September 1, 2012

پاڪستان ۾ هندو دهشت ۾ پيا رهن


پاڪستان ۾ هندو دهشت ۾ پيا رهن

ميرٽ (اتر پرديس هندستان) پاڪستان کان لڏ پڻ کان سپواءِ ٻئي ڪا به واٽ ناهي. هت هر هندو دهشت جي سائي هيٺ آهي. هر پل ڪنهن ڪاه جو ڊپ هوندو آهي. نه ڊنگ سان هولي مڃايون ۽ نه ئي ڊنگ سان ڏيئاري. اهو ڏک ذاهر ڪيا پاڪستان ۾ تازو لڏي آيل هڪ هندو آڪهين. اين  جو وڏو مڙس ڪيئلاش چيو ته ڄڻ ڊپ کيس گھوري رهيو هو پاڪستان ۾. پاڪستان  جي هندن کي لٽڄڻ ۽ ڪُٽجڻ جو ڊپ هميشا ئي رهندو آهي.

ڪيئلاش پنهنجي جوڻس امريتا کان سواءِ ڌيڻس انچل، ڪشِش، انوکي ۽ پٽس آديس کي به ساڻس گني آيو آهي. هو پاڪستان جي بلوچسٿان صوبي جي مصتونگ شهر جو رهواسي هو جتي کيس هڪ ڪناري جو هٽ هو، پر پاڪستان ۾ دهشد جو ماهول کيس جھنجھوڙي ڇڏيو هو . هو هت ميرٺ ۾ سندس ڀيڻيِوي راڌيشام جي گھر اچي لٿو آهي ۽ ميرٺ ۾ رهڻ جي نسبت ايل ٽي وي ( لانگ ٽرم ويزا) لاءِ به ارجي ڏني آهي. ڪيلاش جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هندو رهن ضرور ٿا پر اتي رهڻ لايڪ حالتون ناهن . ديهسد جو آلم اهو آهي جي ننڊن شهرن ۾ ته نه ئي ڏئاري ۾ هندو فٽاڪا باري ٿا سگھن ۽ نه هولي ۾ گلال لڳائي هولي ٿا کيڏي سگھن. اهو ئي نه پر هو پنهنجي ڪناري جي دڪان سانجھ جو ڇهن لڳي ئي بند ڪري گھر پُڄي سوجھو ٿيندو هو، ڇاڪاڻ ته سِڄُ لڪندي ئي لُٽجڻ جو ڊپ هو. امرتا جو چوڻ هو ته اسان جا ٻار به عام جندگي کان مهروم ئي ٿي پيا هئا.

صحيح ماهول نه ملڻ سبب ٻارن جي پروريش به نه پئي ٿي سگھي. انهن ڳڻتي سان اسين هت هندستان لڏي آياسين . ڪيئلاش جو ڇوڻ هو ته سندس ٻه ڀائر سنتوش ۽ ڪرشنا پڻ هندستان لڏي اچڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. ڪيئلاش ۽ امريتا ٻڌايو ته سندن جنم پاڪستان ۾ ئي ٿيو ۽ پنهنجي جنم ڀومي مان ڌار ٿيئڻ ڪا سهلي ڳاله ناهي پر اتي حالت ئي ڪجه ايئن آهي جي اسين بيبس آهيون. اسان جي لڏي اچڻ جي پنج ڏنهن اڳواٽ ئي هڪ حملو ٿيو هو جن ۾ دڪان جا به نوڪر مارجي ويا.

ڪيئلاش اهو به چيو ته اتي ٻئي هندن جي به حالت  ساڳي آهي جنهن سبب جام ماڻهو لڏپڻ پيا ڪن، پر ڇاڪاڻ ته ويزا نه ملڻ سبب هو پنهنجي خووائيش پوري نٿا ڪري سگھن

ڪيئلاش جي ڀيڻوري پڻ لڏ پڻ ڪئي هئي

جنهن ريت ڪيئلاش لڏ پڻ ڪئي آهي ساڳي ريت سندس ڀيڻيوي پڻ ساڳي شهن مان لڏپڻ ڪئي هئي. راڌيشام پنهنجي جوڻس ۽ ماڻس سان هندستان جي ميرٺ شهر ۾ لڏي آيو هو . شروع شروع ۾ هو رگھوناٿ  مندر ۾ رهڻ شروع ڪيو پر نيٺ پنهنجي مسواڙ جي جاءِ ورتي. شروع شروع ۾ ايل ٽي وي ۾ ڪي سال رهيو پر پوءِ نيٺ هندستان جي ناگريڪتا ملي ويس. هينئر هو هت تمام گھڻو سکي آهي.

ڀاڻيجي جو جبرن مذهب مٽجڻ

ڪيئلاش ۽ راڌيشام جيڪي پاڪستان ۾ رهندي ڏٺا سي کائين وسري نٿا وسرن. ڪيئلاش چيو ته ست سال اڳ سندس ڀاڻيجي سنديپ جو جبرن مذهب مٽائي نڪاح ڪرايو ويو. سنديپ جي امر تنهن مهل رڳو 16 سال هئي . تنهن ڏنهن کان سنديپ اڄ تائين گھر هڪ ڀيڙو به ڪون آيو آهي. پوليس سان سندن جام ڀيڙا ڏانهن ڪئي پر هو ٻُڌڻ لاءِ به تيار نه هوندي آهي.

رپوٽ  امر اُجالا  (هندي اخبار)


.




No comments:

Post a Comment