته اها آهي جي سن فئسلي جو فائدو به سنڌ مان لڏي آيل هر هڪ سنڌي هندو کي ٿيو ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ جٿي وارا ويزا ڪون وڌايا ويندا هئا. ۽ هاڻي ان جو فائدو جام سنڌي هندو هندستان لڏي ايندا آهن پر ان جي باوجود گڏجي جاکڙي اسين اصل تيار ناهيون.!!!


سنڌ  ۾ ٿر وارو الاڪو ڏسجي ته ايتهاسڪ طور نه رڳو ڀيل ، ميگھوار توڙي راجپوتن جو ڳڙ رهيو آهي پر هندن جو هڪ خصوسي الاڪو رهيو آهي. جڏهن ته سڄو سنڌ مخمل طور مسلمانن جي حڪومت هيٺ هو اهو ٿر پرڪار ئي هو جٿي وڌ کان وڌ وقط تائين هندن جي هيٺ هو، پر نه ڄاڻ ڇو اسين اتر کان ڏکن سنڌ مان لڏي ايندڙ جا هندو سنڌي ڪڏهن به ٿر کي ايڙهو ڪو به مول ڪين ڏنو آهي جيڪا ڳاله  ڪنهن جي به سمجھ کان ٻاهر آهي. اهو ئي نه ٿر جي هندو ثقافت تي جام سنڏي هندو پي ايڇ ڊي تائين ڪئي آهي.


ع1971 جي لڏپڻ ۾ 90،000 هندو لڏي آيا جن جو وڏو حصو ٿر جي هندن جو هو پر ازيب جي ڳاله اها آهي ته ان ڪو ڪو خاص ذڪر هندستان جي سنڌين ۾ ناهي. هند جو سنڌي ساهتيه جن ۾ 70 سيڪڙو ورهاڱي جو روئڻ ۾ نبريل آهي پر 71 جي لڏپڻ بابت سايد ئي ڪنهن گھڻو لکيو آهي. ان جو مطلب اهو ته ناهي ته رواجي لوهاڻا سنڌي ٿر جي سنڌين کي پنهنجو ڪون ليکيو آهي ان جي باوجود جي اسين انهن ڀيلن، ميگھوارن توڙي سوڍن سان هجارن سالن کان رهيا آهيون!!!!


سنڌ مان ٿيندڙ هندن جي لڏپڻ سنڌي قوم لاءِ هڪ وڏي چُنوتي آهي بر بدقسمي سان هندستان جي سنڌي قوم جيڪو ردي عمل رهيو سي يقينن ڏکاندڙ رهيو آهي. ايڙهي ڳاله ناهي ته سنڌي قوم ان پيماني ٿي ٿيندڙ لڏپڻ کان اڻ واڪيف آهي ۽ ايڙهي ڳاله ناهي ته هندستان جو سنڌي قوم ڪنهن ريت بيوس آهي ڪجه به ڪرڻ کان. ٻنهن وڏيو سياسي تنظميون مثلن بي جي پي ۽ ڪانگيس ۾ سنڌي اڳوان آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي نجي سگھ ۾ سنڌ ۾ رهجي ويل هندو توڙي لڏي آيل سنڌين بابت لابي ڪري ٿا سگھن . پر سال سنڌين جي جدا جدا سماجڪ تنظميون ڪانگريس جي سدر شريمتي سونيا گانڌيءَ سان مليون جنهن سان ملڻ هميشاه سهُلو ڪون ٿو ٿئي پر ان جي باوجود ايڙهي چاه اسين سنڌ مان لڏي ايندڙن بابت ڪون ڪئي آهي.


بي جي پي وارن ۾ ته سنڌين جي گھڻي ۾ گھڻي نمائيندگي رهي آهي پر اتي ۾ ساڳيا منظر آهن. سنڌين مان ڪو ڪڇڻ لاءِ تيار ئي ناهي.!! جيتوڻيڪ پي جي پي پاڪستان ۾ ٿيندڙ هندون تي ٿيندڙ ظلمن لاءِ آواز اٿاريندي رهي آهي پر نيٺ جاکڙو ته سنڌين کي ئي ڪرڻو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ فاٿل هندون جو 95 سيڪڙو هندو سنڌي نصل جي جي آهي.


سنڌ مان لڏي ايندڙ ڀيل، ميگھوار، ڪولي، مالي يا لوهاڻي جو جيڪر سُر محسوس ڪري سگھندو ته اهو هندستان جو سنڌي قوم ئي آهي پر مسئلو اهو آهي جي ان قوم مان ڪيڙهي اميد ڪجي  جيڪا پنهنجي قوم کي ئي پنهنجو نه سمجھي!!!!!
 

  



.



September 21, 2012

لڏپڻ، سياسست ۽ سنڌي هندو قوم





لڏپڻ، سياسست ۽ سنڌي هندو قوم

اتهاس ۽ ان تي دارومدار رکندڙ قوميپرستي ، سنڌي هندو برادري تي ڪڏهن به ڪو گهوري اسر ڪين ڪيو  آهي نه ئي سنڌين اتهاس کي ياد ڪرڻ يا ان مان ڪا سِک سکڻ جي ڪا ضرورت ئي محسوس ڪئي آهي. پنهنجي وڃايل وراست کان  پري ٿيئ سنڌ جي هندو برادري پڇاڙيءَ جي 1300 سالن ۾ رڳو پنهنجي پاڻ کي زنداه رکڻ ۾ ئي هڪ وڏي قرامت پئي سمجھي آهي. اهو ئي سبب آهي جي ماهاراجا ڏاهرسين بعد اسين ايڙهي ڪا شخشيت توڙي سوچ ڪين پيدا ڪري سگھيان آهيون جيڪا سنڌي هندن جي وڃايل وراست کي ٻهر حاصل ڪرڻ نسبت جاکڙي لاءِ تيار ڪري سگھي.

انگريزن جي سنڌ فتح کان اول سنڌ ۾ هندن جي حالت بابت لکندي مشهو سنڌي ليکڪ شري لعل سنگھ هجاري سنگھ اڄواڻي موجب “ جيتوڻيڪ انگريزن جي حڪومت هڪ پرڏيهي اڻ سنڌي رياست هئي پر ائين هوندي  به هندن لاءِ اها حڪومت بيڊپ زندگي گارڻ جي راهه کولي. جيتوڻيڪ انگريزءِ پڻ پرڏيهي هئا پر هندن کي هزارن سالن جي غلامي ۽ ظلمن کان نِجات ملي” (هوالو“ ڊ هسٽري آف سنڌي لٽريچر”، ساهتيه اڪادمي نئي دلي) اهي ڳالهئون ان جون شاهد آهن ته مهاراجا ڏاهن ۽ انگريزن لائين واري ارصو سنڌي هندن لاءِ نهايت ڏکن وارو رهيو آهي.

بدقسمتيءَ سان سنڌ جي هندو برادري انگريزن جي ڏنهن ۾ به ساماجڪ توڙي سياسسي ريت اڀري اچڻ جي باوجود ايڙهي حالتون جي مارفت ڪا به ايڙي سياسي سڄاڳتا ڪين اڻي سگھي جنهن سان پنهنجو ٿوڙي ايندڙ نثل جو وجود ڪنهن ريت سوگھو ڪري سگھجي.

ورهاڱي مهل سنڌ ۾ هندو بريادري سنڌ جي موُل آبادي جي 35 سيڪڙو هئي. اها به هرو ڀرو ڪا ننڊي آبادي نه ٿيندي آهي ساڻ ساڻ اها به ڳاله ممڪن ناهي ته انگريزن هندن جي مستقبل بابت تنهن مهل جي ڪانگريسي هندو اڳواڻن سان ڪو راطبو نه ڪيو هجي يا هندن رايو ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي هجي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جيڪا برادري سنڌ ۾ ايتري اڀري آئي هجي نوڪرشاهي، ڌنڌي يا تعليم ۾ تن کي مظر انداز ڪري انگريزءَ رڳو سنڌ اسلمبلي ۾ گھڻائي ۾ رهندڙ سنڌي مسلمانن کي اهميت ڏني هجي.

  اتهاس گواه آهي ته اها بلڪل پڪ هئي ته هندستان جي مسلمانن پاران لڏپڻ ٿيندي. لڏپڻ ٿيئڻ جي ڊپ  نه رڳو  مولانا ابوڪلام آزاد ذاهر ڪيو هو پر ان کان به وڏي ڳاله نه جنهن ريت  تنهن مهل جي ڪديوار سنڌي اڳوان جي ايم سيد ۽ پير مهمد راشدي بهارن کي سنڌ لڏڻ جي آڇ ڏني. انگريزن بعد ڇا ٿيئڻو آهي. هندن جو اڀري اچڻ ايترو ته کين  ستايو هو ڪنهن ڌاري قوم اڳيان پنهنجن جي ٻيڙي ٻوڙي لاءِ تيار هئا. ڇا اهي سڀ ڪافي ڪين هو جي انگريزن جي موٽي وڃڻ بعد سنڌ ۾ هندن جي حالت ڪيڙهي ٿيئڻي آهي  !!!




سوال اهو به ٿو اچي ته اها ڪيڙهي سوچ هئي جنهن  تهت اهو  سمجھيو ويو هو ته ڪيئن اتر هندستان جا مسلمانن پاڪستان جي نالي تي پنهنجي هندو ڀائرن سان وير پائڻ جي باوجود لڏپڻ نه ڪندا ؟؟ جيڪي لڏپڻ نه به ٿئي ها ته سنڌي ۾ مسلم ليڳي اغوان جن پنهنجي سياست ٿوڙي پاڪستان جي قيام ۾ ان لاءِ شامل ٿيا هئا جي هندن جي ملڪتيون فٻائينداسين سي  سگھ ۾ اچڻ بعد ماٺ ٿي ويندا!!!. ڇا هندو اڳوانن کي وسري ويو هو ته ڪيئن سنڌ جو بمبئي پريڊينسي يا وري مسجد منزل گاه جا مسئلا ڪيئن سنڌي مسئلا اماڪل مسلم مسئلا ٿي پيا ها.!!! ته ڇا هندو اڳوانن کان وسري ويو هو ته ڪيئن سنڌ جا مسلم اڳوان الاهه بخش جي ڪڏ پيا ۽ سندن ماٺ تڏهن ڪئي جيستان الاهه بخش شهد نه ڪيو ويو. اسين هندو نه ته الاهه بخش ۽ نه ئي ڀڳت ڪنور رام جي شهادت کي صحيح ريت سمجھڻ ۾ قاميان ٿياسين ۽ نه ئي ان جي جڙ تي پهچي سگھياسين.


الاهه بخش جي حڪومت هندن جي مدد سان ڊهي. جي ايم سيد، پير مهمد راشدي، ايوب کرو، ابدل ماجد سنڌي وغيراه ته الاهه بخش جي ڪڏ هئا ئي پر هندو اڳوانن تڪڙ ۽ غلط سياسي سوچ تهت پنهنجي ئي پيرن تي ڪلهاڙي وڃي هنئين پنهنجي ئي دشمم جا هٿ هاٿئون سوگھا ڪيا. ڇا اسين هندو سنڌي ڪڏهن به پڇاڙيءَ جي 80 سالن ۾ ڪڏهن به  پنهنجي ان غلطيون کان ڪا سيک وٺڻ جي ضرورت به محسوس ڪئي آهي ؟ اسان سان جيڪو به 1947 کان ٿيندو اچي پيو ڇا ان جا سبب ڇا  اسانجون غلطيو ناهن ؟ ۽ جڏهن مهاجرءَ اسانجي درن تي اچي بيٺا ته بس اسين ڀڄڻ ۾ به وڏو سوڀ سمجھيو. پڇاڙيءَ جي ٽن ڏهاڪن کان سنڌ مان لڏي ايندڙ هندن کي هندستان ۾ وسڻ ۾ مدد ڪندڙ هندو سنگھ سوڍا ان مسئلي نسبت ڳالهائندي چيو “ سائين جيڪر جيرامداس دولترام جيڙهن سياستدانن جا وارث لڏن ها ته به سمجھي سجھبو هو پر هو ته پاڻ به لڏي ويا!! جڏهن کين پاڻ ئي لڏڻو هو ته اها سندس ڪيڙو سوچ هئي جنهن تهت هون اهو چيو هو ته هندو ورهاڱي بعد سنڌ ۾ رهي سگھندا!!!”

ڳاله رڳو سياستدانن جي ناهي. جان کان ورهاڱو ٿيو آهي تان کان سنڌي ليکڪ سنڌ ايندا رهيا آهن. ايڙهي ڳاله ناهي جي هندستان جي سنڌي ليکڪن کي سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن جي ڪا به ڄاڻ ناهي پر ان جي باوجود هنن لکڻ ته پري ان مسئلي بابت ڳالهائڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن. !!!

مان جڏهن سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن ۽ خاص ڪري رنڪل، آشا لتا تي ٿيندڙ ظلمن بابت هندستان جي سنڌ ڪوٺائينڊر گانڌيڌام ۾ اڏايل انڊين انسٽيوٽ آف سنڌولاجي جي ڊائيريڪٽر شري لکمي کلاڻي سان ڳالهيايو ته سندن چوڻ هو ته “ابا اسين جيڪي  سنڌ مان 47 ۾ لڏپڻ ڪئي ۽ ڪنهن وڏي نڪسان کان سواءِ نڪري سگھياسين، اها به ڪا معمولي ڳاله ناهي. جيڪي تنهن مهل جي سنڌي مسلمانن تي ويساءُ ڪيون ها ته پڪ سان اسان کي به اهي ئي ڏنهن ڏسڻا پون ها جيڪي هينئر هندو سنڌ ۾ پيا ڏسن” هنن اڳتي اهو پڻ چيو ته “شڪارپور ۾ مونسان ايڙها جام هندو واڻيا گڏيا جيڪي پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي اڌ اگھ تي بي وڪڻي هندستان لڏڻ جي ماندا هئا. پر ڀوتارن کين اهو ڪنهن کي ڪرڻ نه پئي ڏنو. ڪو مسلمانن سندن ملڪتيون کريد ڪرڻ لاءِ ۽ ڀوتارن سان وير پائڻ لاءِ تيار ئي ناهي !!! وڏيرن يا ڀڳتارن کي  خبر آهي ته هندو ته ٽڪي ۾ نيٺ پنهنجون ڌنڌا وڪڻي ويندا” بدقسمتي سنڌين جي اها رهي آهي ته ليکڪن ڪڏهن به اڙهيون ڳالئون به ڪٿي بيان ڪيون.


اجيب جيڙهي ڳاله ته اها آهي جي جن سنڌ ۾ رهي سٺو به سي به رڳو ان نسبت اشارن تائين پاڻ کي محدود رکو . سنڌي ڪوي شري هري دلگير 1965 ڌاري سنڌ مان لڏي گانڌيڌام وسيو. پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکي ٿو ته سنڌ ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بيد امالڪ حآلتون بلدلڻ لڳيو جنهن جو فائدو عام مسلمانن پڻ پئي ورتو. ڪوي دلگير اهو به لکيو ته هو ته اڳواٽ ئي لڏڻ پئي چاهيو ته سندس ماڻس ۽ پڻس جي ايئن ڪندي دل ڪين هئي سو سندن گزاري وڃڻ بعد ئي هو لڏي هندستان آيو. 

هندستان جي سنڌي ليکڪن ايئن ته ورهاڱي بابت جام لکيو پر جيستائين سنڌ ۾ هندو جي خاص ڪري 1954 بعد (جڏهن سرهديون بند ٿيون) جي ڳاله آهي ته هو سڀ حالتون سان واقيف هوندي به ماٺ ئي رههڻ سياڻپ سمجھي. اڄ به جڏهن سنڌ جو عام هندو ۽ ڪي قوميپرست تنظميو رستن تي ايتجاج پيڪ ڪن تڏهن به نه سندس نڙيءَ مان ڪجه اڪِري ۽ نه ئي سندن لکڻي ءَ مان.!!!! اهو سڀ ان جي باوجود جي سنڌ ۾ جتي پاڪستان جا 95 سيڪڙو هندو ٿا رهن ۽ وڏي ڳاله نه اها جي پاڪستان ۾ بچيل هندو وڌ ۾ وڌ سنڌي هندو ئي آهن.

سنڌ جي سنڌي مسلمانن جي جيڪر ڳاله ڪجي ته سندن رايا به گھٽ وائيڙو ڪندڙ ناهي. ڪو ٿو چوي ته سائين هندن ته ٿيندا ئي ڊڪڻا آهن سو ڪنهن به بدماش سان پُڄڻ کان بدر هو  لڏپڻ ٿا ڪن، ته ڪي وري چوي ته کين اڻ سنڌي هندن سان سڱ ڪرڻو آهي سو پيا لڏن، ڪن کي ته هندن جا ڏک ٻُڌي امالڪ پنهنجا ڏک ٿا امالڪ سارن، وري ڪو ٿو ڇوي ته هندو لڏندا ته سنڌي سنڌ ۾ ئي ٿوڙائي وارا ٿي پوندا يا ڪي وري چون ته هند لڏندا ته مارڪيٽ ۾ سنڌين جو زور گھٽبو. ڪي وري جزباتي ٿي چون ته هندو ڌرتي ماءُ کي ڪيئن ڌوڪو ٿا ڏئي سگھن وري وڏيرن ۽ ڀوتارن جا پنهنجا پنهنجا سُرءَ ته ايڙها ننڌڪا ڀيل يا ميگھوار ملن ڪٿئون !!!! مطلب ته سڀن کي پنهنجي پنهنجي مطلب جو ڳالهائڻو آهي ڀلي هندن جو ڪو به مسئلو ڀلي ان سان ٿئي نه ٿئي!!!

سنڌ ۾ هندو ڪيئن ٿا رهن ان جو هڪ نظارو سنڌ جي تازو لڏي آيل هڪ ڀيل قوم جي سماج سيوڪ سک رام (نالي مٽيل) ڏنو. هو جيڪو به چيو سو ڪجه ايئن آهي “ ادا سنڌ ۾ هندو ٿي رهڻ هڪ وڏو ظلم ڪري ليکيو ويندو آهي. ڌارمڪ آزادي نالي جي ڪا به شءِ ته آهي ئي ڪانه. اسين ته گيتا جو پاٺ به ڳُجھو ٿي ڪيو ته متان ڪنهن مسلمان کي ان جو جو ڇِڊرو به  نه پوي نه ته اچي مٿي ٿي ٿا بيهن. چوندا آهن ته “هاڻي بند ڪيو اهو رن جو گيتا پاٺ”!!!. نيانيون جي اعوا ٿيئن جي خوف سبب ته اسين اڳي ئي کين  ڳوٺ جي اسڪولن ۾ موڪلڻ کان توڀان ڪئي آهي پر جيڪر پُٽن کي ڪسمتءَ سان داکلو ملي به ٿو وڃي ته کين تاليم ڏيئن ته پري پر اسان جي اولاد کان پيا ڪاڪُس صاف ڪرائين !!!! ۽ جيڪر ڪو ڪُڇي ته چون ته ڀيل پڙهي لکي ڪندو ئي ڇا.!!. اٿندي ويهندي اسان جيڙهن مسڪين ماڻهون  کي هيسايو پيو وڃي”

هن اڳتي چيو ته جيتائين جنداه آهيون تيستائين ته مسلمانن وير پائين ئي پر مُئي کان پوِءِ به ڪين بخشن. موئي بعد لاش جي سنان ڪرائڻ ته پري اڳني جي حوالي ڪرڻ تي به پابندي آهي. اسين ته پنهنجي گجاري ويندڙ مٽ مائيٽن کي مسلمانن واڱر دفنائون لاءِ جاءِ ڳولهون. ايڙها جام واڪعا ٿيا آهن جڏهن مٽيءِ ۾ دفنايل لاش کي ڪڏي فٽو ڪيو ويو آهي. 9 سالن جي نينگريءِ جي لاش تي ٽريڪٽر هلائي وئي آهي.و ئي نه پر مان هندستان لڏڻ کان اٺ ڏنهن اڳ مان پنهنجي والد جي لاش کي کڻي ڌر ڌر تي ڀِٽڪيو آهيان. نيٺ ڪنهن به ريت دفنائي ٻارهين ڪئي بنا اڳواٽ رٿان موجبُ هندستان لڏي آيس. ڳاله رڳو دليتن (سيڊُل ڪاسٽن) جي ناهي. هر هندن ڪنهن به ڪنهن رين ان حالتون کي منهن پيو ڏي.”


سک رام (نالو مٽيل) جيڪر سوءُ سيڪڙو سچ ڪين ٿو پئي  ڳالهايو پر جي اڳوپوءِ اجايو پئي ڳالهائو سو به صحصح ناهي. رنڪل ڪماريءَ جي لڙائي لڙندڙ سندس مائيٽن جي حالت سڀن ڏٺي ته ڪيئن هو هڪ هڪ ڪري نيٺ سنڌ واندائي. سنڌ مان شايع ٿيندڙ روزاني اوامي موجب رنڪل جي گھر وارن کي هيسايو پيو وڃي. رنڪل جي مائيٽن وٽ ڪم ڪندڙ ميڙوال ضائيفائون پاران چوايو ويو ته “ماٺ ڪري ماڃي کائو يا نه سري عام سوٽيون کائو.” رنڪل جا مائيٽ هيڪلا ناهي. هر مهني گھٽ ۾ گھٽ 20 کان 25 گھر سنڌ ۾ لڏن پيا. جيڪي هندو مرد ماڻهو ان جو مڪابلو ٿا ڪن تن تي خاص نشانو پيو ساڌو وڃي. سڀنن ڏٺو ته ڪيئن وزيرمل مارواڙي کي ڪتل ڪيو ويو. ٻيا لوٺمار جا واڪعا ته روج پيا ٿين. اغوا، لوٽمار، جبرن ڌيم مٽائڻ، ڀتو وسولڻ، ڀتو نه ڏيئڻ تي ڪتل ڪرڻ ته ڄڻ روج جي ڳاله ٿي پئي آهي. بلوچسٿان جي مستوگ شهر مان لڏي آيل هندستان جي ميڊيا سان ڳاله چيو ته “ سنڌ توڙي مبلچستان ۾ هندو رهن ضرور ٿا پر اتي رهڻ جيڙيو حالتو ناهن.”   

سنڌ توڙي بلوچسٿان ۾ هندو تي رهڻ سهولو ناهي. پاڪستان ۾ رهندڙ چوندا آهن ته جيڪر اوهان ڪنهن به هندوءَ کان سندس دين ڌيم بابت پڇندا ته اوهان کي جواب ملندو “آئون اڻ مسلمانن” آهيان. هو پاڻ ئي هندو تڏهن قبوليندو جڏهن اڳواٽ کيس ان لاءِ زور يا مزبور ڪين ڪندا. مونکي سنڌ ۾ رهندڙ چڱن سنڌين چيو ته سائين هندن جي سرڪاري آفيسن ۾ هڪ سون جا آنا  ڏيندڙ مرگي ڪري ليکيو ويندو آهي جنهن کي موڪعو ملندي ئي فُري سگھجي ٿو. ايڙهي ۾ حالت ۾  به سنڌ جا هندو اڳوان جيڙا آهن تيڙها ناهن. سنڌ ۾ 1947 جيڙهيون حالتون هئڻ جي باوجود شايد ئي ڪو پ پ پ جو ساٿ ڇڏڻ لاءِ تيار آهي!!!. جيڪو ڪم 1947 ۾ جناح جي مسليم ليک جي پوئيلڳن پئي ڪيو سو ڪم هاڻي پ پ  پ پئي ڪري. معملو ڀلي هندو نياڻيون جو هجي يا هندو واڻيون جي اغوا، ڪتل يا ڪنهن به لوٽمار جو. هر واڪعي ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت پ پ پ جا هٿ ضرور نظر ٿا اچن. هاڻي ته ڪي شري نياز ڪالاڻي موجب ڪوميپرست به ڪنهن ريت ملوس آهن!! هاڻي جڏهن سنڌ  چوڊيون مٿي تي آهن ته نه رڳو پ پ پ  پر هندن جا“ نماڻا نمائيدا” به هندن جي حقڻ جون ڳالهيون ٿا ڪن!!!

سنڌ ۾ هڪ زبددست ڪوشش رهي آهي ته هندن کي لڏڻ نه ڏجي ته لڏندڙ هندو سنڌين کي روڪيجي. هينئر ته هندن کي ويزا هئڻ جي باوجود بارڊر تي رهمان ملڪ تماشو ڪري ڏيکارو. ويزا تي ويندڙ هندن کي روڪيو. هينئر ته ويزا هوندي به ٽڪيڪان رد پيو ڪيو وڃن. سنڌ ۾ هندن ڀلي ڪو به تبڪعو چون نه هجي هو لڏپڻ هميشاه ئي گھجھايپ ۾ ئي ٿو ڪري. سنڌ جي گادي جي شهر ڪراچي مان لڏيل هڪ هندو ڊاڪٽر چيو ته آئون پنهنجي لڏڻ جي ڳاله پنهنجي مٽن مائيٽ سان به ڪين ڪئي هئي. سندس جوڻس چيو ته “مان پنهنجي پيڪن کي به ڪين ٻُڌايو ته اسين لڏي ٿا وڃئون جيئن اوسي پاسي ۾ به ڪنهن کي ان ڳاله جو ڇڊرو نه پوي”!!!

ايڙهي ڳاله ناهي ته لڏندي ئي هندن کي هندستان ۾ سک ٿا نسيب ٿين. هت ناگريڪتا جا وڏا مسئلا آهن. جيڪو ڪو 1947 کان اڳ جو ڄاول آهي ته کيس 7 سالن ۾ نه ته 12 سالن ۾ ناگريڪتا  ملي  ملي. وري اهو مُدو پورو ٿيئڻ جي باوجود به ڪڏهن ڪڏهن دير پئي ٿئي. احمد آباد ۾ ته ڪن کي 30 سالن لائين ناگريڪتا ڪين ملي آهي جيتوڻيڪ ان سبب سڀني کي هڪ جيڙهي تڪليف نه پئي ٿئي. مسئلو انهن جي لاءِ وڏو آهي جن کي نوڪري ٿي ئي ڪرڻي پوي. “پاڪستاني” لفظ ۾ ئي ڪجه ايڙهو بدنام آهي جي نه ڪو نوڪري تي رکڻ چاهي ۽ نه ڪو ڪوئي سهولائي سان جاءِ مسواڙ تي پئي ڏيئڻ ٿو چاهي. وري جيتائين هو ناگريڪ ٿين تيستائين ڪي ڌاري شهر ۾ وڃڻ لاءِ به حڪومتي موڪل ٿي پئي وٺڻي پوي. جيڪر ڪنهن ڪو مٽ مائيٽ بيمار هجي ته جيستائين موڪل ملي تيستائين ته اهو بيمار ماڻهو به موڪلاءِ ٿو وڃي. مٽي مائيٽي ۾ به جام تڪليف ٿئي. مسبت اها به آهي جي هندستان ۾ سنڌي هڪ هن ۾ وسيل ناهن. ڪو ملڪ جي هڪ ڪنڊ ۾ رهي ٿو ته ڪي وري ٻئي. وري ناگريڪتا جو مسئلو غريب هندو تبڪعي لاءِ ته ڄڻ چٽي آهي. ڀيل ، ميگھوار اڳين کي ڏکن ۾ وري ناگريڪتا نه هجڻ سبب ڪنهن به حڪومتي مدد کان به محروم رهجي وڃي!!!!.


ع1947 ۾ ۽ 1954 بعد جي  لڏپڻ ۾ هڪ وڏو فرڪ اهو آهي جي تنهن مهل لڏپڻ رڳو وڏي شهرن مان پئي ٿي. وري لڏي اچڻ بعد ناگريڪتا جا مسئلا ڪين هئا، پر ان باوجود لڏپڻ آهي جي نبرڻ جي نالو ڇو کڻي. احميدآباد ۾ ڊاڪٽر مليا ته سُٽي نوڪري ڪندڙ بينڪن جا ملاجم نوجوان. اهو ئي سنڌ ۾ ميڊيا ۾ شايع ٿيندڙ احوالن جي اڀتر نه رڳو اتر سنڌ پر سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪونڊ ڪورچ مان هندو پيا لڏڻ. جيڪر چيو ويو ته موٺي وڃو ته پنهنجا پاسپورٽ سارڻ ۾ به دير ڪون ڪن.  !!!سنڌ موٽڻ کان جيلن ۾ بند ٿيئڻ ٿا قبولن !!!هڪڙي هندو هندستان جي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪر سردهيون ڪلاڪن لاءِ به کوليون ويون ته لکن جا  لک لڏي ايندا

 وائسڙو ڪندڙ ڳاله آهي جي ايتري پريشانيون هندي به  ڪنهن ڪدر لڏپڻ نبرڻ جو نالو نٿي کڻي!. ع1971 ۾ 90،000 هندو لڏي آيا جڏهن  هندستان جي فوج سنڌ ۾ گھري آئي هئي. لڙائي بعد هندستان حڪومت جي زبردست دٻاءُ جي باوجود هڪ به هندو موٽي ڪين ويو. هندستان جي حڪومت هندن کي سکت لفظن ۾ آگھا ڪيو ته  جيڪي موٽي نه ويندا ته کين جيلن ۾ بند ڪيو ويندو ۽ ضيوير پئي ته ڳوليون به هلايو ويندو پر ان جي باوجود هڪ به هندو موٽي ڪين ويو. تنهن مهل نه ته جنرل ضئا هو ۽ نه ئي بابري مسجد جا فساد پر ان جي باوجود هندو لڏي آيا. جوڌپور ۾ هندو سنگھ سوڍا جيڪو 1971 ۾ ئي سنڌ مان لڏي آيو هو مون سان ڳالهائندي چيو ته “ڪراچي مان کوکراپار واري سرهد هڪ ڏنهن جو پنڌُ آهي پر ان جي باوجود جيڪر سرهديون ٽن ڏنهن لاءِ به کليون ته هڪ به هندو سنڌ بلوچستان ۾ ڪون بچيندو!!!”

 ايڙهي ڳاله ناهي ته هندستان جا سنڌي اڳوان سنڌ ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن کان اڻ واڪيف آهن پر مسئلو آهي آهي ته سندن پنهنجي سياست ئي ڪجه ان ريت ڪئي آهي جي پنهنجي قوم لاءِ ڪجه به ڪرڻ کان پاسرا ٿيندا آهن. ان لاءِ هر ڪنهن وٽ پنهنجو پنهنجو مِنهون آهي. ها پنهنجي سياست لاءِ کين ايڙهيون ڪا به تڪليف يا مجبوري پيش نه ايندي آهي . اجيب جيڙي ڳاله ته ها آهي جي سنڌ ۾ ۾ هندو نمائيندا ساڳي ريت جو وهنوار ٿا رکن. جڏهن سنڌي هندو نمائيندا ئي ڪجه ايئن هجن ته غريب مسڪينن جي وائي ٻڌي ڪير ؟

 ايڙهي ڳاله ناهي ته سنڌي هيڪڙي برادري آهي جنهن قوم پرڏيه ۾به  وسيل آهي. هندستان ۾ تميلن جو هڪ حصو شريلنڪا ۾ ٿو وسي، هندي ڳالهائندڙ فِجي ۽ مروشِيس ۾ ٿو رهي ۽ بنگالين جو هڪ وڏو تبڪعو بنگلاديش ۾ ٿو رهي پر ان جي باوجود سندن پرڏيه ۾ رهندڙ توڙي  هندستان ۾ وسيلن هڪ ٻئي  لاءِ اوپرا ناهن!!!!. هندستان جي سنست لوڪ سڀا توڙي راجيه سڀا ۾ پاڪستٿان ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن  وروڌ ۾ ڳالهائو. اهو ئي ان مسئلي تي هندستان جا مسلمان ميمبرن تائين ڳالهائو، پنهنجا وات جيڪر ڪن ٺاڪي ويٺا ته رڳو سنڌي ميمبرءَ!!! بدقسمتي اها آهي جي نه ته آڏواڻي ڪجه ڳالهائو نه جيٺملاڻي. هي اهو ئي آڏواڻي آهي جنهن آسام جي فسادن جي 14 صوفن جو بيان پڙهو هو سنسد ۾ پر سنڌين لاءِ کائينس هڪ اکر تائين ڳالهائڻ ڪين پُڳو . اهو ئي کين سنڌ ۾ ٿيندي هندن تي ظلمن جي ڄاڻ جي باوجود لک ڪوشش جي باوجود هڪ خط لکڻ تائين ڪون پڳو (مان پاڻ ئي جام ڪوشش ڪيون ان بابت)

 پاڪستان ۾ 95 سيڪڙ هندو سنڌ توڙي بلوچستان ۾ ٿو رهي يانعي هو سنڌي هندو ئي آهي پر ان جي باوجود ايڪڙ ٻيڪڙ جلنس کان سوائي ماٺ ئي رهيا آهن ڄڻ ڪجه ٿيو ئي نه هجي. اسين اهي ئي هندستان جا سنڌي آهيون جيڪي رام مندر جي جاکڙي نسبت ان ئي لعل ڪرشن آڏواڻي جي اڳيان پُٺيان ڊڪياسين ڀلي هن ڪڏهن سنڌين جو ڪدر ڪين ڪيو . اهو ئي نه جيڪر ڪنهن کان وسريو نه هجي ته احميد آباد جي سنڌين کي ياد هوندو ڪيئن رٿ ياترا مهل سڀ سنڌي گڏ ٿيا هئا اهو سوچي جي آڏواڻي سندن لاءِ به ٻه لفظ ڪون ڳالهايا پر ان جي باوجود ڪو به سنڌ لعل ڪيشن آڏواڻي تي فڪر ڪرڻ فڪر پئي سمجھيو.  جيڪي کيس سُڃاڻن سي چون ته آڏواڻي سنڌين جي مئسلن تي ڪرڻ ته پري  کتو جواب ڏيندو هو. هاڻي گھٽ ۾ گھٽ هو ٻُڌندو ته آهي !!!!

1992 کان 2012 تائين ڪجه ڪين مٽيو آهي. تنهن مهل به هندستان جا سنڌي بابري مسجد جي فسادن مهل سنڌ ۾ هندو سنڌين تي ٿيندڙظلمن  تي ماٺ رهيا اڄ به سنڌين تي ٿيندڙ ظلمن تي ماٺ آهن. رام مندر ته اڄ تائين ڪون ٺهيو پر سنڌ توڙي بلوچستان جا سون گھرن ۾ ماتم ڇايل رهيو، سون جي ڳڻپ ۾ مندرن کي ڊاهيو ويو، ٻيو جيڪو سنڌي نياڻيون سان ٿيو سو ڌار. جيڪر ڪنهن به ڪجه ڳاليون سو اٽل بهاري واجپيئي هو جنهن کي هندستان جا سنڌ ايئن به ڪڏهن ازت ڪين ڏني آهي.!!!!

 چوندا آهن ته جيڪر ڪنهن به قوم کي ناسُ ڪرڻ هجي ته ان قوم جي اتهاس کي اڳواٽ ناسُ ڪجي. سنڌ فتح بعد عربن ايئن ئي ڪيو جيڪو رواج هندو سنڌي اڳواڻن پئي ورجايون. هنن هندستان ايندي شرت ئي ايلان ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪئي ته هاڻي اسان کي ان ملڪ ۾ کير کنڊ ٿي وڃڻ کپي. آچاريه ڪرپلاڻي ته سري عام چوندو هو. 1947 يا 48 ۾ ڪويٽا ۾ فساد ٿيا ته هو سنڌ جي دوري ۾ اچي چيو هو ته هندو رڳو ان حالت ۾ ئي رهي سگھندا جيڪر هو اسلام قبول ڪندا. ايڙها بيان مايوس هندن ۾ کوف پيدا ڪيو. هندستان جي سنڌي اڳوانن رڳو ان لاءِ کير کنڊ جي ڳاله ڪندا هئا ته جيڪر سنڌي،  هندو سنڌي نه رهندا ته ساڻس ڪو سنڌ ۾ ڪيل غلطيون بابت پُڇيندو ئي ڪون !!!! سندن سِک جو اثر مونکي جوڌپور ۾ ٻُڌڻ لاءَ مليو جڏهن اُٿئون جي هڪ سنڌي هندو  لوهاڻي ۽ ساماجڪ اڳواڻ اهو ڇوندي ڪا به مونجھ مهسوس ڪين ڪئي ته “سائين اسين ڀيل، ميگھوار ، ڪولي يا سوڊن کي سنڌي ڪري ڪين سمجھندا آهيون ڀلي هو سنڌ جا هجن يا سنڌي ڳالهائندا هجن” اهو ان جي باوجود جي اسين سنڌ ۾ هجارن سالن کان ساڻس رهياسين. !!!!!!

اهو سڀ تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪو قوم پنهنجي وراست کي وساري  پنهنجي اتهاس کان پري ٿيندو آهي. اسين جو ورتاءُ پنهنجي ئي ماڻهون ڏانهن پورو هندستان ڏسي پيو. هندستان ۾ 28 صوبا آهن پر 1600 ٻوليو. هر قوم کي صوبا ناهي پر ان جي باوجود سنڌين جي اڀتر انهن قومن جون قومييپرستي سڄاڳ آهي  ۽ شال هميشاه رهندي.
پر ان سڀن جي باوجود هڪ ڳاله نه پڪ آهي جي ڪنهن نه ڪنهن ڏنهن ، ڪنهن نه ڪنهن وقط اسين لوهاڻن کي هنڌوستان جا اڻ سنڌي هندو به سوال ضرور  ڪندا ته “ سائين جيڪر اوهان پنهنجن يا پنهنجي اتيت ءَ (ماضي)، پنهنجي سنڌين کي سنڌي ڪري ڪو ليکيو،  ته اوهان اسين سان ڪيئن ٿا ٿي سگھو؟”

ان سوال لاءِ هندستان جي هر سنڌي کي تيار رهڻو کپي !!!!!!!
  

September 5, 2012

جنجيرن ۾ فاتل سنڌ جو هندو هاري


جنجيرن ۾ فاتل سنڌ جو هندو هاري


جوڌپور، راجستان
سنڌ جي سانگھڙ ضيلي جي  جھول شهر ۾ ويهين ورهين کان هڪ وڏيري جي ڳاڊي هلائيندڙ مهيندرمل جڏهن پگھار گھري ته کيس جنجيرن سان جڪري ٻه ڏنهن تائين سانديه ڪُٽيو ويو.
مِروُن کي بنڌجڻ واريون لوهي جي جنجريس سندس ڳچيءَ ۾ سوگھي ڪري انهن جنجير سان هن جا هٿ به بنڌيا ويا هئا. ان بعد ٽن چئين ماڻهو کيس ايترو ڪُٽيو جي هوُ  نيٺ کجي ويو. ان بعد  کاينس  شهرجي هد کان ٻاهر فِٽو ڪيو ويو . مهيندر جي گھروارا جھول ٿاڻي ۾ ايف آئي آر ته درج ڪرڻ جي همٿ ميڙي پر پُليس ڪنهن کي به گريفتار ڪين ڪيو اڀتو سندن 
کي ظلم سهڻو پيو.

دهشت ۾ آيل سندس آڪهين ٿار ايڪپيس سان هندستان ۾ پناه ورتي. هينئر هو سنڌ نٿا 
موٽڻ چاهن. ان آڪهين جا 15 ڀاتي اڃا به سنڌ ۾ ڦاتل آهن. هو ويزا جي پيا واٽ ڏسن. اها واردات جو ذڪر ڪجه ڏنهن اڳ هندستان پهتل ريلورام ڪيو. جوڌپور ۾ جڏهن ريلورام اها ڳاله دينڪ ڀاڪشڪ جي صفهائي سان ڪئي ته سڀ وائيڙا ٿي پيا.



ريلورام اها تسوير پنهنجي مئل ڀيڻيوي جي پنهنجي موٻائيل فون جي مدد سان ورتي. هو ان تسوير کي ڏسندي چيو ته هي سڀ سنڌ ۾ هندن تي ٿينبدڙ روج جا ظلم آهن. ان آڪهين جام ظلم سٺا آهن. هڪ ڀيڻ وڌوا ٿي چڪي آهي، ڇه ڀاڻيجون ۽ ٻه ڀاڻيجا بيسهارا ٿي چڪا آهن. ان واڪعي کان يڪدم بعد پوري آڪين هندستان پائي لڏڻ چاهيو پر چار مهينن لاءِ ڪنهن کي به ويزا ڪين مليو. نيٺ اٺ ڀاتين کي ڌارمڪ ويزا مليو جنهن سان هو هندستان لڏي آيا. سندن چوڻ هو ته هو سنڌ ڪين موٽيندا ۽ جيڪر رهيل آهن سي به لڏڻ لاءِ ماندا  آهن.

پناهگرين کي درجو ڏي ڀارت ...هندو سنگھ سوڍا

پاڪستان وسٿاپت سنگھ جو سدر هندو سنگھ سپوڍا جيو ته پاڪستان واري پنجاب مان هينئر هندو کجي چڪا آهن. پاڪستان جي هندن جا 95 سيڪڙو هينئر سنڌ ۾ ٿا رهن ۽ انهن جا به هينئر حآل تمام خراب آهن. اسين جدا جدا سياسي پارتيون جي اي پي اي سان گڏجي هندستان جي قومي اسلمبلي ۾سنڌ جي هندن جي حمايت ۾ آواز بلند ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪيون. اسين هڪ دستاويز (ميمورينڊم) پڻ تيار ڪيون پيا جيئن هندستان ۾ لڏي آيلن کي ناگريڪتا ٿوڙي ٻيو سهولتيون ڏيئاري سگھئون.

پيٺ پالڻ جي لاءِ پيا سهون ظلم

سانگھ ضلعي جو پيرومل ڪسبي جو رهندڙ موهن لعل 19 اگست جو ئي ٿار  مان هندستان آيو هو. موهن ٻڌايو هو اڊائي سو ايڪڙ زمين ليج تي ورتي هئي. کيتي سان پنهنجي آڪين جو پيٽ پئي پاليو پر کيتي نسبت پاڻي ڪين ملي. هڪ اڌ ڀيڙي  سرڪاري افسر کي پيسا ڏئي پاڻي کولايو پر وڏيري پاڻي فٻائي ويو. ٽينڪر کي اچڻ ڇو ٿو ڏي. وري هن ڪُٽيو ، ٽريڪٽر برباد ڪيا ۽ فسل کي به ناس ڪئاين. ڏکي تي موهن لعل هندستان لڏي آيو.

سرهد کلي ته رستن جي واٽ لڏپڻ

هندستان لڏي آيل سُمرارام، لُڻا رام ۽ موهن رام جي مٽ مائيٽن جو چوڻ هو ته ڀاڙمير جيسلمير جي ٻئي پاسي وسيل هندن جي حالت ڏکائندڙ آهي. جيڪر حڪومت هڪ ڪلاڪ کن لاءِ به بارڊر کوليا ته هجارن جي تعداد ۾ هندو لڏي هندستان پاري پاسي ۾ هليا ايندا. پر اسين ممڪن نٿو لڳي. پاڪستان هندن جي لڏڻ کان روڪڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان جو سبب هڪ ئي آهي جي وڏيرن جي کيتن ۾ ڀيل، ميگھوار، باگي، ڪولي وغهيراه ئي ڪم پيا ڪن. لُڻا رام جي آڪين جا 30 ڀاتين ويزا لاءِ درکاست ڏني هئي پر سندن ٻن پٽن کي ويزا ڪون مليو. هنن اهو چيو ته ٿر پرڪار مان ڪجه ڏنهن ۾ 40 هندو جين ويزا تهت ۽ باڪي 19 جڻا ڌارمڪ ويزا سان ڻب جٿن ۾ هندستان آيا، انهن مان ڪو به موٽي سنڌ وڃڻ لاءِ تيار ناهي.

جنجيرن سان جڪڙيل پنهنجي ڀيڻيوي جو ڦوٽو ڏيکاريندي رينومل چيو ته خوکراپار پُڄيندي هندن جي سکت تلاشي ورتي ويندي آهي جيئن اسين ظلمن جي ڪا به تسوير پاڻ ساڻ نه کڻي اچي سگھئون. سندس چوڻ هو ته ڀيڻيوي جي اها تسوير هو آفسر کان ڪنهن ريت لڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

هي احوال هندستان جي جوڌپور مان شايع ٿيندڙ دينڪ ڀاشڪر ۾ هندي ٻولي ۾ شايع ٿي هئي
هن آرٽيڪل جي مول لنڪ


  


    

  

September 4, 2012

پاڪستان جي کلاف اُمڙو هندستان جو سنڌي سماج



پاڪستان جي کلاف اُمڙو هندستان جو سنڌي سماج


نه ته پليس کي خبر هئي ۽ نه ئي ان ايتجاجي ميڙاڙڪي جي ڪوٺ ڏيندڙن ئي ڪا  ايڏي وڏي تعداد جي اميد يا تياري هئي جي سنڌ ۾ ٿيندڙ هندن تي ظلمب جي وروڌ ۾ سنڌين جي ايرڏي وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيندا. اهو ئي سبب هو جي جام ڌير تائين  هندستان جي مڌيه پريش جي راجڌاني ڀوپال جي نيلم پارڪ جي واٽ ڪلاڪن لائين بند رهي. عام سنڌين جو پنهنجي پاڻ گھرن مان نڪري اچڻ سبب ميڙ ۾ پهتل ماڻهون کي سنڀالڻو به مشڪل پئي لگو. هندستان ۾ رهندڙ سنڌين  جي ساماجڪ تنظيم ڀارتيه  سنڌو سڀا پاران ڪوٺايل ان ايتجاجي ميڙ جو بندوبست ڪيو ويو هو. ان ڌرني بعد مڌيه پرديش جي راجيپال (گورنر) جي نالي هڪ درخاست پڻ موڪلي وئي.

سنڌ توڙي پاڪستان ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن مثلن جبرن اغوا ٿوڙي نياڻيون جو مذهب مٽائڻ  جي کلاف ڀوپال ۾ سنڌين جي ڪاوڙ صاف ڏسڻ پئي آئي. هزارن جي تعداد ۾ ماڻهون پاران لکيل بينرر هئا توڙي پاڪسٿان کلاف  نارن جي گونخ پئي ٻُڌائي ڏني. ان سڀا ۾ ڳالهائندي سڀا جو مها منتري شري ڀگوانداس سيناڻي چيو ته سنڌي قوم پناهگري ناهي، هو اکنڊ ڀارت جي سنڌ صوبي مان ايل آهن. هڪ صوبي کان ٻئي صوبي ۾ لڏڻ واري کي پناه گري ڪون ڪوٺيو ويندو آهي. هاڻوڪي پاڪستان ۾ هندن سان ظلم پيا ٿين مثلن اغوا، جبرن ڌين ڌيم مٽائڻ ، ڪتل ڪرڻ وغيراه جو شڪار پيو ٿيئڻو پوي هندن کي. اُتي سنڌن جي  جان توڙي مال تي پيا وارَ پيا ڪيا وڃن .اهو ئي سبب آهي جي هندو پنهنجي جان توڙي ڌرم کي باچائن نسبت هندستان لڏي اچڻ لاءِ مزبور پيا ٿين.  مڌيپرديش ۽ هندستان جي جدا جدا صوبن جي سنڌي ڌرمشالائن ۾ کين ڏٺو ويندو آهي. هندستان حڪومت کي کپي ته پاڪستان جي حڪومت تي ذور ڏين جيئن هو سنڌ توڙي پاڪستان ۾ رهندڙ سنڌي هندن کي تهظوج ڏي ۽ جيڪي لڏڻ پئي چاهيو تن کي نه روڪيو وڃي. ان کان سواءِ انتراشٽريه ستهيه تي به ان مسئلي کي اٿارو وڃي. چين واڱر هر رهندڙ کي  ناگريڪ ئي ناگريڪتا ڏني وڃي. صوبيائي حڪومت کي کپي ته هو به ناگريڪتا معملي ۾ ساٿ ڏي. ان ايتجاجي ميڙ ۾ شُسانت واسواڻي، وشال درياڻي، جيه ڪيرشن لعلواڻي، ڊا ڌرميندر اسراڻي 
وغيراه موجود هئا. 

اهو احوال هندستان جي هندي ميڊيا مان ورتل آهي 

     








September 1, 2012

پاڪستان ۾ هندو دهشت ۾ پيا رهن


پاڪستان ۾ هندو دهشت ۾ پيا رهن

ميرٽ (اتر پرديس هندستان) پاڪستان کان لڏ پڻ کان سپواءِ ٻئي ڪا به واٽ ناهي. هت هر هندو دهشت جي سائي هيٺ آهي. هر پل ڪنهن ڪاه جو ڊپ هوندو آهي. نه ڊنگ سان هولي مڃايون ۽ نه ئي ڊنگ سان ڏيئاري. اهو ڏک ذاهر ڪيا پاڪستان ۾ تازو لڏي آيل هڪ هندو آڪهين. اين  جو وڏو مڙس ڪيئلاش چيو ته ڄڻ ڊپ کيس گھوري رهيو هو پاڪستان ۾. پاڪستان  جي هندن کي لٽڄڻ ۽ ڪُٽجڻ جو ڊپ هميشا ئي رهندو آهي.

ڪيئلاش پنهنجي جوڻس امريتا کان سواءِ ڌيڻس انچل، ڪشِش، انوکي ۽ پٽس آديس کي به ساڻس گني آيو آهي. هو پاڪستان جي بلوچسٿان صوبي جي مصتونگ شهر جو رهواسي هو جتي کيس هڪ ڪناري جو هٽ هو، پر پاڪستان ۾ دهشد جو ماهول کيس جھنجھوڙي ڇڏيو هو . هو هت ميرٺ ۾ سندس ڀيڻيِوي راڌيشام جي گھر اچي لٿو آهي ۽ ميرٺ ۾ رهڻ جي نسبت ايل ٽي وي ( لانگ ٽرم ويزا) لاءِ به ارجي ڏني آهي. ڪيلاش جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هندو رهن ضرور ٿا پر اتي رهڻ لايڪ حالتون ناهن . ديهسد جو آلم اهو آهي جي ننڊن شهرن ۾ ته نه ئي ڏئاري ۾ هندو فٽاڪا باري ٿا سگھن ۽ نه هولي ۾ گلال لڳائي هولي ٿا کيڏي سگھن. اهو ئي نه پر هو پنهنجي ڪناري جي دڪان سانجھ جو ڇهن لڳي ئي بند ڪري گھر پُڄي سوجھو ٿيندو هو، ڇاڪاڻ ته سِڄُ لڪندي ئي لُٽجڻ جو ڊپ هو. امرتا جو چوڻ هو ته اسان جا ٻار به عام جندگي کان مهروم ئي ٿي پيا هئا.

صحيح ماهول نه ملڻ سبب ٻارن جي پروريش به نه پئي ٿي سگھي. انهن ڳڻتي سان اسين هت هندستان لڏي آياسين . ڪيئلاش جو ڇوڻ هو ته سندس ٻه ڀائر سنتوش ۽ ڪرشنا پڻ هندستان لڏي اچڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. ڪيئلاش ۽ امريتا ٻڌايو ته سندن جنم پاڪستان ۾ ئي ٿيو ۽ پنهنجي جنم ڀومي مان ڌار ٿيئڻ ڪا سهلي ڳاله ناهي پر اتي حالت ئي ڪجه ايئن آهي جي اسين بيبس آهيون. اسان جي لڏي اچڻ جي پنج ڏنهن اڳواٽ ئي هڪ حملو ٿيو هو جن ۾ دڪان جا به نوڪر مارجي ويا.

ڪيئلاش اهو به چيو ته اتي ٻئي هندن جي به حالت  ساڳي آهي جنهن سبب جام ماڻهو لڏپڻ پيا ڪن، پر ڇاڪاڻ ته ويزا نه ملڻ سبب هو پنهنجي خووائيش پوري نٿا ڪري سگھن

ڪيئلاش جي ڀيڻوري پڻ لڏ پڻ ڪئي هئي

جنهن ريت ڪيئلاش لڏ پڻ ڪئي آهي ساڳي ريت سندس ڀيڻيوي پڻ ساڳي شهن مان لڏپڻ ڪئي هئي. راڌيشام پنهنجي جوڻس ۽ ماڻس سان هندستان جي ميرٺ شهر ۾ لڏي آيو هو . شروع شروع ۾ هو رگھوناٿ  مندر ۾ رهڻ شروع ڪيو پر نيٺ پنهنجي مسواڙ جي جاءِ ورتي. شروع شروع ۾ ايل ٽي وي ۾ ڪي سال رهيو پر پوءِ نيٺ هندستان جي ناگريڪتا ملي ويس. هينئر هو هت تمام گھڻو سکي آهي.

ڀاڻيجي جو جبرن مذهب مٽجڻ

ڪيئلاش ۽ راڌيشام جيڪي پاڪستان ۾ رهندي ڏٺا سي کائين وسري نٿا وسرن. ڪيئلاش چيو ته ست سال اڳ سندس ڀاڻيجي سنديپ جو جبرن مذهب مٽائي نڪاح ڪرايو ويو. سنديپ جي امر تنهن مهل رڳو 16 سال هئي . تنهن ڏنهن کان سنديپ اڄ تائين گھر هڪ ڀيڙو به ڪون آيو آهي. پوليس سان سندن جام ڀيڙا ڏانهن ڪئي پر هو ٻُڌڻ لاءِ به تيار نه هوندي آهي.

رپوٽ  امر اُجالا  (هندي اخبار)


.




August 24, 2012

سنڌ مان لڏي آيل هندن جا سورءَ


پر سال يعني 2011 ۾ سنڌ مان 1400 ماڻهون جو جٿو هندستان آيو جن مان 140 جو جٿو هندستان جي راجڌاني دهلي جو رک ڪيو. سندن جي چاه هئي ته هو هندستان ۾ وسن ۽ سنڌ موٽي وڃڻ لاءِ اصل ئي تيار ڪين هئا. جيئن ته 2011 تائين جٿي جا ويزا ڪون وڌايا ويندا هئا سو ڳاله ڪورٽ تائين پهتي  ، جتي ڪورٽ جي دٻاءُ سبب حڪومت نيٺ جٿي جا ويزا وڌائڻ لاءِ هڪ نوٽيويڪيشن جاري ڪيو. پيس آهي سندن بابت ڪي احوال جيڪو هندي اخبار ۾ شايع ٿيل هئا ان وقط جڏهن هو ڪيپن ۾ رهي پنهنجي لڙائي پئي لڙي.

رپورٽ :.هندي رسالو ”ويب دنيا“


سنڌ مان لڏي آيل هندن جا سورءَ
”اسان کي جبرن اسلام قبول ڪرايو ويندو آهي“

پاڪستان ۾ هندن تي ٿيندڙ سانديه کتري کي مهسوس ڪندي ويجھڙائي ۾ (نومبر ع2011) 140 ماڻهون جو هڪ جٿو هت ئي رهڻ ٿو چاهي ۽ هندستان جي راجڌاني دهلي ئي پنهنجو آشئانو ٿا بڻائڻ چاهن.

پاڪستان جي سنڌ صوبي مان هي جٿو ڌارمڪ ويزا جي معرفت هندستان گھمڻ آيو هو. سندن ويزا جي وقط نبري وڃڻ جي باوجود هو پنهنجي ملڪ پاڪستان نٿا موٽڻ چاهن. سندن مڃڻ آهي ته هينئر هنن جو مسطقبل سنڌ ۾ کتري ۾ آهي.
ان جٿي ۾ 27 هندو آڪهين آهن ۽ ان جٿي جي ويزا جي وقت نبري ٻه مهنا گُجري چڪا آهن. سندن اباڻو گھر سنڌ جي حيدرآباد شهر جي ڀرسان متياري نالي ضعلي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻُڌايو پيو وڃي. سندن چوڻ آهن ته هو هندستان ۾ پاڻ کي مهفوظ پيا محسوس ڪن.

هي جٿو اتر دهلي جي “مجنو ڪا ٽيلا”  الائيڪي ۾ سندن سنسٿا پارا جوڙايل هڪ ڪيمپ ۾ رهن ٿا. ان جٿي ۾ پوڙها، ٻار توڙي جوانن جي هندستان حڪومت لاءِ  هڪ ئي اپيل دهرائندا رهيا ته  سندن ويزا وڌائي وڃي ۽ سندن رهڻ جو بدوبست ڪيو وڃي.

سالن کان انتظار بعد نيٺ ان جٿي ۾ آيل هندن کي ويزا ملي جنهن سبب هو هندستان پهتا هئا.
هڪ اين جي او ساڻ ڳنڊيل شري گنگارام جو چوڻ هون ته هو به پرڌان منتري ۽ ڪانگريس جي سدر سونيا گانڌي کان به خط لکو آهي پر  اڃا تائين ڪو به جواب ڪين مليو آهي.

پنهنجي ڪيمپ ۾ مٽن مائيٽن سان گهريل ۽ تئي تي فُلڪا سيڪيندي 20 ورهين جي گنگا پاڪنستان ۾ پنهنجي ڪهاڻي پئي ٻُڌائندي سندس سڪون ڏسڻ جيڙهو هو . کيس ان ڳاله جي ته دلجاءِ هئي ته گھٽ ۾ گھٽ سندس اولاد ته هڪ سڪون جي حياتي ڳاريندا.

پنهنجي آڪهين لاءِ ماني پرسيندي هون چيو ته پاڪستان ۾ ڪا به ڌارمڪ آزادي ناهي. اسان کي ته  تعليم حاصل ڪرڻ جي به آزادي ناهي. اسان کي ته حميشاه ئي نشاڻو بڻايو ويندو آهي. اسين هندستان جي ويزا ملڻ جا پيا ڏنهن ڳڻئون ته ڄاڻ ويزا ملي ۽ اسين هتئون نڪري سگھئون. اسين بس هينئر هتي وسڻ پئي چاهيو.

ڊيرا بابا ڌنيداس پارا سڀن 27 آڪهين لاءِ رهڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو.  ان ڪيمپ جا ڪي جوان ته الاڪي جي ڪن دوڪانن ۾ نوڪريون ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏيوآهي .

پنهنجي حياتي ۾ ٿوڙي ئي ڏنهن لاءِ لعليم حاصل ڪيل يمونا جو جوڻ هو ته سندن پنهنجي گھر، ذمين ،الاڪا ۽ باڪي سڀ شئيون رڳو ان لاءِ قربان ڪيو جي هندستاني سندن مدد ڪندا. چندرما (40) يمونا جو پاڪسٿان مان لڏڻ جي ڪهاڻي ڪجه هن ريت پوري ڪئي...

اسان جي ٻارن کي اسڪول ۾ ڌار ويهارو ويندو آهي. اتي اسانجي ٻارن کي پاڻي پيئڻ  لاءِ ڪين ملي. اسين ڊپ سان نٿا رهي سگھئون. اهو ئي سبب آهي جي اسين ڌارمڪ جٿي جا ويزا هٿ ڪري هندستان آيا آهيون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سندن سماج پنهنجو خرچ پاڻ ٿو ڪڏي سگھي. اسان بس ويزا جو مسئلو آهي ۽ اسان کي رهڻ جي جاءِ کپي جيئن اسان جا ٻار وري تعليم شروع ڪري سگھن.

انهن مان هڪڙي 13 سالن جي چوڪري آرتي سان به منهنجي ڳاله ٻوله ٿي جنهن جي ڳاله ٻُڌي ڪو به جزباتي ٿي پوي. هن چيو ته هوءَ ڪڏهن به اسڪول ڪين وئي پر پنهنجي ڏاڏي ڏاڏيِ وٽان ئي هندو منتر سکا هئا. جڏهن نه کيس رنڌڻي مان موڪل مليس ته پنهنجي جمار جي سنگت سان اهي ساڳيا منتر سکاري گد گد ٿئي. پنهنجي ڀاڻس جي ويٺي آرتي چيو ته کيس اهي  منتر بيهت وڻن ۽ ٻين کي به سيکارڻ ۾ چاه رکندي آهي

آرتي جي ڀاڻس پنهنجو نالو ته ڪين ڏسيو پر هن پُڇيو ته ضرور ته اسين  هندو هئڻ جي ناتي هندستان ۾  ڇون نٿا رهي سگھئون.؟ سندس چوڻ هو ته جڏهن بنگلاديشي، نيپالي ۽ تببتي ڀارت ۾ رهي ٿا سگھن ته پوءِ اسين ڇون نه ؟ حڪومت کي اسان لاءِ به ڪجه ڪرڻو کپي.  
هن چيو ته اسين اتي (سنڌ توڙي پاڪستان) ۾ ڪيئن ٿا رهي سگھئون جڏهن اسان کي جبرن اسلام قبول ڪرائڻ جي مَنَشا رکي ٿو. سنڌ جي هڪ ڳوٽ ۾ ميڪينڪ جو ڪم ڪنڌڙ ساگر پنهنجي پاڙيسي جي ڳاله بِدر ۾ چيو ته اسان وٽ ته جٿي جو ئي هڪڙو وصيلو آهي سنڌ مان نڪرڻ جو.

هن چيو ته اسان جي گھر ۾ اسان سان هاٿاپائي ڪئي ويند هئي. اسان کي فوريو ويندو هو.حالتونه ڪڏهن سڌرنديون ۽ نه ئي اسين ايڙهي ڪا اميد به ڪيون ٿا. هينئر ته اسين رڳو سانتي ۽ عمن سان پنهنجي حياتيون ڳارڻ ٿا چاهيون.ڪريڪيٽ جي راند کيڏيندڙ 12 ورهيون جي امر جو چوڻ هو ته هو وري موٽي نٿا وڃڻ چاهن. اسان کي سنڌ موٽي وڃڻ کان ڊپ آهي. آئون هت ئي رهڻ پيو چاهيان.



هن آرٽيڪل جي لنڪ