October 29, 2011

سياسي آڪهين ۾ فاٿل ننڊي کنڊ جي سياست


سياسي آڪهين ۾ فاٿل ننڊي کنڊ جي سياست


پوئين هفتي سنڌ مان شايع ٿيندڙ هر هڪ اخبارءَ ۾ هڪ ناڻءُ چاهيل هو سو هو بيگم نصرت ڀٽو جو. جيڪا دبئي ۾ هڪ ڊگھري بيماري سبب لاڏاڻو ڪري وئي. جيتوڻيڪ سندس بيماريءَ جو سلسلو ع1882 کان سروع ٿيو جڏهن ڪينسر سبب جڏهن نصرت ڀٽي کي لنڊن لڏڻو پيو. پر جيتائين  سندس موت جو سبب آهي ته اخبارن موجب سندس موت پاڪنگسنس جي بيماري جي هليندي ٿي جنهن  سبب اڳين ئي بيگم نصرت ڀٽي جي ياداست ڪمذور ٿي وئي هئي. ان بيماريءَ جو هڪ سبب سندس سڪلندي پٽ مرتاضا ڀٽو جو ڪراچيءَ ۾ ڪتل به ٻڌايو پيو وڃي جنهن لاءَ بيگم پنهنجي پءِ جي سياست سياسي وراست جو وارس پئي ڏسڻ چاهيون. پر کير اهو ٿي ڪون سگھون ڇاڪاڻ ته بيناظير ۽ پ پ پ جي ڪارڪون ايئن ٿيئڻ ڪون ڏنو وري ذلفقار  ۽ نصرت کان پوءِ جيڪر ڪو ڀٽي خاندان جو ڀاتي پ پ پ جي ڪاروڪن جي ويجھو هو ته اها هئا بيناظير.  پر ان سڀن جي باوجود ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته بيگم نصرت ڀٽو بيناظير ۽ پ پ پ جي هر مصيبت جو ساٿ ڏنو جيستائين سندس وس پڳو.


جيستائين ڳاله ڪجي بيگم نصرت سياسي ڪردار جي ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ايم آر ڊي جي وجود ۽ سنڌ توڙي پاڪستان ۾ جموريت جي جاکڙي جي نسبت سندس ڪم جسُ لهڻو. ان جاڪڙي ۾ پ پ پ  کان سواءِ ٻيو به ڪي سياسي تنظميون هئون جيئن مسلم ليڳ (جيڪا ان تهريخ سبب ٻن ڀاڱي ۾ ورهائيجي پڻ وئي هئي)، خان عبدل والي خان جي عوامي نيشنل پارٽي، رسول بخش پليجي جي عوامي تهريخ ۽ ڪي ٻيو ننڊيون پارٽيون جن مان ڪي اسلامي پارٽيون پڻ هئيو. جيتوڻيڪ ايم آر ڊي جي تهريخ جو مقصد هو مارشل جو کاتمو ۽ آزاد چونڊيون ڪرائڻ پر اها ڳاله به وسارڻ جي ناهي ته اهو ان تهريخ جو ذور ئي هو جنهن سبب ضيا ال حق ڪنهن ڪدر چونڊيون ڪرائون ڀلي ئي اهي سياسي پارتين جي تهت ڪون ٿي هيون. جيتوڻيڪ ان هلچل کي پوري پاڪستان ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اها به هڪ سچائي آهي ته ان جو هيڪلو مرڪج سنڌ ئي رهيو. اهو ئي نه پر قومن جي نسبت به ڏسجي ته ان تهريخ ۾ سنڌين جي ڀيٺ ۾ پنجابين ۽ مهاجرن جو ڪردار به جي برابر هو. پر ان سڀبن جي باوجود بيگم نصرت ڀٽو جي همت ۽ سگھ جسُ لهڻي ڇا ڪاڻ ته بيگم جيڪا سياسي سوچ ڏيکاري سان تمام گھٽ سياستدانن ۾ هئي. ڪنهن به ضائيفان لاءَ اها ڳاله ڪنهن به ريت ننڊي نه مڃڻ کپي.


جيڪر سنڌ ۾ ڏسجي ته ڀٽن کان سواءِ ٻيو به چڱيو  سياسي آڪهيون ٿي گذريون آهن جن ۾ اهم آهن سومرو آڪهين، جتوئي آڪهين يا وري تالپورن جي آڪهين پر ان جي باوجود سنڌ ۾ جيڪو مان آهي ڀٽن جو سو ان سڀنن آڪهين کان مٿي آهي. اها ڳاله وسارڻ جي ناهي ته ڪا به ضائيفا ۾ ڀلي ڪيترو به حرسُ ڇون نه هجي پر ان لاءَ پنهنجي مردن جو قرنابيون ڏيئڻ ڪا به ننڊي ڳاله نه ٿيندي آهي. اهي سندن جاکڙو ئي هو جنهن سبب ڀٽي خاندان کي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين به مان ۽ ازت ڏني آهي. اڄ جڏهن نه بيناظير آهي نه نصرت ڀٽي سو پ پ پ جي به اها حالت ناهي. اها ڳاله پ پ پ  جي جڙ جي ڪاروڪن کي ضرور پريسان ڪندي ايندڙ ڏينهن ۾.


جيستائين ڳاله ڪجي سياسي آڪهين جي ته پوري ننڊي کنڊ ۾ سياسي آڪهين جو بول بالو رهيو آهي. بنگليديش ۾ ٻنهن سياسي جمايت ۾ آڪهينواد حاوي آهي مثلن عوامي ليڳ (شيخ حسينا) يا بنگلاديش نيشلن پارٽي (بيگم کاليداه ضيا.. جنهن جو مڙس جو به ڪتل پڻ ٿيو هو) سيياسي آڪهيون ئي ليکبيون آهن. هندستان ۾ کوڙ ايڙهيون پارٽيون آهن جيڪي پنهنجي هيئنر ڪنهن ڪدر سندس اڳواڻن جي آڪهيون جون تنظميون ٿي رهنجي ويو آهن مثلن پنجاب ۾ اڪالي دل، تملناڊ ۾ درموڪ، مهاراشٽر ۾ سيو سينا يا اين سي پي يا وري ڪشمير ۾ نيشنل ڪارفرينس يا پي ڊي پي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪير ٿو وساري سگھي ڪانگريس پيرٽي کي.




جيڪر ڀٽي يا وري ايڪڙ ٻيڪڙ پارٽيون کي ڇڏي به ڏئون (جيڪي شروعات کان ئي آڪهيون جون پارٽيون رهيون آهن ) ته اهو چٽي ريت نظر ايندو ته آڪهينواد انهن پارتين ۾ پکتو ٿيون آهن جنهن مارٽين جي ڪنهن هڪ اڳواڻ جو ڪد پارتين جي ٻين اڳواڻن کان ڪنهن ڪدر مٿي ٿي پيو آهي جنهن سبب هو پنهنجي هر ڳاله پارٽين ٿي مارڻ ۾ قامياب تا ٿي وڃن. جيڪر هندستان ۾ ڪانگريس پارٽي کي ڏسجي ته آزاديءَ کان ڏهاڪن ٻن بعد به اها ڪا آڪهين واري پارٽي ڪڏهن ڪون هئي. سري ڦرينڪ مارائي (1904 کان 1974) جنهن جوهارلعل نيهرو جي آتم ڪٿا لکي آهي ۽ نهرو توڙي ڪانگريس کي ويجھڙائيءَ سان جاچيو هو، تنهن به هڪ هند لکو آهي ته “جيڪڏهن ڪانگريس ۾ آڪهينواد مڙيو ويو ته اهو نه ڪانگريس ۽ نه ئي نهروءَ جي شخضيت موجب هوندو” ساڻ ساڻ اها به ڳاله ڏاڍي اهم مڃڻ کپي ته ع1960 کان پوءَ سري فرينڪ موري نهرو ۽ ڪانگريس جي سکت کلاف ٿي ويو ۽ ڪانگريس ۾ هوريان هوريان آڪهينواد هاوي ٿي ويو. جيتوڻيڪ اندرا گانڌي 1960 ۾ ڌاري هڪ ڀيڙو ڪانگريس جي سدر پڻ ٿي پر ان جي باوجود پنهنجي سدر وارو وقت پوري ڪري پارٽي ۾  ڪا گھڻي دلچسپي ڪون ڏيکاري ۽ پنهنجي گھر ڏانهن وڌيڪ پئي ڌيان ڏنو. نهرو جي گزاري وڃڻ جي يڪدم بعد به اندرا تڏهن وزيرات ۾ آئي جڏهن نهرو بعد پرڌان منتري لعل بهادر شاستري ٺهيو جنهن اندا گانڌي تي ذار ڀريو. اڳتي هلي ڪانگريس ۾ آڪهينواد تڏهن وجود ۾ آيو جڏهن اندرا گانڌيءَ جو رطبعو ڪانگريس ۾ ڪنهن ڪدر وڌي ويو خاص ڪري 1971 جي پاڪستان سان لڙائي بعد جڏهن جن سنگھ وارا به اندرا گانڌي جي همت جي نيڪي ڪرڻ لڳا. اهو ان سڀ جو ساهد آهي ته ڪانگريس ۾ آڪهينواد اندرا گانڌي جي سبب ئي آيو، نه ڪي نهرو جي سبب.


آڪهينواد تي اندرا گانڌي جو چوڻ هوندو هو ته کيس ايڙهي سخص جي ضرورت هئي جنهن تي هوءَ ويساءُ ڪري سگھي. ان جو هڪ سبب اهو ٿي ٿو سگھي ته جنهن وقت اندرا گانڌي هندستان جي وڏي ۾ وڏي سياسي اهدي تي ويٺي تنهن وقت ڪانگيس ۾ تنهن مهل جي دِگجن مثلن وائي به چوهاڻ يا مرارجي ديسائي يا چرن سنگھ جو راجيه هلندو هو جنهن سبب سندن اندرا گانڌي کي اهو آزادي ڪون ڏني جيڪا کين کپندي هئي. هن کي گھٽ تجربي جي باوجود اهي اهدو مليو ڇاڪاڻ ته هو پاڻ مان ڪنهن کي مٿي تي نه ڏسڻ چاهيو، پر اها به هڪ سچائي آهي ته کيس ڪن اڳواڻن جو به ساٿ مليو خاص ڪري 1977 کان پوءَ مثلن پرڻو مُکرجي ۽ ٻين جو . اهو  کيس ان وقت مليو جڏهن هوءَ ڪانگريس ۾ بلڪل هيڪلي ٿي پئي هئي چڱن ساٿُ ڇڏي ڏنو هوس پر ان جي باوجود ڇو ته اندرا پنهنجي آڪهين تي ٻئي ڪنهن کان وڌيڪ ويساءُ ڪرڻ جو فيئسلو ڪري ورتو هو سو ڪانگريس ۾ آڪهيواد جو زور به وڌي ويو. اهو به ڪن جو مڃڻ آهي ته ايمجنسي به اندرا گانڌي پنهنجي پٽ جي چئي ئي لڳائي جنهن سبب اخرڪار سندس سڪست ٿي هئي چنڊن ۾.  


جيڪا ڪار اندرا گانڌي ڪئي سي هندستان جي چڱن سياست دانن ڪئي.هندستان ۾ ڪشمير کان تملباڊو تائين ساڳيو منظر وجود ۾ اچي ويو. ڪشمير ۾ عبدلاه آڪهين ته پنجاب ۾ بادل، ته مهاراشتر ۾ سيو سينا سڀنن پنهنجي پنهنجي پارٽين کي پنهنجي آڪهين جي ملڪيت ٺاهي چڏي. اهو انهن سان وڌيڪ ٿيو جٿي ڪا پارٽي پنهنجي اڳواڻڻ جي مان ڪنهن ڪدر گھڻو ڏنو.



اهي منظر به نظر آيا آهن ته اهي سياستدان پنهنجي آڪهين جي ڪڏ ايترا ته انڌا توڙي ٻوڙا ٿا ٿي پون جي پنهنجي رت کان سواءَ ڪنهنجو ڪدر نٿا ڪن. سنڌ ۾ جيڪو اڄ فاطما يا شهيد ڀٽي جي ننهن غنوا ڀٽو سان ٿي رهيو آهي سو اهي منظر جي جھلڪ آهي. ساڳي ريت هندستان ۾ به اندرا گانڌي مينڪا گانڌي کي سياسي جاءَ نه ڏني پر پنهنجي پٽ کي گِهلي آهي جنهن کي سياست جو ٽڪي جو به تجربو ڪون هو. وري سيو سينا ۾ تمام گھڻي سياسي سوچ رکندڙ راج ٺاڪري کي نيٺ پنهنجي ڌار پارٽي ٺاهڻي پئي.ڪيتري نه عجيب ڳاله آهي جي هو ان سان پنهنجي پارٽي کي به هيٺ ڪرندي ڏسي ٿا سگھن پر پنهنجي رت تي وساءُ ڪمي نٿا آڻين.



هندستان ۾ ان آڪهينواد تي چڱن سالن کان بهس پئي هلي. اهو ئي نه پر هر  وڏي چونڊن بعد ان مسئلي تي بهس ضرور ٿي ڇا ڪاڻ ته هر چوڊن کان پوءَ ان جي ڳڻپ گھٽبي ناهي پر هاٿيون وڌندي آهي. جيتوڻيڪ ڪي سياسي سنظميو ان مسئلي کي سياسي مسئلو ٺاهن جي ڪوشش ڪئي پر ان جي باوجود هي مسئلو ڪڏهن به رواجي ووٽرن لاءِ مُددو ڪو ٿيو آهي. وري جن پارٽيون ان تي هل ڪيو مثلن بي جي پي يا ڪموُنيسٽ پر  انهن  ته جا به سڄڻ پارٽيون ڇو ته ان آڪهينواد جون جھامي رهيون آهن سو مثئلو ڪنهن عام سياسي مسئلو ڪو ٿي سگھو. 2009 جي چونڊن ۾ به ڪانگريس چڱو هل ڪيو هو ان نئين ٽيهي بابت پر ان ۾ به اهو ڏٺو ويو ته ان نوجوان سياستدانن ۾ به گھڻائي انهن جي آهي جنهن جا مٽ مائيٽءَ اڳين ئي سياسي سگھ وارا آهن. اهي سياستدان هميساه ئي پنهنجي بڇاءُ ۾ اها ڳاله ضرور دهرائين ته جيڪر سندن ڪو مٽ مائيٽ سياست ۾ آهي ته ان ۾ سندن جو ڪيڙهو ڏوه ؟ . ڇو سندن جي مائيٽن جي ڪري سندن واٽ پئي روڪي وڃي ؟ ڳاله بلڪل واجب آهي پر هو اهو نه مڃڻ چاهيند آهن ته چوڊن ۾ ٽڪيٽ سهولائين سان ملڻ ۽ ان کان پوءِ جنهن سهولاءَ سان هو پارٽي ۾ اڳتي ٿا وڌن سان به ڪا ننڊي ڳاله ناهي ؟  اهي سهولتيو به ڪڏهن رواجي پارٽي جي ڪاروڪنن کي نٿي ملي. پارتين لاءَ مسئلا تنهن مهل ٿا اچن جڏهن سندن نئين ٽيهي جا ڪنهن سبب هيڪلا تا ٿي پون جيئن  اندرا گانڌي کان پوءَ راجيو گانڌي جي ارصي ۾ ڪانگرياس پارٽي يا هينئر پ پ پ ۾ پيو ڏسڻ ۾ اچي.



ايڙهي ڳاله ناهي ته ننڊي کنڊ جي پارٽيون آڪهينواد کان سواءَ وجود ۾ نٿيو رهي سگھن. هندستان ۾ بي جي پي يا ڪمونيشٽ پارتيون ان جا مثال آهن. بي جي پي ۾ جيڪر ڏسجي ته رام مندر جي جاکڙي مهل لعل ڪرشن آڏواڻيءَ جو راج هوندو هو پارٽي ۾ پر ان جي واوجود بي جي پي يا آڏواڻي پاڻ به آڪهينواد کي ڪڏهن به پنهنجي پارتي تي هاوي ڪون ٿيئڻ ڏنو. گجرات جي گانڌينگر جي تڪ تي به سندس جوڻس ۽ پٽ چڱو ڪم ڪندي  ڏٺو ويوهو. سندن نياڻي پرتيڀا به پنهنجي پڻس جي رٿ ياترا ۾ ڏٺي ويندو هئي  پر ڪڏهن به آڏواڻي توڙي ٻئي ڪنهن به اڳواڻ آڪهانواڌ جي همايت ڪون ڪئي . آڏواڻي پنهنجي جوڻش بابت پڇڻ تي چيو هو ته جيڪر ڪنهن ڏنهن ڪملا سياست ۾ آئي ته اهو سندس پنهنجي جاکڙي سبب ئي ايندي ۽ ان ۾ منهنجو ڪو به ڪردار نه هوندو. اهو ٿي ٿو سگهي ته ان لاءَ ڪنهن ڪدر آر اسي اسي به جميوار هجي پر ان ڪو به شڪ ناهي ته بي جي پي آڪهينواد کي سياست مان ڌار رکڻ جي مثال رکي آهي. ڪانگريس کي هڪ معڪو ملو هو راجيو گانڌي جي گزاري وڃڻ کان يڪدم پوءِ جڏهن سونيا گانڌي پاڻ کي سياست کان پري رکڻ جو فيئسلو ڪيو هو. پر ان جي باوجود مارٽي ٽڪر ٽڪر ٿيئڻ لڳي ۽ اهو سلسلو تڏهن بند ٿيو جڏهن سونيا گانڌي پنهنجو رايو مٽيو. ان جو هڪ سبب اهو ٿي ٿو سگهي ته 1960 کان 1990 تائين گانڌين جي هيٺ رهڻ سبب اڙهو ڪو اڳواڻ رهيو ئي ڪون هو جنهن به ايڏي وڏي پارٽي کي سنڀاري سگھجي. وري گانڌين سياست ئي اڙهي ڪئي جي ڪو به سياستدانن  تڏهن ئي رهي ٿو سگھي جيڪو پنهنجي وفاداري پارٽي لاءَ به پر گانڌين لاءَ رکي. ساڳيا منظر ڪانگريس ۾ ئي نه پر ننڊي کنڊ جي لڳ ڀڳ سڀن سياسي پارٽين جو آهي.



اڄ ننڊي کنڊ جي سياست لاءِ سوال اهو آهي ته ڪيئن ان آڪهينواد مان نجاد پائينجي جيڪا جموريت جي مول اصولن جي اڀتر آهي. سوال اهو نه آهي ته ڇو عوام ايڙهين پارٽين کي چونڊي ٿو جيڪي غلط اسولن تي هلين ٿيون. ان کان به وڌو سوال اهو به آهي جي ڇو پڙهل گھڙهيل ان جو وروڌ نٿو ڪن . ان جو هڪ سبب اهو ٿي ٿو سگھي ته پارٽي ۾ اڳواڻ لاءِ اڙهي پارٽي ۾  ترڪي ڪرڻ سهولائي ٿيندي آهي جنهن ۾ هڪ آڪهين جو راج هجي جيئي پارٽي جي هرتا ڪرتا جي سڃاڻڻ ۾ ۽ سندس سان ڪم ڪرڻ ۾ سهولاءَ ٿي. پر جيڪر هر پنجي سالن يا ڏهين سالن ۾ سدر پٽبو ته اه کي سڃاڻڻ ۾ به وقت لڳي ويندو. اهو ممڪن آهي ته اسين ننڊي کنڊ جا ماڻهو لياڪت کان وڌيڪ چاپلوسي ۾ ويساءُ رکندا آهيون. وري اهو به ممڪن آهي ته اسين مان گھڻا اڃا به اڳگريزن يا ان کان اڳ واري راج جا ڏنهن کان نڪتا ناهيون.


ان مسئلي ۾ چاهي عام رواجي انسانن جو ڪيڙهو به رايو هجي پي هڪ ڳاله ته پڪ آهي ته جيستائين آڪهينواد رهندو سياست ۾ اڳواڻيپ يا ليڊرشپ ڪڏهن به پکتي به ٿيندي.
مسئيلو يقينن سوچڻ لائيڪ آهي..........................   

October 27, 2011

اچو ته سنڌي ڏئاري مڃائون


راڪيش لکاڻيءَ پاران سڀن سنڌين توڙي اڻ سنڌين کي ڏئاريءِ جي ڏڻ جون لک لک واڌايون.

اڄ ڏئاري آهي. يعني روشنيءَ جو ڏڻ. هندو خاص ڪري هندستان ۽ دنيا ڀر  ۾ رهندڙن سنڌين لاءِ هي هڪ ڏاڍو وڏو ڏڻ آهي. جيتوڻيڪ اسين پاڻ کي درياهپنٿي ڪوٺائون پر ان جي باوجود ڏئاريءَ جو ڏڻ سنڌين لاءَ خاص احميت رکندڙ آهي. سنڌي خاص ڪري مرد اڄ به جڏهن به گڏجن ته مان ۾ رام رام چئي ضرور  کيڪارن. اها ان ڳاله جي ساهد آهي ته اسين سري رام کي ڪيترو مانُ ڏيندا آهيون پنهنجي نجي ذندگيءَ ۾. هند ۾ ڏئاري هڪ ڪومي ڏڻ آهي پر ان باوجود جدا جدا قومن ۾ اهو مکتليف نمومن مڃايو ويندو آهي.


 سنڌي ۾ ڏئاريءَ جون ڪي کسوسيتون آهن جيڪي هيٺ بيان ڪجن ٿيون

ست ڀاڄيون رڌڻ جو رواج 

سنڌين ۾  ڏئاريءَ جي ڏنهن پنهنجي گھرن ۾ ست ڀاڄيون جي رڌڻ جو آهي جيڪو اڄ به ڪن گھرن ۾ نيت نيئم سان هلي پيو.


ميلوُڙا ٻارڻ

 هي رواج هوليءَ جي اڳين رات هولي ٻارڻ جيڙهو آهي. ان ۾ آڪهين يا گھر جا مرد ماڻ ۾ ڳڏجي سرڪوڊو تي لٺو بنڌي ، ان تيل وجھي ٻارڻ جو رواج آهي. ان جي ٻئين ڏنهن تي آڪهين جا مرد سنان مهل ان کي پير هيٺيون رکن ۽ سنان بعد ان کي نندي يا کوه جي ڪپ تي رکي اچن. ان رواج موجب هڪ لڪڙ کي ٻئي لڪڙ سان ٻارڻ جو رواج آهي آهي جنهن جو مطلب آهي جوت سان جوت ٻري.


ڏئاري ماتا کي پوُڄڻ جو رواج

سنڌين ۾ ان رسم کي تمام اهم مڃي ويندي آهي. ان رواج موجب ڏئاريءَ جي رات ان تي جنداه مردن جي تسوير ٺاهي ۽ ان تي “ڏئاري ماتا ڀلي ڪري آئي” لکڻ جو رواج آهي خاص ڪري واڻڪي لپيءَ ۾. ان تسوير کي اسين سنڌي ۾ “پتر” ڪري ڪوٺهن. ان رواج موجب ڪٽوريءَ ۾ ڪچي کيرءَ منجھ هِنگوُل (سندور) ڳڏائڻ بعد سونءَ يا چانديءَ جا سِڪا ٻوڙي ڳڻيش لکمي ماتا کي پوڄيندا آهن. ان کان سواءِ گھر جا ڀاتي پوڄا بعد ان سڪن کي پنهنجي دندن ۽ سرير جي ٻين حصن کي ڇوئائڻ جو رواج آهي. پڇاڙيءَ ۾ گھر جا سڀ باتي ڏئاري ماتا کي کير مٺائي کارائن. پوڄا جي نبرڻ کان پوءَ گھر جا ننڊا وڏن کي پيري پون (سواءِ نياڻين جي جن کان سنڌي پيري نه پوائين). وري ڏئاريءَ جي ٻئي ڏنهن سبوه جي چئين لڳي در کوليا ويندا آهن ۽ ورهانڊي ۾ ڏئو ٻاري من ئي من ۾ “لکمي آئي، ڏک ويا” جپندي سڄي گھر جا چڪر لڳايا ويندا آهن ۽ پوڄا جي هند رکيل هٽرن جي هند ڏئو رکيو پويندو آهي جيڪو سانده ٽي ڏنهن ٻاريو ويندو آهي. ان ٽن ڏنهن جي پڇاڙي ۾ ان هنڱل پيل کير ۽ ٻين شئين کي ڪنهن نندي يا کوه ۾ موڪلائيبو آهي.


سنڌي واڻين جي ڏئاري

ڏئاري سنڌي واڻيون لاءِ تمام وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي ڀلي اهو سنڌي هجي، گجراتي هجي يا مارواڙي. سنڌي واڻين جي گھرن ۾ هٽرا ٺاهيا ويندا آهن. ٻار ان هٽرن منجھ مٺايون رکن ۽ ڏئاريءَ جي رات پنهنجي وڏن کي کارئن جنهن تي کين وڏن وٺان کرچي به ملي (مان ان ڏنهن جو انتظار سڄو سڄو سال ڪندو هوس) ان کان سواءَ واڻيا ان ڏنهن پنهجا کاتن جي به پوڄا ڪن ڇاڪاڻ ته ڏئاري بعد سنڌن نئون واڻيون سال سروع ٿيندو آهي.


بدقسمتيءَ سان ورهاڱي هندو سنڌين کي ئي نه پر سندن رسمن کي به ڪاپارو ڌڪ لڳو جنهن سبب مٿي ڏسيل رواجن جو مڃڻ جيڪر اڳپو بند ڪون  ٿيو آهي ته گھٽجي ضرور ويو آهي. اسين نئين ٽيهي جي سنڌين لاءِ ان رواجن کي جنداه رکڻ يقينن ڪنهن چيلينج کان گھٽ ناهي.  جيتوڻيڪ ورهاڱي کان يڪدم پوءِ جي ڏهاڪا يڪينن ڏکن ڀريا هئا جڏهن سنڌي رواجن تي مهڻا ڏنا ويندا هئا. پر هيئر اهي ڏنهن ناهن. اڄ جا سنڌي توڙي اڻ سنڌي هندستان ۾ پاڻ کي هاٿيون چڱي ريت سڃاڻن پر ان جي باوجود اسين نئين ٽيهي جي سنڌين کي ان رواجن جي جنداه رکڻ لاءِ جاکڙو ڪرڻو کپي. اسين جيڪر ايئن نه ڪيوسين ته اسانجي ايندڙ ٽڪي ان نڄ سنڌي رواجن کان مهروم رهنجي ويندي. سوال سنڌين جو پنهنجي وجود جو آهي. سوال سنڌي ثقافت جو آهي.

اچو ته اسين سنڌي ڏئاري مڃائون.

نوٽ
1.   هي ليک لکڻ جي نسبت اجين مڌيه پرديش ۾ رهندڙ سري گوورڌن ڪرشناڻي ۽ احمدآباد مان شايع ٿيندڙ روزاني اخبار “هندو” جا ٿوڙا ٿا مڃيا وڃن.
2.   ان ليک ۾ سنڌي دليت بابت ڄاڻ ڪون ڏني وئي آهي جنهن جي وڏي تعداد سنڌ ۾ رهي ٿي. جيئن ئي ان بابت وچوڙ مليندا ته يڪدم بلاگ ۾ شايع ڪيا ويندا. جيڪر ڪنهن پڙهندڙ وٽ  ان بابت وچوڙ هجن ته مهيباني ڪري ليکڪ سان رابطو ڪري. ليکڪ اڙهن صخس جا شڪرگزار رهندو.  



October 25, 2011

مسئلو سنڌي ثقافت جو


 سڀني سنڌين کي راڪيش لکاڻيءَ جي بلاگ ۾ تهدل ڀليڪار



سنڌ مان سايع ٿيندڙ روزاني اخبار عوامي آواج ۾ هندستان ۾ هلندڙ سنڌيت بابت ڪجه احوال پئي پڙهو. اهوال دلچسپ پئي لڳو سو سوچيوم پيوته ان مسئلي تي پنهنجا ڪامينٽس لکان.


احوال موجب سهيوگ فائونڊيشن پاران ڪوٺايل ايواڊ فنگشن بابت هو. ايئن ته .سنڌين ٻولي ۽ ثقافت ۾ ميدان ۾ ان سنسٿا جو اهم ڪريدار رهيو آهي. جيتوڻيڪ سندس ڪم ڪرڻ جو دائيرو گھڻو تڻو ممبئي ئي رهيو آهي پر ايڙها به چڱا ڀيڙا ٿيوآهي جڏهن سهيوگ فائونديشن بمبئي توڙي مهاراشٽر کان ٻاهر چڱا ثقاتي جلسا ڪيا آهن، پر جنهن جلسي جو پيو مان ذڪر ڪيا تنهن بابت پڙهي مونکي يقينن ڏک رسيو آهي. اهو ڏک ان لاءِ پيو پيئدا ٿئي ڇاڪاڻ ته ان جلسي ۾ جيڪي مهمان ٿي سِڙجي آيا هئا سي ڪنهن کي به تپرس ۾ وجھڻ لاءِ ڪافي هئا. ان مجلس ۾ سري رام جھرواڻيءَ کان سواءِ موجود هئا هندي فلمي توڙي هينئر هندستان جي صوبي بهار جي راجڌاني پٽنا مان چونڊيل لوڪسڀا جا ميمبر سري ستروگھن سِنها، سندس سنڌياڻي جوڻس پونم سِنها ۽ سندن ڌيئڻس سوناڪشي سِنها گرايا ويا هئا. ان کان سواءِ منچ تي هاجوري پئي ڏني هندستان جا به واندا سنڌي نصل جا اڳواڻءَ مسلن سائين لعل ڪرشن آڏواڻي ۽ سائين رام جيٺملاڻي.


احوال موجب سڀنن جي نظر هئي سوناڪشي سِنها تي هئي جنهنجي جي پهرين فلم “دبنگ” باڪس آفيس ۾ هٽ ٿي آهي. اها ٻئي ڳاله آهي ته ان فلم جي هٽ ٿئڻ جي ڪريڊٽ پوري ساري سلمان خان ۽ سندس ڀاجائي ملائيڪا اروڙا هٿ ڪئي. ايئن ته عام جام ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ڪا فلم جنهن ۾ ڪو مشهور سومرو اداڪار طور ڪم ڪيو هجي ۽ اها فلم هٽ ٿي هجي ته ان جي ڪريڊٽ به نئين اداڪار يا اداڪريا کي ڪون ملي آهي. پر سلمان سان مسئلو اهو آهي جي هن سان جڏهن به ڪا نئين اداڪريا ڪم ڪيو آهي ته ان نئين اداڪاريه جي ته ٻيڙي ٻوڏي وئي آهي. ان هقيقت جا به وڏا مسال آهي ڀاڳيه شري (ميئني پيار ڪيئا) يا ۽ ڀوميڪا ڇاولا (تيري نام) اڄ سايد ئي ڪو هندي فلمن جو چاهڪ کين ياد ڪندو هوندو. وري شورت حاصل ڪيل سورميون جي ڳاله ڌار آهي. اها حقيقت ان ڳاله جي شاهد آهي ته نئين سورميون لاءِ سلمان سان اداڪري سان ڪسُ ئي ٿي پوي. اها ڳاله ڀلي ئي ڪو منهن سامهون مڃي يا نه پر ان جو احسان چڱن کي آهي. پر ان جي باوجود ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سوناڪشي سنها جي اداڪاري عام فلمي چاهڪن کي وندرايو آهي ۽ اسين اميد ٿا ڪيون ته مستقبل ۾ به پنهنجي سدي سهولي ننڌڪڙي اداڪاريءَ سان وندرائيندي، وري پڻس جي ساٿ سبب اسين اميد ٿا ڪيو ته کيس ڀاگيه شري يا ڀوميڪا چاولا واڱر وسارڻو نه پوندو. اميد ته موناڪشي ڪاميابي جون چڱيون ڏاڪڻيون اورانگھدي.


اهو عام جام ڏٺو ويو آهي ته هي سنستا يا تنظيم پنهنجي جلسن ۾ ڄاتل سوڃاتل شخستيون کي پنهنجي جسلن ۾ گھرائيندي آهي جيئن رواجي ماڻهن توڙي ميڊيا ۾ ڪنهن ڪدر ڪوريز  ملي. اها هرو ڀرو ڪا غلط ڳاله به ناهي پر  مسئلو تڌهن ٿو پيئدا ٿئي جڏهن اهي سخستيون پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ حجاب ڪن  عوامي اواز موجيب شتروگھن سنها جي جوڻس پونم سِنها سنڌينت سان ڳاٽو لڳائو آهي پر نه ڄاڻ ڇو مان هندستان ۾ رهندي به اها ڳاله نه ڄاڻي سگھيون آهيان ؟ مان ڪٿي به اڄ تائين ڪون ٻڌو جتي سنڌيت جي ڪمن سانڱي پونم منها جو ذڪر آيو هجي. ٻيو ته ٺهيو سندس وڳو به بهارن ضائيفان واڱر نظر ايندو . جيڪر باليووڊ ۾ ڏسجي ته ايڙها چڱا مسال ملندا جڏهن چڱن “اڌ سنڌين” قاميابي ماڻي آهي مثلن ڪريشما ۽ ڪرينا ڪپور (رنڌير ڪپور جون نياڻيون) ، سونل ڪپور (انل ڪپور جي ڌيءَ) يا وري جيتيندر جي جا ٻار ( توشار ۽ ايڪتا ڪپور) پر ساڻ ساڻ اهو به نه وسارڻ نه گھرجي ته اهي اڌ سنڌي ڪڏهن به پاڻ کي سنڌي ڪري ليکڻ ۾ فڪر نه ڪندا آهن هند ۾ ڪنهنکي به ان ڳاله تي فڪر نه ڪرڻو کپي  چاڪاڻ ته جڌهن اسانجا سنڌي ئي پنهنجيد ڪوم کي هيٺ ڪرڻ ۾ دير نه ڪن ته ڌاريون جي ڇا ڳاله ڪجي.
جيڪڏهن باليوڊ ۾ جدا جدا قومن جي ڳاله ڪجي ته سنڌين واڱر بنگالين، پنجابين (خاص ڪري هندو)، گجراتي يا مراٺين جو جھجھو يوگدان رهيو آهي. پر جڏهن ته اهي اڻ سنڌي  قوميون هندي فلمن ۾ پنهنجي ثقافت کي پيش ڪرڻ ۾ فڪر مهسوس ڪن، گد گد ٿين اتي اسين سنڌي هندي فلمن ۾ پيسو به سيڙاهي پنهنجي ثقافت کي عام هندستانين جي اڳيون پيش ڪرڻ کان پاسيرو ڪيون. اها ڳاله  سمجھ کان پري آهي ته جڏهن هندي فلمن جا چاهڪ گجراتي، بنگالي يا پنجابي توڙي مراٺي ثقافت تي ٺهيل فلميون ڏسي ٿا سگھن ته پوءِ سنڌين تي ڇون نه. اها ڳاله سنڌين قوم لاءِ انتهائي ڏکائيندڙ آهي ته اسين پنهنجي ثقافت تي فڪر ڪرڻ ته پري نڄ سنڌي نالي توڙي سنڌين جي ڳالهائڻ تي تريڪي تي نه تنج برداست ڪندا آهيون. اهو ورلي ئي ڏٺو ويو آهي جي سنڌين ان بيهودي هرڪتن تي اواج اٿاتي آهي.


ان جلسي ۾ هند جو نه اهم سياسي سخستيون کي به گرايو ويو هو.... لعل ڪرشن آڏواڻي ۽ رام جھيٺملااڻي . هي ٻئي نالا سنڌين لاءِ نيان ناهن. پر جيڪر ڳاله ڪجي سندن سنڌي ۽ سنڌيت جي نسبت ڪيل لمن جي ته انهن ٻنهن مايوس ئي  ڪيو آهي هڪ لڱي ڏسجي ته انهن ٻنهن مان آڏواڻيءَ وٽ سگھ هئي سنڌين جي نمائيندگي ڪرڻ توڙي هند جي سياست ۾ سنڌين جي اواز ٿي بيهڻ جي . پر بدقسمتيءِ سان ايئن ٿي ڪون سگھو.هو تمام ڏگھي ارصي ڪان سياست ۾ آهي پر ان جي باوجود سندس يوگدان سنڌ توڙي سنڌيت جي نسبت نه جي برابر آهي. ڀاجپا هڪومت ۾ رهي يا حڪومت کان ٻاهر سندس رتبعو هميشاه .ئي بي جي پي جي ڪنهن به اڳواڻ کان وڌيڪ رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جي جناح واري بيان بعد هون رڳو بسي جي پي جي سدر کان ئي رڳو  استيفعو ڏيئڻو پيو جڏهن ته ٻين کي پارٽيءَ مان ئي ڪڍي ٻاهر ڪيو ويو. اڄ به جڏهن ڀاپپا ۾ ٽيهيءَ جو بدلاو پيو ٿي سندس ڪنهن به ڳاله کي پتٿر جي لڪير سمجھيو ويندو آهي. پر ايترو ڪجه هجڻ جي باپجود سنڌين جي نمائيندگي پي جي پي ۾ ڪون وڌي آهي. اڄ به سنڌين کي رڳو اهي ئي تڪيو چونڊن ۾ ڏنيو وينديون آهي جنهن ۾ سوڀر ٿيئن جي اميد نه نه جي برابر ئي هوندي آهي. ان سان ٿئي اهو ٿو ته چونڊين لڙڻ واري پنهنجا پيئا به سيڙاهي ڪجه به هٿ نٿا  ڪري سگھن ۽ پارٽي جي ٽڪيٽ گھرڻ وارا به مايوس.ئي ٿا رهن


جيٺملاڻي به آڏواڻيءَ لاءَ پنهنجي پاڻ لاءِ ئي سياست پئي ڪئي آهي. جڏهن جڏهن ڀاجپا حڪومت ۾ آئي آهي جيٺملاڻيءَ کي ڪو نه ڪو اهدو ضرور مليو آهي پر ان جي باوجود وزير جي هيسيت ۾ سندس ڪم سنڌين جي لاءَ نه جي برابر ئي ڪيل آهي. هو ڌار به ٿيو ته سولي سرابجي سان وڙهندي ٿيو، ڪنهن سنڌين جي مسئلي تي هون اها بهادري ڪون ڏيکاري.


سنڌي ٻوليءِ جي نسبت به سندن ساڳيا ئي منظر ڏيکارا آهن. ورهاڱي بعد جٿي سنڌي ليکڪ، سنڌي ماستر يا سماجڪ ڪارڪونن ٻوليءِ لاءِ هڏ پئي ههان اتي ان ٻهن اڳوانن جو ڪو به ذڪر نٿو ملي. وري بي جي پي جي سوبن توڙي مرڪج ۾ حڪومت ٺهڻ جي باوجود سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪا به رٿا تيار ڪون ٿي جنهن سبب اسين انهن جا ٿوڙا مڃئون. اانهن جي ڀيٽ ۾ باجپيئي جو ڪردار کيڻ لهڻي. باجپيئي اڻ سنڌي هوندي به سنڌي ٻوليءَ جي جيڪا همايت ڪئي اها ٻين اڳواڻن لاءَ اڄ به هڪ مسال آهي.


اڄ سنڌي قوم جي اڳيان سوال اهو آهي ته ڪنهن کي اهميت ڏجي ؟ اسان کي اها پڪ ڪرڻي پوندي ته ڪنهن کي اسين پنهنجي ڪوم جو مهانڊرو ڪري پيش ٿا ڪرڻ چاهيون.ڇا اسين انهن کي اڳيان ڪيون جيڪي لپ سروس ڏيئڻ لاءِ سنڌي جلسن ۾ اچن يا انهن کي جيڪر گمنامي ۾ هوندي به سنڌيت جي سيوا پئي ڪئي. اسان  اڄ ڀلي ئي اسين انهن ڏنهن کي ياد نه به ڪيون پر ٻوليءِ جي لڙائي به ڪا ننڊي لڙائي ڪون هئي. سنڌي هندستان ۾ اٺي ۾ لوڻ هئڻ جي باوجود پنهنجي ٻولي ءَ کي هندستان جي وڏيون ٻولين جي ڪتار ۾ شامل ڪيو آهي اها به هڪ وڏي قاميابي ليکڻ کپي. سنڌين جدوجهد تنهن مهل ڪئي هئي جڏهن سنڌي ٻن ويلن ماني لاءِ به ڳڻتيون ڪندا هئا.


سنڌي سنسٿائون کي اها ڳااله اصول ئي نه وسارڻ کپي ته اهي گمنامي ۾ ڪم ڪندڙ سنڌين جي وڏي احميت آهي. ڀلي ان گمنامي ۾ رهندڙ سنڌين ۾ گلامير نه هجي، ڀلي ميڊيا ۾ سندن ڪوريج نه به هجي پر جيڪر رواجي سنڌي هڏ نه هڻن ها ته سايد سنڌي ٻولي ڪڏوڪو لپت ٻوليون ۾ شمار ٿي وڃي ها.
اڄ فيئسلو سهيوڳ فائوڊيشن کي پڪ ڪرڻي  آهي ته هو ڪنهن کي سنڌي برادري جو موهانڊرو ڪري پيش ٿي ڪرڻ چاهي ڇاڪاڻ ته کين اهو ياد رکڻ کپي ته جيڪر رواجي سنڌيت جي ڪاروڪنن  کان پري ٿياسين ته قوم کان  به پري ٿيندا ويندا سين.......   
     

October 9, 2011

سنڌي لپيءَ جو مصلو ۽ رومنائيجيشن


جڏهن به سنڌي ٻوليءَ جي وجود جي ڳاله ايندي آهي ته مميساه ئي هڪ سٽ لکي ويندي آهي جيڪا ارنيسٽ ٽرنپ پنهنجي سنڌي گرامر (انگريجي ٻوليءَ ۾ ) سنڌي ٻوليءَ تابت لکي هئي ته "سنڌي هڪ نڄ سنسڪرت ڪرت ٻولي آهي جيڪا هندستان جي ڪنهن به ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جي وڌ ۾ وڌ ويجھو آهي " ۽ "جيڪر اسين سنڌي کي هندستان جي هيئر اتر هندستان واري الاڪي ۾ ڳالهائيندڙ ٻوليون سان ڀيٽينداسين ته اڻ سنڌي ٻوليون کي يقينن ريِس پئي اندي سنڌيءَ جي سنسڪرت سان ويجھايپ تي" جيڪڌهن سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين جي ڳاله ڪجي ته هيئنر سنڌ ۾ به سنڌي جي سنسڪرت توڙي پراڪرت جي ويجھايپ جي ڳاله قبولي ويندي آهي. هندو سنڌي ته سنسڪرت توڙي پراڪرت سان ويجھڙائيپ جي ڳاله هميشاه ئي مڃندا آيا آهن. ان سڀن ڳالهيون جو سار اهو ٿو نڪري ته سڀي سنڌي (سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ) ان ڳاله کي مڃن ٿا ته سنڌيءَ جي سنسڪر توڙي پراڪرت سان ڏاڍي پُکتي واٽ آهي پر جڏهن لپيءَ جي ڳاله ٿي اچي ته اسانجا وچار پنهنجي پنهنجا ٿا ٿي پون. اسانجي ويچارن ۾ توڙي راين ۾ ڪا به هڪجيڙائي نٿي نظر اچي. لپيءَ جي مصلي تي اسين سنڌي 1843 کان 1947 تائين لڳ ڀڳ هڪ تي رهياسين ۽ ان سبب هندي توڙي اردو کي مات تائين ڏئي سگھاسين ڇاڪاڻ ته جڏهن پوري اتر هندستان هندي اردو جي جدوجهد جو اکاڙو ٿي بيٺو ته سنڌ ۾ سن جو ڪو به اسر ڪون پيو. سنڌ ۾ رهندي نه هندو هنديءَ کي سنڌي جيترو مانُ ڏنو، نڪو مسلمان اردو کي مسلمانن جي وجود لاءَ اردو کي لاظمي پئي سمجھو. اهو ان جي باوجود جي سنڌ ۾ 75 سيڪرو ادمشُماري مسلمان هئي . اتر ڀارت ۾ سنڌي مسلمان هيڪلا مسلمان هئا جيڪي اردو جي نالي تي پنهنجي ٻوليءَ جي ڪرباني گھٽ ۾ گھٽ .

ورهاڱي کان اول ته بلڪل ڪون ڏني.
جيڪر انگريجن جي حڪومت کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جي ڳاله ڪجي ته هندن ۾ هڪ کان وڌيڪ لپيون پيون ڏسجن. اتر ۾ جتي گُرمُکيءَ جو واهپو هو ته پوري سنڌي ۾ واڻڪي ءَ جو. هندو واڻيا هميشاه ئي واڻڪي جواستمعال ڪندا هئا. جيستائين عامل جي ڳاله آهي ته کين عربي توڙي فارسي پڙهائي ويندي هئي ڇا ڪاڻ ته سرڪاري نوڪرن سبب ان جي ضرورت پوندي هئي. (هو انگريجن جي ڏنهن ۾ ڌنڌا پئي کوليا..ڀيرومل ميرچند آڏواڻ سنڌ جي هندن جي تاريک) لپيءَ جو مصلو سنڌي مسلمانن لاءَ ڪڏهن ڪو وڏو مصلو هو هو ڇا ڪاڻ ته هو گھڻو تڻو عربي فارسيءَ ۾ ئي لکندا هئا (جيتوڻيڪ اکرن جا مسلا سندن لاءِ به هئي جيئن هندن پئي سٺا) جا سندن کي اسلام جي سبب لازمر تور ٿوپيل هوندي هئي. ورهاڱي کان اڳ توڙي بعد سندن لپي سبب ڪنهن به مصلي کي منهن ڪون ڏنو. مصلو هو ته رڳو سنڌي هندن لاءِ . جيڪا ڪميٽي سنڌ ۾ انگريزن جوڙائي هئي تنهن مان ڪو به فيسلو ڪون نڪتو ڇاڪاڻ ته هندن ديوناگري جي همايتي ڪئي ته مسلمانن عربي فارسي جي. هندن جي ليکي ڇو ته سنڌي سنسڪرت توڙي پراڪرت هڪ ساک آهي ۽ سنڌيءَ جا 80 سيڪڙو لفظ سنسڪرت ، پراڪرت سان واٽ ٿا رکن سو لکڻ پڙهڻ به ديوناگري ٿيئڻ کپي. دفتري طور ته مسلمانن ان ڳاله تي ايتراج ڪيو ته ديوناگريءَ سان مسلمانڪا لفظ ڪون تا لکي سگھجن سو کين ديوناگري ڪبول ناهي. وري لپيءِ جي نالي تي انگريزن ۾ به ايڪو ڪون هو. ڪن جي رايه هئي ته ڇو ته سنڌ ۾ گھڻائي مسلمانن جي آهي ۽ هندو جو هڪ تبڪعو به اربي فارسي جو ڄاڻو آهي سو لپي به عربي توڙي فارسي ٿيئڻ کپي. ٻي پاسي وري ڪي اڙها به انگرز هئا جيڪي نڄ سنڌي لفظن کي آڌار ٺاهي سنڌي ٻوليءَ جي لپي ديوناگري قبول ڪرڻ جي حمايت ڪئي. ان مان ٻه بالي اهم هئا ارنيسٽ ٽرنمپ ۽ ڪيپٽين جارج اسٽيڪ جيڪي پاڻ به سنڌي ٻوليءَ جا سٺا ڄاڻو هئا.

 
سري انسيٽ ٽرنمپ پنهنجي سنڌي گرامر (جيڪو هن انگريجي ٻوليءَ ۾ لکو هو) ۾ لکي ٿو ته ڪا به لپي سنڌي لاءِ ٺاهوڪي نه ٿيندي سواءِ سنسڪرت لپيءَ جي ڇاڪاڻ ته سنڌي ، سنسڪريت جي سڪلندي ڌيءَ ٻولي آهي. هو اڳتي لکي ٿو ته" سنڌي لاءِ سنسڪررت اکر ڪارائتا سابت ٿيندا پر اهو ممڪن آهي ته سنڌ جي مسلم آبادي پنهنجي دين ڌرم سبب اڙهي لپيءَ کي قبول نه ڪندي. سنڌ لاءِ اهو ياد رکڻ گھرجي ته پهرون ملڪ هو جنهن هندستان تي عربن جي ڪاه سٺي هئي جنهن سبب پورو اڳوڻو سنڌي توڙي سنسڪرت، پراڪرت، پالي ساهته ناسُ ٿي ويو يا کڻي چئجي ته ناسُ ڪيو ويو". وري ٻئي پاسي ڪيپٽين جارج اسٽيڪ پنهن گرامر ۾ تنهن مهل استمعال ٿيندڙ لپيون بابت وچوڻ ۾ لکو. هو لکي ٿو ته "گرامر لکڻ کان اڳواٽ منهنجي ذهن به اها ڳاله آئي ته گرامر ۾ نڄا 
سنڌي لفظ ڪيڙهي لپيءَ ۾ لکجن. منهنجي چُنڊ ۾ هي لپيون هيون

سنڌي واڻڪي

رومن

عربي فارسي

ڳرموُکي

ديوناگري

واڻڪي کان آئون پرهيج ڪيو ڇاڪاڻ ته اها لپي پنهنجي پاڻ ۾ ئي پوري ناهي. ماترائون جو غلط استمعال منجھارو پيدا ٿو ڪري سگھي. رومن کان به مان پاسو ڪيو ڇاڪاڻ مونکي سمجھ ۾ پئي ڪين آيو ته رومن ائيٽويٽا سان اڀريندي ملڪن جون ٻولويون جا لفظ ڪيئن لکي سگھبا. رومن ۾ ماترائون لاءِ ايترا اکر ڳنڊڻا پوندا جي پڙهندڙ ۾ منجھارو اچي ويندو سو به جيڪر هڪ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڪو هڪ نئي آئيٽويٽا سکڻي پوي ته ڳاله واجب به پئي ڀاسين. عربي توڙي فارسي لپيءَ کان به مون پري رهيوس ڇو ته ان لپيون ۾ سنڌي لکڻ جي نسبت ايترون ته ماترائون ڳنڊڻيون پون ٿيون جي رومن وارو حال ٿو ٿئي. سو منهنجي ڇونڊ ديوناگري ۽ گرموُکي تي اچي بيٺي. جيتوڻيڪ ديوناگري جي ڀيٽ ۾ گرموُکي وڌيڪ سنڌي لفظن جي زجب ڪري جي سگھ ٿي ڏسجي پر آئون ديوناگري تي دلجاءِ ڪئي ڇاڪاڻ ته ان آئيٽواٽي سان يوروپي ڀلي ڀانت واقيف آهن ۽ مٿون وري سنڌي سنسڪرت توڙي پراڪرت جي سڪلندي ڌيءَ هئڻ سبب ديوناگري ئي ڪرائيتي سابت ٿيندي. رهي ڳاله نڄ سنڌي اکرن جي ته ديوناگريءَ ۾ مامولي ڌار نشانيون سان سٺي سنڌي لکڻ ممڪن ٿي تي سگھي".

 
پر ان سڀ جي باوجود انگريزن سنڌيءَ لاءَ عربي لپي جوڙائڻ جو فيصلو ڪيو. عربي سنڌي لپيءَ کي تنهن مهل وڏي قاميابي ملي جڏهن سنڌي هندن به ان لپيءَ جي قبول ڪندي اسڪولن ۾ عربي سنڌي پڙهائڻ سرروع ڪئي. سنڌي هندن ان لپيءَ کي ڪنهن ريت اپنايو ان جو ساهد اها سچچائي آهي جي سنڌ ۾ 1843 کان 1947 تائين لکيل اڻ اسلامي مواد ۾ هندن جي هصيداري 80 سيڪڙو هئي جڏهن ته هو سنڌ جا آباديءَ جا ڇوٿو حصو هئا. پر ورهاڱي بعد هندن جي لڏپڻ سڀ ڪجه ڄڻ فيري ڇڏو. سنڌي ٻوليءَ جي لپي جي ٻهر فيرائڻ جي ڳالهيون ٿيئڻ لڳيون. جيتوڻيڪ 1948 آزاد هندستان جي حڪومت سنڌي ٻوليءَ جي مول لپي عربي کان مٽي ديوناگري ڪرڻ جو آرڊينينس تائين پڌرو ڪيو پر ڇو ته گھڻو تڻو سنڌين کي اها لپي ڪون پئي آئي سو ان لپيءَ جو وروڌ به چڱو ٿيئڻ لڳو جنهن سبب حڪومت کي نيٺ پنهنجو اهو آرڊينينس موٽائي وٺڻو پيو. تنهن مهل ديوناگري جو وروڌ انهن پڻ ڪيو جيڪي جدا جدا سنڌي اسڪولن ۾ پڙهائيندا هئا. سندن ليکي سندس اجويڪا تي اصر پوندو ڇا ڪان ته کين هڪ نئين لپي پئي سکڻي پوندي. ديوناگري لپيءِ جو وروڌ انهن به چڱو ڪيو جيڪي سنڌي ساهته سان ڳنڊيل هئا. سندن ۾ اهو ويساءُ ويٺل هو ته ديوناگري هڪ ڌار لپي آهي جڏهن ته عربي سنڌيءَ جي نڄي لپي آهي . جيتپڻيڪ ان ليکڪن مان ڪي ديوناگري جا همايتي پڻ هئا جيئن مصال طور دادا جيرامداس دولترام يا دادا رام پنجواڻي وعيراه، پر ان جي باوجود ديوناگري لپيءَ کي جنهن ساٿ جي ضرورت هئي سو کائينس ڪون مليو. ديوناگريءَ جو ساٿُ رڳو انهن ڏنو جيڪي يا ته ڪٽٽر هندوادي هئا يا ڪي رواجي سنڌي جيڪي هند ۾ نئين حالتيون ۾ پاڻ کي ٿائينڪو ڪرڻ پئي چاهيا. ان جو فل اهو نڪتو ته هند ۾ سنڌين جا به تبعڪا ٿي اڀرا . هڪ جن کي عربي سنڌي پئي اچي ۽ ٻيا جيڪي ان سان بلڪل اڻ واقيف هئا. سنڌين لاءِ اهي عجيب منظر هئا ڇو ته اها ساڳي لپي هئي جنهن لاءِ سنڌي 1843 ۾ هڪ ٿي انگريزن تي ديوناگري لاءِ ذور پئي ڏنو.

 
لپيءَ جي ان ڳوڙ ۾ جن لپيءَ کا اڳوپوءِ وساريو ويو اها آهي واڻڪي. ان لپرءَ جي سنڌ ۾ جدا جدا نالن سان صوڃاتو ويندو هو. مصلن هٽوانڪي، ٿٺائي، ڀاٽيا، ميمڻي، کوجڪي، سکارپوري، هندوڪي وغيراه وغيراه. لپي جي حسيست ۾ واڻڪيءَ کي لنڊا جو هڪ لهجي ڪري مڃيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ گرمووکي به لنڊا جو هڪ روپ آهي پر سنڌ ۽ پنجاب جي لنڊا ۾ تمام گھڻو فرڪ آه ، پر ان جي باوجود انگريزن جي سنڌ فته تائين واڻڪيءَ کي هڪ مول سنڌي لپيءَ جي روپ ۾ قاميابي ڪون ملي. هنڌ توڙي سند م جڏهن ته ديوناگري ۽ عربي جي بِدورُ ۾ چڱا سنڌي اجي مڙيا پر واڻڪيءِ جي همايت تمام گھٽ سنڌين ڪئي. جيتوڻيڪ ان لپي ۾ ٿوڙو گھڻو فرڪ رهيو آهي، ماترائون جي به ڪمي رهي آهي پر ان جي باوجود جيتري مهنت عربي فارسي جي اصلوڪي روپ ۾ ڪئي وئي سان جيڪر واڻڪيءَ ۾ ڪئي وڃي ها ته سايد لپيءَ جي سوال هميشاه لاءَ اسين نبري سگھوئون ها. اسان چئي سگھوئون ها واڻڪي ئي سنڌ جي مول لپي آهي سو ڪا به ڌار لپي اپنائڻ جي ضرورت ناهي. جيڪر اسين بنگالين، گجتارين يا مراٺين واڱر لپيءَ تي هڪ ٿيون ها ته اڄ جيئن هند توڙي سنڌ تي لپيءَ جي نسبت مصلا اچن پيا سي نه اچن ها ۽ اسان کي ڪنهن پرائي ڌار لپيءَ اڳيا جيئن هيئر رومن اڳيان ڳوڏا نه ٽيڪڻا پون ها. جيتوڻيڪ اسين سنڌين واڻڪيءَ تي جوڳو ڌيان ڪون ڏنو پر هيئر واڻڪيءَ جو سڌريل روپ تيار ڪيو ويو آهي ۽ يونيڪوڊ جي ڪوڊڱ لاءَ به پيش ڪيو ويو آهي.



ويجھڙائيءَ ۾ سنڌي لپي بابت هڪ بهس سروع ٿي وئي آهي. هيئر بهس رومن بابت پئي ٿي. پر ڌيان جوڳي ڳاله ته اهي جي هيئر نه رڳو هندو پيا واڪا ڪن پر ان بابت سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ به جھجھو اتهاه آه. سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي جو لاڙو رومن ڏانهن چڱن سالن کان آهي جڏهن يونيڪوڊ جو ايجاد اڃا ڪون ٿيو هو. سندن هڪ ايڙي لپيءَ جي ضرورت پئي هئي جنهن جي مدد سان ڪمپيوٽر ۾ سهُلاهي ءَ سان لکي سگھجي وري هيئر ساماجڪ تانيباني جون سائيٽيون جي ايجاد سبب عام رواجي سنڌي ڇڪجن پيا پر اتي پريشاني لپيءَ جي اچي پئي ڇاڪاڻ ته اڄ به ان سائيٽن ۾ سنڌيءَ جو پورو سپورٽ ناهي. وري فيسبوڪ توڙي ٽويٽر ۾ هند جا به سنڌي اچي مڙن پيا. هند وارا سنڌي وري اها عربي لپي اصولي سمجھن ڪونه جنهن سبب هو اڙهي لپيءَ جيضرورت مهصوس پيا ڪن جيڪا هرڪو سمجھي سگھي. وري هيئر موبائيل به چڱو پئي استمعال ٿي جيتي به ساڳيا منظر پيا نظر اچن. پڇاڙيءَ ۾ ڪن سنڌين کي اهو به لڳي ٿو ته هندو عربي لپي ڪون پڙهندا ۽ مسلمان ديوناگري سو رومن وچ جي واٽءَِ ٿي تي سگھي.

 
دراصل يونيڪوڊ جي ايجاد بعد سنڌي عربي لپيءَ کي اهو فائدو ڪون ٿيوجنهنجي اميد ڪجي پئي. هندستان ۾ جتي مرڪجي حڪومت هندستان جي قومي ٻولون لاءِ جاکڙو پئي ڪري اتي پاڪستان جي حڪومت رڳو اردو تي ئي مهربان ٿي ڏسجي . اردو ۽ سنڌي جيئن ته فارسي توڙي عربي تي ٻنڌيل آهي پر روبرو عربي فارسي به ناهي سو ڪنهن حد تائين کين مدد جي ضرورت پوي ٿي ڇا ڪاڻ ته ڪيبورڊ جي ليئوٽ عربي فارسي جو سنڌي توڙي اردو کان ڌار تو ٿئي. حڪومت جيتوڻيڪ اردو لاءِ جاکڙو پئي ڪري پر سنڌيءِ سان پاڪستان جي حڪومت ايترا ٿوڙا ڪون لاٿا آهن . پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد ئي حڪومت جو سنڌي ۽ ٻين ڏيهي ٻوليون سان ماٽيلو وهنوار رهيو آهي. بنگالين جي پنهنجي ٻوليءِ بابت جدوجهد ان ڳاله جي ساهد آهي. جناح ٿوڙي ان بعد حڪمراڻ هميساه ئي اردو کي پاڪستان جي وجود سان ڳنڏي ئي ڏٺو. اهو ئي نه اردو کي هر ممڪن سهُلتيون ڏنيون ويو آهن جڏهن ته سنڌي سان ٻئائي ڪئي وئي آهي. کيس هڪ مئل ٻولي ڪرار ڏيئڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪون ڇڏي وئي آهي. سندن ٻوليءَ لاءَ نه ڪو مانُ آهي نه ڪا ازت. يونيڪوڊ جي ايجاد بعد جيڪو به سنڌي ڪمپيوٽيگ ۾ ڪم ڪيوويو آهي سو يا ته سنڌي ليکڪن ۽ ليکڪائون جي ذور تي ٿيو آهي يا نه ته سنڌي ٻوليءِ جي چاهيندڙن جي جاکڙي سبب ئي ممڪن ٿيو آهي. وري عربي سنڌي جي بناوٽ ئي ايڙهي آهي جي اربي فارسي مول لپيون جي ڪنهن به نئين ايجاد جي باوجود سنڌيءَ کي ڪو به فائدو نه پوندو آهي ڇو ته ان لپيون جو سنڌيءِ سان تمام گھڻو فرڪ آهي. مطلب ته هر ڪدم تي سنڌيءَ کي پنهنجي لاءَ ڌار هڏ هرڻا ٿا پون . ايڙها مصلا هندستان ۾ به ڏهي لپيون کي آهن پر گھٽ ۾ گھٽ اتي حڪومت جو ساٿ آهي. مرڪجي حڪومت ٿوڙي صوبي جون حڪومتيون ان ٻوليون لاءِ ڪم پئي ڪري. اهو ئي نه هت ان ٻوليون جي پوري ايجت ڪئي ويندي آهي. وري پڇاڙي ءَ ۾ اها به ڳاله نظرانداج نه ڪرڻو کپي ته عربن جي لهجن ۾ اهميت سنڌي ءَ کي ڪون ڏني ويندي آهي. اڄ به مول عربي جي عربيستان واري لهجن 
کي ئي ڏنو ويندو آهي.

هند ۾ سنڌيءَ لاءِ مصلا سنڌ جي ڀيٽ ۾ بلڪل ڌار آهن. هت اڳين ئي لپيءَ جي نسبت هڪ مصلو رهيو آهي. مصلو ان لاءِ آهي جي لپي جي نسبت غلط فيسلا کيا ويا هئا جنهن سبب ساهتيه يا ادب ۾ لکندڙن ۽ پڙهندڙن ۾ فرڪ اچي ٿيو. جيستان ڳاله ڪجي رومن جي ته ان لپيءَ جي همايتين جو چوڻ آهي ته سنڌي هندن جو هڪ وڏو تڪعو هندستان توڙي سنڌ کان ٻاهر ٿو رهي جنهن کي ديوناگري توڙي عربي سنڌي لکڻ يا پڙهڻ نٿي اچي. سندن اهو پڻ چوڻ آهي ته رومن، عربي توڙي ديوناگري جي جاءِ تي ناهي. پر دلچسپ ڳاله ته اها آهي ته هندستان ۾ ان جو ذور پرچار توڙي پرسار پيو ٿي جتي هر هڪ سنڌيءَ کي ديوناگري لپي اچي ٿي. اهو ئي نه کين اها به ڀلي ڀانت ڄاڻ آهي ته پرڏيه ۾ گجراتين ۽ هندو توڙي سک پنجابين جون وڏيون آباديون رهن ٿيون پر هنن اڙها فيسلا نه پئي ڪن. رومن لپي جي حمايت ۾ جيتوڻيڪ ڪجه ڪم سالن کان ٿي رهيون آهي. خاص ڪري بمبئي ۾ رهندڙ سري چندراماڻي ۽ آديپور گھانڌيڌام جي ڊاڪٽر ستيش روهڙا پارا، پر ان ڏس ۾ اڳتي وک الاينس فار سنڌيز آف اميريڪا وڌائي آهي جنهن جي سرنرائي ۾ اميريڪا توڙي دنيا جي مختليف ملڪن جي سنڌي سنسٿائون ٿيون اچن. سنسٿا جو چوڻ آهي جيڪا لپي سندن تيار ڪرائي آهي سان ماضي ۾ شايع ٿيئل لپيون جو سڌريل روپ آهي. ان ڪم ساڱي سندن ڊاڪٽر بلديو گجرا جون به سيوائون ورتيون آهي جيڪي بامبي يونوسٽي جا هيڊ آف ڊمارمينٽ آهن سنڌي وشيه جا. هيٽ ان لپيءَ جو نموني پيو پيش ڪجي.





مٿي ڏيکاريل لپيءَ ۾ جا ڪي اهم وچوڙ ڪجه هن ريت آهن

 
هي لپي انگريزي جي ڪيبورڊ کي ڌيان ۾ رکي ٺاتي وئي آهي.

 
سوائي ک ۽ خ جي ڪنهن به نڄ اربي فارسي اکر جي جاءِ ڪون ڏني وئي آهي.

 
لپيءَ ۾ جيتوڻيڪ ديوناگريءَ جي جھلڪ پئي ملي پر هت به نڄ ماترائون جيڪي عربي لپي ۾ نظرانداز ڪيون ويون سو هن لپيءَ ۾ به نظرانداز ڪيون ويون آهن.

 
ديوناگري ۾ رومن ائيٽويٽا جي نسبت چڱو ڪم پئي ڪيو ويون آهي پر لڳ پيو ته ايئن ٿو ته ان سڀ ڪمن کي ڌيان ۾ نه رکيو ويو آهي.

 
حمجي يا نڄ سنسڪرن اکرن جي به پاسيرو ڪري رکيو ويو آهي.

 
هاڻي سوال اهو ٿو اچي ته جيڪر لپي پاڻ ۾ پوري ناهي ته پوءِ ڇو ان جو پرڇا پيو ٿي؟ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ جڏهن ايڙهيون غلطيون رهنديون ته ڇا ٻوليءِ تي ان جو غلط اصر نه پوندو ؟ هيئنر جيڪا به لپي سنڌيءَ لاءَ پيش ڪبي سان يقينن ديوناگريءَ سان ڀيٽبي. جڏهن انگريزن سنڌي ٻولي جي عربي لپي وارو فيصلو ورتو ته سندن جو پورو ڌيان سنڌي ٻوليءَ جي بنياد تي نه پر گھڻائي ۾ هوندڙ ڪوم تي هو. جيڪر ڌيان سنڌي ٻوليءَ جي بنياد تي هجي ها ته سنڌي ٻوليءَ بابت چڱا مصلا نبري وڃن ها. پر هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪا غلطي انگھريزن ڪئي سان غلطي ٻهر ڇو دهرائينجي.؟ سنڌ ۾ جنهن مهل عربي لپي طسليم تي ان ماهول ۾ اڄ جي ماهول ۾ چڱو فرڪ آهي هاڻي ته سنڌ جا به ڪي سنڌي عربي جي حمايت ۾ ناهن. سو اهو سٺو معڪو ناهي ته سنڌي لپيءَ غلطيون کي درست ڪجي ؟

 
هندستان ۾ ديوناگري لپيءَ جو رومانيڪرڻ چڱن سالن کان هلندو پيو اچي. ان جو وڏي ۾ وڏو سبب آهي يوروپينن جو سنسڪرت سان هب. جان کان انگريزن هندستان تي پنهنجي حڪومت برپا ڪئي تان کان يوروپينن جو ڀاتريه سنسڪري ۾ چاه هميساه ئي رهيو آهي وري ڇو ته اڳوڻي هندستان بابت سنسڪرت ٻوليءَ ۾ هندوستان بابت ڄان جو هڪ ايڏو وڏو ڀنڊار پئي ڏنو سو لاظمي طور يوروپي سنسڪرت ڏانهن ڇڪيا. جيتوڻيڪ سنسڪرت جي ان گرنٿن ۾ مول ذور روهانيت تي هو پر پر ان ۾ اڳوڻي هندو سماج توڙي اڳوڻي هندستان جي حالتيون بابت جھجھو ذڪر هو. (جيتوڻيڪ ڏکن هندستان جا دراود ان ڳاله تي هڪ رايه ناهن ) پي ڇو ته سنسڪرت ۾ چاه رکندڙ گھڻ يوروپينن کي ديوناگري لپي نه پئي آئي سو رومن لپي جي کين ضرورت محسوس ڪئون. وري هندستان ۾ ٻوليون بابت هڪ ٻئي کي ڄاڻ ڏيئڻ لاءِ ان لپي جي ضرورت ٿي پئي. پڇاڙيءَ ۾ وري آزاد هندستان ۾ هندي سان ڳڏ انگريزي به ڪومي ٻولي تسليم ٿيئل آهي جن ۾ هندي توڙي ٻين ٻوليون جا نالا لکڻ ۾ همساه ئي تڪليف تيندي پئي رهي آهي. هندستان ۾ ته پي ايچ ڊي جون ٿيسيز به انگريزي ۾ پيو لکجن جنهن سبب هڪ ديوناگريءَ جي جي اکرن تي ٻنڌل رومن لپي جي ضرورت پئي آهي جنهن جي آئيٽويٽا سان سب ڪو واقيف هجي. انگريزن جي ڏنهن به ڪي تريڪا اپنايا ويا هئا جيڪي ڪنهن ڪدر سوڌارا پڻ ويا آهن. انهن تريڪن مان ڪن اهم تريڪا ڪجه هي ريت آهن
هنٽيرين تريڪو هي تريڪو جيتوڻيڪ سري چارلس ويلڪينس ايجاد ڪيو هو پر پوءِ ان کي انگريزن جي حڪومت مهل سرويئر جنريل جو اهدو سنڀالندڙ سري وليم هنٽر درست ڪيو. جيتوڻيڪ تنهن مهل ان تريڪي کي رڳو ديوناگري لاءِ ايستمعال ڪيو ويو پر اڳتي هلي ان تريڪي کي ڏکڻ ايشيا جي جدا جدا براهمڻي مان ايجاد ٿيندڙ لپيون لاءِ پڻ ڪتب آڻيو ويو. مصلن ٿائيليڊ، مليائي وغيراه ٻوليون جي لپيون لاءَ. آزاد هندستان ۾ ساهتيه اڪاڊمي پڻ ان تريڪي جو جھجھو استمعال ڪيو ويو آهي جدا جدا ڀارتين ٻوليون جي ڪتابن توڙي ليکڪن جي نالن لاءِ.
هاروڊ ڪيوٽو تريڪو. هي تريڪو جيتوڻيڪ ديوناگري لاءِ ايجاد ڪيو ويو هو پر سهورت ان دراود لپين ۾ ماڻي. ان تريڪي جو حڻو تڻو ايتمعال اي ميل يا ڪمپيوٽر ۾ دراود ٻوليون جي رومنائيجيشن ۾ ڪيو ويو.
ان کان سواءِ ٻيا به گھڻا تريڪا اپڃايا ويا جنهن جي مدد سان ديوناگري توڙي ڏيهي ٻوليون جي ڪنهن هد تائين رومناجيشن پئي ٿي. ان تريڪن جا پاڻ ۾ ڀيٽ پڙهندڙن لاءَ هٽ ڏجن ٿا.

 

 
مٿي ڏسيل جدا جدا رومن ۾ ديوناگري جي تريڪن مان هڪ ڳاله ته چٽي آهي ته نڪا اميريڪي سنڌي سنستا پارا تيار ڪيل لپي نڪو سري چندراماڻي پاران تيار ڪيل لپي پنهنجي پاڻ ۾ مخمل لپيون آهن. سندن پاران تيار ڪيل لپيون ۾ اهم ڪميون آهن خاص طور سان ماترائون جي نسبت. وري ان لپيون ۾ اڌ لفظ جي ڪا به گنجائيش ڪونه آهي جڏهن ته سنڌي ساڻ ننڊي کنڊ جي هر هڪ ڀارتين ٻوليون ۾ ان جي اهم ضرورت پوندي آهي. پر ان جي باوجود اها لپي سيکاري پئي وڃي. اهو چيو پيو وڃي ته ان لپيءَ کي جوڙائڻ ۾ سري بلديو گجرا ، ۽ ٻين سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻيندڙن جي مدد ورتي وئي آهي پر پوءِ ايڏي وڏي غلطي پئي ٿي ان ،لپي ۾ سا ڳاله سمگجھ کان پري آهي. لپيءَ کي فيرائڻ ڪا ننڊي ڳاله نه سمجھڻي کپي پر ان جي باوجود سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين سان ان لپيءِ بابت رابطو ڪين ڪيو ويو جتي سنڌين جي وڏي ۾ وڏي آبادي رهي ٿي. جيڪر لپي جيڙهي هڪ اهم مصلي تي ڪا تڪڙ ڪبي ته غلط لپي سبب ٻوليءَ تي غلط اسر پوندو ڇاڪاڻ ته لفظن جو اچچار غلط ٿيندو جنهن سان ٻولي توڙي ڪوم ٻنهن کي نڪسان آهي.

 
ٻوليءَ ۽ لپيءَ جو هڪ اٽوٽ واٽ ٿئي ٿي جنهن کي نظرانداز نه ڪيڻي کپي. اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهن هڪڙي ٻولي ڪنهن ڌار ساک جي ٻوليءَ لاءِ تيار ڪيل لپيءَ سان لکبي آهي ته ايڙها مصلا ايندا آهن ئي جن کي سنڌي هيئر منهن پيا ڏين. مصلو ماترائون جي نسبت ته اچڻو ئي آهي ڇو جو لفظن جي صهيح اچچار نه ٿيئڻ سان ٻوليءِ جو جھجھو نڪسان آهي.وري اکر جي اچار ۾ هڪ ڳجھو سُر ٿئي ٿو مصلن سنسڪرت توڙي پراڪرت لڦظن ۾ "ا" جو اچچار . مصلن اسين سنڌي ۾ ب کي ب چئون جنهن پڇاڙئي ءَ ۾ "ا" تي ذور ٿو اچي. ان ڳُجھي سُرن لاءِ انگريزيءَ ۾ هڪ لفظ استمعال ٿيندو آهي "اِسڪيوا" جيڪو ڪي مول هربيون ٻولي جو لفظ آهي. اهي مصلا تڏهن پڌرا ٿيندا آهن جڏهن اسين ڪا ٻولي هڪ اڙهي لپيءَ سان لکڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون جيڪا ڪنهن ٻئي ساک جي ٻولي هجي مصلن سنڌي جي لاءِ اربي فارسي يا هندستان ۾ ڪونڪڻي لاءِ رومن. پر اهو گھڻو تڻو ڏٺو ويندو آهي ته ايڙهن ماترائون توڙي سُرن کي نظرانداذ ڪيو ويندو آهي . ساڳي ريت سنڌي لاءِ دليل اها ڏني ويندي آهي ته سائي عربي فارسي وانڱر سنڌي ۾ به ڪي لفظ ڳالهئا هڪڙي ريت ويندا آهن ۽ لکبا ٻئي ريت آهن. ايتي مصلو آهي ٿو اچي ته سنڌي جا ته 80 سيڪڙو لفظ پراڪرت جي جڙ وارا آهن پوءِ اسين عربن جا تريڪا ڇا اپنائو ؟ جيڪر ڌاريا لفظ هجن ته ٺهيو پر پنهن نڄ لفظن لاءِ ايڙها تريڪا ڪيترون ٻوليون جا ڳالهائندڙ قبول ڪندا ؟ ڇا اربي فارسي پاڻ قبول ڪندا ؟
ايڙهي ڳاله ناهي ته رومن لپيون ڏکڻ ايشيا جي ٻوليون لاءِ ڪم نه پئي اچي. اسان جي اڳيان هندستان ۾ ڀِڪ ۾ انڊونيشيا جي ڀاشا انڊونيشيا جو مصال آهي. انڊونيشيا جي مول ٻولي مليائي جو هڪ لهجو آهي جيڪا مليشيا ۾ ڳالهائي ويندي آهي. جيتوڻيڪ انڊونيشيا ۾ ٻيون به ٻوليو آهن مصلن بالي، جاوا يا ڪن چني ٻوليون جا لهجا، پر ان مليا ٻولي جي لهجي جا ڳالهائنڊڙ گھڻائي ۾ آهن. اها ٻولي اڳوڻي وقط ۾ ڪنهن براماڻي لپيءَ ۾ لکي ويندي هئي پوءِ اسلام جي اچڻ سان ڪا عربي فارسي لپي ۾ لکي ويندي هئي پر هيئر انڊونيشيا جي آزادي بعد رومن ۾ پئي لکجي. ڀاشا انڊونيشيا ۾ پراڪرت (سنسڪيرت)، عربي، پرتوگيج ۽ ڊچ لفظ آهن. جيتوڻيڪ ڊچ لفظن جي ڳڻپ عربي توڙي پرتوگيج کان وڌيڪ آهي. ان جي رومن به ٽي ڀيڙا سڌاري وئي آهي ماترائون جي سنبت پر ڏسڻ ۾ بلڪل انگريزي پئي ڀاسيندي آهي. ماترائون به ٻه رومن اکرن جي ڳنڏي پئي ٺاهيون ويو آهن . ايڙي ڳاله ناهي ته رومن ۾ هو برامڻي لپيءَ جي ڀيٽ ۾ سمجھوتا نه ڪيا هوندا، پر سوال آهي ڪنهن هد تائين ڪا ٻوليءَ جا ڳالهائندڙ ان ٻوليءِ جي نڄ لفظن تي سمجھوتوڪندي ؟ا. ٻه ٽي ڀيڙا لپيءَ ۾ فير فار ڪيو وڃڻ ان ڳاله جو ساهد آهي ته اها لپي پوري مکمل ناهي. سنسڪرت ۾ يوروپر ٿوڙو گھڻو سمجوتو ضرور ڪيو هوندو پر وڏي ڳاله اها آهي ته ڇا هو پنهنجي ٻوليءَ سان ايڙها سمجھوتا ڪرڻ چاهيندا؟؟.

 
هندستان ۾ لڳ ڀڳ هر هڪ ٻوليءَ جو رومناجيشن پئي ٿي. پر هو ان لاءِ سڌو سهوُن رومن لپي ءَ ۾ نٿا لکن پر رومن جي ضريئي پنهنجي لپي پيا لکن. ڪي ٻوليون جيتوڻيڪ رومن لپين ۾ لکيون ٿيون وڃن مصلن ڪونڪڻي (رڳو ڳوئا ۾ ) يا سنٿالي پر انهن ۾ به سندن هندو ديوناگري ۾ پيا لکن جيڪا ان ڳاله ساهد آهي آهي ته رومن لپي جي پٺيون ڪرسچن دين درم جو به هڪ وڏو ڪردار آهي هندستان ۾. ويجھڙائيءَ ۾ ڪشميري پنڊتءَ جيڪي 1990 بعد هندستان توڙي دنيا جي چڱن ملڪل ۾ ٽري پکرجي وايا آهن سي به رومن ۾ لکڻ جي ڪوشش پيا ڪن پر قامياب ڪون ٿي سگھا آهن. سندن به چوڻ آهي ته رومن ۾ ڪشميري ٻوليءَ جا اکر صحيح ريت ڪون ٿا لکي سجھجن ۽ هو وري هيئر ديوناگري ۾ پيا لکن. هندي ۾ به جيڪا رومنائيجيشن پئي ٿي تنهن جو مقصد به اهو آهي ته رومن جي ذريئي ديوناگري لکجي. ان سان رومن به پئي لکجي ۽ ديوناگري لپي به پئي لکجي. دراصل رومن ۾ ننڊي کنڊ جو مکتليف ٻوليون لکن ۾ وڏو مصلو اهو آهي جي سنسڪريت ڪرت ٻوليون جون خصوسيتن کي رومن جي ڀيٽ ۾ ديوناگري تمام بيهرين نموني سان پاڻ ۾ ذجب ٿي ڪري سگھي. هندستان ۾ پنجابي، بنگالي يا گجراتي جون لپيون جيتوڻيڪ ديوناگري ناهي پر سندن ماترائون ۽ اڌ يا ٻٽن لفظن جو تريڪو بلڪل ديوناگري جيڙهو آهي. اهو ئي سبب آهي جي گجراتي، پنجابي لپي مٽڻ جي باوجود سندن کي پنهنجي بوليءَ ۾ لپيءَ سبب ڪو به سمجھوتو ڪون ڪرڻو پيوآهي . اهو ئي نه پاڪستان ۾ به بلٽي جيڪا هيئر ڪنهن عربي فارسي لپيءَ ۾ لکي ٿي وڃي تنهن لاءِ به بلٽي ڳالهائندڙن جو رايو آهي ته جيڪر سندس ٻولي پنهنجي اصلوڪي لپي ۾ لکجي ته سٺو جيئن هند ۾ لداقي پئي لکي وڃي.

 
ڪنهن به ٻوليءَ جي لپي هميساه ئي اها ٿيئڻ کپي جنهن ٻوليءَ ۾ ان ٻوليءَ جي نڄا لفظ صحيح ريت لکجي سگھن. جيڪر ڳاله سنڌي عربي لپيءَ جي ڪجي ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌيءَ لاءِ عربي لپي اپنائڻ سبب سنڌي سان ۽ خاص ڪري نڄ يا ٺيٺ سنڌي لفظن سان سمجھوتو ڪيو ويو هو. هڪ ڳاله هماساه ئي اسانجي ذهن ۾ رکڻي کپي ته عربي فارسي توڙي رومن ڪڏهن به ننڊي کنڊ جي ٻوليون لاءِ ڪون ٺهيون ويون هئون. ساڳي ريت جيڪر اسين عربي روڙي انگريزي ديوناگري يا گرمُکي سان لکنداسين ته مصلا ايمدا ئي جن کي سنڌي ٻولي پئي منهن ڏي. جيڪر اسين بنگالي ٻوليءَ ڏانهن نظر ڏينداسين ته اهو چٽي نظر ايندو ته بنگالي مسلمانن جي گھڻائي آهي ننڊي کنڊ جي بنگالين ۾ . ساهتيه يا ادب جي نظريئي سان به ڏسجي ته انهن ٻهن ڪومن هڪ پليٽارم تي به ناهي (هندو توڙي مسلمانن ۾ ) پر ان جي باوجود هو اڀريندي جي ديوناگري ۾ پيا لکن. پاڪستان جي جدوجهد ۾ هو به اڳتي رهيا پر ڪڏهن به پنهنجي لپي ڪون مٽي.

 
جيستائين هندستان ۾ پيدا ٿيل سنڌين جي ڳاله ڪجي ته کين هماساه ئي ديوناگري سهولي ڀاسيندي. ان جا ڪي اهم سبب آهي

 
ديوناگري ءَ سان 99 سيڪڙو نڄ سنڌي لفظ ٿا لکي سگھجن. (نڄ سنڌي اکرن جي جوڳي جاءِ ڏني وئي آهي )

 
ديوناگري دنيا جي ٻئي نمبر جي لپي آهي چيني کان پوءِ سو ڪا به نئي ٽيڪلاجي ان لپي کي ڌيان ۾ رکندي ئي آهي. اها ڀلي ڪمپيوٽر
هجن، موٻائيل فون هجن يا وري هيئنر سهرت ماڻيندڙ سماجي تانيباني جو ويب سائيٽيون مصلن فيسبوڪ يا ٽويٽر

 
ديوناگري هڪ ڌوني لپي آهي يعني فينيٽڪ لپي آهي جنهن سان لفظ بلڪل ان ريت ئي لکي ويندي آهي جنهن ريت ڳالهائي ويندي آهي. اهي خصيسيتون عربي جي ڀيٽ ۾ ديوناگري ۾ وڌيڪ آهن.

 
سنڌي عربي آئيٽوٽا ۾ ايڙها تمام اکر آهي جنهن ۾ فرڪ ڪري هندستان جي ڄاول سنڌي لاءِ تمام اوکو ٿيندو آهي مصلن ذ،ز ۽ ض ۾ فرڪ يا وري ه،ح ۾ فرڪ يا ڪ .ق ۾ فرڪ.

 
۽ پڇاڙيءَ ۾ ان ڳاله کي به بظرانداز نٿو ڪري سگھجي ته هندستان ۾ ڪچڇ ۽ جيسلمير کي ڇڏي لڳ ڀڳ پوري اتر هندستان ۾ هندو مسلم جي پولراجيشن آهي، ۽ سنڌي هندو ڇو ته ان علاڪي ۾ گھڻا ٿا رهن ته ان جو اصر به سنڌين تي وڌيڪ آهي.جيتوڻيڪ هڪ وقط هوندو هو جڏهن هند جا هندي ڳالهائندڙ هندو به فارسي اکر استمعال ڪندا هئا پر ورهاڱي سڀ ڪجه فيري ڇڏو. هندو هندي ڏانهن ڇڪيا. ان جو اصر سنڌين تي به پيو جيڪي ماڻ کي ان هندي اردو يا گجراتي ڳالهائندڙ مسلمانن سان ڪا به ايڙي هڪجيڙهائي نه پئي رکڻ ڇاهين وري اها به هڪ سچائي آهي ته گھڻو تڻو سنڌين کي اڄ به اهو وساءُ آهي ته سنڌي هندن جي لڏپڻ مهاجرن جي سبب ئي ٿي هئي.

 
پر ان جي باوجود ديوناگري سنڌي کي جنهن ڪاميابي ملڻي کپندي هئي سا ڪون ملي جنهن جا سبب ڪجه هن ريت آهي

 
ورهاڱي بعد ديوناگري هندوتو جي روپ ۾ ڪنهن ڪدر پيش ڪئي وئي.

 
اسان مان اڄ به ڪي ديوناگري کي سنڌي جي ناجائيز لپي ڪري ليکيندا آهن.
اسان مان گھڻا سنڌي جيڪي هندي ڳالهائندڙن علاڪن ۾ رهن ٿا سي ديوناگري هندي جي وڌيڪ ۽ سنسڪرت جي گھٽ مڃيندا آهن

 
عربي لپي لکندڙ ليکڪن جو ديوناگري لاءِ غلط پروپاگينڊا

 
ديوناگري ليکڪن جي اڻاٺ

 
جيڪي مصلا اڄ هندستان م سنڌي منهن پيا اهي ساڳيا مصلا ڪي اڻ سنڌي ٻوليون جا ڳالهائندڙ ۾ به آهن. جيڪر ڪونڪڻي کي ڏسجي ته اها مهاراشٽر ۾ ديوناگري ۾ لکي ويندي آهي ۽ ڳوئا ۾ رومن ۾ . وري ڪشميري جي تسليم ڪيل لپي ڀلي ئي عربي فارسي آهي پر پنڊت اها لپي ڪون پڙهن خاص ڪري 1990 کان پوءِ ته بلڪل ئي نه . ڪن هندو ڪشميرين ان لاءِ هڪ سافٽويئر تي به ڪم پئي ڪيو جنهن جي مدد سان ٻنهن لپيون ۾ مٽ سٽ سهولائيءَ سان ڪري سگھجي جنهن جي مدد سان هندو پنڊن به سهوليئيءَ سان فارسي لپي ۾ لکل مواد پڙهي سگھن. سنڌي جي وري بدڪسمتي اها آهي جي سنڌي ڪمپيوٽنگ ڀلي هندوستان ۾ هجي يا سنڌ ۾ ڪڏهن به اڙهيون مصلان ڏانهن ڌيان ڪون ڏنو آهي جڏهن ته اسان جي سرهد ٻنهن پاسن جي سنڌين ۾ لاڳاپا به سُٺا آهن. لپيءَ جي نسبت ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيتوڻيڪ اسا لپيون کي ڪنهن خاص ڪوم سان ڳنڏدا آهيون پر لپيون هماشاه ئي ڪنهن مکتليف ٻوليون جي ٿيندو آهن. لپيون هميساه پنهنجي اسلوڪي ٻوليون جي نمائيندگي ڪنديون آهن. هندستان ۾ ديوناگري جيڪي سنڌي کي سهولتيون ڏنيون آهي سي به رومن يا عربي لپي کي ميسر ڪرنيون پونديون نه ته هي مصلو اتي ئي رهندو جيتي هينئر آهي.

 
آزاد هندستان جي شروعات جي ڏنهن ۾ هندي جي همايتن هڪ سڏ ڏنو هو ته "هڪ لپي گھڻيون ٻوليون" جنهن جي سائي هيٽ اها ڪوشش ڪئي وئي هئي ته ديوناگري لپي هجي ڀلي ڌار ڌار ٻوليون ۾ لکجي . ان رٿا موجب ڪن ٻوليون ۾ ڪم پڻ ٿيو پر ڇو ته هندي کي خاص ڪري اتر هندستان ۾ شڪ جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي، سو اها رٿا منظور ڪون ٿي. دراصل هندي اردو جي جدوجهد مهل هندي به اڙهن چڱن ٻوليون کي لپت ڪيو هو جيترن کي اردو (اردو هيئر به اهو ڪم 70 سالن کان پاڪستان ۾ ڪري پئي). اهو ئي نه هندي راشتيه ڀاشا جي جدوجهد مهل هندي جي ڪومي ٻوليءِ لاءِ زنون به ان رٿا کي اڳتي ڪون وڌڻ ڏنو. پر جيڪر اها رٿا مڃي وڃي ها ته سايد سنڌي سان ڳڏ چڱن ڀارتيه ٻوليون به فائيدو پڄي سحي ها خاص ڪري موبائين فونن ۾ جتي اڄ به گجراتي،گرمُکي يا بنگالي جو ساٿ ناهي.